ڪھاڻيون

کُليل دَري

. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. خليق ٻگهيو ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ عجيب مزي جھڙيون ڳالھيون آهن، جنھن کي اسان “فئنٽسي” چئون ٿا. سريئلسٽڪ تخليقڪارن جيان رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۾ انساني حياتيءَ جي مختلف اسرارن، غيبن يا ڳجهن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي، جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ “Mystery” چيو وڃي ٿو. ويريسٽڪ سرئيلسٽڪ اسٽائيل ۾ هو پڙهندڙ کي خوابيدہ دنيا ڏانهن مدعو ڪري ٿو. خوابن جي تضادن کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪري ٿو ۽ سلوا ڊور ڊالي جيان ڦٽل تصورن کي بہ فئنسٽي انداز ۾ پينٽ ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ تحت الشعور مان فيضياب ٿي سگهي.
  • 4.5/5.0
  • 1210
  • 425
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کُليل دَري

کُليل دَري

دَري کُليل هئي،
هوا بند نه هئي.
گرمي هئي پر هن ٿڌا ساهه پئي کنيا، دريءَ وٽ اچي هن آسمان جو جائزو ورتو. جهڙ بنا آسمان ڏاڍو پري نظر ايندو آهي. جهڙ نه هوندو آهي ته وڇوڙن جا فاصلا وڌي ويندا آهن.
رات جو دريءَ ٻاهران ستارا چنڊ جو تابوت کڻي ماتم ڪندي لنگهيندا هيا، هر چوڏهينءَ رات اوندهه ڪارو ويس ڌوئندي آهي. مايوسين ۽ اميدن ۾ اسر ۽ سانجهيءَ جهڙو فرق آهي. جڏهن سوجهرو ۽ اوندهه هڪٻئي ۾ وچڙيل هوندا آهن، اهي رات کي جنم ڏيندا آهن يا ڏينهن کي، پر هن لاءِ رات وڏي معنا رکندي هئي. هو ايندو هيو يا نه ايندو هيو. رات جنهن جي پيٽ ۾ پيل ڪيڙا خاموشيءَ جو رت چوسي رهيا هيا.
اولهه جي دري ان لاءِ هئي، هو ايندو هيو، ان ننڍڙي گهر جي هر ڪنڊ ۾ اوندهه اندر دفن ٿيل يادن جا هڏا نوسيندو هيو. دريءَ کان سمنڊ ايڏو پري هيو جيئن ساڳي چهري ۾ ٻن اکين جو فاصلو، ويجهو هوندي هڪ اک ٻئي اک ڏسي نه سگهندي آهي. سمنڊ نظر نه پئي آيو پر هلندڙ هوا ۾ سمنڊ جو تاثير سئو ميلن تائين سمايل هيو.
جڏهن رات ايندي هئي ته هوءَ ڪمري جي ڪنڊ وٺي ويهندي هئي، ٻاهرين در جا پراڻا تاڪ لڏندا هيا. بند ڪڙو، وات ڏنل هٿ جيان دانهن جي انتظار ۾ هوندو هيو. اڱڻ جنهن ۾ اڪيلو نم جو وڻ هيو ۽ هيٺ نم جا ڇڻيل هيڊا پن، نم ۾ ويٺل نوريئڙا جيڪي سج لهڻ سان انڌا ٿي ويندا هيا ۽ ٻاهرين ڀت تي ويٺل ٻلي جنهن جون اکيون رات اچڻ تي چمڪي پونديون هيون. هڪ دالو جنهن جا ڇهتير لڳل اڏوهيءَ کان ڪمزور هيا. دماغ کي يادن جي اڏوهي ڪاٺ سمجهي کائي ٿي. دالي جا ڇهتير بکايل جي جسم جهڙا هيا، جن تي اڏوهيءَ جون رڳون ڀريل هيون. دالي ۾ هڪ کٽ هئي، جهن تي هنڌ وڇايل هيو ۽ وهاڻو، جنهن تي سمهندي ڪنهن کي وقت ٿيو. ڄاري لڳل بلب ان توريءَ جيان لڙڪي رهيو هيو جيڪا ول ۾ وسري وئي هجي.
اندر ڪمري ۾ هوءَ هئي ۽ اوندهه. اکيون انتظار ۾ گول ۽ وڏيون ٿي وينديون آهن. هن جون اکيون گول وڏيون هيون ۽ چپن تي پراسرار مرڪ، مرڪ انڪري ته هو اچي چڪو هيو.
واش روم جو در کليو ۽ بند ٿيو. هن جو شرم کان منهن ڪاري اوندهه ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. نلڪي مان پاڻي ڪري رهيو هيو ۽ ٽيپو ٽيپو سندس من ۾ سوراخ ڪري ويو. هو هٿ ڌوئيندو آهي هن سوچيو ٽوال سان هٿ نه اگهندو آهي، آلن هٿن سان کائيندو آهي، ٻاهر رنڌڻي ڀرسان کيس ساهن جو آواز آيو. اڱڻ ۾ ڇڻيل پنن جي رهڙجڻ سان سارنگيءَ جو آواز اڀريو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ مرڪندي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
“اڙي اَمنو، هن زور سان چيو “اهو کاڌو کائي ڇڏجانءِ”
چپ ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ خاموشيءَ ۾ هن جو آواز وري اڀريو.
“صوف وٺي نه سگهيس” هن چيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وضاحت ڪندي چيو “ڳاڙها نه هيا، هيڊا صوف انڪري نه ورتم ته هيڊو رنگ ڏسي مون کي خوف ورائي ويندو آهي.”
رنڌڻي ۾ برتن ڪرڻ جو آواز ٿيو، هن کان ٽهڪ نڪري ويو.
“اها تنهنجي پراڻي عادت آهي” ڪنڊ ۾ ويٺل عورت وري ڳالهايو “رنڌڻي ۾ ڪا به شيءِ ڳولهيندي برتن ضرور ڪرائين.” هوءَ کِلي ۽ اوندهه ۾ ٽهڪ ٽڪر ٽڪر ٿي فرش تي ڪِري پيا. هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ان جي هر حرڪت محسوس ڪرڻ لڳي. سڪل پنن تي هلڻ ڪري قدمن جا آواز، پردن جو سُرڪڻ، دروازن جو کڙڪڻ، انهن ڪاغذن جو ڦڙڪڻ جن تي اڃان ڪجهه نه لکيو ويو هيو.
هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ان جي اندر اچڻ جي انتظار ۾ ويٺل هئي پر دستور موجب هو اندر نه آيو ۽ ٻاهر چڪر هڻي هر شيءِ هيٺ مٿي ڪندو رهيو، کيس لڳو ماچيس کڙڪي رهيو آهي، پوءِ گسندڙ تيليءَ جو آواز ٻري پيو. هن ڪنن ۾ باهه محسوس ڪئي.
“اڙي اَمنو بند ڪر” هن چيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري رُني ته اوندهه جي سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو، ڏک جون ڇوليون اکين جي ڪنارن تي اچي ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويون.
“اڙي اَمنو باهه نه ٻار” هن وري چيو “منهنجو اندر خاڪ ٿي چڪو آهي.”
هوءَ اوندهه ۾ روئندي رهي ۽ ٻاهر دري کڙڪندي رهي.
جڏهن کڙڪائڻ وارا نه رهن ته بند دروازا پنهنجو ڪڙو پاڻ کڙڪائيندا آهن. ان گهر جو در بند هوندو هيو ۽ اولهه واري دري ڪڏهن بند نه ٿي. خاموشيءَ ۾ راز سمايل هوندو آهي ۽ اوندهه ۾ تجسس، پر هن وٽ راز جي ڪا معنا نه هئي ۽ تجسس اوندهه ۾ گم ٿي ويل پاڇو، هن کي پڪ هئي ته سڀ راز عيان ٿي خاموشيءَ ۾ تبديل ٿين ٿا. اولهه واري دري سمنڊ کان پري هئي. سمنڊ جو پاڻي هوا بنجي شهر جي ڀتين سان ٽڪرائبو هيو ته شهر جي ڀتين تي اڀرندڙ سينور سان گڏ گل ڦٽي پوندا هيا ۽ ڪڏهن پاڙون هيٺ لڙڪي راهه لنگهيندڙن جا ڪلها ڇهنديون هيون. ڪائنات سمنڊ آهي ۽ سمنڊ ۾ سوين سمونڊ، ڪهڪشائن جي سمنڊ کان وٺي، پاڻيءَ جي سمنڊ تائين ۽ پاڻيءَ جي سمنڊ ڪناري کان شروع ٿيندڙ هوا جي سمنڊ تائين، ڏکن، پيڙائن، وهمن، وسوسن ۽ صدمن جي سمنڊ کان اڳتي، ڏاهپ، سچائي، ڪوڙ ۽ سزائن جي سمنڊن کان، هڪ سمنڊ ٻئي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، هر سمنڊ ڪناري انسان ڪنڍي وجهي ويٺل آهي ۽ ان ڪنڍيءَ ۾ پاڻ ڦاٿل آهي.
هن جو گهر به سمنڊ هيو، جنهن جي اولهه واري دريءَ مان هر ڇوليءَ کانپوءِ يادون اڇل ڏئي ٻاهر پئي ڪريون. هو ايندو هيو ۽ ماربل جون پليٽون ڪنڊن کي ڇهندڙ آڱرين جيان ڏڪڻ لڳنديون هيون. هن کي خبر هئي ته ان کي ماربل جون پليٽون انڪري وڻنديون آهن جو انهن ۾ کاڌو گيهه کانسواءِ چمڪندو آهي.
نه انسان اڪيلو آيو آهي، نه اڪيلو ويندو، اهو ڄمڻ سان پنهنجي ڪائنات گڏ کڻي اچي ٿو ۽ وڃڻ مهل واپس کڻي وڃي ٿو، پر هن جي ڪائنات ڪمرو هيو ۽ دنيا اوندهه. هن لاءِ اوندهه کان وڏو خزانو نه هيو. اوندهه سندس اکين جو نور هئي.
هن ڀرسان پردي سرڪڻ جو آواز ٿيو، ٽهڪ گونجيا، هن کي خبر نه پئي اهي ٽهڪ هن جا هيا يا ان جا، پوءِ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ کيس وڇوڙي جو احساس ٿيو، سڏڪن جا آواز اڀريا. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. سڏڪا هن جا هيا، يا ان جا. در بي جان هيو، ڪڙو کڙڪندو رهيو. ٽيپو ٽيپو ڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز، اسٽيل جو بي وس رڙهندڙ گلاس. قدمن هيٺان بي جان سرڪندڙ هيڊا نم جا پن، بالٽيءَ ۾ بيٺل گونگو پاڻي، تِڏ جو سمجهه ۾ نه ايندڙ آواز ۽ ٻانگ ڏيندڙ پرڀات.
“اڙي امنو رات اڃان باقي آهي.” هوءَ وجد ۾ اچي وئي، وار کولي ڪمري جي ڪنڊ کان نڪري دالي ۾ آئي، اوندهه ۾ سوجهري جي ملاوٽ ٿي چڪي هئي. باک جي نيري هجڻ جو سبب رات جي ڳچيءَ تي ڏينهن جي آڱرين جا نشان آهن. پرهه ڦٽيءَ کانپوءِ ڏينهن ڦٽو ته هو نه هيو.
“اڙي امنو ڪاڏي وئين؟” هوءَ اولهه واري دريءَ وٽ اچي بيهي رهي. مٿي ڏٺائين، نيري آسمان ۾ ناسي جهڙ، هيڊي چنڊ کي ڳولهي رهيو هيو.
پوءِ ٻئي رات هو نه آيو، هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ اوندهه اندر ان جو انتظار ڪندي رهي. نه پردا لڏيا، نه ٿانءَ ڪريا، نه نم جا پيلا پن ڪنهن جي قدمن هيٺان اچي سرڪيا، نه دروازن چيڪٽ ڪيا، نه ڪڙن جي کڙڪڻ جو آواز ٿيو.
دَري کُليل هئي،
هوا بند هئي.