ڏاند جون اکيون، گهوڙي جا ڪن
شڪست اهڙو سبق هوندي آهي جنهن ۾ انسان فتح جو باب پڙهندو آهي. بادشاهه به پنهنجي شڪست جا سبق سوچيندو گهوڙي تي بيابان جا دڳ ڳولهيندو رهيو. گهوڙو به ٿڪيل هيو، گذريل ڪيترن ڏينهن کان ان کي پاڻي نصيب نه ٿيو هيو. بادشاهه پياسي گهوڙي جي پاسي کان ٻڌل دنگيءَ مان هر هر هلڪو ڍڪ ڀري نڙي آلي ٿي ڪئي پر گهوڙو پاڻيءَ لاءِ واجهائيندو رهيو. جنگ ۾ انسان دشمن جي رت سان اڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر گهوڙو آخر گهوڙو هيو، ان کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت هئي. سَڏ پنڌ جو هلي سهڪيو پئي ۽ هيانءُ ڦاڙ هڻڪار پئي ڪيا.
آخر بادشاهه کي پري کان ڪو نخلستان نظر آيو ته سندس من کجيءَ جي ڦرهن جيان ٽڙي پيو. اهو نخلستان پري کان ائين پئي ڏٺو جيئن ڪنهن جو محبوب کان مليل ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن وارو سائو رومال رستي ۾ ڪري پيو هجي. بادشاهه اڃايل گهوڙي کي ساڻ ڪري تخلستان ڏي وڌيو ته ڏٺائين اتي هڪ کوهه هيو جنهن مٿان ايٽ پئي هليو. ايٽ جي مالهه ۾ ٻڌل ڪينرين مان پاڻي هيٺ ڪري نيسر مان وهندو ٻني ۽ ٻارن ڏي پئي ويو. صاف پاڻي پيئڻ کان پهريون ڄڻ اکين کي مٺو پئي محسوس ٿيو. گهوڙي کي ڄڻ پاڻيءَ جي خوشبوءِ آئي ۽ ان جا هڻڪار ٽهڪن ۾ بدلجي ويا.
جڏهن ويجهو آيا ته ايٽ جي آواز تي ڇرڪي، گهوڙو ٽاهه کائي هر هر هڻڪار ڪري اڳيون ٽنگون مٿي کڻي زور سان ڌرتيءَ ۾ هڻڻ لڳو. بادشاهه ٻُچڪر ڏئي گهوڙي جون واڳون ڇڪي ان کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ايٽ جي آواز تي گهوڙي ٽاهه پئي کاڌا، شايد سمجهيائين واپس جنگ جي ميدان ۾ موٽي ويو آهي ۽ ساڳيو لڙ شروع ٿي ويو آهي. بادشاهه همت ڪري هيٺ لهي گهوڙي کي واڳن کان ڇڪي ان کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايٽ جي آواز تي ڄڻ گهوڙي کان اڃ ئي وسري وئي. بادشاهه رڙ ڪري هاريءَ کي سڏيو ته اچي ڏاندن کي جهلي رينگٽ بند ڪري ته گهوڙو سامت ۾ اچي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ پي سگهي. هاري آيو ۽ ڳالهه ٻڌي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين ته “حضور جيڪڏهن ڏاندن کي روڪي ايٽ بيهاريندس ته نيسر ۾ پاڻي نه ايندو ۽ گهوڙو وري به پياسو رهجي ويندو.
پوءِ بادشاهه ۽ هاريءَ ۾ هيٺين گفتگو ٿي.
بادشاهه “ان جو ڪهڙو حل آهي ته ايٽ به هلي ۽ گهوڙو به پاڻي پيئي؟”
هاري “دنيا ۾ گهڻا انسان گهوڙي جيان آهن جيڪي ايٽ جي آواز ڏي ڌيان ڏين ٿا ۽ اڃايل رهجي وڃن ٿا.”
بادشاهه “ايٽ مان تنهنجي ڪهڙي مراد آهي؟”
هاري “ايٽ دنيا جي گردش آهي، مالهه ۾ ڪينريون گول ڦرن ٿيون ۽ اسين نيسر ۾ وهندڙ زندگيءَ جا ڍڪ ڀريون ٿا.”
بادشاهه “اهو رينگٽ بند ڪر، منهنجو گهوڙو اڃايل آهي.”
هاري “رينگٽ ڪيئن بند ڪيان، دنيا آهي ته رينگٽ آهي، ٻاجهر آهي، گوار آهي.”
بادشاهه “ته پوءِ طريقو ٻڌاءِ گهوڙو ايٽ ڏي ڌيان نه ڏي”
هاري “طريقو اهو آهي ته پاڻ گهوڙو ٿيءُ، پوءِ سوچ”
بادشاهه “بادشاهه گهوڙو ٿي ته دشمن سوار ٿي ويندا”
هاري “دنيا ۾ وڏو دشمن رينگٽ آهي جيڪو گهوڙي تي سوار آهي”
بادشاهه “گهوڙي تي هڪ بادشاهه سوار آهي، بادشاهه رينگٽ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟”
هاري “گهوڙي تي بادشاهه سوار هجي ها ته گهوڙو اڃ نه مري ها”
بادشاهه “ڇا مطلب؟”
هاري “گهوڙو توسان واڳ ڇڪڻ تي نيسر ويجهو نه آيو. جيڪڏهن تون سوار هجين ها ته گهوڙو اشاري تي عمل ڪري ها، پر هن تي رينگٽ سوار آهي.”
بادشاهه “تون مونکي هاري گهٽ عالم وڌيڪ ٿو سُجهين. ٻڌائي سگهندين ته منهنجو هيءَ حال ڇو ٿيو آهي؟”
هاري “هر حال ماڻهوءَ جي حال مان ظاهر هوندو آهي. تنهنجي شڪست ايٽ جي آواز کان ٿي آهي.”
بادشاهه “ڇا مان ڪنن جو ڪچو آهيان؟”
هاري (ڪو جواب نه...)
بادشاهه “مون ڏي ڏس، منهنجي مياڻ نه ڏس”
هاري “مان ڪيئن ڏسي سگهندس.”
بادشاهه “ڇو؟”
هاري “مان ايٽ ۾ ٻڌل ڏاندن جيان انڌو آهيان.”
بادشاهه ڪنڌ کڻي ڏاندن ڏي ڏٺو، ڏاندن کي اکين تي کوپا چڙهيل هيا.
بادشاهه “برابر ڏاند انڌا آهن پر تنهنجين اکين تي کوپا چڙهيل نه آهن؟”
هاري “منهنجين اکين جا کوپا انڌي کي نظر ايندا”
بادشاهه “ته ڇا مان اکيون بند ڪيان؟”
هاري “اکين بند ڪرڻ سان ڪو انڌو نه ٿيندو آهي.”
بادشاهه “ته پوءِ تون ڪهڙين اکين جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
هاري “سمجهه جي اک جيڪا انسان کي عطا ٿئي ٿي.”
بادشاهه “پوءِ ڏاند؟”
هاري “ڏاند انڌا چڱا”
بادشاهه “ڏاند ڏينهن ڏسندا ته ڇا ٿي پوندو؟”
هاري “ڪنهن ڪم جا نه رهندا”
بادشاهه “پوءِ گهوڙو؟”
هاري “ڏاند جون اکيون، گهوڙي جا ڪن”
بادشاهه ڪنڌ مان رومال ڇوڙي گهوڙي کي ڪنن چوڌاري ويڙهيو پوءِ آهستي آهستي نيسر طرف وٺي ويو. گهوڙي ڍئو ڪري پاڻي پيتو ۽ مست ٿي ڪنڌ ڇنڊيو ته سندس وات ۽ نڪ مان هلڪيون بوندون ست رنگي ريکائون ٺاهينديون وکرجي ويون.
بادشاهه هاريءَ جا ٿورا مڃيا، موڪلائي واپس وريو. سٺا صلاحڪار رکيائين ۽ فتحياب ٿيو.