هڪ ڪامريڊ جو موت
آزادي جنهن جو سپنو هو نوجوانيءَ جي زماني کان ڏسندو آيو هيو، انسان ذات جي آزادي، غربت ۽ جهالت کان آزادي، بک ۽ برباديءَ کان آزادي، آزادي جيڪا هن کي ڪنهن خوبصورت عورت جيان نظر آئي. محبوبا جيان نظر آئي، جنهن کي هو ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهيو.
هن جا سڀ خواب جيڪي ڪن تجريدي عڪسن جيان هن جي ماضيءَ جي بليڪ بورڊ تي اڪريل هيا، اهي غير واضح ڏنگين ڦڏين انساني عضون ۽ بي ترتيب رنگن جي لڪيرن جيان هن جي منهن جي ريکائن ۾ ڦهلجي ويا.
هو اڌروٽ عمر جو مايوس ماڻهو هيو. هو انسانن کي ته پيڙائن مان پار ڪري آزاديءَ جي زنجيرن سان ٻڌي نه سگهيو. پر هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو آزاديءَ تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندو. هو زندگيءَ کان آزادي حاصل ڪري هڪ سڪون جو موت ماڻيندو. هو خودڪشي ڪندو. جسم کان زبردستي روح جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو.
ڪافي ڏينهن کان هو پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ قيد ٿي ويو. گهر جنهن جي هڪ ڪمري جي چوديواري ڪنهن مصر جي اهرام جيئن هزارين سالن جي خاموشيءَ پاڻ ۾ سانڍي هر پٿر مان ماضيءَ جي ڪنهن اُڪريل چتر جيان زبان ڪڍي ڪا سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻولي پئي ڳالهائي. هن جي زندگيءَ جو ماضي جيڪو انهن اُڪريل مورتين ۽ اکرن جيان پراسرار ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هيو.
هن جي جوانيءَ جا ڏينهن، اهي بهار جون چانڊوڪي راتيون، هن هٿ نه ايندڙ انقلاب جي باهه مان پيدا ٿيندڙ دونهي کي پڪڙيندي ان پويان ڀڃندي گذاري ڇڏيون. هن جو وجود سوويت روس کي پڪڙيندي ان پويان ڀڃندي گذاري ڇڏيون. هن جو وجود سوويت روس جيان شيشي مٿان ڪريو ۽ ذرا ذرا ٿي ويو. هن جو دماغ هر هنڌان ٽڙڪي نون نقشن جي اڀرندڙ لڪيرن ۾ تبديل ٿي ويو. هن پنهنجيون زخمي اکيون کڻي هٿن ڏانهن نهاريو. هن جا خالي هٿ هن جي وجود کان ڪٽجي پري وڃي پيا هيا. هن جي اندر جو بٽڻ بند ٿي چڪو هيو، هو هاڻي سمهڻ پيو چاهي، هڪ ابدي ننڊ، جنهن ۾ ساهه کڻڻ جي ڪا به گنجائش نه هئي.
هو پنهنجي ڪمري ۾ اڏوهي کاڌل ڪتابن جي ڀرسان گوڏي تي ڪنڌ رکي ڪن خيالن ۾ گم هيو ته ڪامريڊ زبنواز هن وٽ اچي پهتو.
ڪامريڊ ربنواز جنهن جي رڳن ۾ رت جي جاءِ تي ڪڏهن روسي ادب گردش ڪندو هيو. گورڪيءَ جي ماءُ هن جي ماءُ هئي ۽ هو ڪراموزوف ڀائرن کي ئي پنهنجو ڀاءُ سمجهندو هيو. اهو سهڪندو آهستي هلندو اچي هن وٽ پهتو. ڪامريڊ گذريل پنجن سالن کان دم ڪشيءَ جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو هيو. ڪا انقلاب جي بلند عمارت ڊهي هيٺ ڪري ان مان مٽيءَ جو غبار اٿيو ۽ ان ڪامريڊ جي ڦڦڙن ۾ اهڙي الرجي پيدا ڪئي جو هو دم ڪشيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.
ڪامريڊ پاڻ سان گڏ ڪجهه روحاني ڪتاب کڻي هن وٽ پهتو، هو آيو ۽ اداس صورت ٺاهي هن اڳيان ويهي رهيو.
“مان هي ڪجهه ڪتاب آندا آهن.” هن سهڪندي آهستي ڳالهايو.
“هي ڪتاب توکي ڪجهه فرحت ۽ آرام پهچائيندا.”
هن ڪامريڊ کان ڪتاب وٺي انهن کي کولي ٿورو ڏٺو، اهي مذهب، روحانيت ۽ سائنس جي حوالي سان لکيل ڪتاب هيا.
“تون ٿوري ورزش ۽ تفريح ڪندو ڪر” ڪامريڊ ڳالهايو “ٿي سگهي ته ميوزڪ ضرور ٻڌندو ڪر... ان سان تون پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندين.”
هن اداس ۽ بي جان نظرون کڻي ڪامريڊ ڏانهن ائين نهاريو جيئن اهو ڪنهن پادريءَ جيان ڦاهيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هن آڏو گناهه بخشرائڻ لاءِ آيو هجي ۽ هو سج اڀرڻ کان اڳ ڪنهن ڦاهيءَ جي انتظار ۾ اتي ويٺل هجي.
“بس ڪامريڊ... زندگيءَ جو ڪو به مفهوم ۽ مقصد باقي نه رهيو آهي.”
هن ڳالهايو ته ڄڻ لفظن جا ڳوڙها هن جي وات مان ڇڻيا “مان پنهنجي روح کي ڪتابن جي اهڙي قلعي ۾ قيد سمجهان ٿو جتي هر شيءِ ڪتاب جي ورقن ۾ ويڙهيل آهي. مون آڏو ڪتابن جون بلند ديوارون آهن. مان ڪتابن مان ٺهيل ڪنهن پڃري ۾ قيد ٿيل وجود آهيان. ڪتاب جن مان ڪڏهن روشني نڪري منهنجي آس پاس شعور جي رهنمائي ڪندي هئي. اها روشني هاڻي جهڪي ٿي ختم ٿي چڪي آهي. اها روشني اهڙي باهه مان نڪرندي هئي جيڪا باهه ڄڻ ڪتابن کي لڳل هجي. ان باهه هر ورق کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي رک هوا ۾ اڏامي ٿي. شعور اسان سان وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي.”
هن ڳالهايو ته ڪامريڊ ڳيت ڏئي خشڪ نڙيءَ کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪامريڊ محسوس ڪيو ته هو هن جي ڪوشش باوجود به مايوسين جي انڌيرن مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي.
ڪامريڊ ڪجهه مهينن کان هن وٽ روز اچڻ شروع ڪيو هيو. هن کي خبر پئي هئي ته هو به ٻين ساٿين جيان مايوس ٿي خودڪشيءَ جا سپنا ڏسي رهيو آهي. هن ضروري سمجهيو ته هو هڪ انسان جي زندگي بچائي ضرور سرخرو ٿيندو. ڇو جو وقت جي وهڪري ۾ هو پاڻ به ان طوفان مان ٻاهر نڪري آيو هيو. ڪجهه مذهبي رهنمائن هن جي مدد ڪئي ۽ هن روحانيت ڏانهن موٽي مايوسين مان جان ڇڏائي مذهب ۾ اچي پناهه ورتي. جتي هن کي سڪون نصيب ٿيو ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو ٺاهي ڇڏيو ته هو هر ان مايوس ڪامريڊ جي ڇوٽڪاري جي ڪوشش ڪندو جيڪو هن کي ويجهو هوندو.
ڪامريڊ ڪجهه ڏينهن کان محسوس ڪري رهيو هيو جيئن هن جون ڪوششون ڪو رنگ نه ڏيکاري رهيون آهن. هن پنهنجي زبان ۽ ڪتابن سان هن جي سوچن کي بدلائڻ جي بي حد ڪوشش ڪئي هئي. پر هو اهو ئي اداس ۽ مايوس پنهنجي ڪمري جي اڪيلائپ ۾ قيد هيو. ڪامريڊ محسوس ڪيو شايد معاملو هن جي هٿن مان نڪري وڃي، ان لاءِ هن ضروري سمجهيو ته ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کان مدد وٺي هن کي خودڪشيءَ جي ڦاهي کان ڏور رکيو وڃي.
ڪامريڊ ڪافي دير هن وٽ گذاري، هن هڪ دفعو وري زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي تي هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سان خدا، مذهب ۽ روحانيت جي حوالي سان ڳالهائي زندگي ۽ جيئڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماضيءَ ۾ هو جيڪا زندگي بسر ڪري آيا هيا اها ڪنهن اهڙي خواب جيئن هئي جنهن کي وقت جي ڌوڙ پاڻ ۾ ويڙهي گم ڪري وساري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جي جدوجهد جو مقصد ئي اهو آهي ته اها ڌڪا ٿاٻا کائي اڳتي هلي ڪنهن سنئين واٽ کي حاصل ڪري سگهي. هر مايوسي ڪاميابيءَ جا نوان دروازا کوليندي آهي. مونجهه جي دروازي ٻاهران تازي هوا پنهنجا وار کولي دروازي کلڻ جو انتظار ڪندي آهي ۽ اوندهه سان ڀريل دنيا ۾ هڪ ننڍڙي چڻنگ به روشنيءَ جو وڏو احساس هوندي آهي.
ڪامريڊ هن کي مايوسين جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر هو نه مڙيو. هن وٽ ڏک ۽ ڀوڳنا جا انبار هيا. درد جي گفتگوءَ جا لازوال جملا هيا. هن جي بند ڪمري ۾ اداسيون پوڙهين عورتن جيان ڪارو ويس پائي وارن ۾ مٽي وجهي روئي رهيون هيون. هن جي اکين جو پاڻي ڪڏهن به نه سڪو. هن جي اکين جي ڍنڍ ۾ آپگهات جا پنڇي نيريون ڳانيون پائي تري رهيا هيا. هو محسوس ڪري رهيو هيو جيئن هن جو جسم روح جو اس ۾ رکيل گهڙو آهي. روح جيڪو حياتيءَ سان گڏ قطرو قطرو ٿي استعمال ٿئي ٿو ۽ ائين گهڙو خالي ٿيندو تري تائين پهچي ٿو. انسان جڏهن مري ٿو ته گهڙي ۾ ڪجهه نه بچي ٿو ۽ هر قطرو استعمال ٿي وڃي ٿو. پر هن محسوس ڪيو اس ۾ پيل گهڙي اندر ڪجهه قطرا باقي آهن جن کي هو پٿر هڻي وهائي ڇڏيندو.
ڪامريڊ جي دل تي ڄڻ وڏو ڌڪ لڳو ۽ هن کان موڪلايو. هو هڪ دفعو وري اڪيلائين جي بي پاڙي ول ۾ ويڙهجي گوڏن تي ڪنڌ رکي ويهي رهيو.
ڪجهه ڏينهن گذري ويا ڪامريڊ هن وٽ نه آيو. هن ڪامريڊ جي ڏنل ڪتابن جو بي دلي ۽ بي ڌيانيءَ سان مطالعو ڪيو. هن کي اهي سڀ وهمن ۽ گمانن جون ڳالهيون نظر آيا. هن محسوس ڪيو جيئن دنيا ۾ هر انسان ٻئي کي بيوقوف بنائيندو هجي ۽ جيڪو ان فن ۾ مها هجي اهو ئي ڏاهو سڏائڻ جو حقدار هجي. هن لاءِ ڪا به پناهگاهه نه بچي هئي هو تصور ۾ مٿي هوا جي پکي هيٺان لڙڪندڙ ڦاهيءَ کي ڏسي رهيو هيو. هو روئي رهيو هيو ۽ اڪيلائين کي گوڙ مچائيندو محسوس ڪري رهيو هيو.
هڪ ڏينهن جڏهن هو گوتم جو فلسفو بي دليءَ سان پڙهي رهيو هيو ته اوچتو گهر جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هو اٿيو ۽ هن سستيءَ مان ڊڄڻن جيان وڃي دروازو کوليو. هن کي در ٻاهران پنهنجو پراڻو دوست ڊاڪٽر سليماني نظر آيو. ڊاڪٽر سليماني جيڪو هن سان گڏ پڙهيو هيو ۽ ان ئي شهر جي وڏي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هيو. هو ڊاڪٽر سليمانيءَ کي ڏسي ڪجهه حيران ٿيو، ڇو جو ڪافي عرصي کان هنن جي ملاقات نه ٿي هئي. ڊاڪٽر سليماني شهر جو مصروف ڊاڪٽر هيو ۽ هن جو ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان به وسيع مطالعو هيو.
هن ڊاڪٽر سان اڳتي وڌي هٿ ملايو ته هن جون آڱريون ڏڪي رهيون هيون. هن ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ويهاريو ۽ تجسس مان خاموش نظرن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو.
“ڪجهه ڏينهن ٿيا منهن جي ڪامريڊ رب نواز سان ملاقات ٿي.” ڊاڪٽر ڳالهايو. هن ٻڌايو ته “تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي... سوچيو توسان ڪجهه گهڙيون گهاري اچان... ان لاءِ تو وٽ هليو آيس.”
هو ڪجهه دير ڊاڪٽر ڏي خاموشيءَ مان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن ڳالهايو ته هن جي آواز ۾ لرزش هئي.
“ڪافي ڏينهن کان پوءِ توسان ملاقات ڪري مان خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان” هن ڄڻ دل تي پٿر رکي اهو جملو ڳالهائيندي چيو “ڪو وقت هيو جو اسان جون ملاقاتون ڪافيءَ جي ٽيبل تي وڏي جوش ۽ خروش سان ٿينديون هيون... ان ڪافيءَ جو زهر هاڻي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي.”
هن چيو ۽ ڊاڪٽر جي چپن تي مرڪ تري آئي.
“پيارا اهو ڪهڙو جوڳي جيڪو پنهنجي ئي نانگ جي زهر جي اثر کان فنا ٿي وڃي.”
ڊاڪٽر نرم لهجي ۾ ڳالهايو، پر هن جو جملو تير جيان زوڪٽ ڪندو اوندهه سان گسندو روشني پيدا ڪندو پري هليو ويو.
“ڊاڪٽر تنهنجي لئبريريءَ جا ڪهڙا حال آهن؟” هن ڳالهه مٽائڻ لاءِ چيو.
“ان لئبريريءَ جا سڀ ڪتاب جيئرا ۽ سلامت آهن. اهي اڃان به انهن سان شرارتي ٻارن جيان آهن جيئن اڄ کان ڪجهه سال پهريون تون چوندو هنئين ته ڪتابن کي سنڀالڻ حرڪتي ٻارن جي مٿي تي پيار ۽ شفقت مان هٿ ڦيرڻ برابر آهي. انهن ڪتابن جهڙو گوڙ گمسان، مچائيندڙ، ٽهڪ ۽ رڙيون ڪندڙ دنيا ۾ شايد ٻيو ڪو به ٻار نه آهي. ٻار جيڪي سڀني شرارتن هوندي زندگيءَ جو حصو آهن.”
“ها مونکي ياد آهي.” هن جي آواز ۾ اداسي وڄڻ لڳي “ڪڏهن مان تنهنجي لئبريريءَ ۾ ويهي پڙهندو هئس. مون کي ڪتابن جون اهي شرارتون ياد آهن. اهي ٽهڪ، اهي رڙيون، اهو پڙاڏي ۾ گونجندڙ گوڙ ۽ گمسان، هڪ ٻئي پويان ڊوڙندڙ ٻار، لڪي ڳولهيندڙ ٻار... وڙهندڙ پاڻ ۾ پرچي ٺهندڙ ٻار... مون کي سڀ ياد آهن.” هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.
“پر ڊاڪٽر مان هاڻي تصور ۾ انهن ڪتابن ۽ انهن لئبريرين کي ائين ڏسي رهيو آهيان جيئن ڪنهن قبرستان ۾ لکيل پراڻا ڪتبا جن تي غير واضح الفاظ وقت جي دونهي ۾ مدهم ٿي ويا هجن. جن کي ويجهو وڃي مان پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته اهي مون کي سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ وچ تان ڏريل نظر اچي رهيا آهن. اهي ڪتاب نه پر ڪتبا آهن جيڪي زندگيءَ سان ڀرپور دفن ٿيل ٻارن جي قبرن تي مٿين پاسي کان لفظن جا ڳوڙها وهائي جهيڻي آواز ۾ روئي رهيا آهن. اتي ٽهڪ نه آهن... رڙيون نه آهن... شرارتون نه آهن.”
هن چيو ۽ پوءِ دروازي مان ايندڙ هلڪي روشنيءَ ۾ هن جي اکين جا ڳوڙها چمڪڻ لڳا.
ڊاڪٽر محسوس ڪيو ته هن جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي. هن کي ڪامريڊ ربنواز ٺيڪ چيو هيو ته هو مايوسين ۾ ويڙهيل هڪ اهڙو وجود آهي جنهن کي جيڪڏهن ان واچوڙي مان نه ڪڍيو ويو ته هو هوا سان ملي هڪ ٿي ويندو. هن جي زندگي ڪنهن خوف کان هن جي وجود اندر هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي ختم ٿيڻ جي امڪان کان ڏڪي رهي هئي.
ڊاڪٽر جيڪو پاڻ به ماضيءَ ۾ ان راهه جو پانڌيئڙو رهيو هيو جنهن راهه تي ڪيترائي نوجوان ڪنهن سٺي معاشرتي تبديليءَ جي ڳولا ۾ تمام گهڻو سفر ڪري ڏور نڪري ويا هيا. ڊاڪٽر جنهن کي اڄ به اهو خواب ياد آهي جنهن ۾ هن گورڪيءَ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان ڪلا جي ديويءَ آڏو بيهي هن کان ڏات لاءِ پرارٿنا ڪئي هئي. پر هاڻي اهي سڀ خواب برلن جي ڀت جيان ذرا ذرا ٿي وکرجي ويا. هن پاڻ کي سنڀاليو ۽ ڪامريڊ ربنواز سان گڏ روحانيت ۾ وڃي پناهه ورتي. جتي هنن ٻنهي ڪجهه سڪون محسوس ڪيو ۽ پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجن ٻين مايوس دوستن کي روشنيءَ جي راهه ڏيکاري انڌيارن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪندا.
ڊاڪٽر سليماني هن وٽ اهو فرض سمجهي آيو هيو ته هو پنهنجي ان پراڻي دوست کي ائين مايوسين اندر مرڻ نه ڏيندو ۽ هن جي سوچن کي تبديل ڪري هن ۾ جيئڻ جي خواهش کي جاڳائيندو.
ڊاڪٽر ڪوشش ڪري هن آڏو زندگيءَ جي اهميت ۽ تقدير جي لاهن چاڙهن بابت بحث ڪندو رهيو. پر هن محسوس ڪيو ته هن جي سامهون ويٺل شخص وٽ مايوسين جا ايڏا ته اڻيل ڄار آهن جو هن جي وجود کي انهن مان ڇڏائي ٻاهر ڪڍڻ هڪ وڏي جدوجهد کان پوءِ ئي ممڪن آهي. هن وٽ زندگيءَ جي بغير مقصد هجڻ جا سوين دليل هيا. هزارين حيلا هيا.
ڊاڪٽر هن سان گفتگو ڪندو رهيو ۽ پوءِ نيٺ هن کي ٻيهر اچڻ جو چئي هن کان موڪلائي روانو ٿيو.
ٻئي ڏينهن شام جو ڪامريڊ ربنواز ڊاڪٽر سليمانيءَ جي لئبريريءَ ۾ وڃي هن سان ملاقات ڪئي ۽ هن کان پنهنجي دوست جي باري ۾ اتاولو ٿي پڇيو.
ڊاڪٽر مايوسيءَ مان ٿڌو ساهه ڀري اکين تان عينڪ لاهي ان کي وات مان ٻاڦ ڏئي ڪپڙي سان صاف ڪندي چيو “ڪامريڊ مون کي پنهنجي ان دوست جو بچڻ ڏاڍو مشڪل نظر اچي رهيو آهي... هن وٽ زندگيءَ جي بي مقصد هجڻ جي حق ۾ دليلن جو ايڏو ته وڏو طوفان آهي جو هو منهنجي هر رايي کي ان طوفان جي تيزيءَ ۾ اڏائي ڇڏي ٿو. موت هن جي وجود ۾ واسو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پناهه لاءِ سوين سبب پيدا ڪري ورتا آهن. هن جي اندر هر دري دروازي کي بيڪار ڪري ٽوڙي وڌو آهي. هن جو جسم موت جي لفظ ۾ تبديل ٿي عزرائيل جي ڪاغذن ۾ لکجي چڪو آهي. هن کي واپس موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.”
هن ڏکايل لهجي ۾ چيو ۽ ڪامريڊ ربنواز جو سهڪو وڌي ويو. هن رومال ڪڍي وات تي ڏئي کنگهيو ۽ ميز تي پيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي اوتي ٻه ٽي ڍڪ پيتا.
“هو اسان جو دوست آهي.” ڪامريڊ رومال سان وات اگهندي چيو “اسان کي هر حال ۾ ان جي مدد ڪرڻي آهي.”
ڪامريڊ ٿورو پراعتماد نظر اچڻ لڳو. ٿوري ساهيءَ کان پوءِ هن وري ڊاڪٽر ڏانهن منهن ڪري ڳالهايو. “تون ڪنهن به طريقي سان جيڪڏهن ان دوست جي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين ته اهو تنهنجو انسانيت تي وڏو احسان ٿيندو... تنهنجي سٺي مقصد لاءِ جدوجهد جو عروج ٿيندو.”
ڊاڪٽر جيڪو مايوس ٿي چڪو هيو ان پوءِ به ڪامريڊ جي ڳالهه کي غور سان ٻڌو.
“مان ڪوشش ضرور ڪندس.” هن چيو “پنهنجي علم جي نچوڙ ۽ طبي تعليم کي استعمال ڪري هن جو علاج ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندس... اهو منهنجو توسان واعدو آهي.”
ڪامريڊ جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ پوءِ هو ٻئي جوڻ مٽائڻ جي فلسفي، موت جي منهن مان موٽي ايندڙ ماڻهوءَ جي تجربن ۽ چين ۾ سُئين رستي ٿيندڙ علاج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا.
ان ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر سليماني هر ٻئي ڏينهن پنهنجين مصروفين مان وقت ڪڍي هن مايوس انسان وٽ وڃڻ لڳو. هو شام جي پهر هن جي گهرواري سوڙهي گهٽيءَ ۾ پهچي هن جو دروازو کڙڪائي هن سان ضرور ملندو هيو.
ڊاڪٽر جيڪو وقت سان گڏ ترقي پسند مذهبي خيالن جو ماڻهو ٿي ويو هيو، اهو هن کي ان ڳالهه تي متفق ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو ته ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر لقاءَ پويان ڪنهن هستيءَ جو هٿ آهي. ڪا به شيءِ پنهنجو پاڻ نه آهي ان پويان ڪا توانائيءَ سرگرم عمل آهي ۽ ائين هر شيءِ ۾ ڪنهن ذات جو ظهور آهي.
هو جيڪو ڊارون جي نظريي جو حامي رهيو هيو ان ڊاڪٽر جي ڳالهه سان ڪو به اتفاق نه ڪيو ۽ ائين هنن ٻنهي ۾ بحث جو هڪ اڻ کٽ سلسلو ڇڙي پيو.
“انسان ۽ ڪائنات هڪ حادثي مان پيدا ٿيل اهڙو مادو آهي جيڪو حالت جي زير اثر ۽ انهن سان مصلحتن سبب جيئرو رهي اڳتي وڌي ٿو. اهو خودبخود آهي. بس اهو ٿي پيو آهي. هڪ ڀوڳنا جو سفر آهي ۽ فنا بعد اهو ڪجهه به نه آهي.” هن جهيڻي آواز ۾ ڳالهائيندي چيو.
“دوست مايوسي ڪفر آهي.” ڊاڪٽر چيو “مايوس انسان تي هر بيماري آسانيءَ سان حملو ڪندي آهي. تون ان ڳالهه تي ٿورو غور ڪر ته انسان جو مدافعتي سرشتو ڪيئن متاثر ٿئي ٿو. انسان جڏهن به غير فطرتي طور ۽ طريقن ڏانهن راغب ٿئي ٿو ته هن جون پورو نظام ڊاوان ڊول ٿي وڃي ٿو. مايوسي غير فطري آهي ۽ سائنس ۾ هاڻي ان ڳالهه جون شاهديون آهن ته انساني جسم جون مدافعتي رطوبتون مايوسيءَ جي زير اثر خارج نه ٿي هن کي بيمارين آڏو ڪمزور بنائين ٿيون.”
“مايوسيون ۽ بيماريون زندگيءَ جون حقيقتون آهن.” هن ڊاڪٽر جي ڳالهه جي جواب ۾ چيو. “دماغ اندر ارتقا جي زير اثر جزا ۽ سزا ٻنهي جا مرڪز موجود آهن. حالتن جي زير اثر جتي جزا جو مرڪز مغز جي ڏوريءَ ۾ ڪم ڪري ٿو اتي سزا جو مرڪز ڪيئن عمل بنا خاموش رهي سگهي ٿو. مقصد بنا انسان جيئڻ جا ڪهڙا خواب ڏسي سگهي ٿو. مقصد جي فنا کان پوءِ ارادو ڪهڙي حيثيت رکي ٿو. بقول شوپنهار ته ڪائنات جي هر شيءِ ارادي جي زير اثر ڪم ڪري ٿي ته پوءِ ارادي بنا عمل جي ڪهڙي حيثيت آهي. منهنجو مقصد ۽ ان جي زير اثر پيدا ٿيندڙ ارادو وقت جي ڏور ٽٽڻ سان مون کان الڳ ٿي اڳ ئي موت جي انڌيارن ۾ غائب ٿي چڪو آهي. مون کي به ان ڏانهن ان جي ڳولا ۽ جستجوءَ ۾ وڃڻو آهي. منهنجو مقصد منهنجي فوت ٿيڻ کان پهريون ئي فوت ٿي چڪو آهي.”
هن ڳالهايو ته ڊاڪٽر جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون ڪوئلي ۾ دفن ٿيل هيرن جيان چمڪڻ لڳيون. هن جا چپ ڀيڪوڙجي سنها ٿي ويا. هو مايوس ٿيڻ لڳو، پر جيئن ته هن ڪامريڊ ربنواز سان واعدو ڪيو هيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ هن جي جان بچائيندو ان ڪري هن مايوسيءَ جو ڪو به اظهار نه ڪيو ۽ زوريءَ ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
“دوست هڪ نيڪيءَ جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ انسان ٻئي نيڪيءَ لاءِ ڪوشش ڪري، تو جهڙي دانشور جي زندگي دنيا لاءِ ضروري آهي.” ڊاڪٽر چيو.
“دنيا اندر عمل جو ڪو به دخل نه آهي، جيڪي آهن حالتون آهن، اهي ئي فرشتا آهن، شيطان آهن ۽ اهي ئي آهن جيڪي سڀ کان وڏيون دانشور ۽ استاد آهن... انسان ته نرم اٽي جي ڇاڻي جيئن انهن جي وات ۾ وڃي مختلف صورتن ۾ ڍلجي ٻاهر نڪري ٿو. انسان جي پنهنجي عمل جي ڪهڙي حيثيت آهي؟”
ڊاڪٽر اٿيو ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي پيار مان هن کي لوڏيو.
“مان هلان ٿو.” هن چيو ۽ پوءِ هو هن کان موڪلائي ٻاهر نڪري آيو، ڊاڪٽر کي پڪ ٿي وئي ته هو ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن اندر آپگهات ڪري پاڻ کي ضرور ختم ڪري ڇڏيندو. هن کي افسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڪامريڊ ربنواز کي ڪهڙي منهن سان هن جي موت جي خبر ٻڌائيندو پر هن همت نه هاري ۽ پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هو آخري وقت تائين هن جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو وري تيز وکون کڻندو هن وٽ آيو. هن دفعي هو ڪيترائي روحاني ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي آيو هيو. ڊاڪٽر جڏهن هن جي هلڪي روشنيءَ واري ڪمري ۾ اندر گهڙيو ته هن ڏٺو هو پهريون کان گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هيو. هن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار وڌيڪ بي ترتيب ۽ وڏا ٿي چڪا هيا. هن جي جسم جا ڪپڙا هن جي ڪمري جي هر شيءِ جيان ميرا ۽ بدبودار هيا.
ڊاڪٽر هن کي ڪتاب ڏنا ۽ هو انهن کي کولي اندران ٻاهران ڏسي انهن ۾ موجود فڪري نظريي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
“روح جو تصور بيشڪ انساني جسم کي شفا بخشي ٿو، پر مون کي خبر آهي ته روح جو ڪو به وجود نه آهي ۽ وجود بنا ڪا به شيءِ حقيقت نه آهي.” هن ڊاڪٽر کي چيو.
ڊاڪٽر ٿورو منجهي پيو ۽ پوءِ هن ڳالهايو.
“انسان جا حواس پنجن جي انگ تائين محدود آهن. ٿي سگهي ٿو روح به ڪو مادو هجي جيڪو اسان جي حواسن جي محسوس ڪرڻ جي حد کان ٻاهر هجي؟”
“مادو ان شيءِ جو نالو آهي، جنهن کي اسان حواسن جي دائري اندر رکي سگهون. اسان وهمن ۽ وسوسن کي پنهنجي خوف جي ڪيفيت مان جنم ڏئي حقيقت جو روپ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. ڌرتيءَ تي موجود هر شيءِ خوف مان جنم ورتو آهي ۽ دنيا جو هر نظريو، فلسفو، مذهب ۽ ادب خوف جي زير اثر ئي ارتقا جون منزلون طئي ڪري تبديل ٿيندو ۽ موجود رهندو آيو آهي.”
هنن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو بحث ڇڙي پيو.
ڊاڪٽر هن آڏو پنهنجي سوچن جي درياءَ جا بند ڀڃي ڇڏيا، هن جي دماغ مان هڪ سيلاب وهي نڪتو پر هن محسوس ڪيو ان سيلاب ڪا به ٻوڏ نه آندي. هو ڪافي دير اتي ويٺو رهيو ۽ نيٺ هڪ دفعو وري مايوس ٿي روانو ٿيو.
هر گذرندڙ ڏينهن ڊاڪٽر لاءِ نااميديءَ جو پيغام کڻي ايندو رهيو، ڊاڪٽر محسوس ڪيو هن جو دماغ مائوف ٿي رهيو آهي. هن جون واٽون وڃائجي رهيون آهن. سوچون منتشر ٿي رهيون آهن. هن پنهنجو ماضي ياد ڪيو ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪيئن ڳاڙهو جهنڊو کڻي پنهنجي هم خيالي محبوبا سان گڏ اڳين صنف ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي نعرا هڻندو اڳتي وڌي رهيو هيو. هن کي پوءِ اهي فوجي ياد آيا جيڪي وچ روڊ تي هن کان جهنڊو کسي پنهنجن بوٽن سان هن کي ٿڏا هڻي رهيا هيا. هن جي محبوبا کي بي آبرو ڪري رهيا هيا. هو سوچيندو ويو ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري هيٺ اچي ڪارل يونگ جي ڪتاب مٿان ڪريا.
ڊاڪٽر هاڻي روز ٿڪيل قدمن سان هن جي گهٽي ۾ پهچي هن جي ڪمري ۾ وڃي ساهي پٽيندو هيو. ڊاڪٽر غمگين ۽ سست نظر اچڻ لڳو، شايد هن کي پڪ ٿي چڪي هئي ته هاڻي هن جو دوست موڪلائڻ وارو آهي. هو اڪثر پنهنجي عينڪ جا شيشا اگهڻ جي بهاني پنهنجي اکين جا ڳوڙها اگهندو هيو. هو اندر ئي اندر ۾ ڄڻ ڪڙهندو ۽ روئندو رهيو. هن کي پنهنجي دوست سان بي پناهه محبت ۽ همدردي پيدا ٿي چڪي هئي، هو ڪنهن به قيمت تي ان کي وڃائڻ نه پيو چاهي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي بيمار محسوس ڪرڻ لڳو. هن کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪيو جنهن ڪري وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو، هلڻ هن جي وس ۾ نه رهيو. هن جڏهن به بستري تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون، هن جا ڏڪندڙ هٿ گوڏن تي اچي هن کي واپس ويهڻ تي مجبور ڪرڻ لڳا. ننڊ هن جي اکين کان موڪلائي وئي جنهن لاءِ هن کي ڪجهه سڪون جون دوائون وٺڻيون پيون. هو نستو ٿي پيو ۽ پنهنجي آپگهات ڪندڙ دوست جي باري ۾ سوچي روئندو رهيو.
ڪافي ڏينهن گذري ويا هو پنهنجي دوست جي گهر نه وڃي سگهيو ۽ نه ئي وري ڪو هن سان ملڻ آيو.
آخرڪار هڪ ڏينهن ڪامريڊ ربنواز کي خبر پئي ته “ڊاڪٽر سليماني هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هن رات پاڻ کي پکي سان ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڪامريڊ اهڙي خبر ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو. هن کي اهڙي خبر جي هرگز توقع نه هئي. هو حيران ٿي ويو ۽ پريشانيءَ مان ڊوڙندو خودڪشيءَ جو انتظار ڪندڙ پنهنجي دوست جي گهر پهتو.
ٿوري دير کان پوءِ هو ٻئي ڊاڪٽر سليمانيءَ جي تڏي تي ويهي روئي رهيا هيا، آخري ديدار لاءِ رکيو ويو ته ڪامريڊ ربنواز هن سان گڏ مڙهه مٿان اچي بيٺو، ڪامريڊ ربنواز جا ڏک کان سڏڪا هن جي وس ۾ نه رهيا. هو مسلسل روئندو رهيو.
هنن جي مايوس دوست ڊاڪٽر سليمانيءَ جي مئل منهن ڏانهن ڏٺو. خوف ۽ عجب کان هن جون اکيون ڦوٽاريل هيون. هن ڏٺو اتي مئل منهن ۾ پيلي رنگ جي وحشت جاڳي رهي هئي. هن جو منهن ڪمزور ۽ سڪل هيو. اکيون کڏن ۾ پوريل ويران کنڊرن جيان چمڙيءَ جي تهن ۾ دفن ٿيل هيون. هن جو ويران ۽ نفرت جهڙو منهن ڏسي هو ڏڪي ويو. هن محسوس ڪيو، آپگهات دنيا جي سڀني شين کان خوفناڪ ۽ نفرت لائق عمل آهي، آپگهات انساني وجود مان ملامت ۽ وحشت جي نفرت انگيز تاثر سان اڀري نروار ٿئي ٿو. هن کي بدبوءِ ايندي محسوس ٿي جنهن کان هن کي اوڪارا اچڻ لڳا. هو ماڻهن جي هجوم مان ڪامريڊ کي ساڻ ڪري ٻاهر نڪري آيو.
“مان ڪڏهن به آپگهات نه ڪندس” هن ڪامريڊ کي چيو “مان زندگيءَ کي گهارڻ جي ڪوشش ڪندس.”
ماڻهو جنازي کي ڪلهو ڏئي قبرستان روانا ٿي ويا ۽ هو پنهنجي اکين جا لڙڪ اگهندو گهر ڏانهن راهي ٿيو.
ڪامريڊ ربنواز ڊاڪٽر جي ويندڙ جنازي کي ڏسي سوچيو.
“هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن هڪ دوست جي مايوسين جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو.