مئل ڪير آهي؟
هو روڊ تي هلي رهيو هيو، ماڻهن جي هجوم ۾ گهلجي رهيو هيو. هن لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه هئي، هزارين ماڻهن جي وچ ۾ هلندي هن ڏانهن ڪير به ڏسي نه رهيو هيو. کيس ماڻهن مان اميد هئي ته اهي هن کان زخمي هجڻ جو سبب ضرور پڇندا. همدرديءَ جو اظهار ڪندا، پر ائين نه هيو. هر ڪو پنهنجي منهن هلي رهيو هيو ۽ هو ماڻهن ڏانهن حسرت مان ڏسي رهيو هيو. ان اميد تي ته ڪو اڳتي وڌي هن کان زخمي هجڻ جو سبب پڇندو. هن ڏانهن وڌي ڪو به نه آيو. سمجهيائين هو نظر نه اچي رهيو آهي ۽ پوءِ سوچيائين شايد مري چڪو آهي.
پاڻ کي چيائين “ڇا مئل ماڻهوءَ جا زخم ڏکندا آهن؟ ڇا ان کي سور جون سٽون محسوس ٿينديون آهن؟”
سوچي منجهي پيو ۽ وري چيائين “نه... هو جيئرو آهي ۽ روڊ تي هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ هلي رهيو آهي.”
هڪ دفعو وري زخمي هجڻ جي سبب تي غور ڪيائين. ننڍپڻ ۾ چار دفعا ڏاڪڻ تان ڪريو هيو. جڏهن مٿي جا وار ڪوڙائيندو هيو ته آئيني ۾ ڌڪن جا نشان ڏسي گذريل وقت کي ياد ڪندو هيو. کيس ننڍپڻ ۾ ڌڪ ائين لڳندا هيا ڄڻ ڄايو ئي ڌڪن لاءِ هيو. وقت ٿيو زخم ڇٽي چڪا هيا. پر شايد ڌڪن جي نشانن ۾ سور رهجي وڃي ٿو. پنجويهن سالن جو هيو ته تيز رفتاريءَ سبب سندس موٽرسائيڪل ترڪي روڊ تي رڙهندي وئي ۽ مٿو فٽ پاٿ سان ٽڪرايو هيو. چار ڏينهن اسپتال ۾ بيهوش هيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته کيس ٻه مهينا مٿي ۾ سور جون سٽون اڀرنديون رهيون، مڪمل شفايات ٿيو ته پوءِ ابتا جملا ڳالهائيندو هيو. شهر جي ٿنڀن تي لڳل فلمن جي پوسٽرن کي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هيو. دوست کيس فلم جو نالو پڙهي ٻڌائيندا هيا.
“نچي نانگڻ، وڄي بين”
هو چوندو هيو “وڄي نانگڻ، نچي بين”
پر ان کي ته سال گذري ويا، هاڻي مڪمل هوش ۽ حواس ۾ هيو. هن گريجيوئيشن به ڪئي هئي ۽ سندس ڦڙڪي واري ڊگري ان بريف ڪيس ۾ رکيل هئي جنهن جو هينڊل ڀڳل هوندو هيو. هو واندڪائيءَ ۾ بريف ڪيس کولي، ڦڙڪي واري ڊگري ڪڍي ان کي ويڙهي رول ٺاهيندو هيو ۽ ماستر جيان چوندو هيو.
“اڙي ڇورا هٿ کول”
هو پنهنجو ٻيو هٿ کوليندو هيو ۽ ان تي وهائي ڪڍندو هيو.
“سائين مون کي نه مار... توبهن ڪيم” پاڻ چوندو هيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلندو هيو.
پوءِ زخمي هٿ ڏي ڏٺائين، جتي رت ڄمي ڪارو ٿي چڪو هيو. اوچتو روڊ جو سگنل کلي ويو، گاڏيون قطارن ۾ هلڻ لڳيون، هو ماڻهن جي هجوم ۾ پاسي سان بيهجي ويو. سگنل بند ٿيو ته روڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ماڻهو لنگهي ويا، زخمي هجڻ ڪري هو آهستي هلي رهيو هيو. هڪ موٽرسائيڪل زوڪٽ ڪندي سڄي هٿ واري روڊ کان نڪتي ۽ ٽريفڪ جا قانون ٽوڙيندي هن سان ٽڪرائي. حيرت جي ڳالهه هئي کيس وڌيڪ ڪو زخم نه رسيو. موٽرسائيڪل وارو روڊ تي ٽريفڪ ۾ گم ٿي ويو ۽ هو ان کي ڏسندو رهيو. کيس درد ۾ ڪو اضافو نه ٿيو. سوچيائين شايد ايڏو زخمي آهي جو سندس جسم تي ٻيا سور اثرانداز نه ٿي رهيا آهن. يا شايد جسم ۾ وڌيڪ سور سهڻ جي سگهه نه آهي. روڊ ٽپي، اڳتي وڌي ٽريفڪ سگنل تي بيٺل اڇي ورديءَ واري سپاهيءَ کي دانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
“توهان جو نظام صحيح نه آهي.” جذباتي ٿيندي چيائين “تو ڏٺو هاڻي هاڻي تنهنجي سامهون مون کي ٽڪر هڻي ڪيئن هليو ويو. ڇا ڪنهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا ڪو قانون آهي؟”
هن سپاهيءَ آڏو ڳالهايو ته کيس محسوس ٿيو ڀت سان ڳالهائي رهيو آهي. سپاهي هن ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پري ٽريفڪ ۾ ڏسي رهيو هيو. ان کي وڏي بس روڪي ڪنڊيڪٽر کان ويهه روپيا ڀتو وٺڻو هيو.
سپاهيءَ جي رويي تي کيس بي حد افسوس ٿيو. سوچيائين “اهو ڀل قانون تي عمل نه ڪري ها پر گهٽ ۾ گهٽ ڳالهائي ته ها. هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ها. زخمي هجڻ جو سبب پڇي ها. ڪا مدد ڪري اهڙي هنڌ پهچائي ها، جتي مرهم هڻي زخم کي بند ڪيو وڃي ها. جسم جي سور جي دوا ڏني وڃي ها، پر سپاهيءَ کيس ڪو رخ نه ڏنو ۽ سمجهيائين شايد هو مري چڪو آهي، پر سور محسوس ٿي رهيو هيو. پوءِ سوچيائين، شايد سور جو سبب بي روزگاري ته نه آهي؟ هن کي ياد آيو. هڪ سانحي ۾ سندس دل ڏري پئي هئي. محبوبا ان ڪري منهن موڙيو هيو جو کيس روزگار نه هيو. هن ان کي راضي رکڻ لاءِ روزگار جي ڳولها ڪئي. زخمي هٿ ۾ ڊگري جهلي آفيسن جا ڌڪا کاڌا، سياستدانن پويان رليو، وزيرن پويان پادر گسايا، پر سندس ڳالهه ڪو به نه ٻڌي رهيو هيو.
هن وڏيري جي اوطاق کان وڏي اڱڻ واري آفيس ۾ ويٺل آفيسر کي التجائون ڪيون.
“ڏس مان وٽ ڊگري آهي. جوان آهيان. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مون کي روزگار نه مليو ته مري ويندس. آپگهات ڪندس. تنهنجي آفيس اڳيان باهه ڏئي پاڻ ساڙيندس. مون تي رحم ڪر ڏاڍو مجبور آهيان.”
آفيسر هن جي ڳالهه نه ٻڌي، جيئن کيس ڪنن ۾ پوپا پيل هجن. اهو ٻوڙو هجي. زبان سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ڄڻ گونگو هجي. هن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو ڄڻ انڌو هجي.
هن زخمي هٿ سان ڊگري ويڙهي واپس کنئي ۽ آفيسر جي رويي تي سوچيائين، آخر ڪهڙو سبب هيو. هن جي التجائن ڪو اثر نه ڪيو؟ آفيسر ڪنڌ کڻي نه ڏٺو؟ ڪنهن سوال جو جواب نه ڏنو؟ اهو آواز ٻڌي ها ته ضرور ڳالهائي ها. زخمي وجود ڏسي ها ته ٿورو ترس کائي ها. ايتري مدد ڪري ها جو ويهاري تسلي ڏئي ها. اهو سوچي محسوس ڪيائين. هو مري چڪو آهي.
نادر شاهه عيدلجي ڊسپينسريءَ جي پاسي کان جتي بيت الخلا آهي ۽ ماڻهو پنج روپيا ڏئي فارغ ٿيندا آهن. ان سامهون پشاوري آئيس ڪريم جي دڪان تي کيس اها بيوفا نظر اچي وئي جيڪا هڪ عدد مهراڻ ڪار جي مالڪ سان آئيس ڪريم کائي رهي هئي، ڏسي سندس سيني جو سور وڌي ويو. محسوس ڪيائين رت دل جو بند ڀڃي سيلاب جي صورت ۾ ڪاهي پيو آهي. هٿ جون زخمي آڱريون ائين رڙيون ڪرڻ لڳس جيئن ڀرسان مهراڻ نمڪو جي دڪان اڳيان ڪڙهائيءَ ۾ ترجندڙ پڪوڙن کي گرم تيل مان هٿ سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هو وڌي بيوفا سامهون ويو. سمجهيائين شايد پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڇرڪي ويندي. پر ائين نه ٿيو. ان ڪو ڌيان نه ڏنو. ڏسڻ بنا مزي سان آئيس ڪريم کائي هڪ عدد مهراڻ ڪار جي مالڪ سان گڏ مرڪي رهي هئي.
“تنهنجي بيوفائيءَ جي پهريون ئي پڪ هئي” هن کيس ويجهو ايندي چيو. “نه ڪو توکي شرم آهي نه حياءُ، تنهنجي سامهون بيٺو آهيان ۽ تنهنجين اکين ۾ ڪو پڇتاءُ نه آهي. بي حيائيءَ جي حد آهي.” هو مسلسل ڳالهائي رهيو هيو ۽ هوءَ آئيس ڪريم کائڻ ۾ مشغول هئي. هلڪا ٽهڪ ڏئي رهي هئي ۽ راز نياز جون ڳالهيون ڪري رهي هئي.
“وئشيا” هن وري چيو “مونکي اها خبر نه هئي ته تون پئسي جي ايڏي پڄارڻ آهين. ٽڪي تي وڪامڻ واري آهين.”
ان تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ هو روئڻ لڳو. پوءِ التجا ڀريل آواز ۾ چيو.
“تون ڀل بيوفا صحيح، وڪاميل ۽ وئشيا صحيح، پر مان آهيان ته اهو ئي تنهنجو عاشق جنهن کان ڪڏهن هڪ پل الڳ رهي نه سگهندي هُئينءَ. گهٽ ۾ گهٽ ڏس ته صحيح، ٻه ڪوڙا لفظ ڳالهاءِ ته صحيح، ٻڌ ته صحيح.”
ايڏي عاجزيءَ کانپوءِ به ان کيس ڌيان نه ڏنو ته صفا مايوس ٿي ويو، سوچيائين سندس آواز دفن ٿي چڪو آهي. هو مري چڪو آهي، جڏهن ٿاٻا کائيندو اسپتال جي در تي پهتو سندس کيسا خالي هيا. وڏي جدوجهد کان پوءِ ڊاڪٽر جي سامهون پهتو. ڊاڪٽر ڏاڍو مصروف هيو. هن ان جي فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بنا سامهون وڃي دانهون ڪيون.
“منهنجي هٿ جون آڱريون زخمي آهن، سيني ۾ سور آهي، ڪلها هيٺ لهي آيا آهن. ڊاڪٽر صاحب خدا جي واسطي سڀ کان پهريون منهنجو علاج ڪر نه ته مري ويندس. اي انسانيت جو قدر ڪندڙ مسيحا، مونکي ڌيان ۽ توجهه جي ضرورت آهي. مان زماني جو ٺڪرايل آهيان. مرهم هڻ پٽي ڪر، دوا ڏي جيئن سور گهٽجي صحتياب ٿيان.”
ڊاڪٽر ڏاڍو مصروف هيو. ان ڪنڌ کڻي نه نهاريو. ڪجهه نه ٻڌو. ڇو جو ان جي ڪنن ۾ اسٽيٿو اسڪوپ هيو. ڪجهه نه ڏٺو ڇو جو اهو خوردبين ۾ نهاري رهيو هيو. ڪجهه نه ڳالهايو ڇو جو کيس منهن تي سائو ماسڪ چڙهيل هيو.
هو مايوس ٿي ويو سوچيائين ڊاڪٽر وٽ ايترو وقت به نه هيو جو ڪنن تان اسٽيٿو اسڪوپ هٽائي ٻڌي ها. خوردبين مان ڪجهه دير اکيون کڻي ڏسي ها. سائي ماسڪ مان ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ها. ضرور ڊاڪٽر آواز نه ٻڌو آهي. هن کي نه ڏٺو آهي. آخر ڳالهائي به ها ته ڪنهن سان؟ شايد هو مري چڪو آهي. مئلن جا آواز ڪير ٻڌندو؟ مئلن کي ڪير ڏسندو؟ مئلن سان ڪير ڳالهائيندو. کيس پڪ ٿي وئي ڪنهن وسري ويل حادثي ۾ فوت ٿي چڪو آهي. هو زخمي مئل جسم آهي. پر جڏهن بک محسوس ڪيائين ته سمجهيائين هو مئو نه آهي، جيئرو آهي. ڇو جو مئل کي بک محسوس نه ٿيندي آهي. هن پڪوڙن واري کي چيو “ٻه چار پڪوڙا ڏي”
حلوي پڙيءَ واري کي چيو “پڙيءَ ۾ ٿورو حلوو وجهي ڏي”
تنور واري کي چيو “هڪ ماني ڏي ته پاڻيءَ سان کائي ڍئو ڪيان”
سموسن واري کي ڪچوريون تريندو ڏسي، ان اڳيان ويو ۽ گرم سموسن جو واس وٺندي کيس عرض ڪيائين ته “ڀل سموسا ۽ ڪچوريون نه ڏي، ڇڙو آلوءَ جي ڀاڄي ۽ ڦودني جي چٽڻي ڏي ته ڦڪي وات کي چرهو ڪري معدي کي مطمئن ڪيان. ايمپريس مارڪيٽ ٻاهران گاڏي تي ميوو وڪندڙ کي عرض ڪيو ۽ ايمپريس مارڪيٽ اندر سيٺ سيٺڻا جي دڪان ڀرسان ڪاري رنگ جي سبزي فروش کي اڇي گوگڙوءَ جي فرمائش ڪئي “اهو ڏي ته ڪچو کائي پيٽ جي گڙ گڙ کي خاموش ڪيان.”
پر شايد ڪنهن کي نظر نه اچي رهيو هيو. هن ڏي ڪنهن ڌيان نه ڏنو، کيس پڪ ٿي وئي هو مئل آهي ۽ سمجهيائين شايد مئلن کي به بک لڳندي آهي. مئلن کي به اڄ لڳندي آهي ۽ مئلن کي به زخمن ۾ سور محسوس ٿيندو آهي.
اوچتو کيس ماءُ جو خيال آيو، جنهن کي وساري چڪو هيو. سوچيائين ڇو نه امڙ جو منهن ڏسان، جنهن کي ڏٺي ورهه ٿيا آهن. ان شهر ۾ ويو جتي سندس ماءُ رهندي هئي. زخمي وجود سان هلندو ان گهٽيءَ ۾ آيو جتي هن جو ننڍپڻ گذريو هيو.
هن کي پري کان ننڍپڻ جو دوست رحيم دال وارو نظر آيو. هن ويجهو وڃي کيس ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪرايون.
“مان تنهنجو دوست... جنهن سان گڏجي تون ان سينيما ۾ هندستاني فلم ڏٺا، جتي اڄڪلهه نيري پڳڙيءَ وارن جو مدرسو آهي. ڇا توکي ياد آهي؟ پاڻ ٻنهي گڏجي نبن مڪراڻيءَ کي مار ڏني هئي.”
رحم دال واري سندس آواز نه ٻڌو، ائين هوڪا ڏيندو رهيو جيئن پهريون ڏئي رهيو هيو. پوءِ ستار حجم جو دڪان نظر آيو. هن دڪان ۾ وڃي کيس ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“مان تنهنجو دوست... جيڪو توسان گڏ نديءَ ڪناري ان پارڪ ۾ گهمندو هيو جتي هاڻي پناهگيرن جو پلازا آهي. توکي ياد آهي، اسان چدن راند کيڏندي هڪ دفعو وڙهياسين. تون پٿر هنيو هيو. مان هيٺ ٿي ويو هيس ۽ پٿر ماستر مطلباڻيءَ کي لڳو هيو. جنهن سزا طور صبح جو توکي ڪلاس ۾ ٻه ڪلاڪ بينچ تي بيهاري ڇڏيو هيو.”
ستار حجم پنهنجن خيالن ۾ گراهڪ جا وار ٺاهي رهيو هيو. هن ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺو. هو مايوس ٿي ويو. وري پري کان ننڍڙي قد وارو اڌوهيءَ جو نصير نظر آيو. جنهن جي گهر ۾ مينهن هوندي هئي ۽ ننڍي هوندي هر وقت مکڻ سان ماني کائيندو هيو. ان جا ڳٽا ڳاڙها هوندا هيا. هن ڀرسان وڃي کيس کيڪاريو.
“ڪهڙا حال آهن پيارا نصير، مون کي سڃاڻي ٿو؟ مان تنهنجو دوست... جنهن سان گڏ تون هزاري خان کان الغوزا وڄائڻ سکندو هئين. جيڪو الغوزا سيکاريندي ڪڏهن سزا طور تنهنجا ڳٽا پٽيندو هيو.”
نصير پنهنجن خيالن ۾ گم هيو. اهو ڏک ۾ ورتل هيو، ڇو جو سندس زال ٻارنهن ٻارن کان پوءِ تيرهين کي جنم ڏئي مري چڪي هئي. پوءِ کيس ڪيترا ماڻهو نظر آيا. جن سان ملڻ مناسب نه سمجهيو. ڇو جو ڪو به سڄاڻي نه رهيو هيو. هو هڪ مئل شخص جيان هوا ۾ اڏامي رهيو هيو. هن محسوس ڪيو جسم نه روح آهي ۽ هن کي مئي ورهيه گذري چڪا آهن.
جڏهن گهر ۾ گهڙيو ته سندس ماءُ ويٺل هئي، اها جهور پوڙهي ٿي چڪي هئي ۽ اڪيلائين ان کي غمگين ڪري وڌو هيو. وڌي ماءُ وٽ آيو ۽ جهڪي پيرن تي هٿ رکي ان کان معافي ورتائين.
“معاف ڪجانءِ منهنجي ماءُ” هن ڏاڍي ڏکويل آواز ۾ چيو “هڪ بيوفا عورت ڪري توکي وساري ويٺس. توکان ڏور ٿيس. مان ڏاڍو زخمي آهيان. سيني ۾ سور آهي. دل ڏريل آهي. ڪلها لڙڪي آيا آهن. آڱرين جو رت ڄمي چڪو آهي. انهن مان پونءِ جي بوءِ اچي رهي آهي. پر سڀ کان پهريون اهو ٻڌاءِ ڇا منهنجو آواز ٻڌي رهي آهين؟ مون کي ڏسي رهي آهين؟ امڙ ڇا مان مري چڪو آهيان؟”
سندس ماءُ اٿي، کيس سيني سان لاتائين ۽ ٻئي زارو قطار روئڻ لڳا.
ماءُ رئو ڦاڙي اڳڙيون ٺاهي پٽ جي زخمن تي رکيون. هوءَ اٿي دال ۽ ماني کڻي آئي. گلاس پاڻيءَ جو ڀري هن آڏو رکيائين، پوءِ گرهه ٺاهي هن جي وات ۾ وڌائين.
“ابا توکي الله حياتي ڏي” هن پيار مان چيو “تون ته جيئرو آهين، دراصل دنيا وارا مري چڪا آهن.”