ڊفينس ايڪسپو
وزيراعظم کي ڊفينس ايڪسپو جو افتتاح ڪرڻو هيو، ٿورو پري ايڪسپو سينٽر ۾ دنيا جا ڪجهه سربراهه ۽ ايلچي ڪٺا ٿيا هيا، جن ۾ گهڻو ڪري عرب ۽ آفريڪي ملڪن جا معتبر هيا. اڳيان يورپ ۽ آمريڪا مان آيل اصلحي جا واپاري پڻ ويٺل هيا. چين جا چڱا مڙس وڏي فخر سان ڇاتيون ڪڍي بيٺل هيا ڇو جو اها اصلحي جي نمائش انهن جي تعاون کانسواءِ ممڪن نه هئي.
نمائش ۾ مک در وٽ ڊگها ميزائيل آسمان طرف اشارو ڪري رهيا هيا ۽ آسمان ۾ اڏامندڙ هليون هيٺ ڏسي ميزائيلن کي دعا ڪري رهيون هيون ته انهن جي صدقي کين ڪڏهن گوشت نصيب ٿيندو.
اندر ٽينڪون، آبدوز، بڪتربند گاڏيون ۽ جهاز بيٺل هيا، صفا اندر گنيون، بم گولا، پيراشوٽ، بلٽ پروف ٽوپلا، گوليون ۽ هڪ هنڌ ايٽم بم جو ماڊل ان جي فارمولا سان گڏ رکيل هيو. فارمولا ايڏو ته ڏکيو هيو جو آئنسٽائن جي هڪ شاگرد جي شاگرد کي انڪري سمجهه ۾ نه آيو جو ان سوچيو ته جيڪڏهن اهو فارمولا سمجهه ۾ اچي ويو ته دماغ ڦاٽي پوندو.
جڏهن وزيراعظم پهتو ته ان سربراهن ۽ ايلچين سان گڏ نمائش جو دورو ڪيو. کيس خوشي ٿي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان جي ملڪ جي سربراهن کي نمائش مان خبر پوندي آهي ته ملڪ ڪيتري ترقي ڪئي آهي.
سڀ سربراهه ۽ ايلچي ڪٺا ٿيا ۽ پوءِ اصلحي جي خريداري شروع ٿي وئي. اصلحي جي نيلام لاءِ سنڌ حڪومت تعاون ڪندي پنهنجو مشهور کارادر جو ڪلن ڪاٺياواڙي موڪليو هيو، جيڪو ڪٽيانا اسپتال پويان مڇي مارڪيٽ جي ڀرسان رهندو هيو. وفاق سنڌ حڪومت کي خط لکي اهڙي بروڪر لاءِ چيو هيو جنهن جو آواز بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ لائوڊ کانسواءِ ٻڌجي سگهي. اهو ممڪن ته نه هيو جو ايڏن خاص مهمانن جي موجودگيءَ ۾ بجلي بند ٿي سگهي پر پوءِ به شهر ۾ ڀتاخور موجود هيا، جيڪي اصلحي جي ڪاروبار ۾ پڻ ٻين ڪاروبارن جيان ڀتي وصول ڪرڻ جي چڪر ۾ هيا ۽ ڪي الڪيٽرڪ انهن سان انڪري تعاون ڪري پئي سگهي ته تعاون نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين ڀتي جي رقم پاڻ ڏيڻي پوي ها.
حڪومت بچاءَ جو صرف هڪ ئي رستو ڳولهي لهندي آهي ته ماڻهن جا رستا ڪيئن بند ڪيا وڃن. پان جي گرڙيءَ کي رت سمجهي رستو بند ڪيو ويندو آهي. هڪ ڀيري مرحوما گلشن ٻائيءَ جي ڦاٽل ٿيلهي ۾ سندس ننهن گهر ڇڏڻ کان اڳ طلاق نامي جا ڪاغذ وجهي هيٺ روڊ تي اڇلايو ته ٽاور چوڌاري ٽريفڪ بند ٿي وئي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گهرايو ويو. ايڏي سانت ڇائنجي وئي جو جڏهن اسڪواڊ وارن ٿيلهي کي ڪنايو ته ڀرسان اڪبر گجراتيءَ جي بند پيل گهڙيالن جي دوڪان مان “ٽڪ ٽڪ” جو آواز اچي رهيو هيو. ٿيلهي چوڌاري واريءَ جون ٻوريون رکي جڏهن تباهه ڪيو ويو ته ڪاغذن سان گڏ اڪبر گجراتيءَ جي دوڪان جا سڀ گهڙيال اڏامي ويا.
ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندڙ ٽريفڪ سيلاب جيان آهي. حڪومت سيلابن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي پر ٽريفڪ جو رخ ائين موڙيندي آهي جو هر ڪنهن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته برابر حڪومت نالي ڪا شيءِ آهي جيڪا ملڪ هلائي ٿي.
نمائش چورنگيءَ جو نالو غلط آهي، ڇو جو مون اتي ڪڏهن ڪا نمائش نه ڏٺي آهي، نمائشون ايڪسپو سينٽر ۾ لڳنديون آهن، پوءِ اها اصلحي جي نمائش هجي يا ڪا ٻي نمائش، نمائش چورنگيءَ جو نالو فرمائش چورنگي هجڻ گهرجي ڇو جو سدائين بند هوندي آهي. ڪڏهن ڌرڻو، ڪڏهن جلوس، ڪڏهن جنازو رکي احتجاج ڪيو ويندو آهي. هر ڪو فرمائش ڪندو آهي ته اسان کي انصاف جو پراڻو راڳ ٻڌايو وڃي. ڪراچي عجيب شهر آهي. اهو ائين نه هيو جيئن آهي ۽ شايد ائين نه ٿيندو جيئن هيو. هر واقعي جو نوٽيس ورتو ويندو آهي ۽ وزيراعليٰ جي آفيس نوٽيسن سان ڀرجي وئي آهي جنهن ڪري هن نوان نوٽ ڏئي نئين آفيس جو ٺيڪو ڏنو آهي، جتي ويهي وري نوٽيس وٺندو.
اهو ڏينهن عذاب کان گهٽ نه هيو جنهن ڏينهن ڊفينس ايڪسپو ۾ وزيراعظم جي اچڻ ڪري اوچتو روڊ بند ٿي ويو. سموري ٽريفڪ بيت المڪرم پويان گهٽين ۾ ڪاهي پئي ۽ گهٽيون گاڏين سان ڀرجي ويون. هيڏانهن گاڏيون، هوڏانهن گاڏيون، ڀرسان، سامهون، پاسن کان موٽرسائيڪلون جهلي بيٺل، هيلمٽ هيٺان نظر نه ايندڙ چهرن وارا چتائي ڏسندڙ ماڻهو، گاڏيون ائين چري رهيون هيون جيئن مخلوق ڪويلين ۾ تبديل ٿي وئي هجي. آفيس وارا، روزگار سان لڳل، روزگار ڳولهيندڙ، کيسا ڪٽيندڙ، منڍيون ڪپيندڙ، مسافر جن جا مثانا پيشاب سان ڀريل هوندا آهن، ايمبولنسون، درد کان چنگهندڙ مريض، ڳورهاريون عورتون جن جا ڦر سور کان هر هر اچي موٽي پئي ويا ته ٻاهر ٽريفڪ بند آهي.
ڏيڏر جهڙا آواز ڪڍندڙ رڪشا چنگچيون، دونهون ڇڏيندڙ موٽرسائيڪلون، پيٽرول سان ڀريل ٽينڪرن وارا ۽ پاڻيءَ جا ڀريل ٽينڪرن وارا هڪ ٻئي کي نفرت مان ڏسي اڳ نڪرڻ لاءِ رستا ڳولهيندي ذري گهٽ گاڏين سان پئي گسيا.
“هلا ٿي لوفر” رڪشي واري بس واري کي چيو “هڪ منٽ صبر نه ٿو ڪرين ته ٿورو پاسي ٿيان پويان ايمبولنس ۾ بيمار پيو آهي.”
“بڪواس بند ڪر” بس واري چيو “پاسي ڪيئن ٿيان! هيڏانهن ٽيڪسيءَ واري کي تڪڙ آهي.” پوءِ ان ڪاوڙ مان نسوار ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪئي جيڪا پويان هڪ ٺوڙهي تي ڪري، ان مٿي ڏٺو وڻ تي ڪانءَ ويٺل هيا.
هر طرف زوڪٽ هيا ۽ دونهون هيو.
ڊفينس ايڪسپو ۾ جڏهن سڀ رهنماءَ ۽ ايلچي ڪرسين تي ويٺا ته اصلحي جو نيلام شروع ٿي ويو. ڪلن ڪاٺيا واڙي سوٽ بوٽ ۾ ائين پئي ڏٺو ڄڻ اصلحي جون فيڪٽريون هن جي ذاتي ملڪيت هجن. کيس انگريزي زبان تي اهڙو عبور حاصل هيو جو ڳالهائيندو هيو ته صرف ڪاٺياواڙي سمجهندا هيا، حيرت جي ڳالهه هئي هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته عربن ۽ آفريڪين کي سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي پر انگريزن جا ڪن کڙا ٿي ويا.
سڀ کان پهريون هڪ ميزائيل وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳالهايو ته سندس کٻي پاسي نڙيءَ جون رڳون ظاهر ٿيون.
“حضور هيءُ ميزائيل ٽي سئو ڪلوميٽرن تائين مار ڪري سگهي ٿو. ايٽمي اصلحو هن جي وچين خاني ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٻه خانا خالي ڇڏي ڏيو. جڏهن ڦاٽندو ته ٻه خانا تباهه ٿي ويندا.”
سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
“ٽي هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
“چار هزار ڊالر” ٻئي آفريڪيءَ چيو.
“پنج هزار ڊالر” هڪ عرب چيو.
ميزائيل جي قيمت پندرهن هزار ڊالرن کان مٿي ڪنهن به واڪ نه ڏنو، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ جو منهن لهي ويو.
“حضور هن تي لاڳت ئي پنجاهه هزار ڊالر آئي آهي ته اهو پندرهن هزار ڊالرن ۾ ڪيئن ڏينداسين؟”
“پنجويهه هزار ڊالر” هڪ عرب ڪاٺياواڙيءَ جو مان رکندي واڪ کي اڳتي وڌائيندي چيو.
واڪ هلندي وري پنجويهه هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو، ايڪسپو جي انتظاميه مايوس ٿي وئي.
“افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ ايمبولينس اندر مريض گذاري ويو، هر ڪو گاڏيون بند ڪري هيٺ لٿو. اهو اڌ عمر جو شخص هيو جنهن کي دل جو دورو پيو هيو. ايمرجنسيءَ ۾ ان کي اسپتال نيو پئي ويو ته ٽريفڪ ۾ ڦاسي ان دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
ايڪسپو سينٽر ۾ هڪ جهاز وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو.
“حضور هن جهاز جي خوبي اها آهي ته جيڪڏهن فضا ۾ ان جو پيٽرول ختم ٿي وڃي ته ڳاڙهو بٽڻ دٻايو، ان جا پر پکيءَ وانگر حرڪت ڪندا. اهو ڪنهن شاهين جيان اڏامندو سلامتيءَ سان لهندو، ان صورت ۾ ته علائقي ۾ پهاڙ نه هجن، نه ته توهان کي خبر هوندي ته شاهين جو بسيرو چٽانن تي هوندو آهي ۽ جبلن تي لهڻ ڪري پائلٽ کي هيٺ لهڻ ۾ ڏکيائپ ٿيندي، ان ڪري اهو اهڙن ملڪن لاءِ موزون آهي جتي جبل نه آهن.”
سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
“ٻه هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
“چار هزار ڊالر” هڪ ٻئي آفريڪيءَ چيو.
وچ ۾ ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳالهايو. “ٿورو واڪ وڌايو، هيءُ جهاز آهي، رانديڪو نه”
هن جي ڳالهه تي سڀني ٽهڪ ڏنا، هڪ عرب واڪ اهڙي انداز ۾ ڏنو ڄڻ امداد ڏيڻ چاهي هجي، ان چيو “چار نه ڇهه هزار ڊالر”
واڪ هلندي ست هزار ڊالرن کان مٿي نه پهتو. ايڪسپو جي انتظاميه وري مايوس ٿي وئي.
“افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ بس اندر ساهه گهٽجڻ سبب هڪ پوڙهو گذاري ويو. پوڙهي جي لاش کي ٻاهر ڪڍي فٽ پاٿ تي بيٺل موٽرسائيڪلن وارن کي هٽائي سمهاريو ويو. پريان ايڌيءَ جي ايمبولنس مان ڊرائيور چادر کڻي لٿو ۽ لاش مٿان وڌي ته سڀ حيران ٿي ويا. چادر تي “ڇيپا” جو نالو لکيل هيو.
“اهو ڪيئن؟” هڪ شخص ٽيسٽي سپاري وات ۾ وجهندي سوال ڪيو “ايمبولنس ايڌيءَ جي چادر ڇيپا جي!”
“ها” ڊرائيور چيو “ڇو جو ڇيپا ايڌيءَ سان دوستيءَ جو قسم کڻي ايمبولنس سان چادر مٽائي آهي. اسان ان کي هڪ ايمبولنس ڏني ۽ ان چادر. اها ساڳي چادر آهي جيڪا مون پوڙهي جي لاش تي وڌي.”
پوءِ ڊرائيور ٽيسٽي سپاريءَ جي فرمائش ڪئي ۽ چيو “ٽيسٽي کائي حاجي عبدالرزاق ٽيسٽيءَ جي اخلاقي مدد ڪيو، جنهن توهان لاءِ وات جي ڪينسر جي اسپتال ٺهرائي آهي.”
سڀني ٽيسٽي کاڌي کين دل سان گڏ دماغي سڪون مليو.
ايڪسپو سينٽر ۾ عربن مٿي سان ٻڌل نوڙ کي سوڙهو ڪيو ڇو جو واڪ ڏئي کين مٿي ۾ سور پئجي ويو هيو. ڪارن هر هر اڇا ڏند ڪڍي ڪافيءَ لاءِ پئي چيو ۽ گورن جا مٿا ڳورا ٿي ويا. ڪلن ڪاٺياواڙيءَ مجبور ٿي اعلان ڪيو.
“هاءِ ٽي”
سڀ هال ۾ اهڙا بسڪوٽ کائي رهيا هيا جيڪي هڪ ڪمپنيءَ موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيا هيا. هر بسڪوٽ تي نمائش ۾ وڪري لاءِ موجود اصلحي جي تصوير هئي. هڪ عرب بسڪٽ تي تصوير ڏسي ڪلن ڪاٺياواڙيءَ کان پڇيو.
“هيءَ ڪڏهن ٿا وڪري لاءِ پيش ڪيو؟”
ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ان جي هٿ مان بسڪٽ کسي وات ۾ وجهي چٻاڙيندي چيو “معاف ڪجو، اها تصوير غلط ڇپجي وئي آهي.”
هاءِ ٽيءَ کانپوءِ هر ڪو تازو توانو ٿي وري ڪرسيءَ تي ويٺو ته هڪ ٽينڪ نيلاميءَ لاءِ پيش ڪئي وئي.
“حضور هيءَ اهڙي ٽينڪ آهي، جنهن سان توهان گولا اڇلائيندا اڳتي وڌندا وڃو، پويان هڪ سپاهيءَ کي ڪڻڪ جو ٻج ڏئي ويهاري ڇڏيو، اڳيان بربادي پويان آبادي ٿيندي ويندي، توهان ملڪ فتح ڪري موٽندا ته هر طرف ساوڪ هوندي، پر هيءَ ٽينڪ وٺڻ کانپوءِ هڪ نقصان ٿيندو، ٽيڪٽرن جا ڪارخانا بند ٿي ويندا.”
سڀني تاڙيون وڄايون ۽ هڪ عرب واڪ ڏنو. “ٽي هزار ڊالر”
“ساڍا ٽي هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
“چار هزار ڊالر” عرب چيو.
“ساڍا چار هزار ڊالر” ٻئي آفريڪيءَ چيو.
واڪ هلندو ڇهن هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. انتظاميا جا منهن لهي ويا.
“افسوس... افسوس” ڦاٿل ٽريفڪ ۾ اڃ ۽ گرميءَ کان ماڻهو ڇتا ٿي پيا. هڪ سوزڪيءَ جو ڪار کي رهڙو اچي ويو. هيٺ لٿا ۽ هڪ ٻئي کي موچڙن سان سجائي ڇڏيائون. هڪ سلجهيل ماڻهوءَ خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيو “هيءُ آهي اسان جي ملڪ جو حال برداشت موڪلائي وئي آهي.”
“اڙي بابا پاسو ڏيو” هڪ ايمبولنس واري پريان رڙيون شروع ڪيون” مائيءَ جي طبيعت ڏاڍي خراب آهي.”
ٽريفڪ ۾ ڦاٿل شرمسار ٿيا.
“رستو هجي ته ڏيون” هڪ ڪار واري اسٽرنگ تي مٿو رکي ڏک مان چيو.
ايڪسپو سينٽر ۾ هڪ جهاز ڪيرائڻ واري گن پيش ڪئي وئي، جنهن جو نالو “الٽ پلٽ” هيو. ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳلي تي زور ڏئي مائيڪ ۾ آهستي ڳالهائيندي چيو “حضور هيءَ جهاز ڪيرائڻ واري گن، جهازن ڪيرائڻ سان گڏ حڪومت به ڪيرائي وجهندي آهي. جيڪڏهن دشمن جو تختو اونڌو ڪرڻو هجي ته سڀ کان پهريون ان جا جهاز اونڌا ڪيو. جيڪڏهن جهاز اونڌو نه ٿيندو آهي ته هيءَ گن پاڻ اونڌي ٿي ويندي آهي. مٿان پائلٽ کي ائين نظر ايندي آهي جيئن ڪنهن جهاز ان کي پهريون ئي اونڌو ڪري ڇڏيو هجي، انڪري اها دشمن جي جهازن کان محفوظ رهندي. جڏهن دشمن جا جهاز پري هليا ويندا ته وري سڌي ٿي ويندي، انڪري گن جو نالو الٽ پلٽ رکيو ويو آهي.
سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
“ٻه هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
“اڍائي هزار ڊالر” پهريون دفعو هڪ اهڙي شخص واڪ ڏنو جنهن کي ڪو سڃاڻي نه پيو. غور سان ڏٺائون، اهو هڪ افغاني هيو، انتظاميه ٿرٿلي ۾ اچي وئي. گارڊ آيا ۽ ان افغانيءَ کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيائون. انتظاميه حڪومت کي اپيل ڪئي ته گن جو نالو تبديل ڪيو وڃي.
هر ڪو سامت ۾ آيو ته هڪ عرب واڪ وڌايو.
“ڏيڍ هزار ڊالر”
سڀني ٽهڪ ڏنا، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ان کي ٽونڪيو “ٻه هزار ڊالر ته پهريون ئي واڪ لڳي چڪو آهي، ڏيڍ هزار ڊالر ڪيئن؟”
عرب نوڙ سوٽيو ۽ چيو “معاف ڪجو اڍائي هزار ڊالر”
“ٽي هزار ڊالر” هڪ ٻئي عرب چيو.
واڪ هلندي چئن هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. انتظاميه جا منهن لهي ويا.
“افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ ڪار اندر گولي لڳل زخمي گذاري ويو، هر طرف ماڻهو شوڪارا ڀري پريشانيءَ جو پگهر اگهڻ لڳا. جڏهن ايڪسپو سينٽر ۾ مانجهاندو هلي رهيو هيو ته چنگچيءَ جي سائلنسر مان “گڙ گڙ” جا آواز ڄڻ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي پيٽ مان اچي رهيا هيا. بيت المڪرم پويان ويڪريون گهٽيون ايڏيون ته سوڙهيون ٿي ويون جو روهڙي ۽ شڪارپور جون گهٽيون وڏيون ۽ ويڪريون محسوس ٿيڻ لڳيون. بس ۾ ويٺل هڪ پوڙهو کنگهه ۾ مچي ويو.
“اڙي مان سهڪي جو مريض آهيان.” ان چيو “دري بند ڪيو دونهون ٿو اچي، مٽي ٿي اچي.”
هڪ شخص بس جي دري بند ڪئي ته ٻين رڙيون ڪيون “دري کول هوا اچي” هڪ کنڊي ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽيندي چيو “گرمي ته ڏس” مانجهاندي کانپوءِ ايڪسپو سينٽر ۾ وري نيلام شروع ٿي ويو.
انتظاميه جڏهن ڏٺو ڪو به اصلحي وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهي مايوس ٿي ويا، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ کي ڪنڊ ۾ وٺي ڳيرن مارڻ واري بندوق ڏنائون، هو بندوق کڻي آيو ۽ چيائين.
“حضور هيءَ بندوق صرف ڳيرا ماري سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان ڪانوَن جي حڪومت چاهيون ٿا ته ان ملڪ جا ڳيرا ماريو.”
پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
“سو ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
“ٻه سئو ڊالر” هڪ عرب چيو.
“ٽي سئو ڊالر” ٻئي عرب چيو.
“ساڍا ٽي سئو ڊالر” آفريڪيءَ چيو.
اوچتو پهريون دفعو هڪ آمريڪيءَ واڪ ڏنو. “هڪ ارب ڊالر”
تاڙيون وڃي ويون.
“مبارڪون... مبارڪون” ڦاٿل ٽريفڪ ۾ ايمبولنس اندر هڪ عورت کي پٽ ڄايو.
موٽرسائيڪل پويان ويٺل هڪ ٽارگيٽ ڪلر پستول ڪڍي خوشيءَ مان هوائي فائرنگ شروع ڪئي.