سائڪياٽرڪ وارڊ جو ڪتو
اکيون وار
ڳاڙهي ڪاتي
اڇو ڪارو ڀورو ناسي
جاڳ ننڊ
انتظار اوٻاسي
رات مينهن
ڪارو وڇون
نانگ شينهن
حياتي مماتي
حوران دوزخ
سڀ مسئلا نفسياتي
لياري جنرل چرين جي وارڊ ۾ مريضن کان وڌيڪ ڪتا داخل آهن، ڪتا ڏند ڪڍي کِلن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي مستيءَ مان هلڪا چڪ پائي ٽپا ڏين ٿا. وارڊ ۾ گهمندڙ ٻليون ڪتن کان ٽهن ٿيون ۽ ڪتا انهن پويان ائين ڊڪن ٿا جيئن رانديگر فٽ بال پويان ڀڄندا آهن.
قطار ۾ پيل بسترن تي ميرين چادرن مٿان غليظ ڦاٽل ڪپڙن ۾ مريض ائين ڏسجي رهيا آهن، جيئن گند جا ڍير باهه ڏئي ساڙڻ کان اڳ ڪٺا ڪيا ويا هجن. سڀ مريض مٿي ڇت کي ڏسي جاڳي رهيا آهن. ناراض نرس وارڊ ۾ داخل ٿئي ٿي ته سڀ مريض ٽپو ڏئي اٿن ٿا ۽ ان طرف هٿ ڊگها ڪن ٿا.
“سڪون جي گوري... هڪ ٻئي سڪون جي گوري.” اهي ڪنڌ ڏڪائي ائين عرض ڪن ٿا جيئن اها انهن کي نه ملي ته آڪسيجن ختم ٿي ويندي.
سامهون ڀت تي هيڊي بلب وٽ هيڊي ڪِرڙي اُڏرندڙ جيت چوڌاري ڦري ٿي. يحيٰ بستري تان ٽپو ڏئي اٿي ٿو ۽ پادر ان کي وهائي ڪڍي ٿو. ڪِرڙي مري وڃي ٿي، ان جو پڇ ڦتڪي ٿو. سڀ ڦتڪندڙ پڇ مٿان ڪٺا ٿي تاڙيون وڄائين ٿا. نرس زور سان رڙ ڪري ٿي.
“چپ...” اها مريضن کي بستري ڏانهن اشارو ڪري چئي ٿي “وڃو پنهنجي جاءِ تي... گهڻو گوڙ نه ڪيو.”
ڀرسان آئسوليشن وارڊ ۾ شيزو فرينيا جو مريض موسيٰ ليٽيل آهي. چوڪيدار ان جي سخت نگراني ڪري ٿو. موسيٰ جنهن جي عمر ٻٽيهه سال آهي. اهو گذريل سورهن سالن کان هڪ رات به نه سمهيو آهي. دنيا جون سڀ دوائون هن مٿان آزمايون ويون آهن پر ڪنهن دوا هن کي سڪون نه ڏنو. پروفيسر جڏهن صبح جو رائونڊ ڪندي هن مٿان ايندو آهي ته هميشه هڪ ئي جملو چوندو آهي “جنهن ڏينهن هن کي ننڊ آئي، هيءُ ٺيڪ ٿي ويندو.”
موسيٰ کي دنيا جي هر شيءِ خراب نظر ايندي آهي، هو ننڊ کي به خراب سمجهندو آهي. موسيٰ کي دنيا جي هر شيءِ دشمن لڳندي آهي ۽ هو ڊاڪٽر کي سڀ کان وڏو دشمن سمجهندو آهي. خوف ۾ مبتلا هجڻ ڪري هن جون اکيون ڦاٽي طوطي جيان گول ٿي ويون آهن. هن کي پنهنجو نڪ طوطي جي چهنب جهڙو محسوس ٿيندو آهي. موسيٰ سوچيندو آهي. هو لِي مارڪيٽ جي اڪبر پٺاڻ کان اوڌر تي ڇُري وٺندو ۽ نرس جو پيٽ اڳٺ وٽان ڪٽي ان جا آنڊا ڳچيءَ ۾ پائي نچندو. موسيٰ جن ڏسندو آهي، هن جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄنديون آهن ۽ پوءِ ڪوئي هن جي ڪن وٽ اچي ڳالهائيندو آهي. ڪاوڙ مان هن جو منهن ڳاڙهو ٺڪر جهڙو ٿي ويندو آهي.
“نه ويندين...” هو رڙ ڪري بستري تي اٿي ويهندو آهي “نه ڇڏيندو مانءِ...”
گِڦ هن جي وات جي ڪنارن کان صابڻ جي گج جيان وهي هيٺ ڪرندي آهي پوءِ رجب هن کي ڪلهن کان جهلي بستري تي ڪيريندو آهي ۽ موسيٰ کي لڳندو آهي نرس پريان وڇونءَ جيان پُڇ مٿي ڪري ڊڪندي هن مٿان آئي هجي، ڪنهن هن جي ٻانهن کي پڪڙي سڌو ڪيو هجي ۽ نرس پنهنجي پڇ جي ڏنگ سان هن جي رڳ ۾ زهر اوتيو هجي.
موسيٰ روئندو آهي ۽ جڏهن کلندو آهي ته هن جا ڳوڙها وهندا آهن. هو ڪنوارو آهي ۽ هٿ هوا ۾ کڻي ماءُ کي سڏيندو آهي. ماءُ هن کي هڪ مهينو پهريون وارڊ ۾ ڇڏي وئي ۽ پوءِ واپس نه آئي.
سائڪيا ٽرڪ وارڊ هڪ ٽڪنڊي جيان آهي، جنهن جي ٻن ڪُنڊن تي مرداڻو ۽ زنانو وارڊ آهي ۽ وچ واري ڪنڊ تي آئسوليشن وارڊ آهي جنهن ۾ خطرناڪ مريض ڪڙي نگرانيءَ ۾ رکيا ويندا آهن. ٽڪنڊي ٻاهران هڪ پوروڇوٽ لڪير ۾ پروفيسر، ڊاڪٽرن ۽ نرسن جون آفيسون آهن. پروفيسر منجهند جو يارهين وڳي ايندو آهي ۽ رائونڊ ڪري هليو ويندو آهي. باقي ڊاڪٽر ڪاٺ جا ٺهيل آهن. جيڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي ڪوڪن سان لڳل هوندا آهن. نرس جو ڪمرو ميري پاڻيءَ جي تلاءَ جهڙو آهي جنهن ۾ اهي اڇين بدڪن جيان ترنديون آهن. وارڊ جو چوڪيدار جيڪو اونهاري ۾ سياري جا ۽ سياري ۾ اونهاري جا ڪپڙا پائيندو آهي، مرگهيءَ جو مريض آهي، هن کي پَني تي لکيل درخواست کيسي ۾ پيل هوندي آهي. جيڪا هو اڳواٽ انچارج ڊاڪٽر اڳيان رکي چوندو آهي.
“جيئن ته هڪ ڏينهن کان پوءِ مون کي مرگهيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي تنهن ڪري اڳواٽ منهنجي موڪل منظور ڪئي وڃي.”
چوڪيدار جو چهرو پيلو آهي، هن جي کٻي واڇ ميڻ جيان رجي هيٺ وهندي محسوس ٿيندي آهي.
پروفيسر جيڪو ڪنهن وقت باڪسر هيو اهو وارڊ ۾ ايندي ائين لڳندو آهي ڄڻ هو آکاڙي ۾ ايندو هجي. هو ٺينگ ڏئي هلندو آهي ۽ ان جا ڪلها ائين هيٺ مٿي ٿيندا آهن جيئن هو مڪون هوا ۾ لهرائيندو هجي. وارڊ ۾ ملاقات وقت هر ايندڙ ويندڙ جو وات ڳٽڪي سان ڳاڙهو هوندو آهي. وارڊ جون ڀتيون ڳاڙهن نشانن سان ڀريل آهن ڪتا انهن کي سنگهي هر هر ڄنگهه مٿي ڪندا آهن.
مينيا جو مريض جيڪو نوجوان شاعر آهي اهو هر هر جونئر ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. جونئر ڊاڪٽر ان جي اهڙي حرڪت تي ناراض ٿيڻ بدران کِلي ٿو.
“ڊاڪٽر منهنجي نرس سان شادي ڪراءِ.” اهو عرض ڪري ٿو.
“اڙي بابا نرس ڪا منهنجي کيسي ۾ پئي آهي؟” جونئر ڊاڪٽر مزاحيا انداز ۾ چئي ٿو. “اهڙي ڳالهه هجي ها ته نرس سان پهريون مان شادي نه ڪيان ها.”
آفيس ۾ موجود سڀ ٽهڪ ڏئي کلن ٿا.
“ڊاڪٽر نرس مونکي وڻي ٿي.” نوجوان مينيا جو مريض ڪاوڙ ۾ جذباتي ٿيندي چوي ٿو “مان ان سان شادي ضرور ڪندس. جيئن ته مان ٻن ڏينهن کان پوءِ ملڪ جو صدر ٿيڻ وارو آهيان ۽ فوج منهنجي ڪنٽرول ۾ هوندي، سڀ کان پهريون مان توکي مارائيندس ۽ تنهنجي آفيس تي قبضو ڪري ان نرس سان شادي ڪندس. توکي خبر نه آهي ته مان ڪيڏو وڏو ماڻهو آهيان. جڏهن حڪومت حوالي ٿيندي ته منهنجو نوڪر صحت جو وزير هوندو ۽ پوءِ مان ان جي ڪتي کان توکي چڪ پارائيندس. مان چوانءِ ٿو ڊاڪٽر پوءِ رڙيون نه ڪجانءِ... مون کي نرس وڻي ٿي.”
پيلي منهن وارو چوڪيدار ڀڄندو اچي ٿو ۽ هن کي ٻانهن کان پڪڙي وارڊ ۾ گهلي وڃي ٿو.
سائڪيا ٽرڪ وارڊ ۾ ڏينهن رات سڪون جي گورين جو مينهن وسندو آهي. ڳاڙهيون، هيڊيون، سايون، اڇيون ۽ ناسي گوريون ڇت مان چوني جيان ڇڻنديون آهن. ڳاڙهي دوا سان ڀريل سيون هوا ۾ مڇرن جيان اڏامنديون آهن. مريض اکيون کولي ننڊ جو انتظار ڪندا آهن اتي ننڊ ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺي آهي.
شام جو جڏهن نرس ننڊ جون گوريون ورهائيندي آهي ته مينيا جو مريض گوري وٺي کٽمڙي جيان چوسيندو آهي ۽ نرس جي اکين جي تعريف ڪندو آهي. نرس ڪاوڙ مان پير زمين تي هڻي هن کي ڇڻڀيندي آهي، ميري فرش تان ڌوڙ اڏامندي آهي. ڀرسان بيڊ تي سمهيل ڊپريشن جي مريض لاوارث پوڙهي کي ڄڻ سهڪي جو دورو پوندو آهي ۽ اهو کنگهه ۾ مچي ويندو آهي. مينيا جو مريض هٿن مان نڪري ويندو آهي. اهو نرس کان ناراض ٿي ان کان انتقام وٺڻ لئي پنهنجو تازو نظم ٻڌائيندو آهي.
ڪارو ڪانءُ
مٿان ڪري
“ڪان ڪان”
اڇي بدڪ
هيٺ ڪري
“بڪ بڪان بڪ بڪان”
پروفيسر ڏينهن جو يارهين وڳي سڀ کان پهريون موسيٰ مٿان ايندو آهي. ميڊيڪل آفيسر فائيل کڻي ان پويان ائين بيٺل هوندو آهي جيئن اهو پروفيسر جي چوڻ تي موسيٰ جا گناهه فائيل ۾ نوٽ ڪندو هجي.
“بابا ننڊ آئي؟ ماني وڻي ٿي؟... سڪون محسوس ڪرين ٿو؟”
پروفيسر هر دفعي ساڳيان سوال ورجهائيندو آهي.
شيزو فرينيا جي مريض موسيٰ جي منهن تي ڪي به تاثر نه آهن.
“ان ملان کي سمجهانءِ” موسيٰ پوءِ ڏڪندڙ چپن سان چوي ٿو.
“روز اچي منهنجي جنازي نماز ٿو پڙهي... اهو ڊسپينسريءَ وارو ملان.”
موسيٰ جي وات مان گِڦ وهي ٿي. ڊاڪٽر پراڻيون دوائون ڪٽرائي نيون لکائي ٿو. پوءِ هو زناني وارڊ ۾ ان مريض عورت وٽ اچي بيهي ٿو جنهن کي چُپ جي بيماري آهي. جنهن ڊاڪٽر سان ڪڏهن هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي. ڊاڪٽر جي هر سوال تي اها خاموشي ۽ حيرت مان ان ڏانهن نهاريندي آهي ۽ ان جي نوجوان ڌيءَ جنهن جا اڻڀا وار ڇلن جيان هن جي ڪلهن تي ڪريل آهن، اها هاءِ گهوڙا ڪري سڄي وارڊ کي مٿي تي کڻي ٿي.
“اڙي ڊاڪٽر ڪجهه ڪر... منهنجي ماءُ مري ويندي.” اها هر هر سٿرن تي ڌڪ هڻي چوي ٿي. “اڙي اسان يتيم ٿي وينداسين... منهنجي ماءُ جي حالت ڏاڍي خراب آهي... اڙي اها مري ويندي.”
مريض عورت حيرت مان ڪڏهن ڌيءَ ڏي ته ڪڏهن ڊاڪٽر ڏي نهاري ٿي.
ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ نسخو لکرائي ٿو ۽ پوءِ وارڊ جي مختلف مريضن وٽان ٿيندو. هو مينيا جي مريض نوجوان شاعر مٿان اچي ٿو.
“ڪهڙو حال آهي بابا؟ ننڊ اچي ٿي؟ ماني وڻي ٿي؟ سڪون محسوس ڪرين ٿو؟”
مينيا جو مريض پروفيسر جي منهن ڏي ڏسي کِلي ٿو.
“ڊاڪٽر منهنجي نرس سان شادي ڪراءِ” هو چئي ٿو ۽ پوءِ جذباتي ٿي اٿي بيهي ٿو. “ڊاڪٽر صاحب شايد توکي خبر آهي ته مان وقت جو ولي آهيان. منهنجي اندر ۾ اهو سڀ موجود آهي جنهن کي تون ٻاهر ڳولهين ٿو. مان جڏهن ڪنڌ ورائي ڪلهي وٽان ڏسندو آهيان ته هيٺ سيني اندر سڀ نظر ايندو آهي. ٻاهر اوندهه آهي اندر اجرو آهي. خدا جو قسم آهي خدا ڪونهي سڀ مان آهيان... مون کي نرس وڻي ٿي.”
پروفيسر پويان بيٺل جونئر کي ڪجهه دوائون لکرائي ٿو ۽ ڪجهه ڪٽائي ٿو. پروفيسر رائونڊ ڪندو دروازي وٽ پيل آخري مريض وٽ پهچي ٿو ۽ پوءِ هو گهت هڻي گم ٿي وڃي ٿو. وارڊ ۾ ڪتن جو ميلو مچي وڃي ٿو. ٻليون پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لڳن ٿيون. ٻليءَ جي پڇ تي لت اچي ٿي ۽ سور کان ڪتو ڀونڪي ٿو. گهنڊڙي وارن وارا ڪجهه نوجوان وارڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ آفيس ۾ وڃي جونئر ڊاڪٽر جي مٿي تي پستول رکن ٿا.
“موبائيل ڪڍ” هڪ چوي ٿو. “نه ته گولي دماغ مان پار ٿي ويندئي”
ڊاڪٽر گهٻرائجي موبائيل انهن حوالي ڪري ٿو ۽ انهن جي وڃڻ کانپوءِ ڪم ۾ ائين مصروف ٿي وڃي ٿو جيئن ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. دوائن جي ڪمپنيءَ جي نمائندن کي ڪارا ٿيلها هٿ ۾ ائين جهليل هوندا آهن. جيئن اهي ڪنهن شيديءَ جي ڪٽيل منڍيءَ کي گهنڊڙي وارن کان جهلي بيٺا هجن. اهي پروفيسر جي آفيس ٻاهران پنهنجي واري جو انتظار ڪندا آهن. پروفيسر پاڻ کي مصروف ڏيکارڻ لاءِ انهن کي دير سان آفيس ۾ گهرائيندو آهي. اهي پروفيسر کي ڀوربن جو پيڪيج ڏيندا آهن ۽ پروفيسر هر ٻن مهينن کان پوءِ اتي وڃي تازو توانو ٿي ايندو آهي. پروفيسر پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ تي انهن ڪمپنين جون دوائون ايڏي ته تعداد ۾ لکندو آهي جو اسٽور وارا پئسا وٺندي چريا ٿي پوندا آهن.
هڪ وڏي ڪمپنيءَ هن دفعي پروفيسر کي فرانس جو پيڪيج ڏنو ۽ طئي ٿيو ته واپسيءَ ۾ هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ جون دوائون لکي ڪمپنيءَ کي فائدو پهچائيندو. پروفيسر ان ڏينهن کان سفر جي تيارين ۾ لڳي ويو. هن حڪومت کي هڪ مهيني جي موڪل لاءِ درخواست لکي ۽ ڄاڻايو ته فرانس ۾ سائڪياٽرڪ ڪانفرنس آهي جنهن لاءِ هن کي جيترو جلد ٿي سگهي پگهار سان موڪل عنايت ڪئي وڃي.
تن ڏينهن شيزو فرينيا جي مريض موسيٰ جي حالت اهڙي ٿي وئي هن کي وارڊ ۾ گهمندڙ ڪتا فرشتا نظر اچڻ لڳا ۽ ٻليون شينهن، پکي جي هوا ۾ هن کي وارڊ جون ڀتيون ڪپڙي جيان لهرائيندي نظر اچڻ لڳيون ۽ ڇت ڌڙڪندڙ ڇاتيءَ جيان هيٺ مٿي ٿيندي نظر اچڻ لڳي. هن کي دماغ ۾ بارود ڀريل محسوس ٿيڻ لڳو جيڪو ڪنهن وقت به ڦاٽي غلاظت جيان ڦهلجي پئي سگهيو. ٻه ڏينهن اڳ شام جي وقت هو وارڊ مان تيزيءَ سان ڊڪندو حادثن واري شعبي ۾ هليو ويو ۽ ايمرجنسيءَ ۾ ويٺل ڊاڪٽر کي گريبان کان وٺي ڀت ۾ رنبي ٺونشا وهائي ڪڍيا. ڊاڪٽر نڪ کي ائين مهٽيندو رهيو ڄڻ توبهن توبهن ڪندو هجي. ڪمپائونڊرن موسيٰ کي دسي نشي جون ٻه سيون رڳ ۾ وهائي ڪڍيون. دوا جو موسيٰ تي ڪو اثر نه ٿيو صرف هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ انهن ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
موسيٰ هڪ ڏينهن اڳ نرس کي چوٽيءَ ۾ هٿ وڌو، هن کي ان جي ڪاري چوٽي نانگ نظر آئي، نرس رڙ ڪري وارڊ مان ڀڳي موسيٰ کي لڳو ڪارو نانگ نرس کي ڊيڪائي پيو هجي.
فرانس وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ پروفيسر وارڊ ۾ آيو ۽ سڀ کان پهريون هن آئسوليشن وارڊ ۾ ڪنڌ وجهي موسيٰ کي نهاريو. موسيٰ اکيون کولي مٿان هلندڙ پکي کي ڏسي رهيو هيو. پروفيسر اڳتي وڌي هن مٿان آيو ۽ هن کي ڏسڻ لڳو.
“ڪهڙو حال آهي بابا؟... ننڊ اچي ٿي ۽ بک لڳي ٿي؟... سڪون محسوس ٿئي ٿو؟” هن چيو.
موسيٰ ڳاڙهيون اکيون پکي مان هٽائي پروفيسر کي ڏٺو.
“ڊاڪٽر تون نه سڌرندين” موسيٰ ڏڪندڙ چپن سان چچريل آواز ۾ چيو. “دنيا ۾ ڪو به سڌريل نه آهي. نه مان سڌريل آهيان نه منهنجو پيءُ سڌريل هيو.”
“ٺيڪ ٿي ويندين بابا... وقت لڳندو.” پروفيسر چيو “جنهن ڏينهن ننڊ آيئي پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندين. ان بيماريءَ ۾ ائين ٿيندو آهي. ڪا ئي ڳالهه نه آهي.”
پروفيسر پراڻيون سڀ دوائون ڪٽرايون ۽ نيون لکرايون. پروفيسر وارڊ جو رائونڊ پورو ڪيو ۽ پوءِ هن آفيس ۾ ويهي فرانس وڃڻ کان اڳ سڀ ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪيون.
هڪ مهيني کانپوءِ فرانس جو دورو مڪمل ڪري جڏهن پروفيسر وارڊ ۾ داخل ٿيو ته هو آئسوليشن وارڊ ٻاهران اڪيلو اچي بيهي رهيو. هن در اندر ڪنايو ته هن کي اندران کونگهرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هن سوچيو موسيٰ ٺيڪ ٿي ويو. دوائن دير سوير هن جي دماغ تي اثر ڪيو. سڪون ۽ فرحت کان هو هڪ وڏي مزيدار ننڊ ۾ ستو پيو آهي. پروفيسر خوش ٿيو ۽ هڪ مرڪ هن جي چپن تي اچي وئي. هو مرڪندي اندر داخل ٿيو. هن ڏٺو اڇي چادر هيٺان موسيٰ وڏا ساهه کڻي گهري ننڊ ۾ ستل هيو. هن جيئن ئي چادر سوري ته هن جو ڇرڪ نڪري ويو. هن ڏٺو چادر هيٺان موسيٰ نه ڪتو سمهيو پيو هيو.
پروفيسر ڪاوڙ ۾ وٺي رڙ ڪئي، وارڊ جا سڀ جونئر ڊاڪٽر، نرسون ۽ ڪمپائونڊر ڀڄندا هن وٽ آيا.
“موسيٰ ڪاڏي ويو؟” پروفيسر چيو.
سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا.
“سر... مم... مم... موسيٰ” نرس ڳيت ڏئي ڊڄندي وڏي ڏک مان چيو “موسيٰ خودڪشي ڪري ڇڏي”
پروفيسر ٿڌو شوڪارو ڀري نرڙ کي ڌڪ هنيو. ان ڏينهن هو وارڊ جو رائونڊ ڪرڻ بدران اڪيلو وڃي آفيس ۾ ويهي رهيو.