سرد خانو
کڏا مارڪيٽ جو منظور هنگورو جيڪو مڇر ڪالونيءَ ۾ جهينگا پيڪ ڪندو هيو. صبح جو سوير گهران نڪري ان ننڍڙي فيڪٽريءَ ۾ پهچندو هيو، جيڪا سمنڊ ڪناري گند جي ڍير مٿان هئي. ڪڏهن سمنڊ جو ڪنارو گل ٻائيءَ جي ان ٽرڪ اڏي کي ڇُهندو هيو جيڪو مورڙي مير بحر جي قبرستان ڀڪ ۾ آهي، پوءِ سڄي شهر جو گند ڪچرو گڏين ۾ ڀري سمنڊ ڪناري اڇلايو ويو. سمنڊ ڪچري ۾ ٻڏي ويو. ڪنارو اڳتي وڌندو ويو ۽ سمنڊ پوئتي ڌڪبو ويو. لينڊ مافيا سمنڊ کي ڪچري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
مڇر ڪالوني سمنڊ ڪناري گند جو ڍير آهي، فيڪٽريءَ ۾ جهينگا پيڪ ٿيڻ کان اڳ گند تي وڇايل چادرن مٿان اس ۾ خشڪ ڪيا ويندا آهن. گند ۽ جهينگن جي بوءِ کان ماڙيپور روڊ تان لنگهيندڙن جو مٿو ڦاٽڻ لڳندو آهي. منظور هنگوري کي فيڪٽري پهچڻ ۽ گهر موٽڻ لاءِ ماڙيپور روڊ ٻه دفعا ٽپڻو پوندو هيو.
ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ ماڙيپور روڊ ڪيترا ڏينهن مسلسل ايندڙ ويندڙ ڪنٽينرن سان ڀريل رهيو. ڪياماڙي بندرگاهه تي اصلحي ۽ راشن جا ڍير لڳي ويا هيا. افغانستان ۾ نيٽو فوجين ۽ بندوقن جا پيٽ خالي ٿي چڪا هيا. انسان گولي کائي سگهي ٿو بندوقون ماني نه کائينديون آهن. جنگ ۾ جهاز بم نه ڪيرائيندا آهن ته پاڻ ڪرندا آهن. وقت جي تقاضا آهي، اصلحو ۽ راشن هڪ ٻئي جي بک مٽائي سگهن ٿا.
روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽپڻ جي جاءِ نه بچي، آگرا تاج اڳيان سگنل وٽ بيٺل سپاهيءَ ڀڄي جان بچائي. ان ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ هر هر هٿ پئي کنيا پر کيس ڪنهن به ڌيان نه پئي ڏنو.
سامان سان ڀريل ٽرالا، ڪنٽينر، ٽرڪون، واٽر ٽينڪر، ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون، جنهن کي جتان وٿي پئي ملي اوڏانهن پئي لور ڪئي. اهڙي صورتحال ڏسي، سپاهيءَ بهتري ان ۾ سمجهي ته “دعا” هوٽل تي ويهي دودپتي پي وقت گذاري. “دعا” هوٽل مٿان ٻه وڏا هٿ ٺهيل آهن، جيڪي دعا جي انداز ۾ کنيل آهن. ماڻهو دعا گهري گهري ٿڪجي پيا آهن ۽ هاڻي مايوس ٿي انهن سيمنٽ جا هٿ ٺهرائي ڪوٺن تي رکائي ڇڏيا آهن.
منظور هنگوري کي صبح جي وقت روڊ ٽپندي گهٽ تڪليف ٿيندي هئي پر شام جو ٽريفڪ وڌي وڃڻ ڪري هن لاءِ روڊ ٽپڻ عذاب ٿي ويندو هيو.
چار سئو روپيا ڏهاڙي هو انڪري سٺي سمجهندو هيو جو شهر ۾ بي روزگاري عروج تي هئي، هن جي عمر جا ڪيترا نوجوان آءِ سي سي سگنل وٽ جام ٿي ويل ٽريفڪ ۾ گاڏين مان ڦر ڪندا هيا پر هو هڪ محنت ڪش هيو، اها ٻي ڳالهه هئي ته هن جي جسم ۾ جهينگن جي بوءِ ڪري سندس زال پري ڀڄندي هئي ۽ ٻارن فيڪٽريءَ جي مالڪ کان تحفي ۾ مليل پيڪٽ کولي انهن ۾ موجود جهينگن جو ٻوڙ نه کاڌو ۽ مجبور ٿي هن کي اهي پيڪٽ پاڙيسري اسماعيل اسماعيليءَ کي ڏيڻا پيا، جيڪو جهينگا شوق سان کائيندو هيو ڇو جو ان مرغين جي واپاريءَ کي ڪڪڙين جو گوشت نه وڻندو هيو.
ڪراچيءَ ۾ گرمي گهٽ هوندي آهي پر پگهر وڌيڪ ايندا آهن. جڏهن گهڻا پگهر اچن ته احساس ٿيندو آهي تمام گهڻي گرمي آهي.
منظور هنگوري کي به محسوس ٿي رهيو هيو هبس وڌي ويو آهي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ائرڪنڊيشن جو مزو نه ورتو هيو. ڪڏهن هڪ رات به ائرڪنڊيشن ۾ سمهڻ نصيب نه ٿيو هيو. هو جهينگن واري سيٺ جي ائرڪنڊيشن آفيس ۾ ڏهاڙي وٺڻ ويندو هيو ته ڄڻ جسم ۾ ساهه موٽي ايندو هيو، کيس خواهش هئي ته ڪڏهن پئسا گڏ ڪري ڪياماڙيءَ جي جيڪسن مارڪيٽ ويندو ۽ ڪنهن ڪٻاڙيءَ کان ڀڳل جهاز جي مرمت ٿيل ائرڪنڊيشن وٺي ايندو پر اهڙي حسرت ڪڏهن پوري نه ٿي.
گرميءَ ماڻهن کي ڇتو ڪري وڌو هيو، روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ عروج تي هيو. منظور هنگورو همت ڪري هلندڙ ٽريفڪ ۾ گهري پوندو هيو ۽ پوءِ تيز رفتار گاڏين جي رخ کي سڃاڻي اڳتي پوئتي ٿي روڊ ٽپي ويندو هيو. ٽرالي مان منهن ڪڍي ڪڏهن ڪو کيس گار ڏئي چوندو هيو.
“او گهر کان بيزار... خيال ڪر، رهڙجي ويندين.”
هو اوڏانهن ڌيان نه ڏيندو هيو، هن جو ڌيان ايندڙ ويندڙ گاڏين ڏانهن هوندو هيو، کيس خبر هئي ته هن جيڪڏهن وچ روڊ تي گارين ڏانهن ڌيان ڏنو ته بي ڌيانيءَ ۾ ڪا تيز رفتار گاڏي مٿان چڙهي ويندي.
هڪ دفعي هو روڊ ٽپي رهيو هيو ته منجهي پيو. نه اڳيان رستو پئي مليس، نه پوئتي موٽڻ جي گنجائش هئي هن ٿوري وٿي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته تيز رفتار ڪار هن کي بچائيندي هڪ ڪنٽينر سان گسندي هلي وئي. ڪار واري هن کي ڪچي گار ڏني، هو خوف کان وٺي ڀڳو ۽ جان جي پرواهه نه ڪندي مرندي بچندي وڃي روڊ جي ٻي ڀر پهتو، منظور هنگوري کي خبر هئي ته زندگي ان جو نالو آهي. اها نه خراب آهي نه سٺي، بس اها زندگي آهي.
هو تيز اس ۾ خشڪ ٿيندڙ جهينگن جو جائزو وٺندو هيو ۽ پوءِ گند جي ڍير تي ٺهيل فيڪٽريءَ ۾ پيڪ ڪندو هيو. شام جو واپسيءَ ۾ روڊ ٽپندي ايندڙ ويندڙ گاڏين سان ٽڪرائجڻ کان بچندي گاريون کائيندي گهر موٽندو هيو، جتي سندس ڪو نه ڪو ٻار بيمار هوندو هيو. جيئن نديءَ ڪناري مٽيءَ ۾ سانپي جهڙا ڪيڙا آهن. ڪياماڙيءَ کان لياريءَ تائين گندي پاڻي پيئڻ ڪري ماڻهن جا پيٽ ڪيڙن جون نرسريون بنجي چڪا آهن. منظور هنگوري جي ٻارن کي پيٽ ۾ ڪيڙا هيا. هو خواب ۾ ڏسندو هيو سڀ انسان ڪيڙن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.
جڏهن هن جي ڌيءَ کي مدي جو بخار ٿيو ته کيس فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي گرمي ۽ بوءِ جو احساس وڌي ويو. بي دليءَ سان ڪم پئي ڪيائين. سڄو ڌيان گهر ڏانهن هيس، ڏهه ڏينهن ٿي ويا هيا، ڪا به دوا اثر نه ڏيکاري رهي هئي، سندس ڌيءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي چڪي هئي. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته ان جي زندگيءَ جو ڏيئو اجهامڻ وارو آهي. جڏهن شام ٿي ته هن جي دل به سج جيان ٻڏڻ لڳي. هو اهو سوچي فيڪٽريءَ مان نڪتو ته ڪجهه بچايل رقم مان ان کي شهر جي وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريندو. هو هلندو ماڙي پور روڊ تي آيو ته تيز رفتار ٽريفڪ هن جو رستو روڪي بيهي رهي. هن وٽ وقت نه هيو، کيس جلدي پهچي ڌيءَ جي علاج جو بندوبست ڪرڻو هيو، هن هلندڙ ٽريفڪ ۾ گهت هنئي. موٽرسائيڪل وارو هينڊل ڦيرائي زوڪٽ ڪندي نڪري ويو. ان ويندي وڏي آواز ۾ گار ڏيندي چيو “هلا ٿي... انڌا، بيغرت”
ڪنٽينر واري رفتار گهٽ ڪندي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو.
“اڙي او آپگهاتي بمبار... خيال ڪر”
ڪار واري هن کي ٽونڪيو “گهر کان ايڏو بيزار آهين ته سامهون سمنڊ ٿي، اتي وڃي مر”
هو ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا اڳتي وڌندو ويو ۽ پوءِ نيٽو جي هڪ وڏي اصلحي سان ڀريل ڪنٽينر هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو، هن جو لاش وچ روڊ تي پيل هيو. لاش ڏسي هر ڪنهن جي دل ۾ همدردي جاڳي پئي.
“اڙي ويچارو”
“اڙي غريب مظلوم ماڻهو”
ٽريفڪ آهستي ٿي وئي.
“خبردار اڳيان لاش پيو آهي...ڌيان سان” هڪ ڪنٽينر مان ڊگهي ڏاڙهيءَ واري چيو.
“لاش جي حرمت جو خيال ڪيو” سزوڪيءَ ۾ ويٺل ڊرائيور چيو “مذهب لاش جي توهين جي اجازت نه ٿو ڏي”
لاش وچ روڊ تي پيل هيو، ٽريفڪ لاش جي احترام ۾ کيس بچائيندي پاسن کان وڏي احتياط سان پئي هلي.
ٿوري دير ۾ کارا در وٽان ايڌيءَ جي ايمبولنس آئي، لاش ايمبولنس ۾ وڌو ويو.
منظور هنگوري جي لاش اها پوري رات سرد خاني جي ائرڪنڊيشن ۾ گذاري.