تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سارتر: وجوديت وادي ۽ انسان دوستي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
شيام ڪمار لکي ٿو: ” وجوديت واد وسيلي اسين انهن سچاين کي به ڳولهي لهڻ جي قابل بڻيا آهيون جيڪي اسان جي وجود لاءِ نه صرف اڻ سرنديون آهن بلڪه مستقبل جي هر روشن ۽ انساني فلسفي جي واڌاري لاءِ به نهايت يڪ ٽڪ ۽ ضروري سمجهيون وينديون آهن.“
ڊاڪٽر بدر اچڻ لکي ٿو: ”ادب ڇا آهي؟ هن ڪتاب ۾، سارتر، ”ڪجهه ٿيڻ“، بابت مفروضي تي زور ڏئي ٿو، ان سان گڏ آزادي جي هاڪاري رخ کي وڌائڻ تي زور ڏيندو پسجي ٿو. ڪجهه ٿيڻ واري مفروضي منجهان، هو سماجي پهلوءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو: يعنيٰ ڪو ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي، هڪ فرد جي آزادي جو ڳانڍاپو ٻين جي آزاديءَ سان شامل هجي، اهڙو سماج جوڙيو وڃي جنهن منجهان، استحصال ۽ تشدد جي پاڙ ئي پَٽيل هجي. اهڙي طرح سان، سارتر، اخلاقيات ۽ سماجي انسانيت دوستي جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿي.“
ھي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر أي ڪي پنجواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com