تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

باب ٽيون: ڪنهن جي لاءِ ٿا لکون؟

باب ٽيون: ڪنهن جي لاءِ ٿا لکون؟
FOR WHOM WE WRITE?

پهرين نظر ۾ ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ ليکڪ عالمي معيار رکندڙ پڙهندڙن لاءِ لکي ٿو ۽ ان پٺيان اسان ڏٺو آ ته ليکڪ جو ڌيان ان نقطي تي هوندو آهي، جيئن سلسلو هلندو اچي ٿو ته هو سمورن ماڻهن لاءِ لکي ٿو. پر پوءِ مواد ۽ متن، وقت ۽ ملڪن لاءِ مٽبو رهي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ليکڪ کي ڄاڻ هوندي آهي اهو آزادين بابت اظهار خيال ڪندو آهي، جيڪي لڪايل، هضم ڪيل ۽ کسيل يا اڻلڀ هونديون آهن، ايتري تائين جو هن وٽ پنهنجي آزادي به اصل نوع ۾ نه هوندي آهي، ان ڪري هن کي اهي رڪاوٽون هٽائڻ ۽ پردا لاهڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي. آفاقي قدرن بابت کُلي ڳالهائڻ خطري کان خالي ناهي هوندو، آفاقي قدر خاص طور صاف ۽ چٽا هوندا آهن، ايتري تائين جو آزادي به وسيع سمنڊ جي سطح جيان اڻ کٽ هوندي آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هميشه جاکوڙ جاري رکڻي پوندي آهي آزاديءَ جي ڪا واضع عبارت نه هوندي آهي. ماڻهوءَ کي پهريائين پنهنجي جذبات مٿان فتح حاصل ڪرڻي پوي ٿي، ان کان پوءِ پنهنجي نسل، ڪلاس، قوم مٿان ۽ آخر ۾ اوڙي پاڙي جي ماڻهن مٿان به اثر رسوخ قائم رکڻو پوي ٿو. هن عمل ۾ جيڪا خاص رڪاوٽ اچي ٿي ان مٿان فاتح ٿيڻ لاءِ ڪجهه همٿ ۽ هوشياري هجڻ ضروري آهي، اها رڪاوٽ خاص قسم جي حالتن سان سلهاڙيل هوندي آهي، جن لاءِ مجموعي طور جيڪو نالو بڻجي ٿو ان کي آزادي چيو وڃي ٿو.
هن مسئلي بابت حقيقت اها آهي ته ليکڪ کي پنهنجو ذهن تازو توانو ۽ تيز رکڻو پوي ٿو. آزاديءَ واري موضوع تي تمام گهڻو، اوڙي پاڙي وارن ملڪن منجهه لکارن تحرير ڪيو آهي، پر انهن تحريرن منجهه ٽارگيٽ، ريڊر يعنيٰ پڙهندڙ ئي آهي. جرمني ۽ فرانس منجهه ان موضوع تي گهڻو ڪم ٿيو آهي. ليکڪن جي اڪثريت تاريخيت طرف گهڻي مائل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان منجهه به بحث مباحثي هيٺ، ليکڪ ۽ پڙهندڙ ئي آهن. ان دور جا ادارا، رسم و رواج، ڏاڍ ڏمر جا داستان، ننڍا وڏا ٽمجهڻ، دور ۾ غلطيون ۽ اوڻايون اڀريل، مطلب ته سمورن ڏوجهرن کي تاريخي پس منظر منجهه پيش ڪيو ويو آهي، پر خاص طور تي آزاديءَ بابت موضوع کي سڀني مٿان سبقت ڏيکاري وئي آهي.
تخليق ڪيل تحريرون بيشمار آهن، پر انهن منجهان خاص ۽ تازي تخليق جنهن جو عنوان آهي The Silence of the Sea ان جي ليکڪ کي ڪافي ملڪن منجهان سخت قسم جي موٽ ملي آهي. ان ماڻهوءَ همٿ نه هاري ۽ لکڻ جو عمل جاري رکيو ۽ خاص موضوع ماڻهو ۽ ان جي آزادي بابت ئي رکندو آيو. ان کان پوءِ جرمن ۽ فرينچ لوڪن وچ ۾ ٽڪراءَ به ٿيا جن منجهان حالتون بگڙنديون رهيون ۽ آخري ٻي عظيم جنگ وارو دور اچي ويو يعنيٰ سال 1939ع ۾ هٽلر شڪست کاڌي، حالتون خراب ٿيون، ماڻهو لکن جي تعداد ۾ مئا، ان قسم جا ليک/ڪتاب جڙيا، پوءِ به بي خبر ماڻهو انهن کي پڙهندا رهيا. انهن ڏينهن جي حالتن کي ليکڪن هڪ سادو مثال ڪري پيش ڪيو ته ڪيلا ان وقت لذيذ لڳندا آهن جڏهن تازي زمين مان پٽي کاڌا وڃن. Bananas have a better taste, when they have just been plucked ان طرح سان موضوع کي پڄاڻيءَ تي آڻيندي ليکڪ جا لفظ ڪجهه هن طرح جا آهن:
Work of mind should likewise be eaten on the spot
مطلب ٿيو ته ذهن جو پورهيو به ان وقت ئي پڙهبو ته ڏاڍو اثر انداز ٿي پوندو.
ليکڪ کي ڪميٽيڊ تڏهن چئبو جڏهن هن جي ذهن جي سجاڳي صاف ظاهر ڏسڻ/پڙهڻ ۾ اچي. ان طرح سان ليکڪ باقائدي منصف يعنيٰ انصاف ڪرڻ واري ٿي پوندو. ڌرين کي جوڙڻ وارو قابل شخص چورائيندو ۽ کيس ڪامياب ڳنڍڻ وارو چيو ويندو ۽ هن جي عمل کي ڪامياب ڳنڍڻ وارو فن Mediation چيو ويندو. سندس تعلق ڪهڙي به نسل يا قوم مان هوندس، پر هن جي حيثيت يا نالو ليکڪ ئي هوندو. مٿيون مفروضو سچو ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو.
هتي هڪ نيگرو اديب رچرڊ رائيٽ جو مثال پيش ڪيون ٿا. هڪ پاسي هن جي شخصيت هڪ عام ماڻهوءَ واري آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا جو رهاڪو آهي، جڏهن هو اتر طرف اچي ٿو ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو ته هو فقط نيگرو قبيلي جي حق ۾ لکندو يا سفيد چمڙي وارن لاءِ اگر لکندو تڏهن به هو نيگرو جي اکين سان ڏٺل حالتن مٿان لکندو. آيا ڪوئي اهو سوچي سگهي ٿو ته ٿوري دير لاءِ هو، غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ آفاقي سچ، صاف ذهن ۽ خوبصورت خيالن جي اپٽار ڪرڻ لڳندو، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ وارا نيگرو شخص عملي طور تي ووٽ ڏيڻ جي حق کان به محروم ڪيل آهن؟ ان طرح سان هن سرزمين تي جيڪڏهن ڪو مذهبي مُلن جي بغاوت پاران غداريءَ/بغاوت بابت ڪو فتويٰ ڏئي، ته منهنجو جواب اهو هوندو ته مظلوم ڪلاس منجهه مذهبي مُلا به ڪونه هوندا آهن. مذهبي مُلا ظالم ڪلاس يا نسل وارن سان سلهاڙيل هڪ قسم جي وبا جيان هوندا آهن. سچو ليکڪ، اڪثريت جي حالت يعنيٰ مظلوم طبقي جي سُورن بابت ئي لکندو ڇاڪاڻ ته هن جا پڙهندڙ مظلوم ئي هوندا. ها سچ کي پٺي ڏيندڙ ليکڪ به هوندا آهن پر اهي سچا ليکڪ نه، پر پمفليٽيئر ۽ لفافي وٺڻ وارا قلم ڪار ئي هوندا.
ليکڪ جيڪو عالمي شهرت وارو هوندو اهو ڪڏهن به ڌُر ٿي نه لکندو پر عالمي ليول جو ليکڪ ٿي لکندو ۽ قلم جو تقدس قائم رکندو ۽ ان سان گڏ عالمي قدرن جو حمايتي ۽ محافظ بڻجي انهن کي قائم رکڻ لاءِ جاکوڙيندو رهندو.
ليکڪ کي گهڻو ڪجهه هضم ڪرڻو پوي ٿو، سڀ ڪجهه پني تي لاهڻو نه اٿس، ڀلي سڀ مسئلا عوام جي حقن بابت ڇو نه هجن، هن جو ڪم عوامي ڀلائيءَ ئي هوندو آهي، ان جو ڪو مُلهه يا معاوضو مقرر ڪري نه ٿو سگهجي. هن کي برابر ڪجهه معاوضو ملي ٿو، سمورو نه، باقي حصو ڪتابن جي قدر ۽ کپت مان پورو ڪري ٿو. اهو به سمورو ڪونه ٿو ملي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ليکڪ کي مناسب معاوضو نه ٿو ملي، ها هن کي پيٽ گذر لاءِ ضرور ڪجهه ملي ٿو، اهو وقت ۽ دور پٽاندر آهي. هن جي محنت جو گهڻو حصو ڪارخير هجي ٿو، جيڪو هن لاءِ اهميت وارو ۽ ڪن لاءِ بي سود چيو وڃي ٿو. اهو ڪم سماج جو آهي جيڪو ان جو ملهه مقرر ڪري ٿو. سڌريل ۽ ترقي يافته سماج وٽ قدر جا پيمانا مقرر ٿيل هوندا آهن. ليکڪ کي پنهنجي اهليت مطابق تخليق ڪرڻي آهي، سماج کي ان جي اهميت مطابق اجورو ڏيڻ گهرجي. هن عمل ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي، ڪو مقرر اجورو ٿيل نه هوندو آهي، تخليق جيڪڏهن عالمي ليول جي هوندي ته معاوضو به ان ليول جو هوندو. قومي تعمير جي اهميت سَرسُ هوندي ته قومي تخريب جي گهٽ ۽ پوءِ معاوضو به ان نسبت ۽ ملڪي اصولن مطابق گهٽ وڌ ٿيندو رهندو. اهو عمل هميشه ڀڃ ڊاهه جي ويجهو ئي رهي ٿو. تخريب ڪاري واري سوچ جڏهن مٿڀرو هوندي ۽ عوام اندر بي چيني چوٽ تي هوندي ته پوءِ عوام کي يعنيٰ پڙهندڙن کي خوش رکڻ يا مطمئن ڪرڻ خاطر قلم به ڳاڙهيءَ مَسُ مان ٽٻي ڏئي پني تي چِٽَ ڪڍندو جنهن جو رخ، انقلاب واري گس ڏانهن گامزن ٿيڻ لڳندو.
ڪنهن به ملڪ جو حڪمران ڪلاس جڏهن اقتدار جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي هلندو، عيش عشرت ۽ ملڪي مانڌاڻ جو شڪار ٿيندو ته پوءِ خزاني جو منهن به حاڪمن جي بادشاهه خرچين لاءِ کلندو. انهن جا ڪن ۽ اکيون پنهنجي خواهشن مطابق ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جا عادي ٿي پوندا. چالاڪ صلاحڪار، لکارن کي ناجائز رقم ۽ فائدا ڏئي، ڌڙا بڻائڻ جي جاکوڙ ڪندا ۽ حاڪمن کي بي خبر ۽ بي هوش بڻائڻ لاءِ حربا استعمال ڪندا آهن. ان طرح سان ليکڪن جي وڪري جو مارڪيٽ جوڙيو ويندو ۽ ان مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ليکڪ، انهن کي جوڙڻ وارن خلاف ئي وائرس بڻجي هلڻ لڳندا پوءِ مخالفت جي بازار کلي ويندي. ليکڪ نيٺ پنهنجو قلم بازار ۾ وڪڻندا ۽ پوءِ ٽڪراءَ (Conflict) شروع ٿي ويندو پهريائين قلمڪارن ۾ ۽ پوءِ سماج منجهه. ٻنهي قسمن جون تحريرون مارڪيٽ ۾ اچي وينديون. چمڪ واري تحرير جو مُلهه سرس هوندو ته اندر کوکلو هوندس ۽ مخالف گروهه بڻجي اڀري ۽ پوءِ گڏ ٿيڻ شروع ٿيندو، جيڪو گس جڙندو اهو تباهي ۽ ڀڃ ڊاهه طرف ئي هلڻ شروع ڪندو.
اهو سماج جيڪو ڪلاس ليس/ڌڙا بنديءَ کان آجو هوندو، ان جي جوڙجڪ سائنسي انقلاب واري هوندي، ليکڪ به ان طرح سچي ۽ فائدي واري تبديليءَ جي حمايت ڪندا رهندا. ان تبديلي جي عمل هيٺ، پاڻ سڃاڻ وارو عمل يعنيٰ Self-criticism ئي ڪارآمد ٿيندو. اهڙي طرح عوام به سچائي واري گس مٿان هلڻ لڳندو ته ان سان گڏ ادب به اهڙو ئي تخليق ٿيندو، پر پوءِ به ٽڪراءُ جاري رهندو. ليکڪن جي ذهنن ۾ به اهڙي قسم جا لاڙا ڏسڻ ۾ ايندا رهندا آهن.
سماج منجهه ان قسم جا ڪلاس يا ڌڙا، ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا، مراعت حاصل ڪيل ڪلاس ۽ ڏتڙيل طبقو، انهن منجهه ٽڪراءُ جاري رهندو آيو آهي.
يورپ ۾، ٻارهين صديءَ اندر، مذهبي ليکڪن واري ڌڙي، مذهبيات بابت ئي قلم جي ڪرت جاري رکي. هنن پنهنجو ضمير زندهه رکيو، روحانيت ۽ فنا وارو فرق قائم رکيو. عيسائيت وري روحانيت کي ٽيڪو ڏنو ۽ انساني آزاديءَ کي اهميت ڏني.
وچين دور جي سماج روحانيت جي اهميت اجاگر ڪندي، هڪ ڌڙو خاص علم وارن جو جوڙيو، جن جي چونڊ ڪئي وئي، اڄ جي سماج ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ کي انساني اهميت يا حق طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏ، ٻين ٻولين وارن سان رابطي جو ذريعو چيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آ جو، اڄ جو اڻ پڙهيل هاري به پڙهندڙ جي حيثيت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مذهبي مُلن/پادرين واري دور منجهه اهو رتبو خاص علم وارن جي لاءِ رکيو ويو هو. اهو عام ماڻهن کان الڳ خاص ڌڙي لاءِ ان ڪري رکيو ويو ته جيئن عيسائيت کي ڦهلائڻ لاءِ اهو طبقو ڪم ڪندو رهي. ان کي فائدا ڏئي حاڪمن پنهنجو حمايتي بڻائي رکيو ته جيئن اهي تبليغ جاري رکندي، سماج کي محڪوم رکڻ ۾ مدد ڪندا رهن. ان ڌڙي مٿان خاص ڪم اهو رکيل هيو ته عوام ۽ ليکڪن مٿان نظر رکندا اچن ته جيئن، متان ڪو حاڪمن جي خلاف نه ڪم ڪري يا لکڻ لڳي. ان طرح سان هنن ڪليسا جو ضابطو قائم رکيو. هر قسم جي تحرير، تحقيق، تنقيد، تشريح ۽ معاشيات پڻ، چرچ پنهنجي قبضي هيٺ رکي ڇڏي ۽ پادري هنن جا ساٿاري بڻجي ويهي رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو ان ڌڙي کانسواءِ باقي عوام کي جاهل رکيو ويو. انهن وارا خاص ليکڪ، عام ليکڪن مٿان ضابطو ڪرڻ لڳا، ايتري تائين جو آزاديءَ سان سوچڻ جي اجازت به ڪونه ڏني وئي. اهڙي طرح سان وچين دور جا پادري، پنهنجي سٺي سوچ جو گل ادب جي قبر مٿان پوکي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
مٿين قسم جي سوچ جو ٽوڙ، اسان کي وري سترهين صديءَ جي فرانس واري سماج ۾ حاصل ٿئي ٿو. ليکڪ ۽ عوام جي ذهني آزادي، ڪليسا جي ڪنٽرول کان آزاد ڪرڻ واري تحريڪ يعني Secularization جو آغاز فرانس منجهان اڀري ٿو. ان تحريڪ پٺيان جيڪي ڪجهه سماج ۾ جڙي آيو، ان کي سوسائٽي ڪوٺيو ويو. ان جا خاص ميمبر بڻيا، ڪورٽ، پادري، مجسٽريٽ ۽ هڪ دولتمند يعني بورجوا، ليکڪ کي جينٽلمين جو نالو ڏنو ويو ۽ ان کي چونڊيل ڪلاس جو ميمبر بڻايو ويو. ان جي تخليق مٿان، سينسرشپ جي تلوار به لٽڪائي رکي وئي. سترهين صديءَ ۾ فرق يا فائدو اهو ٿيو ته ليکڪ، ڪليسا واري سينسرشپ جي تلوار کان ٻاهر نڪتو. اڳي جيان، بندش نه رکي وئي ته ليکڪ جي ذهن جي پيداوار قدرت واري جي دِين ئي بڻجي وئي. هر هڪ ليکڪ پنهنجي ذهن، ضمير سان سماجي ڏاڍ ڏمر خلاف لکي سگهي ٿو. ليکڪ کي ڪليسا پاران مليل خاص حيثيت به ختم ڪئي وئي.
ڏوهه ۽ معافيءَ وارو سلسلو جيڪو ڪليسا پاران قائم ڪيو ويو هو. اهو پڻ ختم ڪيو ويو. ڪليسا ۽ حاڪم واري خدائي وڏائي پڻ ختم ڪئي وئي. ان جي باوجود، وڏا پادري، ڪليسا کي قائم رکڻ جا پنهنجي خاص خليفن، درٻاري شاعرن ۽ لکارن جي لوڌ جي مدد سان جتن ڪندا رهيا. پنهنجي جوڙيل مخصوص مذهب ۽ ان جي ظالم اصولن جا پاسدار بڻيا رهيا. هر طبقي منجهان هنن چغل چونڊي رکيا جيڪي چغل خوري ڪندا رهيا ۽ عوام کي تنگ ڪندا رهيا ۽ اهڙي طرح سان بادشاهت کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا.
اڳتي هلندي، ليکڪن جو ٽيون ڪلاس اڀري آيو، جيڪي مڪمل طور تي سيڪيولر هئا، انهن ماضيءَ واري ديني ۽ سياسي نظام حيات کي تسليم ڪيو ان دور جي اصولن کي هضم ڪري ڇڏيو. پر انهن جي نيڪ يا بد هجڻ بابت ڪجهه نه اوڳاڇيو، ڪن ماڻهن انهن کي ماضيءَ جي دور جا جيوڙا ڪري ڪوٺيو. انهن پنهنجو هڪ مضبوط ڌڙو جوڙي ڇڏيو جنهن کي فرينچ اڪيڊمي جو نالو ڏنو ويو. انهن کي وظيفو ته بادشاهه ڏنو پر انهن جي تخليق، پنهنجي ڪلاس منجهه ئي پڙهي ويندي هئي. انهن کي ٻارهين صديءَ جا ’ڪليسائي پادري‘ جو لقب ڏنو ويو.
ان دور جي اصلي عوام ۽ نقلي عوام منجهه تميز ڪرڻ ئي مشڪل بڻجي ويو هو. هڪ ليکڪ، مشڪل سان هارين جي ڏکن جو ذڪر ته ڪيو هو، پرهارين لاءِ ڪو سنيهو ڪونه ڏيندو هيو.، هارين جي حالتن بابت ٻولڻ، اميرن ۽ ڪليسائي پادرين جي شان خلاف سمجهيو ويندو هو. ڏتڙيل طبقي کي سجاڳ ڪرڻ جو سنديش ڏيڻ ڄڻ ڪليسا خلاف بغاوت جيان هيو. ان دور ۾ پڙهندڙ ڪلاس به اڃا جڙي ڪونه سگهيو هو جيڪو اهڙين حالتن طرف ڌيان ڌري. ان وقت جو ليکڪ به فقط امير ۽ ڪليسا ئي Elite ڪلاس لاءِ تخليق ڪندو هو. خاص طور تي روايت (Tradition) جو خاص خيال رکيو ويندو هو. ان دور کي پوءِ ڪلاسيڪل دور ئي ڪوٺيو ويو. ان کي هلائڻ لاءِ خاص مشير مقرر ڪيا ويا هئا جيڪي سماج جي مختلف شعبن، معاشي، مذهبي، سياسي آفاقي وغيره، مسئلن مٿان نظر رکيون ايندا هئا ۽ محدود حدن اندر انهن کي هلڻ ڏيندا هئا. تاريخ ۽ انسان جي نفسيات مٿان خاص خيال رکيو ويندو هو.
ارڙهين صديءَ وارو دور، تاريخ جي روشنيءَ ۾ مثبت ٿي اڀريو. هڪ سوال اٿيو، جنهن جي موٽ ۾ ان دور جي ليکڪن حڪمران ڪلاس جي نظام حيات کي پٺي ڏيڻ شروع ڪري ڏني. نتيجو اهو نڪتو جو فرانس جي سرڪاري ڪلاس جي ليکڪن جي پيرن هيٺان عارضي جنت ترڪڻ لڳي. حڪمرانن آڏو بورجوا ڪلاس جي اهميت پڻ گهٽجڻ لڳي، انهن جي پڙهندڙن جو تعداد وڌڻ لڳو، پر ان تبديلي جي خبر هيٺين ڪلاس تائين اڃا ڪونه پهتي هئي. ان جي برعڪس عوامي ڪلاس ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ليکڪن کي هاڻي ٻن قسم جي اختلافن سان منهن ڏيڻو پيو. سماج اندر ڏڦيڙ وڌڻ لڳو. سرڪاري ڪلاس ڀت سان لڳڻ شروع ٿي ويو. نوان خيال ۽ نيون سوچون جنم وٺڻ لڳيون. روايتي سچ جي جاءِ عقلي سچ والارڻ شروع ڪئي. بندش وجهڻ جي ڪوشش پٺيان مايوسي جنم وٺڻ لڳي. پادرين وارو وچون طبقو لڪڻ جون جايون ڳولڻ لڳو هو. ڪليسائي ادب فقط معذرت ۽ آزي نيزاري جو ذخيرو بڻيل هيو. مُڪو ڏيکاري مُلي جا دڙڪا، دهشت وڃائي چڪا هئا. هرهڪ جي ذهن ۾ آزاديءَ جا خيال اڀرندي ڀونچال مچائڻ لڳا هئا. ليکڪ پڻ، پاروٿي سوچ کي پٺي ڏئي، نئين سوچ جا ساٿاري ۽ قلم بردار بڻجڻ لڳا هئا. هر ڪنهن جي ذهن ۽ زبان تي آزادي جو نعرو اڀرڻ لڳو. بورجوا ڪلاس وارا مارڪس جا نظريا پڙهڻ لڳا هئا، ان جي اثر هيٺ، اهي به نواڻ جا حمايتي بڻجڻ لڳا ۽ پاڻ کي اڀرندڙ ڪلاس يعنيٰ Rising class جا حمايتي چوڻ لڳا.
اهو اڀرندڙ ڪلاس، رياست جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پر ڦڙڪائڻ لڳو، پراڻن پاپين کي ان ڪلاس جي اڀار ڏکي لڳي ۽ سياسي محاذ تي ان کي سيکت ڏيڻ لاءِ اهي مڇرجي پيا. پراڻن پاپين سان نئين ڪلاس وارن خوب مهاڏو اٽڪايو. پراڻا کلاڙي پنهنجي ئي پاپن منجهه ترڪڻ لڳا ته نوان همراهه خاموشيءَ سان معاشي سطح تي شهرت حاصل ڪرڻ لڳا. هنن وٽ وقت هيو، ثقافت جو سوجهرو ۽ پونجيءَ جي ٽيڪ پڻ. اهو پهريون دفعو هيو جو، مظلوم ڪلاس پاڻ کي، ليکڪن آڏو، اصل عوام جي روپ ۾ پيش ڪيو. ان وقت جا ليکڪ، خاص ڪلاس جا ساٿاري هئا. جنهن ڪري انهن جي قلم ۾ اها عوامي جنبش ڪونه هئي، تجربو ڪونه هيو ۽ سماجي حالتن جي پوري ڄاڻ ڪونه هئي، جيئن وچين دور جي ڪليسائي ڪاريگرن وٽ هئي. تنهن دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو ان ۾ ماٺار هئي. اسلوب ۾ شدت اڻ لڀ هئي.
ان قسم جي ليکڪن جي وچ ۾ جيڪو سماجي ٽڪراءُ هيو اهي ان جا شڪار ٿيڻ لڳا. انهن جا جوڙيل ڪتاب به موجود بورجوا ڪلاس وارا خريد ڪرڻ لڳا، سندن حمايت ۽ معاشي مدد به مليل هئن، پوءِ به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا.
اهڙي طرح سان ارڙهين صديءَ جي ليکڪ جي خاص سڃاڻپ اها بڻجي وئي ته اهو ڪنهن به ڪلاس سان شامل نه ٿي سگهيو. حالانڪ هن جا ماضيءَ جي بورجوا ڪلاس سان رابطا اڃا به هيا. پر اڪثريت جي دٻاءِ هيٺ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪري رهيو هو، پنهنجي گهر جي رشتن سان به وٿي رکڻ لڳو. اهو ان لاءِ ته جيئن هن جي شهرت کي داغ نه لڳي. شهرت جيڪا هن کي وڏيرڪي ۽ امير ڪلاس سان نسبت هجڻ ڪري هئي، جنهن ڪري هن کي معتبر ۽ چڱو مڙس سمجهيو ويندو هو. ان رتبي کي قائم رکڻ لاءِ رهائش ۽ ٺٺ ٺانگر سان گذارڻ لڳو هو. ان معتبر کي آخر ليکڪ به ته چيو ويندو هو. ليکڪ جنهن وٽ سوچ هئي، ٺٺ هيو، درٻار ۾ دخل هيس ۽ آخر هٿ ۾ قلم به هيس. اهڙي طرح سان ان دور جو ادب ڪجهه آزاد ٿي ويو، ان کي ذهني پيداوار ڪوٺيو ويو، جنهن جي مدد سان اهو ليکڪ ڪنهن به موضوع تي پنا ڪارا ڪري سگهيو ٿي، سماجي مسئلن مٿان ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهيو پئي ۽ آخر ۾ ڪا راءِ ڏئي سگهيو ٿي.
اڻويهين صديءَ جي ادب کي جڏهن ڏسون ٿا ته اهو الڳ حيثيت ۾ موجود آهي. يعنيٰ ان مذهبي نظام حيات ۽ بورجوا نظام حيات ٻنهي جي اثر کان پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ان طرح سان جيڪي ڪجهه، شاعري، نثر... لکيو وڃي ٿو، ان جو ڪنهن به ثقافت سان ڪو رشتو ڪونهي، پوءِ ته اهو ادب ويڳاڻپ جي ور چڙهي ويندو؟ ان ڪري ليکڪ، پوري ايمانداريءَ سان چوڻ لڳو ته ادب ڪنهن به هڪ موضوع يا هڪڙي قوم جي لاءِ مخصوص ڪونه ٿيڻ گهرجي، ٻي پاسي سماج جو رجحان ڏسجي ٿو ته اهو طاقت جو سرچشمو عوام کي بڻائڻ چاهي ٿو. عوام جو جيئن ته ڪو هڪ دور يا هڪ ڪلچر ناهي، پوءِ جيڪي ڪجهه بڻبو اهو ته عوامي ادبي انقلاب ئي چيو ويندو. ٻين لفظن ۾ اها ئي سماج جي وڏيرائپ يا قبضي گيري ٿي ويندي. ان کي وري ساڳيو نالو يعني بورجوا عوام ئي ڪوٺيو ويندو. ليکڪ ته ان ڌڙي کان الڳ رهڻ پئي چاهيو، اهي ٺٺ ٺانگر ۽ ڊرائينگ روم وارا آداب سڀ ڇڏڻ پئي لڳو، پر اهو ايئن ڪري نه سگهيو. اهو بورجوا ڪلاس ئي هيو جيڪو هن جي تحريرن جو مطالعو ڪري پيو. ان کان پوءِ هن جي قابليت ۽ شهرت جو تعين پيو ڪري، آخر ليکڪ پراڻن کي ڇڏي ڪهڙي قسم جي نئين ڪلاس سان نسبت جوڙي، ان ڪلاس جا گڻ ڳائي ۽ ان جي عظمت مٿان لکي؟ اهو ليکڪءَ لاءِ وڏو سوال بڻجي اڀريو؟ ليکڪ هاڻي مستقل ٽڪراءُ ۾ رهڻ لڳو، ايمانداري پڻ داوَ تي لڳي ويس. هو ٻنهي کي پرکي چڪو آ، اڳتي لاءِ هو اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار به ناهي ته آيا هو، ڪنهن جي لاءِ لکي رهيو آهي؟ هو پنهنجي اڪيلائپ جي دنيا ۾ رهندي به لکي رهيو هو، ان کان علاوه عوام لاءِ به هن وٽ تڙپ هئي، جن لاءِ لکڻ لڳو هو، هن ان مفروضي جي به نفي ڪئي ته ليکڪ پنهنجي لاءِ يا پنهنجي خالق جي خوشيءَ لاءِ لکي ٿو. هن لکڻ کي آفاقي امر، عبادت ۽ ضمير جي آزمائش جهڙا نالا ڏنا، اهي سڀ هڪ طرف پر آخرڪار اهو عمل، ميل ميلاپ ۽ تعلقات رکڻ وارو ذريعو ئي ته آهي. ليکڪن لاءِ، هي سموري ڪائنات ۽ ان منجهه منظر ۽ مظهر، لکڻ جا انيڪ عنوان بڻجي پيا، هاڻي چونڊ ڪيئن ۽ ڪير ڪري؟
هتي اچي ٿو نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ جو مسئلو. ماڻهوءَ جي سوچ نگر منجهه انيڪ عنوان موجود آهن: خوشي، غم، ڪمائڻ، کپائڻ، عيش ڪرڻ يا ڏکن سان ڏورڻ، اهڙا عمل انسان جي حياتيءَ سان سلهاڙيل آهن، ڪو ماڻهو دولت جي زور تي خوش آ ته اُڏائي ٿو، ڪو بيمار آ ته صحت جي تلاش ۾ ڀٽڪندو وتي ٿو، انهن دردن جي درمان جي ڪنجي، نفسياتي ماهرن چواڻيءَ وري به ماڻهوءَ جي قبضي هيٺ آهي. ليکڪ به ان سماج جو حصو آ، ذهن تيز اٿس، انهن سڀني سورن کي سيني ۾ سانڍي، تخليق ڪري ٿو، ان عمل دوران هن جي ڪو مدد يا مڃتا نٿو ڪري، پوءِ به لکندو رهي ٿو. ان صورتحال منجهه اهو ليکڪ فقط کپت جو شهيد ئي آهي، پنهنجو ذهن، وقت، جسم.... کپائيندو ئي رهي ٿو، ڪجهه حاصل ڪونه ٿو ٿئيس، گذر سفر ڪيئن ڪري؟ دولت هن وٽ ناهي، في الحال شهرت به ڪونه اٿس، فن کان هٽي ڪري هن جي عظمت، هن گورک ڌنڌي منجهه کيس ٽن قسمن ۾ نظر اچي ٿي. پهريون آهي ”پيار“، جيڪو هڪ بيڪار جذبو آهي ۽ وري عورت، نٽشي چواڻيءَ، وڏي خطرناڪ راند آهي. ٻئي نمبر تي ”سير سفر“، مسافر يا سالڪ بڻجي هڪ پختو گواهه بڻجي وڃي ٿو جيڪو هڪ سماج مان گذرندي ٻي سماج جي به پرک ڪري ٿو، پر ڪنهن به هڪ جي ڌر نه ٿو بڻجي، ٽيون آهي، پري کان بيهي پرکڻ وارو عمل، محنت ڪش سماج منجهه کپت ڪندڙ پرزو، جيڪو رهي هڪ هنڌ ۽ کائي پيئي وري ٻين جو. اهو پرزو جنگ جي حالت ۾ به ان کپت جو حصو رهي ٿو جنهن ۾ ماڻهو ۽ شيون کاڄ جو شڪار ٿين ٿيون.
دولتمند ۽ ويڙهو سماجي گروهن، واپار کي به نفرت سان پئي ڏٺو، اها صفت، ليکڪن وٽ به ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. ان سماج ۾ جيڪڏهن قلم جي ڪرت نه پيا ڪن ته، بيڪار هجڻ جو ٺپو مٿن لڳي پيو، ماضيءَ ۾ ڪليسائي ليکڪن جيان. ان الزام کان بچڻ لاءِ هنن تصوراتي ادب جوڙڻ ۾ حصو ورتو، جنهن تحت، ٽوڙ ڦوڙ، باهه ڏيڻ ۽ نقصان ڪرڻ بابت قصا گهڙيا، عين ان طرح جيئن ماضيءَ وارن وڏيرڪن/نوابي، شڪاري جٿن، پڪل ڪڻڪ واري زمين مان لنگهندي، ڀَيلَ ڪرڻ کان به ڪونه پئي ٽارو ڪيو. اهڙا رجحان، ليکڪن به پنهنجي اندر پيدا ڪيا، جن بابت بادليئر، پنهنجي تحرير The Glass maker ۾ کولي ٻڌايو آهي اهڙي سوچ هن جي حياتيءَ منجهه به ڪجهه عرصي لاءِ موجود هئي، جنهن جي اثر هيٺ هن نشي آور دوائن ۽ مشروبات ۾ پاڻ کي سڪون ڏيڻ جي بهاني استعمال ڪيو؛ بي ڪار ۽ بي سود شيءَ، ”حسن“، کي ڪوٺيو. ”فن برائي فن“ کان وٺي علامت نگاري، سچائي، فن جي سمورن ادارن، ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فن مڪمل طور تي فقط کپت جو نالو آهي. اهو ڪجهه به سيکاري نه ٿو، نه ڪو نظام حيات جي جهلڪ، پر سڀ کان وڌيڪ ان ۾ اخلاقيات جو به لاڙو ناهي. ڪيترن ليکڪن آندري ييد کان وٺي فلابيئر، گاٽيئر، رينارڊ ۽ موپاسان تائين، سمورن پنهنجي انداز چيو ته ”ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته سٺن خيالن سان، ماٺو ادب به پيدا ڪيو ويندو آهي.“ ان لاءِ ڪيترا پستڪ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هڪ مثال، جملي جي روپ ۾ پيش ڪجي ٿو: Beautiful as marble dream هتي اڻ ٿيڻو سچ، غير انساني سونهن سان سلهاڙيل ڏيکاريو ويو آهي. هن جملي جي نه ليکڪءَ جو پتو آ ۽ نه پڙهندڙ جو، پر خيال ۽ شيون هن دنيا جون ئي آهن، اهڙي قسم جون تحريرون، سائنسي ادب ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهي سمورا خيال ۽ تحريرون سماجي دنيا سان لاڳاپيل آهن.
فلابيئر پنهنجي تحريرن ۾ پاڻ کي، ماڻهن ۽ شين کان الڳ ڪري ڏيکاريو آهي. هن جا جملا شيءَ جي چوڌاري ڦرن ٿا، شئي کي مڪمل قبضي ۾ آڻين ٿا، ان کي تبديل ڪن ٿا، پٿر جي روپ ۾ آڻي، ان جي حيرانگي واري حالت ۾ جڪڙي رکن ٿا. اها شئي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم لڳي ٿي، جسم مٿان ڪا رڳ ڪونه اٿس ۽ ساهه جي ڦوڪ به منجهس موجود ناهي، ڄڻ ڪا خال ۾ ڪريل شئي هجي، جيڪا پنهنجي آخري انجام تائين پهچڻ واري هجي. ڪنهن وقت اها سچائيءَ جي نالي سان سڏي ويندي هئي، هن وقت اها بغير سڃاڻپ جي موجود آهي.
سچائي ڪجهه به نه هئي سواءِ ڏکن جي ڀري مٿي تي کڻي هلڻ جي يا ڪجهه به ڪرڻ بدران دل کي دکيءَ ۾ رکي هلڻ جي. ماڻهوءَ ڪنهن به طرف اک ڦيرائي ته اتي گاهه ڦٽڻ به محال بڻجي ويو. ان طرح سان، ماڻهوءَ، ڪٽنب ۽ سماج اندر ٽوڙ ڦوڙ جو تفصيلي ذڪر ان دور جي فطرت جي ويجهو هجڻ واري ناول نويسيءَ ۾ جهجهو پيش ڪيو ويو آهي.
ان وقت جي تنزل يا تباهيءَ واري تحريڪ آخر پنهنجي انتها تي اچي پهتي. هڪ سادو سريئلسٽ عمل، جنهن هيٺ هڪ نوجوان روالور هٿ ۾ کڻي، گهٽيءَ ۾ موجود ميڙ مٿان کلي عام گوليون ٿو وسائي ۽ وسائيندو رهي ٿو. اهو دور تبديلي جي آخري گهڙي هيو. اهڙي طرح سان ارڙهين صدي منجهه ادب، انڪاريت جي ور چڙهي ويو، بورجوا حڪومت جي ڏينهن ۾ ته اڃا به مڪمل طور انڪاريت بڻجي ويو. ان کان به اڳتي وڌي رنگ آميز ۽ چمڪندڙ تباهيءَ جو باعث بڻيو. سريئلزم، تصوراتي يا نيم خوابي دنيا منجهه ڌيان ڌرڻ جي ڪا اهميت ناهي... ان شئي مٿان جنهن جي ڪري وجود جي تباهي لاحق هجي ٿي، پر ان جي تبديلي پنهنجي اندر پاڻ اچڻ واري هجي، پوءِ ان جي چمڪ ڀلي برف جهڙي هجي يا باهه جهڙي، بريٽن، ان طرح جو اعلان ڪري چڪو آهي. آخر ۾ ادب لاءِ ٻيو ڪجهه نه پر ان جو مقابلو ئي ڪرڻو اٿس. اهو ئي عمل ڪجهه قدر، سريئلزم جي نالي پويان ٿيو. ستر سالن جي عرصي تائين ليکڪن دنيا کي هضم ڪرڻ جي مشق ڪئي. سال 1918ع کانپوءِ، ڪنهن لکيو، ادب کي هضم ڪرڻ لاءِ، ڪنهن ادبي روايتن سان هٿ چراند ڪئي، لفظن کي سلهاڙيو، انهن کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو ته جيئن ٽڪرا ٽڪرا ٿين. ادب نفي نما ادب جو ضد بڻيو. هن کان اڳ ڪڏهن به زيادهه ادبي نه بڻيو: ان طرح سان اهو دائرو وري مڪمل ٿيو. ساڳي دور ۾، ليکڪ نقالي ڪندي، ٻيو ڪجهه نه ڪيو، فقط غير ذميواريءَ جو ثبوت پيش ڪيو.
صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين، سمورا مسئلا منجهيل ۽ ٽڪراون جي ور چڙهيل رهندا آيا. پر ادب جڏهن سريئلزم جي اثر هيٺ، خون خرابي تي لهي آيو، ته پوءِ ليکڪ کي هڪ غير ذميوار فرد جيان، سماج اندر ڏٺو ويو. سچ ته اهو آهي، ته اهو پنهنجي ڪردار جي باري ۾ صفائي به پيش نه ڪري سگهيو، بس هو لکندو رهيو پر الائي ڇا ۽ ڪنهن جي لاءِ؟ اهڙا عنوان گهڙيندو رهيو جنهن جي پٺيان ٽڪراءَ ٿيڻ لڳا تعميري سوچ بدران تباهيءَ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا، جنهن جي نتيجي ۾ سماج اندر به خلفشار ۽ تباهي اچڻ لڳي. ليکڪ جي حيثيت ان وقت انتشار ڦهلائڻ واري جي بڻجي وئي، پر هن جي اها ڪوشس رهي ته هو پاڻ کي بچائيندو رهيو. بورجوا، هن جي پٺي ٺپيندو رهيو ۽ ان جي حرڪتن مٿان مرڪندو رهيو.
ان کان پوءِ ڪهاڻيءَ بابت اها راءِ قائم ٿي ته ان ۾ سماج جي ويجهي ماضيءَ بابت قصا بيان ڪيل هوندا. ان دور جون سماجي حالتون، ڪردار ۽ نفسياتي مونجهارا، ڪٽنبي قصا ۽ ٽڪراوَ بيان ڪيا ويندا آهن ۽ ان سان گڏ نصيحت ڀريا نقطا پيش ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح سان ناول جي بيان ڪرڻ ۾ زمان ماضي گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ وري بهادريءَ جي داستان ۾ زمان حال استعمال ٿيندو آهي.
ليکڪن منجهه بوڪيشو کان سروانٽيس تائين ۽ پوءِ فرانس جي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي ناولن ۾ بيان ڪيل قصا ماضي ۽ حال جي ملاوت ڪري ڪجهه مونجهاري جو شڪار ٿيل آهن. ناول نگار فقط پهرين باب ۾ بکندو آهي باقي، ڪهاڻي ۽ ڪردار جيڪي وقت جي حالتن پٽاندر بيان ڪيا ويندا آهن. انهن منجهه ڪجهه سٺا ته ڪجهه غلطين سميت موجود آهن.
اڻويهين صدي جي ليکڪن ڪجهه تبديلي ان طرح جي آندي جو انهن پنهنجين تحريرن منجهه واقعي جي بيان ڪرڻ واري انداز کي پنهنجو ڪيو. هنن اها به ڪوشش ڪئي ته واقعي کي بيان ڪندي تازگيءَ واري پهلوءَ کي اڳ ۾ پيش ڪيو ۽ جيڪڏهن وري ڪٿي تشدد جو بيان اچي ٿو ته ان کي به کولي ٻڌايو يا بيان ڪيو، فني خوبين جو به خيال ڪيو ويو ته تصوراتي انداز به پيش ڪيو ويو. ليکڪن جي پنهنجي ڄاڻ ۽ مشاهدي ۾ فرق ضرور ڏسڻ ۾ آيو. داخليت جي ٻنهي درجن، يعني پرائمري داخليت ۽ سيڪنڊري مطابق ڪهاڻي هلندي رهي. اهو انداز بيان گهڻي ڀاڱي موپاسان جي تحريرن ۾ نظر آيو. ننڍي ڪهاڻي کي بيان ڪندي ان جي سٽاءُ ۾ فرق هر هڪ ليکڪ جو الڳ ضرور هيو، پهريائين سامعين جو تعارف هيو، پوءِ سماج، جيڪو ذهين ۽ ان دور جي سماج منجهان ڪردار هيا جيڪي ڊنر کائي ڊرائنگ روم ۾گڏيل ويٺا آهن. رات جو پهر آ، ويٺل ماڻهن جي چهري تي ٿڪاوٽ ۽ جذبو نمايان نظر اچي پيو. مظلوم به ستل آهن ته باغي پڻ، دنيا مٿان ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏيکاريا ويا آهن، ان طرح سان ڪهاڻي هلندي رهي ٿي. ننڍڙي بلب جي روشني ۾، خالي ڪمري ۾ هڪ امير، اکيون ٽمڪائي رهيو آهي، مڪمل طور تي پنهنجي دنيا جي رسمن ۾ رُڌل لڳي ٿو. دنيا واريون سازشون يا محبت يا نفرت انهن ماڻهن منجهه اگر آهن به، ته اسان تائين واضع ٿيل ناهن، ڪا خواهش يا رنجش به سندن خاموش ٿيل آهي، اهي مرد ۽ عورتون پنهنجي ثقافت ۽ آداب جو تحفظ ڪندي هڪ ٻئي کي نرم مزاج جي روين سان، سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اهي نظم ضبط جا مجسما بڻيا ويٺا هئا، رات جيان ماٺار ۾ وهنتل، جذبا به سندن سُتل، صديءَ جي پڄاڻيءَ واري بورجوا سماج جا فرمانبردار، قابل احترام نمائندا، دولت شاهيءَ جا درس سيني ۾ سانڍيل نواڻ جا آسائتا، ايتري ۾، ميزبان خاموشي ٽوڙي ٿو، اهو اڌ وهيءَ جو ماڻهو آ، جنهن گهڻو ڪجهه ڏٺو آ، پڙهيو آ ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو اٿس، ماهر ۽ تجربيڪار، ڊاڪٽر فوج مان موٽي آيل، آرٽسٽ يا هڪ جنهن جو نالو Don Juan آهي. هو عمرجي ان حصي ۾ آ، جڏهن سندس سڀ جذبا ستل آهن، نظر وسيع اٿس ۽ تجربا ڍير سارا ڪيل اٿس. هن جي دل به رات جيان خاموش آهي. هو پنهنجي حياتيءَ جو احوال بيان ڪري ٿو، پر پاڻ کي حالتن کان وٿيرڪو ڪندي. ان منجهان جيڪڏهن کيس ڪنڊا ئي حاصل ٿيا آهن، ته اهي به هن سيني سان لڳائي رکيا آهن. ان طرح سان ڪهاڻي ختم ٿئي ٿي، پر ان مان حاصل، تجربو ۽ عقلمندي ٿئي ٿي، ان جي ٻڌڻ ۾ زور نظم ضبط مٿان ڏنو ويو آهي. نظم ضبط سڀ کان اهم آهي، هر طرف نظم ضبط آ، اهو پراڻو نظم ضبط ئي آهي، اونهاري ۾ وهندڙ پاڻي واري خاموشي جنهن ۾ پاڻيءَ ڦوٽي جي ڦاٽڻ جو آواز به نه نڪرندو آهي. پر سماج اندر جيڪو بورجوا آهي، ان اندر تبديلي حيران ڪندڙ ضرور آهي، ڪو ڊاڪٽر هجي يا فوجي جنرل، انهن بيشمار تجربن مان جيڪو نچوڙ حاصل ڪيو آهي، اهي اسان کي، ان منجهان جيڪو سبق ڏين ٿا اهو آهي اخلاقيات قائم ڪرڻ جو. ٻئي نمبر تي آهي ”قانون“، جنهن کي هيگل جي لفظن ۾، ”خاموشيءَ سان تبديلي وارو پاڇولو“، Calm image of change, (Hegel) چيو ويو آهي.
ان کان پوءِ تخليق جي ميدان ۾ سائنسي ڄاڻ اچي وڃي ٿي، جيڪا پڻ مسئلن بابت سائنسي انداز سان ڇنڊڇاڻ جا دروازا کولي ٿي. ليکڪ به پنهنجي تحريرن منجهه، سچائي ۽ حقيقت پسندي وارا عنوان آڻن ٿا ۽ انساني مسئلن جي سائنس جي اصولن هيٺ پيش ڪن ٿا. فرانس ۾ سيڪيولر سوچ جو جنم به هن ئي دور ۾ اڀري اچي ٿو. صنعت به ساڳي دور ۾ قائم ٿيڻ لڳي، انهن منجهه محنت ڪش طبقو به پيدا ٿيو، جنهن جي اثر هيٺ ليکڪن جو توجهه انهن جي مسئلن ڏانهن وڃڻ لڳو، تنهن ڪري ليکڪن به پنهنجي لکيتن ۾ محنت ڪشن جي مسئلن کي جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. ليکڪ ته گهڻائي هيا پر خاص نالا، ڊائوڊيٽ ۽ جينيٽ جا مشهور ٿيا، جن ماضي ۽ حال جي مسئلن کي پنهنجي لکيتن ۾ جوڳي جاءِ ڏني.
اڻويهين صدي ۾ ڏٺو ويو ته ليکڪن لاءِ ماحول سازگار نه رهيو، انهن منجهان گهڻا پوئتي هٽڻ لڳا ۽ ڪجهه وري ڪنڊ وسائي ويهي رهيا. جيڪڏهن اهي ٿورو هيٺ لهي، سماج جي سورن کي کڻن ها ته پوءِ ارڙهين صديءَ واري حيثيت به قائم رکن ها ته کين پروليتاري سماج جو ساٿ به ملي ها. انهن جي تحريرن کي ٻيڻو ميدان حاصل ٿئي ها، هڪڙو اڳوڻي خيال جي آزادي ۽ ان سان گڏ سياسي جمهوري سهائتا، ان کان به اڳتي وڌي کين، ماڻهن جا مسئلا چونڊ ڪندي، عوام، سماج جي حمايت به حاصل ٿئي ها ۽ ٻئي نمبر تي سماجي جمهوري محاذ تي به غور ڪرڻ جو کين فائدو حاصل ٿئي ها. ان قسم جي اسلوب سان ليکڪن کي عوام جي وکريل ڌڙن جي ويجهو وڃڻ جو به فائدو حاصل ٿئي ها.. ان طرح جي ڪوشش سان اهي محنت ڪش ڪلاس کي به شعور ڏيندي سجاڳيءَ طرف وٺي وڃڻ ۾ داد حاصل ڪن ها، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي هاڪ/ناموس سموري دنيا تائين ڦهلجي وڃي ها. مان اڳ ۾ به چئي آيو آهيان ته اهو ادب جيڪو پنهنجي دور منجهه خود مختياريءَ جي سجاڳي نه پيش ڪندو ته اهو ويرانيءَ جي ور چڙهي ويندو.
هن کان اڳ، اسان ان اصول جي نشاندهي ڪري چڪا آهيون ته ليکڪ هميشه، پنهنجي لکڻين ۾ سمورن ماڻهن سان مخاطب هوندو آهي. پر ان سان گڏ عجيب ڳالهه اها به آهي ته ليکڪ کي پڙهندا وري چند ماڻهو آهن. ان جي نتيجي هيٺ، پڙهندڙن ۾ ٻه ڌڙا بڻجي وڃن ٿا، هڪڙو اصل عوام ۽ ٻيو خاص خيالن وارو عوامي طبقو، ان ڪري مڪمل ٻڌيءَ وارو تصور پيدا ٿي پيو. هاڻي ليکڪ، مستقل طور تي چند ماڻهن جي هٿن جي زينت بڻجي پيو. ادبي شهرت، نٽشي جي قول، ”دائمي مشهوري“ سان وڃي مشابهت رکي ٿي، جيڪا ڪوشش، تاريخ جي اصول خلاف چئي وڃي ٿي.
مختصر طور تي اصلي ادب پنهنجي اهميت ۽ عظمت بنا گروهه، ڪلاس ليس سماج منجهه ئي اجا گر ڪري سگهي ٿو. فقط ان سوسائٽي منجهه ئي هڪ ليکڪ کي پتو پوي ٿو ته هن جي تحرير ۽ عوام منجهه ڪو فرق ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته ادب جو عنوان، دنيا اندر هميشه ماڻهو ئي رهيو آهي. ماڻهن جي مسئلن کي سامهون رکندي اها حقيقت ئي آهي ته ادب جي مڪمل طور تي حقيقي معنيٰ ئي علم ال انسان آهي.
اهڙي طرح سان، بنا ڪلاسن واري سماج ۾ بنا ڊڪٽيٽرشپ، جنهن ۾ اعتماد اڻ لڀ هجي، ادب جي انتها، ان جي شناخت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ٿيندي، ان ۾ اها بخوبي ڄاڻ هوندي ته طريقو ۽ مواد، پبلڪ ۽ عنوان، سڀ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن، ته ڳالهائڻ جي آزادي ۽ عملي ڪم ڪرڻ جي آزادي گڏ آهن، ته هر ماڻهوءَ جون ضرورت آهر گهرجون ان کي حاصل ٿي سگهنديون ۽ سچ جو سمو هوندو، جتي آزادي هوندي انساني آزاديءَ کي مڪمل تحفظ هوندو. پڪ سمجهو ته اهو عمل تصوراتي يا خيالي آهي. اهو ممڪن آهي ته اهڙو سماج جوڙي سگهجي ٿو، پر اسان وٽ عملي ذريعا موجود ناهن جو اسان اهو جوڙي سگهون. حالتون اسان جي فائدي ۾ ضرور آهن، ان ڪري مڪمل ۽ سچو سماج جوڙي سگهجي ٿو. اهي حالتون، بيشڪ، اڄ ڪلهه اسان جي حق ۾ ناهن، ان ڪري اڄ ئي اسان کي لکڻ گهرجي. پر ادب جو جهان ان طرح جو بڻيو آ، جو اسان لکي ته سگهون ٿا، پر هن وقت فقط هڪڙو سوال اسان لاءِ اهم آ، ان جو جواب هاڻي ڏيڻ گهرجي: هن سال يعني 1947ع منجهه، ليکڪ آڏو صورتحال ڪهڙي آ، هن جا سامعين ڪهڙا آهن، هن جا خيال ڪهڙا آهن، هو ڇا بابت لکڻ ٿو چاهي، هو هاڻي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڇا بابت لکندو؟