باب ٻيون: اسان لکون ڇو ٿا؟
WHY DO WE WRITE?
هرهڪ وٽ پنهنجا رايا هجن ٿا: هڪڙو چوي ٿو ته فن اڏام آهي؛ ٻي لاءِ وري فتح حاصل ڪرڻ جو ذريعو. پر هڪڙو شخص ڀڄي وڃي بنواس ۾ پناهه وٺي ٿو، پاڳلپڻي جو سهارو وٺي ٿو، آخر ۾ موت جي جهوليءَ ۾ سڪون حاصل ڪري ٿو. هڪ شخص آ جيڪو هٿيارن جي زور تي فاتح بڻجي ٿو. آخر هو لکڻ جو سهارو ڇو ٿو وٺي، آخر هڪڙو، لکڻ ذريعي پنهنجي ڪمزوري ۽ فتح ڇو ٿو ظاهر ڪرڻ چاهي؟ ڇاڪاڻ ته، مختلف لکارن وٽ انيڪ امنگ هجن ٿا، هڪ تمنا، اهڙي آهي جيڪا، اونهي ۽ شديد آهي. جيڪا اسان سڀني وٽ ساڳي هجي ٿي. ان امنگ ۽ تمنا جي اسان، تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اهو ڏسڻ چاهينداسين ته آيا اها تمنا ساڳي لکڻ واري ته ناهي، جنهن لاءِ ان جي تقاضا ڪرڻ لازمي آهي، ته ليکڪ وٽ پنهنجو عزم به ڀرپور هجڻ گهرجي.
اسان جي هر تمنا سان سجاڳيءَ جو پهلو سلهاڙيل ضرور هجي، ته انساني سچائي، ’رهنمائي ڪرڻ‘ کي چئي سگهجي ٿو؛ ان جو مطلب ٿيو ته ان جو واسطو انساني سچائي جي هجڻ واري وجود جي معرفت حاصل ٿئي ٿو، ٻين لفظن ۾ ايئن به چئي سگهبو ته، ’ماڻهو ئي اهو وسيلو يا ذريعو آهي جنهن جي معرفت شين جي تشريح ممڪن آهي.‘ دنيا اندر اسان جي موجودگي سان، رشتن جو ڄار وڇايو وڃي ٿو. اهي اسان ئي آهيون، جيڪي هڪ وڻ ۽ ان جي مٿان واري آسمان جي ٽُڪري جو پاڻ ۾ تعلق يا رشتو جوڙيون ٿا. اها ڪاميابي اسان جي ئي آهي جو هڪ سالن کان مئل ستاري، چند جي چوٿائي ۽ اونداهيءَ جي هنج ۾ گم ٿيل نديءَ کي، ڌرتي جي نسبت سان ڳولهي نروار ڪري ڏيکاريو آهي.
اها رفتار اسانجي ڪار ۽ هوائي جهاز جي ئي آهي. جنهن جي مدد سان اسان ڌرتيءَ جي ڦهليل سيني کي سميٽي سگهون ٿا. اسان جي هر ان عمل جي وسيلي دنيا، اسان کي پنهنجا نوان روپ پسائي ٿي، پر جڏهن اسان کي پروڙ پوي ٿي ته اسان ان وجود جا هلائڻ وارا آهيون ته پوءِ اسان کي اها به پرک هجي ته اسان ان جا خلقيندڙ ناهيون. اگر، اسان ڌرتيءَ کان منهن موڙي ٿا ڇڏيون ته پوءِ اهي سمورا منظر وري هميشه لاءِ اونداهيءَ ۾ غرق ٿي ويندا. گهٽ ۾ گهٽ اهو منظر ضرور غرق ٿي ويندو، اهڙو ڪو پاڳل ئي هوندو جيڪو ايئن چوندو ته اجهو اهو غرق ٿيڻ وارو آهي. اهي اسان ئي آهيون جيڪي غرق ٿينداسون، ڌرتي پنهنجي پراڻي سڪون واري حالت ۾ موجود هوندي، جيستائين وري جاڳرتا جو جهوٽو اچي ۽ ان کي اچي سجاڳ ڪري. اهڙي طرح سان اسان جي اندر ۾ وجود جي سچائي، جنهن سان اسان ’نواڻ جا ڏَسڻ وارا‘ بڻيا هياسين، انهن جو وجود به غير ضروري بڻجي ويندو، ان نواڻ جي نسبت سان جيڪو قائم ٿيو هو.
فني تخليق جو اهم جُز، ان فڪر سان گڏيل هجي ٿو، جنهن سان اسان جي سوچ اها هجي ٿي ته دنيا سان ميل ميلاپ رکڻ لاءِ اسان جو وجود لازمي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن مان ڪا تصوير ٺاهيان ٿو، يا تحرير اهڙي جوڙيان ٿو، جنهن ۾ ڌرتي سمنڊ يا ڪنهن چَهري کي چِٽو ڪيان ٿو ته مون کي اها ڄاڻ آهي ته منهنجو ان قسم جي شڪلين سان ڪو رشتو آهي. اهي شيون منهنجي شعور منجهه گڏيل آهن ، ان گڏيل شعور جي مدد سان منهنجي قلم يا برش ذريعي، انهن جا انيڪ روپ، ڪاغذ يا بورڊ مٿان اهي منظر پيش ڪري سگهان ٿو. ان جو مطلب ٿيو ته منهنجي وجود جو رشتو، منهنجي تخليق لاءِ لازمي آهي.
هن وقت وري اها تخليق ڪيل شئي، مون کان پري هلي وڃي ٿي ۽ اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ مان پاڻ کي گهٽ ڪونه ٿو ڄاڻان، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت تي مان، ٻڌائڻ ۽ جوڙڻ جو ڪم ڪرڻ کان قاصر آهيان. ان طرح سان تخليق، تخليقي عمل جي ڀيٽ ۾ غير ضروري بڻجي وڃي ٿي. سڀ کان اڳ ۾ ڪا شئي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ سهڻي لڳي ٿي، تڏهن به تخليق ڪيل شئي منجهه، نئين سر، نظر ڦيرائڻ سان، ڪافي غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ڪا لڪير مٽائڻ، ڪو رنگ يا ان جي شيڊ هلڪي ڪرڻ يا ڪو لفظ بدلائڻ وغيره. ان قسم جي مٽ سٽ، پنهنجي پاران ڪو زور نه ٿي ڪري سگهي. هڪ نئين سيکڙاٽ چترڪار، پنهنجي استاد کان سوال پڇيو ته، مان پنهنجي جوڙيل تصوير کي ڪهڙي مهل مڪمل سمجهان؟ استاد پينٽر جواب ڏنس ته، جڏهن تون پنهنجي جوڙيل تصوير کي ڏسي حيران ٿي ڪري، پاڻ کان سوال پڇئين ته ”ڇا مان ئي اهو آهيان، جنهن هيءَ تصوير ٺاهي آهي“. عام طور تي ايئن ٿئي ڪونه ٿو، هر تخليق لاءِ ٻي جي راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي، اهو ان ڪري جو تخليق کي اسان گهٽ اهميت ڏيون ٿا ۽ تخليقي عمل کي وڌيڪ سمجهون ٿا. مثال طور: جڏهن اسان ٺڪر جي برتن يا ڪاٺيءَ منجهان ڪا شئي ٺاهڻ لڳون ٿا، ته انهن جا روايتي ماپا ۽ ماڻ، اڳ ۾ ئي جوڙيل هجن ٿا جيڪي پراڻي وقت کان هلندا اچن ٿا، هائيڊيگر، انهن لاءِ لفظ ”اهي“ (They) استعمال ڪري ٿو جيڪي ڪم اسان هٿن سان ڪيون ٿا. اهي اسان جي نظرن ۾ اڳواٽ جوڙيل شيون، موجود هجن ٿيون، پر جيڪڏهن اسان پاڻ شين جا گهڙيندڙ، ماپا جوڙيندڙ هجئون، اها تخليق، اسان جي اندر مان اڀريل هجي، ته پوءِ اسان پنهنجي تخليق کي پنهنجي جگر جو ٽڪرو سمجهڻ لڳنداسون. قانون پنهنجو پاڻ جوڙيون، ان سان انصاف به پاڻ ئي ڪنداسون.
ان جي تاريخ، ان سان پيار، پنهنجائپ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان پوءِ خوشي ته اسان ان جو احترام به ڪيون ٿا. ڀلي ان منجهان ڪو لاڀ يا ڪا شابس نه به ملي. پوءِ به اسان جون سموريون همدرديون ان سان ئي هونديون. ان قسم جي تخليقن پٺيان نتيجا، جيڪي بورڊ تي هجن يا ڪاڳرن تي، اهي اسان کي پراوا يا اوپرا يا خارجي Objective ڪونه محسوس ٿيندا. اهي جيڪي اثر سماج مٿان نافذ ڪندا، انهن جي اسان کي بخوبي ڄاڻ هوندي. اهي طريقا ۽ انهن جا اثر، داخلي Subjective ئي تسليم ڪيا ويندا، انهن منجهه اسان ئي هونداسين. اسان جا جذبا ۽ جولان ئي هوندا، اسان جون حرفتون، پرکڻ مهل، ڏسڻ ۾ اينديون ۽ پوءِ جڏهن به اهڙي شئي ٻيهر تخليق ڪرڻي پوندي ته اسان جو ئي عقل ۽ فهم، فن ۽ فراست عيان هوندي، پوءِ هر شئي گهربل معيار وارا نتيجا ڏيندي رهندي. پوءِ اسان جي تصور مطابق، شئي کي اهميت ملندي ۽ داخلي عمل غير اهم بڻجي ويندو. وري جڏهن داخليت جي اهميت وڌڻ لڳندي تخليق جي ڪري ته پوءِ شئي جي اهميت غير ضروري سمجهي ويندي.
ان قسم جي نواڻ، ٻي ڪنهن فن ۾ نه پر، لکڻ جي فن ۾ نمايان نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته ادبي تخليق منجهه خاص نواڻ نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته ادبي ڌارائن ۾ تحرڪ موجود هجي ٿو. ان عمل جو سهڻي نموني سان نظارو، پڙهڻ واري عمل پٺيان حاصل ٿئي ٿو، پڙهڻ يا مطالعو ڪرڻ ان ڪري لازمي بڻجي ٿو، اهو نظارو هميشه جاري رهندو، جيڪڏهن پڙهڻ وارو عمل جاري رهندو. ان کان هٽي ڪري اگر ڏسبو ته، اهي اڇي پني مٿان، ڪارا داغ ئي نظر اچڻ لڳندا. ان حالت ۾ سرجڻهار، پنهنجي لکت پڙهڻ کان قاصر هوندو. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪنهن موچيءَ پنهنجي ماپ جو بوٽ ٺاهيو آهي ته ڪنهن به وقت هو ان ۾ پير وجهي پائي هلڻ لڳندو. ڪنهن ڪاريگر ڪو گهر، پنهنجي لاءِ ٺاهيو آهي ته هو ان ۾ رهي سگهي ٿو. جيستائين پڙهڻ جو تعلق آهي ته پڙهندڙ کي اڳتي لاءِ سوچڻو پوي ٿو ان تي غور و فڪر ڪرڻو پوي ٿو. ان کي جملي جي پڄاڻيءَ تائين نظر ڊوڙائڻي پوي ٿي، ان کان پوءِ ٻيو جملو ۽ وري ٻيو صفحو. ان کي سوچ سميت انتظار ڪرڻو پوي ٿو ته آيا ان ۾ ٿيل بيان خوشي ڏئي ٿو يا مايوس ڪري ٿو. پڙهڻ جي عمل سان کوڙ سارا مفروضا شامل هجن ٿا، خواب هجن ٿا، جن جي پٺيان سجاڳي جنم وٺي ٿي، اميدن، نراساين ۽ ڌوڪن جا انبار هجن ٿا.. پاڙهو هميشه جملي کان اڳڀرو هلندا رهن ٿا، جن کي مستقبل جون جهلڪيون ڏسڻ ۾ اينديون رهن ٿيون. جيڪي ڪنهن مهل گمسم ته ڪنهن مهل وري پراميد بڻجي، هڪ صفحي کان ٻي صفحي تائين هلندي، ادبي ڪاوش جي چرندڙ پرندڙ ڪئنواس قائم رکڻ ۾ رُڌل رهن ٿيون. بنا انتظار جي، بنا مستقبل جي، بنا بي خبريءَ جي، اسان کي خارجيت Objectivity حاصل ڪونه ٿي سگهندي.
هاڻي لکڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو، ليکڪ جي ذهن ۾ جيڪو عنوان آهي، بنان ڪنهن تحرير جو مطالعو ڪندي، هو لکي ٿو. هن جي قلم هيٺان لفظ جڙن ٿا، اديب انهن کي ڏسي ٿو، پر انهن اکرن کي هو پڙهندڙ جيان نه ٿو پرکي، ڇاڪاڻ ته لکڻ کان اڳ اديب انهن اکرن سان مانوس هجي ٿو. اکرن مٿان ليکڪ جي گهور جو اهو مطلب ناهي ته هو ڪجهه ٻڌائي ٿو، اکرن کي پڙهڻ جوڳو ضرور بڻائي ٿو، اهي اکر جيڪي هن جي لاشعور ۾ ستل آهن، انهن جا عڪس، نشان، درستي سميت جوڙيندو رهي ٿو. مختصر طور تي، اهو هن جو جڙاءُ وارو مِشن هجي ٿو، هن جي اڳيان جيڪو منظر بڻجي ٿو، اهو فقط قلم منجهان نڪتل ڪجهه نشان/اکر ئي هجن ٿا. ليکڪ نه ته ڪا اڳڪٿي ڪري ٿو ۽ نه وري ڪا راءِ ڏئي ٿو، بس هو ڪا تعمير/تخليق ڪري ٿو. عام طرح تي هو ٿورو رڪجي سوچ ڪري ٿو، جنهن کي اتساهه يا اڌمو چئي سگهجي ٿو. اهو هن جو انتطار، پنهنجي لاءِ اوترو ناهي هوندو، جيترو ڪنهن ٻي لاءِ ڪبو آهي. هن جو انتظار هن کي بانور ڪرائي ٿو ته مستقبل ڪنهن جو به جڙيل ناهي هوندو، هر ماڻهو پنهنجو مستقبل پاڻ جوڙيندو آهي. ان ڪري مستقبل هڪ ڪورو ڪاڳر ئي هجي ٿو، اهڙي طرح سان پڙهندڙ جو مستقبل ٻه سئو صفحا ئي هوندو، جنهن ۾ بيشمار لفظ وکريل هوندا آهن، جنهن جي انتها جي ڄاڻ هن کي ناهي هوندي. ان طرح سان اديب هر هنڌ موجود هجي ٿو، هن جي ڄاڻ، هن جي خواهش، هن جا ارادا ۽ آخر ۾ هو پاڻ هجي ٿو. اهو پنهنجي هر عمل ۾ پاڻ خود موجود رهي ٿو، جنهن کي Subjectivity چئجي ٿو. جيڪا شئي هو تخليق ڪري ٿو، اها هن جي پهچ کان پرڀرو هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها شئي Object هو پاڻ لاءِ تخليق ڪونه ٿو ڪري. جڏهن هو پنهنجي تخليق ٻيهر پڙهڻ لڳي ٿو ته، ان وقت تائين گهڻو وقت گذري چڪو هجي ٿو. اهي جملا، هن جي اکين کان گهڻو پري هليا وڃن ٿا، هو پنهنجي پاڻ واري آخري حد تائين ته وڃي سگهي ٿو پر ان کي اورانگهي هُن پار وڃي نه ٿو سگهي، ان وقت هن جي تحرير جي خوبين جو اثر، هن مٿان گهٽ، ان جي برعڪس ٻين پڙهندڙن مٿان وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿو. اها ڳالهه هو سمجهي ضرور ٿو پر محسوس ڪري نه ٿو سگهي. اُن جو مثال اِن طرح سان ڏجي ٿو ته روسو جڏهن پنهنجي ڪتاب ”سماجي معاهدو“ Social Contract عمر جي آخري حصي ۾ ٻيهر پڙهيو ته هن مٿان ڪو اثر نه ٿيو.
ان طرح سان اها چوڻي سچي ناهي. جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته ليکڪ فقط پنهنجي لاءِ ئي لکن ٿا. ان ڪري تخليقي عمل هڪ اهم ۽ ان پوري گهڙيءَ جي برابر آهي ، جنهن جي اثر هيٺ ڪا تخليق جنم وٺي ٿي. ليکڪ ڀلي وجود رکندو هجي، قلم جي ڪرت اڃا به سگهاري ڪري سگهي ٿو، پر ساڳي شئي Object جوڙڻ کان قاصر رهي ٿو. ان ڪري اهو ٻين کي پاسيرو رکي، نراسائيءَ جي ور چڙهي وڃي ٿو.
هن اسٽيج تي جيڪو عمل وري اڀري اچي ٿو، اهو پڙهڻ واري جو ئي آهي. اهو نئون ۽ پراڻو عمل، پڙهڻ ۽ لکڻ واري جو گڏيل ورثو آهي، جنهن کي ذهن جي پيداوار ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سان اهو فن فقط، ٻين جو ۽ ٻين جي لاءِ چيو وڃي ٿو.
پڙهڻ، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سوچ ۽ تخليق جو سنگم آهي. ان لاءِ ٻَئي Subject ۽ Object اهميت وارا هجن ٿا. اهو به سچ آهي ته پڙهڻ ڪو مشيني عمل ناهي، جنهن ڪري اهي اکرن جا جڙيل عڪس، هن جي ذهن مٿان ڪو ميڪانڪي عمل ڪندا هجن جيئن ڪئميرا ۾ فوٽو پليٽ تي عڪس ڪندا آهن. اگر پڙهندڙ بي خيال آ، ٿڪل آ، بي ڌيان يا ڀُوڪ آ، ته پوءِ اهي عڪس ته اڏامي ويندا، جيڪي اهو وري ڪڏهن به ورائي نه ڏسي سگهندو. ان حالت ۾، هو اگر ڪجهه سوچ ڪندو ته اهي انڌي جي لٺين جيان هوندا، يا اهي عڪس، موضوع کان هٽيل معنيٰ کان خالي لفظ ئي ٿي پوندا، جن ۾ ادبي سرهاڻ هوندي ئي ڪونه، ادبي سچائي به اڻ لڀ هوندي. پڙهندڙ، اگر پارکو آ، ته پوءِ هن جي آڏو لکيل فن پارو، غير اهم ٿي پوندو، پڙهندڙ جي علمي پهچ، ليکڪ کان ڪجهه قدم اڳڀرو وڃي پهچندي. مختصر طور تي، مطالعو ڪرڻ يا پڙهڻ، تخليق مطابق هلڻ جو فن چيو وڃي ٿو.
ان طرح سان، پڙهندڙ کي اهو ئي ڪرڻو پوندو آهي جيڪو هو اڳ ۾ ئي ڪري چڪو هوندو آهي. جيڪي ڪجهه اهو تخليقي ڪم ڪري ڇڏيندو آهي. اهو هن جي اهليت پٽاندر هوندو آهي، پنهنجي پڙهڻ ۽ تخليق دوران هن کي خبر هوندي آهي ته هو پنهنجي مطالعي کي ڪيتري حد تائين وڌائي، تخليقي عمل کي وڌيڪ ڪري سگهي ٿو، پوءِ هن جي تخليق، کيس اڻٿڪ ۽ شين جيان چٽي ۽ واضح لڳندي آهي. اسان کي اها ڳالهه، تسليم ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نظر نه ايندي آهي جنهن سان اسان علمي ڄاڻ کي جنهن کي ڪانٽ آفاقي ساڃاهه ڪوٺيندو آهي. ٻنهي کي هڪجهڙو ڪري مڃيون، جن ۾ پيداواري خوبيون هجن، جيڪي اسان جي شخصي حيثيت منجهان اڀرندڙ هجن، اسان جي اکين اڳيان جُڙيل هجن ۽ پوءِ خارجي شين جو روپ ڌارين. جيئن ته تخليق مطالعي منجهان جنم وٺي ٿي، جيئن ته آرٽسٽ، پنهنجي تخليق جو اظهار ڪنهن ٻئي هٿان ڪرائي ٿو، اهو اظهار پڙهندڙ جي سجاڳ ذهن جي معرفت ئي چَورائي ٿو ته اها تخليق واقعي تعريف لائق آهي، ان طرح سان سمورو ادبي ڪم هڪ اپيل بڻجي وڃي ٿو. لکڻ ڄڻ ڪا اپيل هجي پڙهڻ واري کي ته هو لکيت لاءِ ٻوليءَ جي سهاري سان ان کي ڪائي خارجي حيثيت جو وجود ڪوٺي، ڇاڪاڻ ته ان شئي جي داخلي حيثيت کي، خارجي وجود ڏيڻ خاطر ڪي انگ اکر موجود ڪونه هوندا آهن. اهڙي طرح سان، ليکڪ، پڙهندڙ جي آزاديءَ کي اپيل ٿو ڪري ته ڪائي تخليق جوڙڻ مهل، هن جي مدد ڪري، هن جو ساٿ ڏئي.
اها ڳالهه، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چئي سگهجي ٿي ته اهي سمورا خيال يا اپيل، اسان جي آزاديءَ سان ڳنڍيل رهن ٿا، جنهن ڪري ڪائي شئي جڙي سگهي ٿي. آزاديءَ جي مفهوم کي غلط نه سمجهيو وڃي، آزاديءَ جو مقصد اهو ناهي ته ڪا لوهي يا سخت شئي مثال طور: هٿوڙو، مان ڪنهن جي مٿي تي هڻي ڪڍان ۽ ان کي چوان ته اها منهنجي آزادي آهي. ان ڪم لاءِ ڪنهن جي طرفان به مونکي اپيل نه ڪئي وئي آهي. ڪوئي ڪتاب، منهنجي آزاديءَ جي تمنا ناهي هوندو، اها ان جي تقاضا هوندي آهي.
فطرت جي خوبصورتيءَ جي ڪنهن به قيمت تي فن جي حسن سان ڀيٽ ڪري نه ٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته فن جي ڪا انتها ڪونه هوندي آهي. فن جي تخليق مثال طور: تصوير يا ڪو مجسمو يا ڪتاب، هر هڪ کي پنهنجو حسن آهي. ڪانٽ جو يقين آهي ته ڪا به تخليق پهريائين وجود رکي ٿي جيڪا حقيقت هجي ٿي، ان کانپوءِ ئي ان کي ڏسي سگهجي ٿو. توهان کي مڪمل اختيار آهي ته ڪو ڪتاب توهان ٽيبل مٿان رکي سگهو ٿا. پر جڏهن توهان ان کي کوليو ٿا، ته پوءِ ذميواري توهان جي بڻجي ٿي ته ان جي ڪَٿ ڪيئن ٿا ڪيو، اها ڪَٿ ئي ان ڪتاب جي قيمت يا مُلهه بڻجي وڃي ٿو. فن پاري کي مُلهه يا قيمت حاصل ٿئي ٿي، ان کي اپيل چيو وڃي ٿو، جيڪا توهان کي اهو فن پارو ڪري ٿو، پسند يا ناپسند، ٻنهي صورتن منجهه، ۽ پوءِ اهو فن پارو ئي چاهت يا نفرت جو باعث بڻجي ٿو. ليکڪ کي، ان قسم جي جذبي مٿان چڙهي ويهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجو پاڻ سان ٽڪراو ۾ اچي ويندو، ان کي بس ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي. ان طرح سان پڙهندڙ کي به خوش اخلاقيءَ سان منهن موڙڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي هيٺ، ليکڪ ۽ پڙهندڙ درميان سٺا تعلقات قائم رهندا. هڪ ليکڪ، ڪا حسين تخليق ڪري ٿو جنهن ۾ جذبات جام هجن ٿا ته پڙهندڙ جا ڳوڙها به ڳاڙائي سگهي ٿي، ان لاءِ هو آزاد آهي، جذبا آزاد آهن. پڙهندڙ جو ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، باقي هو ڪنهن به قسم جي جذبي جي اظهار لاءِ آزاد آهي. پڙهڻ جو عمل آزاد خواب مثل آهي. ان طرح سان پڙهڻ جي عمل کي سخاوت جو عمل به چيو وڃي ٿو.
لکڻ جو عمل ٻٽو آهي، دنيا جا راز ڦولهڻ ۽ پڙهندڙ لاءِ سخاوت سميت فرض نڀائڻ. تخليقڪار ڪا تخليق گهڙي ٿو، ان ۾ عمل موجود آ، ان سان سلهاڙيل ڪهاڻي آ، ڪردار آهن، اگر ڪردار، پنهنجي ادائيگي اثرائتي نموني نڀائن ٿا ته پوءِ اهو فن پارو، حقيقت نگاري جي هنج ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، اصل هوندو، سچ ڏسڻ ۾ ايندو. اهڙو عمل، اگر گهڻن پنن ڏِيکن ۽ ڏِکن ۾ هوندو ته ان کي ناول ڪوٺي سگهجي ٿو. ان فن پاري ۾ پيش ڪيل سچائي، پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڀونچال پيدا ڪندي.، سوچ ۾ واڌارو آڻيندي ۽ پوءِ ان لاءِ ڪي چڱا لفظَ به چيا ويندا، تعريف لائق به بڻجي سگهندو.
اهڙي طرح سان ليکڪ، سماج تي، دنيا تي، دنيا جي ڪنهن به حصي تي پنهنجي تخليقي عمل سان اثر انداز ٿي سگهي ٿو. ٻنهي پاسن ڏانهن يعنيٰ مثبت روين سان ته منفي روين سان پڻ. جن کي داخلي ۽ خارجي رويا ۽ انهن پٺيان عملن کي انهن نالن سان پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ جيڪي ڪتاب جُڙن ٿا، انهن ۾ به ساڳيا، مثبت يا منفي رويا نمايان نظر اچن ٿا. پوءِ ليکڪءَ جي دنيا، پڙهندڙن جي رحم ڪرم تي قائم رهي ٿي ته آيا، ليکڪ کي موٽ ۾ شابس يا تعريف ملي ته ان جي برعڪس تنبيهه يا نفرت به پلئه پئجي سگهي ٿي. ان لاءِ پڙهندڙ آزاد آهي ۽ ان جي راءِ کي اهميت آهي. ان طرح سان ئي دنيا منجهه، هر قسم جو ادب جُڙي ٿو. سٺا ناول به ته ماٺا ناول پڻ. ماٺن فن پارن منجهه خوشامد ۽ هلڪائپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته سٺن منجهه، سچائي، ايمان ۽ اعتماد نظر اچي ٿو. ان عمل منجهه آزاديءَ واري عنصر کي ڪڏهن به پٺتي نه ٿو رکي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آزادي، هڪ ماڻهوءَ کي ٻي ماڻهوءَ خلاف به بڻائي سگهي ٿي يعنيٰ نفرت پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مثال ان طرح سان ڏجي ٿو ته هڪ ئي ملڪ يعنيٰ آمريڪا منجهه (نيگرو) ڪاري نسل واري جو لکيل ڪتاب، سفيد نسل خلاف هجي ٿو، پر ان جو مطلب، آزادي کسڻ جي ڪري آهي جيڪا ڪارن کان کسي وئي آهي ۽ اهي آزاديءَ خاطر نفرت ڪن ٿا ۽ وڙهن ٿا. پوءِ اهي ليکڪ مضمون نگار هجن، ناول نگار، طنزيه نگار يا پمفليٽ نگار هجن، انهن جا جذبا عيان هجن يا سماجي ناانصافي هجي، اهو ڪهڙي به صنف جو اديب هجي، پر اهي ته ليکڪ، قلم ڪار، آزاد شخص، آزاد شخصن خلاف يا موافق لکي ٿو پر انهن منجهان سڀني کي، هڪ ئي شئي گهربل آهي، جنهن کي چئجي ٿو آزادي (Freedom).
اهڙي طرح سان پڙهڻ جو عمل، ليکڪ ۽ پڙهندڙ وچ ۾ سخاوت جو معاهدو آهي، ٻنهي جو هڪ ٻئي مٿان اعتماد آهي، هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻو اٿن، اهو اعتماد ئي ته سخاوت آهي. ان ڪري ليکڪ پاران، پڙهندڙن مٿان جادوئي اثر ڦهلائي، انهن جي ذهنن مٿان غلاميءَ جو ڄار اڇلائڻ وارو عمل، سندس فن لاءِ ئي هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. هڪ لوهار، لوهي هٿيار سان ڪنهن جو مٿو چٿي دهشت ڦهلائي ٿو، اهو عمل، ان جي حياتيءَ لاءِ به نقصانڪار ٿي سگهي ٿو پر هن جي فن لاءِ بلڪل نه، هڪ ليکڪ، ٻنهي پاسن کان هن جي فن ۽ حياتيءَ لاءِ نقصانڪار بڻجي سگهي ٿو. مون اهڙا ليکڪ به ڏٺا جيڪي جنگ کان اڳ ۾ فاشزم کي پسند ڪرڻ لڳا هئا، حالانڪ ان جا منفي اثر به ڏسي رهيا هئا ۽ ان سان گڏ نازي جرمن حاڪم، انهن جي تعريف ڪرڻ ۾ ڊاپبا ئي ڪونه هيا. هڪ ليکڪ، نازين جي حق ۾ لکڻ به لڳو هو ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ليڪچر ڏيندي، سمجهاڻيون ڏيندو رهيو. هن کي ڪا موٽ ڪونه ملي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ آزادي اڻ لڀ هئي. ان ڪري اهو چڙي پيو ۽ پنهنجي پڙهندڙن جي پرواهه ئي نه ڪيائين، اڃا به وڌيڪ حمايت ڪرڻ لڳو، پر هن جي لکتن کي ڪابه موٽ نه ملي، ڪنهن به قسم جي ڪاوڙ يا نفرت جي نشاني به نه مليس. ايتري ۾ هو ايڏي بي حسي جي اثر هيٺ مايوسيءَ جي ور چڙهي ويو. ان ڳالهه جي هن جرمن لوڪن کي شڪايت به ڪئي. هن جي اعليٰ قسم جون تحريرون به هڪ چرئي جا چرڙاٽ سمجهيا ويا. آخر اها گهڙي به آئي جڏهن هو سينو پٽڻ لڳو، پر ڪو جواب نه مليس سواءِ ويڪائو صحافين پاران تعريف، جن کان هو نفرت ڪندو هو. ايتري ۾ هن استعيفا ڏني، تحريڪ کي ڇڏي ڏنو، وري لکڻ لڳو، پر پوءِ به هن جو آواز برپٽ ۾ چيخ جيان محسوس ٿيو، آخرڪار، هن سڀ ڪجهه وڃايو، خاموش ٿي ويو ۽ هن جو آواز ٻين جي خاموشيءَ ۾ لڙهي ويو. اهو واقعو ان ڪري ٿيو جو اهو، ٻين کي غلام ڪرڻ پيو چاهي، پر پوءِ هن سوچيو ته سندس اهڙو عمل شخصي هيو، جيڪو هن جي آزاديءَ سان سلهاڙيل هيو. هن جي اندر وارو ماڻهو سجاڳ ٿيو جنهن کيس مبارڪباد ڏني، پر هن جي اندر وارو ليکڪ آخر تائين هن سان شامل نه ٿيو. هو ان ئي ڪشمڪش ۾ مبتلا هيو ته ٻيا جيڪي خوش ٿيا، اهي گهڻا هيا، تعداد ۾، انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته لکڻ جي آزادي عوام جي آزاديءَ سان سلهاڙيل آهي. ڪوبه شخص، غلامن لاءِ ڪونه ٿو لکي. نثر نويسيءَ جو فن، ان مخلوق سان سلهاڙيل رهي ٿو، جنهن کي نثر جي مقصد يا معنيٰ جي ڄاڻ هجي، جنهن کي جمهوريت Democracy ڪوٺيو وڃي ٿو. هڪ ڌر کي جيڪڏهن خطرو آهي ته ٻي ڌر کي پنهنجو پاڻ خطرو محسوس ٿيندو. ان خطري جو مقابلو يا تحفظ، فقط پِين سان نه ٿو ڪري سگهجي. آخر هڪ ڏينهن اهڙو به اچي ٿو، جنهن ۾ پين/قلم کي ڏاڍ ۽ ڏمر سان خاموش ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ ليکڪ لاءِ ٻيو رستو بچي ئي نه ٿو سواءِ هٿيار کڻڻ جي. توهان ان عمل کي ڪهڙو به نانءُ ڏيو، ٻين جا رايا ڪهڙا به اڀري اچن، پر ادب توهان کي آخرڪار، ڌڪي، ٽڪراءُ جي ميدان ۾ آڻي پهچائي ٿو. لکڻ جو پورهيو هڪ ڏينهن ضرور توهان کي آزاديءَ جي راهه تي آڻي بيهاريندو، هڪ دفعو توهان ابتدا ڪيو ٿا، جيڪڏهن جذبو توهان جو سچو ۽ پرعزم آهي ته پوءِ حالتون ڪهڙيون به سامهون اچن، توهان پنهنجو مقصد يا منزل ضرور حاصل ڪري وٺندا.
سچا يا ڪميٽيڊ ڇا سان؟ جمهوريت جي دفاع سان. اهي لفظ اچارڻ لاءِ ته سولا آهن، ان لاءِ اسان کي اعليٰ قدرن جو رکوال/محافظ ٿي رهڻو پوندو. پوءِ اسان عام رواجي زندگيءَ ۾ پڻ سياسي ۽ سماجي قدرن جي جاکوڙ جو رکوال بڻجي رهڻو پوندو، مڪمل سچائي ۽ ڪمٽمينٽ سميت؟ هاڻي هڪڙو سوال ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو آسان لڳي ٿو، پر اهو ڪوبه شخص پاڻ کان ڪڏهن به پڇڻ لاءِ تيار ناهي: آيا، اهو (ليکڪ) لکي ڪنهن جي لاءِ ٿو؟