باب پهريون: ادب ڇا آهي؟
WHAT IS LITERATURE?
نه، اسان عزم ڪونه ٿا ڪيون، پينٽنگ، مجسمي سازي ۽ ان سان گڏ ميوزڪ لاءِ، يا گهٽ ۾ گهٽ مروجه طريقي سان نه. آخر اسان، ايئن ڇو ڪيون؟ گذريل صدين ۾ ڪنهن ساڃاهه وند، ڪنهن فن بابت پنهنجي راءِ ڏني، ڇا هن کي يڪدم چيو ويندو هو ته، اها راءِ مختلف فنن بابت به ڏئي؟ پر اڄ ان شيءِ بابت چيو وڃي ٿو ته ”ان پينٽنگ بابت ڳالهاءِ“، ميوزڪ ماسٽر يا ادبي ماڻهوءَ جيان بيان ڪر، ٻي طرف، ”ادب بابت ڳالهاءِ“، ميوزڪ ماسٽر، پينٽر جيان، مطلب ته بنيادي طور تي ڄڻ اهي هڪ ئي فن جو حصو هجن ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ انهن جون نمايان خاصيتون يا حاصل مطلب ڄڻ سائنسي علمن جيان ساڳيو نتيجو ڏيندڙ هجي ٿو.
بي شڪ، فني ايجادن جي بنيادي ڄاڻ هڪ قسم جي هئي، جنهن ۾ حالتن، تعليم ۽ چاهت، اڳتي هلي دنيا جي علمي واڌاري ۽ ڦهلاءَ کي ممڪن بڻايو. ان سان گڏ، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ڪنهن به هڪ دور جي فن جي واڌاري، همعصر دور مٿان به اثر وڌا، اهو ان ڪري جو سماجي عنصر گهڻي ڀاڱي ساڳيا ئي هيا.
هاڻي ان هموڇوٽي هڪ جهڙائي جو وجود ڪونهي. هتي جيئن هر جاءِ تي آهي، ان جو نه فقط نمونو الڳ پر ان جو مواد به مختلف هجڻ کپي. هڪ قسم جو مليل ڪم آهي جنهن ۾ رنگ ڀريل آهن، ڪو آواز آهي، ٻي طرف اهڙو ٻيو ڪم هجي ٿو جنهن کي جوڙڻ لاءِ الفاظ ڪم آڻجن ٿا. چند اکر، رنگ ۽ نمونا، اشارا يا نشانيون ناهن، انهن منجهه، ٻاهران ڪائي شيءِ شامل ڪرڻي ناهي. اهو به ممڪن ناهي ته انهن کي سموهي، هڪ شيءِ ٺاهجي، فقط آواز يا ڪو مفروضو يا خاص پيغام جيان، جيڪو ڀلي لکيل هجي. پر ان منجهه لڪل ڪا معنيٰ هجي ٿي، جنهن سان هلڪي خوشي يا ڪو درد جو احساس اڀرڻ لڳي يا ڪا گرم ٻاڦ جنهن سان ڏڪڻ جو احساس ٿئي، ان کي ڪورنگ يا آواز چئي سگهجي ٿو. صوف جي ساواڻ ۽ گلابي رنگت ۾ فرق ڪير ٻڌائي سگهي ٿو؟ ڇا اسان صوف جي گلابي ۽ سائي رنگت بابت اڳ ۾ ئي گوهر افشاني نه ڪندا آهيون؟ بس، ساوڪ به آهي ته لالاڻ به آهي، بس اهي لفظ ڪافي هجن ٿا. اهي شيون آهن، اهي پنهنجو وجود پاڻ ئي رکن ٿيون.
اها حقيقت آهي ته، روايتي طور تي هر ماڻهو پنهنجي چاهت مطابق، شين يا نشانين کي اهميت ڏئي ٿو. ان ڪري هاڻي اسان گلن جي اهميت زبان ذريعي اجاگر ڪيون ٿا، پر ڪنهن معاهدي يا پسند تحت، سفيد گلاب، منهن جي لاءِ وفاداريءَ جو اهڃاڻ آهن ، ان کانپوءِ مان انهن کي گلاب طور ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. منهنجو خيال، گلن کان مٿڀرو، انهن جي وفاداريءَ واري خوبيءَ کي ئي پسند ڪندو رهي ٿو. مان انهن کي وساري ڇڏيان ٿو. منهنجو ڌيان، انهن جي نزاڪت، نفاست ۽ بيٺل خوشبوءَ ڏانهن وڃي ئي ڪونه ٿو. مان انهن کي پسان ئي ڪونه ٿو. ان جو مطلب ٿيو ته منهنجو رويو فن جي ڄاڻوءَ وارو رهيو ئي ڪونه. ڇاڪاڻ ته فن جي ڄاڻوءَ آڏو ته رنگ، گلدستو، بسيءَ مٿان چمچو ٽڪرائي سريلو آواز گهڙڻ، اهي سڀ شيون آهن، جن جي وڏي اهميت آهي. آواز ڪن رَس ٽٽڻ تي رڪجي وڃي ٿو. وري سريلو آواز ڪڍي پاڻ کي وندرائي ٿو. اهو ان رنگ، منچ جو تصور ئي هجي ٿو. جيڪو هو پنهنجي تصور منجهه داخل ڪندي، ان کي تصوراتي شيءِ بڻائي ٿو. اهڙي طرح سان، اهو انهن رنگن ۽ نشانين جي زبان/ٻولي تصور ڪندي، انهن کي واقعي ٻولي بڻائي ٿو.
ڪنهن فنڪار جي تخليق ڪيل فن پاري لاءِ، جيڪڏهن چند شين جي ضرورت هجي ٿي، اهو شين کي ڪيئن ٿو ملائي، ڪا شڪل ڏئي ته ان ملائڻ واري عمل جي به فن واري ڪاريگر کي اجازت هجي ٿي. ڪو به پينٽر، پردي/تختي مٿان فقط نشانيون ڪونه ٿو بڻائي، هو ڪا شيءِ تخليق ڪرڻ ٿو چاهي، اگر هو ڳاڙهو، پيلو ۽ سائو رنگ گڏي ڪا شيءِ تختي مٿان بڻائي ٿو، ته اهو ضروري ناهي ته انهن رنگن جي ملائڻ مان ٺهيل شڪل ڪا معنيٰ خيز هجي، پر اها ٻي شڪل ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان شڪل کي اندر ۾ سمايل ڪو روح هجي، ان جا ڪي ارادا به هجن، ڀلي اهي لڪل به هجن، پينٽرجي پسند جو رنگ پيلو ڇو نه هجي، واڱڻائيءَ بدران، ان منجهان، ظاهر ٿيو ته شين سان گڏ انهن جي اندر جا ارادا به پَسي سگهجن ٿا. انهن منجهان ڪاوڙ، پيڙا يا، ان جي چهري منجهان ڪا معنيٰ خيز ڳالهڙي، لفظن جي روپ ۾ ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندي، ان چهري منجهان جذبات ضرور ليئو پائيندا رهندا، اهي رنگ به ڪو سنيهو ڏيندا. جنهن مان ڪا معنيٰ به نڪرندي، اهي سمورا رنگ ۽ جذبا، ملي جلي ڪا نئين شيءِ ٺاهيندي نظر ايندا. ان قسم جي منظر کي ڪوبه پرکي نه سگهندو ۽ نه ڪا معنيٰ ڪڍي سگهندو.
هڪ ليکڪ آسمان جي پيلاڻ کي ڪا مصيبت يا ان جي اچڻ جا آثار ڪونه ٿو ڪوٺي. پر اها پيلاڻ مصيبت آسماني آفت واقع هجي ٿي. انکي پيڙا وارو آسمان نٿو چئي سگهجي، اها پيڙا يا مصيبت ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي، اها ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ واقع آهي، ڪي خاصيتون اٿس جيڪي ٻين شين جيان آهن ۽ ٻنهي جو سنگم بڻجي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر اهي پڙهي نه ٿيون سگهجن. انهن ۾ ڪهڙي خاصيت هجي ٿي جيڪا پاڻ بابت وضاحت ڪرڻ کان قاصر آهي.
ساڳي اهميت راڳ جي هجي ٿي. جيڪڏهن ڪو اهميت جي فقط ڳالهه ڪندو ، ته اها ڪجهه به ناهي، راڳ کان سواءِ عين ان طرح جيئن خيال، جيڪي سٺي نموني سان، مختلف طريقن ۽ انداز سان پيش ڪري سگهجن ٿا. راڳ کي فقط خوشيءَ وارو يا ڏکارو چئي سگهجي ٿو. ان لاءِ توهان ڪهڙي به نموني پنهنجي خيال سان، ان بابت راءِ ڏئي سگهو ٿا. ايئن ناهي ته ان منجهه جيڪي جذبات آهن، جيڪي بنيادي طور، جنهن طرح سان شروع ڪجن ٿا، اهي جسماني يا روحاني طور تي ڪنهن کي متاثر ڪن ٿا. هڪ درد ڀري دانهن، ان درد پٺيان هجي ٿي جيڪو ان جو باعث بڻجي ٿو، پر هڪ درد ڀريو راڳ، درد به رکي ٿو ۽ ان کان علاوه به هڪ ڪيفيت اڀاري ٿو. جيڪڏهن ان ڪيفيت کي وجودي لفظن ۾ پيش ڪجي ته اهو، ايئن چئبو ته برابر اهو درد ته آهي پر ان جو وجود ڪونهي ڪو، حالانڪه اهو وجود رکي ٿو. پر توهان مثال ڏئي چوندءُ ته هڪ پينٽر، گهرن جي تصوير ٺاهي ٿو؟ اها به ڳالهه سچي آهي ته هو ٺاهي ٿو يعنيٰ هو تصوراتي گهر، ڪاغذ مٿان جوڙي ٿو، پر اهي گهر جيان ناهن. اهي تصوراتي ڪاغذ يا بورڊ تي پينٽ ڪيل گهر، اصل گهرن هجڻ لاءِ هڪ مونجهارو پيدا ڪري ٿو.
هڪ ليکڪ توهان جي رهنمائي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪ ڇپرو يا ڇَنَ جو بيان ڪري ٿو ته اهو، سماجي ناانصافيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن سان توهان جي اندر جو انسان جاڳائي ۽ ان کان غُصي جو اظهار ڪرائي ٿو. ان قسم جون بيشمار تصويرون جڙن ٿيون. هڪ مصور، تصوير ٺاهي ٿو جنهن ۾ هڪ محنت ڪش، هڪ ٻار ۽ هڪ عورت ڏيکاريل آهي. هر ڏسڻ وارو انهن کي پنهنجي نقطه نظر سان ڏسندو، پرک ڪندو ۽ پنهنجي راءِ ڏيندو. جنگ جو ميدان آ، بي روزگارن جو لشڪر آ، ڍيرن مٿان گند مان ٻار ڪجهه چونڊن ٿا... اهي ڏسندڙ جي ذهن تي، انيڪ عڪس اڀارن ٿيون، مختلف سوچون، الڳ الڳ رايا اچن ٿا. وقت گذرڻ سان اهي فقط، مَسُ يا رنگن جا نشان وڃي بچن ٿا، جيڪي ڪاغذ يا ميدان ۾ وکريل ئي رهجي وڃن ٿا.
مون کي ان ڳالهه تي ڪو شڪ ناهي ته چڱائي يا ڪاوڙ منجهان ڪي ٻيون شيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پر پيدا ٿيڻ جي صورت منجهه اهي هضم به ڪري سگهجن ٿيون، انهن جو نالو نشان به گم ٿي سگهي ٿو، اهي بس شيون ئي چئي سگهجن ٿيون، جيڪي ڪنهن ستايل روح جي ياداشت ۾ رهي سگهن ٿيون. ڪوبه ڪن شين جي معنائن جي تصوير نه ٿو ٺاهي سگهي، انهن کي ترنم ۾ پيش ڪري نه ٿو سگهي. انهن حالتن ۾ ڪهڙو مصور يا راڳي، انهن سان وفاداريون نڀائڻ جي جرئت ڪندو؟
ٻي صورت ۾، هڪڙو ليکڪ آ، جيڪو معنيٰ سان نڀائي ٿو. اڃا به ان ڳالهه ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو. شين/نشانين جي دنيا نثر آهي، شاعريءَ جي دنيا، مصوري، بت تراشي ۽ ميوزڪ منجهه آهي. مون تي الزام آ ته، مان ان کي پسند نه ڪندو آهيان، ثبوت اهو ڏنو ويندو آهي ته مان پنهنجي رسالي ۾ شاعريءَ کي جاءِ گهٽ ڏيندو آهيان. پر شاعريءَ جي موجودگي، ثابت ڪري ٿي ته اسان ان کي پسند به ڪندا آهيون. ان ڳالهه منجهان مطمئن ٿي سگهي ٿو، جڏهن همعصر ادب ۾ تخليقي ۽ اشاعتي مواد تي نظر ڦيرائجي ٿي. نقادن جي راءِ اها آ ته مان ايئن ڪري نه ٿو سگهان. ڀلا مان ايئن ڪيان ڀي ڇو؟ ان لاءِ ته ان ۾ نثر جيان لفظ ئي ته استعمال ٿين ٿا؟ پر ڏٺو وڃي ته لفظن جي استعمال جو طريقو الڳ آ، اهو طريقو وري بلڪل الڳ قسم جو آ، جيڪو شاعر استعمال نه ٿا ڪن. ان لاءِ مان ايئن چوندس، اهو انهن کي آسان ٿو لڳي. شاعر اهي شخص جيڪي ٻوليءَ جي قائدن واري طريقي مٿان هلڻ کان انڪاري آهن. ان ڳالهه کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻولي پاڻ وضاحت ڪري ٿي ته ڪنهن شيءِ جو نالو موجود آهي ته ان کي عارضي نالو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هيگل به ٻوليءَ جي سچائي جو حمايتي بڻجي ايئن چوي ٿو ته، ”ڪنهن شيءِ کي نالو اڳ ۾ ئي ڏنل آهي ته پوءِ ان کي ٻيو يا غير ضروري نالو ڏيڻ اجايو لڳي ٿو. اهي ڳالهائن به نه ٿا، نه وري خاموش ٿا رهن، اها عجيب ڳالهه آهي. انهن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته لفظن کي بگاڙن ٿا، اجايا مرڪب لفظ جوڙيندا رهن ٿا. جيڪي لفظ غلط العام بڻجي چڪا آهن. انهن کي کڻي ڇڏجي پر، جيڪڏهن انهن جي معنيٰ ئي کل جوڳي بڻجي وڃي ته پوءِ انهن کي ڪيئن ڇڏجي، مثال طور: گهوڙو ۽ مکڻ، گڏائبو ته، ”مکڻ جو گهوڙو“، بڻجي ويندو، اهڙا لفظن جا مُرڪب ته ٺيڪ ڪرڻ کپن، جيڪو ڏکيرو ڪم ٿي ويندو.
شاعرن ٻوليءَ جي قائدن کي پٺي ڏيندي، پنهنجي دنيا جوڙي ڇڏي آهي، هنن لاءِ لفظ ڄڻ ڪي شيون هجن ٿيون، اهي اشارا ناهن، شاعر ٻوليءَ جو محتاج ناهي، هو لفظن جي مفهوم ۽ اظهار جو قائل آهي، منظر، هن وٽ پنهنجا لفظ کڻي پيش پوي ٿو، جن کي اهو سنواري، شاعريءَ جي سريلي راهه جو سينگار بڻائي ڇڏي ٿو، عين ان طرح جيئن مصور رنگن جي دنيا کي سينگاري ٿو ۽ راڳي آوازن کي سُريلو ڪري پيش ڪري ٿو. مختصر ڪندي اهو چئجي ٿو ته ٻولي، شاعر لاءِ هڪ آئينو آهي ، جنهن جي مدد سان اهو دنيا جا انوکا ۽ نوان منظر پسي ٿو جن کي پنهنجي صلاحيت، ڪاريگري ۽ ڏات جي مدد سان شاعريءَ جو روپ ڏئي ٿو.
نثر، فن جي حيثيت ۾، بحث مباحثي منجهه استعمال ٿئي ٿو، ان جو مواد عام طور تي اهميت وارو هوندو آهي ، يعنيٰ لفظ، پهريائين ته ڪي شيون ناهن، پر شين جو تعارف آهن، انهن تي نظر ڦيرائڻ سان، انهن بابت وڻندڙ يا اڻوڻندڙ جو ڪو تاثر نه ٿو بڻجي، پر ايئن چيو وڃي ٿو ته اهي صحيح طريقي سان ڪنهن شيءِ بابت استعمال ڪيا ويا آهن يا نه. ان جي برعڪس، ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تاثر پيدا ٿئي ٿو ڀلي ٿوري دير کان پوءِ اهي ساڳيا لفظ، جن سان ڄاڻ حاصل ٿي، ورجائي سگهجن ٿا يا نه.
نثر، پهريائين ته ذهن جي پيداوار ۽ خاص رويو هجي ٿو. ويلري (Valery) ان لاءِ چوي ٿو ته نثر اسان جي نظرن ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي هوندو آهي ، جيئن ڪنهن شيءَ کي گهوريندي، لفظ اڳ ۾ ئي حاضر ٿين ٿا، عين ان طرح جيئن آئيني ۾ ڏسڻ سان سج اڳ ۾ ئي اندر موجود ڏسڻ ۾ ايندو آهي. عام حالت ۾ ڪو ماڻهو، ڪنهن مصيبت يا حملي هيٺ پاڻ کي ڏسندو آهي ته هو ڊڪي وڃي ڪو هٿيار کڻندو آهي. خطرو ٽرڻ کان پوءِ هن کي ياد به هوندو ناهي ته هن لٺ کنئي هئي يا هٿوڙو، هن کي ڪا خبر نه هئي، بس هن جي ضرورت اها هئي ته هن جي حياتي مٿان خطرو ٽري، بس ان ڪري ئي هن اوزار طرف هٿ وڌايو هو. هن هٿ وڌايو هو يا کاٻي ڄنگهه اڳتي ڪئي هئي. مطلب ته اهو عمل هيو، جيڪو جي ذهن ۾ اڀريو هو. اهڙي طرح سان ٻولي جو جيستائين تعلق آهي ته اها اسان جو اوزار هجي ٿي، ان کي گولي ڪوٺيون يا ائنٽينا، اها اسان کي ٻين کان تحفظ ڏئي ٿي ۽ انهن بابت ڄاڻ ڏئي ٿي، اها اسان جي ذهن جو وڌاءَ هجي ٿي، اها جسم جي ٽين اک جيان هجي ٿي جيڪا، اسان جي پاڙيسريءَ جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ لڳي ٿي، اسان جيئن جسم اندر هجون ٿا تيئن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ به وجود رکون ٿا. اسان کي جهٽ پٽ احساس ٿيڻ لڳي ٿو جڏهن ٿورو به ان کان پرڀرو نڪرڻ لڳون ٿا، ان طرح سان جيئن هٿن ۽ پيرن جي هجڻ جو احساس هجي ٿو، ايئن ٻين جي سوچ کان به باخبر رهون ٿا جيئن ٻين جي عضون جي ڇهڻ سان ڪو احساس اڀري ٿو. هڪ لفظ اهڙو هجي ٿو جيڪو زبان تي دائمي طور رهي ٿو ۽ نئين لفظ جي اچڻ جو به احساس ٿئي ٿو. ٻنهي صورتن پٺيان هڪ ٻنڌڻ/ معاهدو قائم رهي ٿو، جنهن تحت، منهنجو ٻين جي مٿان اثر انداز ٿيڻ يا ٻين جو منهنجي مٿان اهو لفظ، ڪنهن عمل جي نشاني هجي ٿو، جنهن جي ان کان ٻاهر ڪا معنيٰ ڪونه آهي. ڪن حالتن ۾ زباني سمجهه يا اظهار جي سگهه، ڪنهن عمل يا سمجهه واري ڳالهه يا عام حالتن ۾، جيئن ڪنهن مخالف وجود سان ميلاپ وقت، اها ذهن مان اڏامي ويندي آهي. ان منزل تي پهچڻ مهل، ٻوليءَ جو هڪ حصو خاموش ٿيڻ جو عمل بڻجي ٿو نه ڪي سموري ٻولي، جنهن ۾ خوبصورت رنگ روپ هوندا آهن.
ان کانپوءِ نثر ڪنهن خاص عظمت جو اگر حامل هجي ٿو، ته ٻي طرف شاعر جو اهو ڪم آهي ته لفظن جو سٽاءُ پنهنجي انداز اسلوب هيٺ ڪري ، ته پوءِ نثر نويس کان اهو پڇڻ جو حق هر ڪنهن کي هجي ٿو ته سندس لکڻ جو آخر مطلب ڪهڙو آهي؟ تون ڪنهن سان واعدو پاڙڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهين، توکي قلم جي ڪرت جاري رکڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ صورتحال ڪهڙي به هجي، اها فڪري ذميواري، فقط ڪا آخري ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندي آهي. فڪري سوچ، خاموشيءَ سان سلهاڙيل آهي ۽ ٻوليءَ جي انتها يا حاصل مطلب، پيغام پهچائڻ هوندو آهي، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو عمل هوندو آهي.
فڪري ڌارا، ليکڪ، آمد مهل، چند لفظن جي مدد سان پني تي لاهي سگهي ٿو، عرصي گذرڻ کانپوءِ اهي ٽِپَ اهو ليکڪ ئي سمجهي سگهي ٿو، جن کي ٻوليءَ جي مدد سان سينگاري ۽ سنواري، اها سوچ ۽ فڪر ٽپن مان آکاڻي جوڙي سگهي ٿو جيڪا عام پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. اهڙي فڪري تحرير کي اڳتي هلي، آفاقي اصولن، مطابق ڪنهن ڏاهي يا فيلسوف جو ٻڌايل فيصلو چئي سگهجي ٿو.
ان طرح سان، نثرنويس اهو ماڻهو هجي ٿو جيڪو آفاقي خيالن کي عام ٻوليءَ جو روپ وٺرائي، پيش ڪري ٿو جنهن کي اسان اظهار جو عمل ڪوٺيون ٿا. ان کان ٻيو سوال اهو ڪيو وڃي ٿو ته آيا، دنيا جو ڪهڙو پاسو/حصو تون وڌيڪ ٻڌائڻ چاهين ٿو؟ ان اعلان يا اظهار سان، دنيا اندر ڪهڙي نواڻ اچي سگهي ٿي؟ پُرعزم اديب کي اها ڄاڻ آهي ته لفظ عمل هجن ٿا، متحرڪ عمل لاءِ ذميوار هجن ٿا، پر وقت ۽ حالتن سان انهن جي ترتيب بدلائڻ ضروري آهي، ان متحرڪ عمل سان تبديلي آڻڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻ لازمي آهي ، پختو ارادو هجڻ ضروري آهي. سماج منجهه تبديلي خيالي سوچ يا خوش فهمي ذريعي آڻڻ مشڪل هوندي ، ماڻهو اهو وجود آهي جنهن سان ڪوبه ٻيو وجود، غيرجانبدار نه ٿو رهي سگهي، ايتري تائين جو ان جو خالق به نه، جيڪڏهن خالق وجود رکي ٿو جيئن ڪي سالڪ ان لاءِ چون ٿا ته هو ماڻهوءَ سان نَنهن کان به ويجهو آهي ۽ هو اهو وجود آهي جيڪو تبديليءَ جو خالق آهي، جمود جو مخالف آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي سخاوت جي تيز ڌارا تحت، جوڙي به ٿو ته ختم/تباهه به ڪري ٿو، نوان روپ گهڙي ٿو، جنهن کي ڪائنات منجهه، مختلف قسمن جي روپ ۾ پسي سگهجي ٿو، مثال طور: پيار، نفرت، ڪاوڙ، خوف، خوشي، غصي، تعريف، اميد ۽ مايوسي، جيڪي ڪائنات/دنيا منجهه موجود هجن ٿا ۽ ماڻهو حقيقت منجهه انهن مان گذري، پَسي ٿو، محسوس ڪندو رهي ٿو ۽ ڀوڳيندو رهي ٿو. ان صورتحال ۾ليکڪ جي حيثيت وڏي اهميت رکي ٿي ته هو سماج کي، انهن مٿي ٻڌايل مرحلن منجهان ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ڪهڙي رهنمائي ڪري ٿو. ليکڪ جو اهو روپ ڪامياب تڏهن ڪوٺبو جڏهن هن جي پڙهندڙن جو تعداد وڌندڙ هوندو، ٻي صورت ۾ هن کي ناڪام ليکڪ چئبو. ان لاءِ لفظ، محبت ۽ نفرت جو جهجهو استعمال ٿئي ٿو. ڪنهن ليکڪءَ جو قول آهي: ته لفظ ”لوڊ ٿيل پسٽل جيان آهن“. جنهن مهل هو ڳالهائي ٿو، ڄڻ پسٽل منجهان فائر ڪري ٿو. هو خاموش هجي ٿو، اگر هن فائر ڪرڻ جو ارادو ڪيو آ، ته هن کي مرداڻي طريقي سان ڪرڻ گهرجي، گوليون، ڏنل ٽارگيٽ تي پهچڻ گهرجن. نه ڪي ٻار جيان، اکيون ٻوٽي فائر ڪرڻ جيڪي شغل خاطر هجن ۽ فقط ٺڪاون جا آواز ٻڌڻ لاءِ هجن.
ان کان پوءِ اسان ڪوشش ڪنداسين ته ”ادب جو ڪارج“ ، ڇا هجڻ کپي، ان جو تعين ڪنداسين. ان لحاظ کان، اسان ايئن چونداسين ته ليکڪ دنيا بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ماڻهوءَ بابت ماڻهن آڏو وضاحت ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن گهڻا ماڻهو پنهنجي ذميواري محسوس ڪن، ته هنن آڏو ڪا شيءِ رکي وئي آهي. اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته قانون ڇا آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڇپيل ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتل آهي، ان کان پوءِ توهان آزاد آهيو جيڪڏهن ان کي پٺي ڏيو ٿا، ته توهان کي اها به ڄاڻ آهي ته پٺي ڏيڻ جا نتيجا ڇا نڪري سگهن ٿا. اهڙي طرح سان ليکڪ جي اهم ذميواري آهي ته عام ماڻهوءَ کي دنيا بابت ڄاڻ ڏئي ته جيئن ڪو ماڻهو ايئن نه چوي ته مون کي دنيا بابت ڪا خبر ناهي ۽ معصوم آهيان. ان طرح سان هڪ دفعو جڏهن ڪو ماڻهو ٻوليءَ جي دنيا ۾ پير پائي ٿو ته پوءِ هن کي اها ڳالهه ڪرڻ جو حق ناهي جو چوي ته مان ڳالهائي نه ٿو سگهان. هڪ دفعو توهان معنائن جي ڄاڻ واري دنيا ۾ قدم رکو ٿا ته پوءِ ان مان ٻاهر پير نه ٿا ڪڍي سگهو. لفظن کي آزاديءَ سان گڏجڻ ڏيو، اهي گڏجي جملا جوڙيندا، هر جملو ٻوليءَ جي مدد سان توهان کي سموري دنيا جي ڄاڻ فراهم ڪندو. خاموشي، لفظن جي نسبت سان سمجهائي سگهجي ٿي، جهڙي طرح سان ميوزڪ، ساز جي تارن جي ڇيڙ ڇاڙ سان سمجهي سگهبي آهي. اها خاموشي، ٻوليءَ جي هڪ ادا آ، خاموش رهڻ کي گونگو هجڻ نه ٿو چئي سگهجي، ان کي ڳالهائڻ کان انڪار چئبو، ان کان پوءِ توهان ڳالهائڻ جاري رکي سگهو ٿا. هاڻي ڪو ليکڪ دنيا جي ڪنهن موضوع تي خاموش رهي ٿو يا ڪنهن جملي جي وضاحت ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪري ٿو، ته پوءِ ڪنهن کي حق ٿو پهچي ته هن کان ٽيون سوال پڇي، ته تون هُن تي ڳالهائڻ بدران، هن تي ڇو ڳالهايو ۽ تون ڇاڪاڻ نه ڳالهائين ٿو، ته ڪا تبديلي آڻيان.. ته پوءِ تون هيءَ تبديلي ڇو نه آڻين، بجاءِ هُن جي؟
مٿين خيالن جي اظهار مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته لکڻ جي طريقي مٿان ڪا بندش ناهي، ڪو به ماڻهو اظهار خيال ڪري سگهي ٿو، ڀلي اهو ليکڪ نه هجي، بس هن جي ذهن تي جيڪي تري آيو، ڪنهن به طريقي سان هن پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ پڪ ڄاڻو ته اسلوب (Style) ئي نثر جي اهميت وڌائي ٿو. بس، اهو روانيءَ سان پيش ڪيل هجي. ان روانيءَ ۾ حسن يا خوبصورتي ئي ان جي طاقت آهي. ڪا تصوير آ ته ان ۾ چمڪ هوندي آهي جيڪا ڏسندڙ جو ڌيان ڇڪائيندي ، اگر ڪتاب آ ته ان جو حسن، ورقن منجهه لڪل آهي، انهن کي ورائڻ منجهان سونهن اڀرڻ لڳي ٿي جيئن ڪنهن چاهت يا چهري منجهان نظر ايندي آهي. اها چاهت ڪو ڏاڍ يا ڏمر ناهي هوندو، ان طرف ماڻهو پاڻ ئي ڇڪجي ويندو آهي، ان جا جملا ۽ پيشڪش هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪندا آهن ۽ اها شڪتي ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي آهي. ان شڪتي کي مڃتا ڏيڻ ڪو عقيدو ناهي، اها لفظن مان اڀرندڙ سرهاڻ هجي ٿي، اها سونهن، جملن جو سٽاءُ آهي، جيڪو پڙهندڙ جي جذبات سان ٺهڪي اچي ٿو جيئن، اهي جملا، اها موسيڪي ۽ ان سان گڏ نچڻ وغيره. اگر ڪوئي لفظن ۽ انهن جي معنيٰ منجهه ڦِرڻ لڳندو ته پوءِ فقط جملن جو ڍير ئي کيس ڏسڻ ۾ ايندو.
اسان کي اها ڄاڻ آ ته نج فن ۽ خالي فن، ساڳي ڳالهه هجن ٿا، پر حسن شناسي منجهه جيڪا سچائي هئي، ان کي بورجوا اديب، گذريل صديءَ ۾ پنهنجي خوبي ڪري پيش ڪندا هئا، ان کي اهي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا، انهن جو چوڻ هيو ته ڀلي انهن کي فلسٽين ۾ شمار ڪيو وڃي پر مفاد پرست نه سمجهيو وڃي. ان ڪري اهي تسليم ڪندا هيا ته ليکڪ کي ضرور ڳالهائڻ گهرجي، ڪنهن به موضوع بابت، پر ڇا بابت؟ اهو مسئلو ڏاڍو گنڀير پئي رهيو، آخرڪار، انهن اهو حل ڪڍيو ته ڪو پيغام ضرور هجي، اهو عارضي شين بابت نه پر زندگيءَ ۾ مستقل پهلوئن بابت پيغام هجي. اڃا به سوال رهيو ته اهو ڪهڙو پيغام هجڻ گهرجي؟
اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته نقاد، گهڻي ڀاڱي، بدقسمت هجن ٿا، انهن کي سماج اندر چڱي جاءِ ڪونه ٿي ملي، ان ڪري پريشان رهن ٿا، گهڻو ڪري انهن کي قبرستان جي چوڪيداري وڃي ملي ٿي. مالڪ ٿو ڄاڻي ته قبرستان پرامن هجن ٿا، ڪنهن ۾ به، لائبرريءَ جيتري رونق ڪونه هجي ٿي. اتي مئل رهن ٿا، انهن فقط هڪڙو ڪم ڪيو ٿو ڏسجي، جيڪو آهي لکڻ. انهن جا زنده رهڻ وارا ڏوهه ڌوتل هجن ٿا، ان کان علاوه انهن جي حياتيءَ جا احوال ٻين ڪتابن مان ملن ٿا، جيڪي وري ٻين مئل ماڻهن لکيا آهن. ڪيترا ناليرا ليکڪ گذاري ويا، انهن جي ياد، باغ ۾ رکيل ڪونڊين جيان ڀت سان رکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
نقاد جي حياتي سورن ۾ گذري ٿي، هن جي زال به هن کي پريم کان پري رکي ٿي، هن جا ٻار به هن کان پاسيرا رهن ٿا، مهيني جي پهرين تاريخ هن لاءِ مصيبت هوندي آهي پر هن لاءِ وڏي آساني اها آهي ته هو لائبرري ۾ بنا رڪاوٽ جي داخل ٿي سگهي ٿو، شيلف منجهان ڪتاب کڻي، کولي ويهي رهي ٿو. ڪتاب منجهان ڀُتي ڌپ اچيس ٿي، هو عجيب قسم جي آپريشن شروع ڪري ٿو، جنهن کي هو مطالعو ڪوٺي ٿو. هڪ لحاظ اها هن جي پنهنجائپ هجي ٿي، هو پنهنجو جيئرو جسم مئل جسم جي حوالي ڪري ٿو، ان لاءِ ته اهي وري زنده ٿي سگهن. ٻي طرف اهو تعلق ٻي دنيا وارن سان چيو وڃي ٿو. سچ پچ ، ڪتاب ڪا شيءَ ناهي، نه وري ڪو اهو عمل هجي ٿو ۽ نه وري ڪو تصور يا خيال. هڪ مئل ماڻهوءَ هٿان، مئل شين بابت هڪ تحرير جنهن کي ڌرتيءَ مٿان ڪا جاءِ ناهي، ان منجهان ڪا اهڙي ڪهاڻي ڪونه ٿي اڀري، جيڪا سڌي طرح اسان کي پسند اچي، اها ان سان ئي مليل هجي ٿي، ۽ پوءِ ختم ٿئي ٿي ۽ پولارر ۾ گم ٿي وڃي ٿي، بس هيٺ مٿي پنن مٿان، مَسُ جا داغ وڃي رهن ٿا. ۽ جڏهن نقاد انهن داغن کي غور سان ڏسي ٿو. انهن منجهان اکر ۽ لفظ گهڙي ٿو، اهي هن سان پنهنجن جذبن بابت گفتگو ڪن ٿا، جيڪي هن کي محسوس ڪونه ٿا ٿين، بنا سبب جي ڪاوڙ جا اظهار، بس مئل اميدون ۽ خطرا. هن جي چوڌاري هڪ ڀُريل دنيا،جتي انساني جذبا، جن منجهه ڪو اثر ناهي، جيڪي خالي جذبا هجن ٿا، مختصر طور ته فقط انهن قدرن بابت، ان طرح سان هو پاڻ کي دلاسو ڏيندي چوي ٿو ته هو علمي دنيا سان واسطو رکي ٿو، جيڪي هن جي ڏکايل ڏينهن جيان، سچ هجن ٿا، اهو ئي هنن جي وجود جو ثبوت به آهي. هو سوچي ٿو ته قدرت، فن جي نقالي ڪري ٿي، ان طرح سان هن جو مطالعي وارو وقت، هن جي روزمرهه واري زندگي، هڪ قسم جو ڏيکاءُ لڳن ٿا.
اسان جا نقاد، فقط اندر جي آنڌ مانڌ ڪڍڻ وارا هجن ٿا. انهن جو اصلي دنيا جي مسئلن سان ڪو وهنوار ئي ناهي، فقط، کائڻ ۽ پيئڻ، انهن جا هم خيال ساهوارن سان تعلق ڪري، اهي قائم رکڻ لاءِ هو ڪوشان رهن ٿا، پر اهو تعلق به گهڻي ڀاڱي گذري ويل ساهوارن سان، اهي اهڙا مسئلا بحث هيٺ آڻن ٿا جيڪي، اهميت وارا نه هوندا آهن. اهي ڏکين مسئلن کان پاسيرو رهڻ پسند ڪن ٿا. انهن ليکڪن مٿان لکندا جن کي صديون گذري ويون هجن. اهڙن تاريخ جي دورن مٿان ڳالهائڻ پسند ڪندا جيڪي ماٺار وارا هجن. انهن لاءِ ادب ڄڻ ورجاءُ هجي، هنن لاءِ هر نئون نثر نويس ڄڻ پنهنجي لاءِ نئون اسلوب ايجاد ڪندڙ هجي، نوان عنوان گهڙيندا هجن، پر ڳالهائيندا، ان طرح سان جو انهن منجهان ڪو مول مقصد ئي حاصل نه ٿي سگهي.
ڪلاسيڪي ماڊل ۽ انساني فطرت بابت ڳالهائڻ، ايئن آهي ڄڻ فقط ڳالهائڻ بنا مقصد جي اسان جي نقادن جا سمورا رايا هڪ خيال کان ٻي خيال جي وچ ۾ ڦرندا رهن ٿا. ڏٺو وڃي ته ٻئي ڪوڙ تي ٻڌل هجن ٿا. اسان جي عظيم لکارن جو ڪم هجي ٿو، تباهه ڪرڻ، اخلاقيات جو درس ڏيڻ ۽ ڪوڙو ڏيکاءُ ڪرڻ. اهي جيڪي حوالا ڏين ٿا، انهن جو ڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي. جن به ڏوهن جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي اسان جي دور جا ڪونه آهن. تاريخ، واقعن جي سچ ۽ ڪوڙ کي اگهاڙو ڪري ٿي. انهن منجهان ڪيترا خيال، مئل گهوڙن جيان هجن ٿا، جن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.
ان مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهن وڏن اديبن جي چوڻين جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي اسان انهن جي حڪم جي تعميل ڪيون ٿا، انهن جي وڏائپ بيان ڪيون ٿا. هاڻي فقط انهن جا بت بڻيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي عملي دنيا منجهه ڪا اهميت نه رهي آهي.
اسان انهن جي نئين جذبي، جيڪو ليڪن سان ٺاهيل، گول ۽ ٽڪنڊي وارو آهي، ان کان متاثر ٿيون ٿا، پر اهو جاميٽري وارو جادو، اسان کي متاثر ڪونه ٿو ڪري سگهي. صدين جي تاريخ، عظيم ڪردارن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي جن منجهه فقط نيڪيون بيان ڪيون وڃن ٿيون. ڏوهن جو ڄڻ وجود ئي ڪونه هيو. ڪنهن دور ۾ ڊرامي جو چرچو هيو، پر اسان ٻڌو ته روسو، ڊرامي کي پسند ڪونه ڪندو هو. سماجي معاهدو (Social Contract) آڊيپس ڪامپليڪس ذريعي سمجهايو وڃي ٿو ۽ The spirit of lawsکي، احساس ڪمتريءَ جي بهادري مئل شينهن سان ڀيٽي لطف اندوز ٿيون ٿا. اهڙي طرح سان جيڪڏهن ڪو ڪتاب پاروٿن خيالن سان ڀريل هجي ٿو ۽ ان ۾ لفاظي ته ڀرپور هجي ٿي پر ليکڪ جي خيالن ۽ سوچ جي ابتڙ هجي ته اهو ڪتاب نه پر پيغام ئي چيو ويندو. روسو، فرانس جي انقلاب جو ابو ۽ گوبنو، نسل پرستي جو، انهن ٻنهي جا پيغام اسان وٽ پهتا ۽ نقاد ٻنهي جا حمايتي هجن ٿا. اهي جيڪڏهن حيات هجن ها ته ٻنهي مان هڪ کي پسند ڪن ها، ۽ ٻي کي رد ڪن ها. پر انهن ٻنهي کي گڏ ڇو ٿو پڙهيو وڃي، آيا اهي ٻئي غلط آهن ۽ ان طرح سان ٻئي ته مري به چڪا آهن.
همعصر لکارن کي تنبيهه ٿي ڪجي ته پيغام ڏين، پر لکڻين لاءِ ڪا حد مقرر ڪن ۽ ان کان پوءِ بيباڪ بڻجي پنهنجي روح جو آواز به انهن منجهه شامل ڪن. مان بيباڪ ان ڪري ٿو چوان ڇاڪاڻ ته گذاري ويل ليکڪ مانٽين (Montaigne) کان رمبو (Rimbaud) تائين سوين ڪاغذ ڪارا ڪري ويا آهن، پر انهن منجهه سندن روح جو آواز شامل ناهي، بس پنهنجي خالي ذميواري پوري ڪئي اٿن. ان کان مٿانهون واڌو ادب جنهن ۾ هنن جي اندر جو آواز به شامل هجي ٿو، ان مٿان غور ۽ فڪر ڪرڻ، زندهه ليکڪن لاءِ بنيادي ۽ لازم عنصر بڻجي ٿو. انهن مٿان ڪا زبردستي ناهي ته اهي پنهنجي ڏوهن جا اعتراف (Confessions) ڪن، جن جي ڪا ضرورت ناهي، نه وري انهن مان ڪو رومانوي عشق جي ڪيسيٽي ڪلامن ٻڌڻ کان منع ڪري ٿو. روسو ۽ ڇاتوبراند به ٻڌايو وڃي ٿو لڪي وڃي اهڙا ڪلام ٻڌندا هيا ۽ سرور حاصل ڪندا هيا، جيڪي هنن جي ذاتي حيثيت منجهه هئا، اسان نون ليکڪن کي چئون ٿا ته ڀلي اهڙا مزيدار، سرور ڏيندڙ ڪلام به جوڙين. انهن کي اها به اجازت آهي ته ڀلي سبب پڇن، ڪنهن ڳالهه تي زور ڀرن يا انڪاري ٿين، بحث ڪن ۽ ثابت ڪن، پر هنن جو مقصد صاف سٿرو هجي، بحث مباحثي طرف مائل هجي، اهڙي طرح اونهي سوچ رکڻ سان هنن کي نتيجا سٺا ملندا. ڪلاسيڪل ليکڪن بابت رايا، هنن کي اڳواٽ نظر مان ڪڍڻ گهرجن، انهن جي علمي ڄاڻ کان بخوبي واقف هجن، باقي انهن ۾ جيڪا ڪوتاهي، ٻالڪپڻي، نفرت يا عشق جي ڪري نظر اچي، ان مٿان اهي ڪا نئين راءِ ڏئي سگهن ٿا. مٿاڇري سوچ کان پاسو ڪندي، ماڻهوءَ ۽ ان جي ماحول بابت ڀلي لکن، ڇاڪاڻ ته اسان جو واسطو ئي ماڻهوءَ سان آهي. ڪو خالي ڳوڙهو پيار سان پُر ڪونه هجي ٿو. اهو اڻوڻندڙ لڳي ٿو. موزون جواب به ڏکيو لڳندو آ، بقول استان وان ’ Standhal‘، پر اهو جملو، جنهن ۾ ڳوڙهو خيال ويڙهيل هجي. اهو ئي اسان کي وڻندو آ ۽ جنهن جي پٺيان اسان هلون ٿا. جملي منجهان ڳوڙهو خيال وهڻ“ ان بحث منجهان شدت گهٽايو ڇڏي، ان مان اگهاڙپ ڍڪي ڇڏي ٿو، پوءِ اهي جذبات پنهنجي اصليت سميت ظاهر ٿين ٿا. اهڙي طرح سان اسان برداشت جوڳو حِض ۽ سُرور حاصل ڪيون ٿا، اهو اسان کي فن پارن منجهان، غور ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. ان کي ئي ”سچو“ يا ”نج “ ادب ڪوٺيو وڃي ٿو.
آخر ۾ زندگيءَ جا اندروني تضاد ۽ عام حالتون جيڪي وڏي اهميت ناهن رکندا، انهن مٿان سوچ ڪندي، اسان حقيقتون ۽ سچ پڻ ملي وڃن ٿا مثال طور: ”ماڻهو نه چڱو آهي نه بُرو“، ”انساني زندگيءَ منجهه وڏا ڏک ۽ ڏولاوا هجن ٿا“، ”ته عقلمندي، وڏي صبرجو نالو آهي“، اهڙي قسم جا ڏکوئيندڙ جملا، آخرڪار گهربل مقصد تائين پهچائن ٿا، جڏهن پڙهندڙ، ڪتاب هيٺ رکي ٿو ته هن جي روح منجهان هڪ خاموش رڙ، يا صدا نڪري ٿي ته، ”اهو سمورو فقط ادب آهي“. پر اسان لاءِ ڇاڪاڻ ته لکڻ ڌنڌو بڻجي ويو آهي، جيئن ته ليکڪ اڃا زندهه آهن، جيستائين مري وڃن، جيئن ته اسان سوچون ٿا ته اسان حق تي هجڻ جي ڪوشش ڪيون، جيئن ڪتابن ۾ هجون ٿا، ڀلي پوءِ صديون گذرڻ سان اسان کي غلط ثابت ڪيو وڃي، جيئن ليکڪ پاڻ کي پنهنجي تحريرن سان وفادار هجڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هجي، جيڪا اسان جي سوچ آهي، هن کي پنهنجي غلطين، ڪمزورين ۽ اوڻائين کان پاسو ڪندي، پوري عزم ۽ پختي ارادي سان اڳتي هلندي، هن قسم جي ڪاروبار کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکندي سموري سوچ سموئيندي، پاڻ کان سوال ڪري ته، ”آخر هڪ ماڻهو ڇو ٿو لکي“؟ (Why does one write?)