باب ستون: سارتر ۽ وجوديت
SARTRE AND EXISTENTIALISM
نارمن گرين جي وينتي ته سارتر کي ڀلي نه مڃيو پر، هڪ دفعو هن کي پڙهو ضرور. (مترجم)
ڪتاب بابت تعارفي اکر:
زان پال سارتر: جڳ مشهور وجوديت جو فيلسوف، سال 1905ع ۾ فرانس منجهه ڄائو ، والد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجي ماءُ سان ان جي خاندان ۾ رهڻ لڳو هو. هن جو نانو شوائٽزر ، السيشيا جو رهاڪو هو، جنهن Berlitz ٻولي پڙهائڻ جو طريقو ايجاد ڪيو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن جي رت جو رشتو، آلبرٽ شوائٽزر مشهور فلاسفر سان سوٽ هجڻ وارو بڻيو. هن جو مذهبي پس منظر به مشهور ليکڪ اينڊري گائيڊ جيان اڌ ڪيٿوليڪ ته اڌ پروٽيسٽنٽ وارو هيو. هن جو ڏيل ڏٻرو ، پر ذهن تيز هيس جنهن ڪري اسڪول جي پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾ هوشيار شاگردن جي لسٽ ۾ شمارهوندو هو. هو اڃا يارنهن سالن جو مس ٿيو ته هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي، ان ڪري هن کي ماٽيلي پيءَ سان روچيل واري سامونڊي علائقي واري شهر ۾ رهڻو پيو. اتي رهڻ دوران سارتر جي ذهن تي ناڪاري اثر پيا، ان سان گڏ رياضيءَ هن جو مٿو ڪچو ڪري وڌو ۽ اسڪول منجهان وچولي درجي واري شاگرد جي حيثيت ۾ امتحان پاس ڪري نڪري ويو. هن پنهنجي پڙهائي جاري رکندي وڃي فرانس جا وڻ وسايا جتي وري وڃي فلسفي جي مضمون سان مٿو ٽڪرايائين، نتيجي ۾ وري به پهرين سال ۾ پوئتي رهيو، ٻي سال ۾ جاکوڙ جاري رکندي آخر ڊگري جو امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين. ڊگري وٺڻ بعد سورنهن مهينا فوج ۾ نوڪري ڪيائين بعد ۾ جرمنيءَ ۾ وڃي تعليم جاري رکيائين ۽ ڪجهه عرصو هاءِ اسڪول لي هاوري ۽ بعد ۾ فرانس ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين، هاوري شهر هن لاءِ ماڊل بڻيو. بووائيل شهر ۾ گهڻو عرصو رهندي هن پنهنجي مشهور ناول ”نوزيئا“ Nauseau جو وڏو حصو گهڙي ورتو هو. سال 1939ع ۾ وري فوج ۾ شامل ٿيو۽ جرمني ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن جنگي قيدي ٿي رهيو؛ خراب صحت هجڻ ڪري آزاد ڪيو ويو، جتان وري پيرس موٽي آيو ۽ جنگ جي خاتمي تائين اتي ئي رهيو.
سارتر نفسياتي علم بابت پنهنجو ڪيل مطالعو ٻي جنگ عظيم کان اڳ ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ۽ ان سان گڏ تخليق ۽ ادبي تنقيد جي صنفن ۾ خاص طور تي قلمي ڪرت شروع ڪئي. هن جو ناول، نوزيا 1938ع ۾ ڇپجي چڪو هو جيڪو سندس هم عصرن ۾ چڱو خاصو مشهور ٿيو پر ان سان گڏ ڪجهه تڪراري پڻ بڻجي ويو. جنهن سبب ڪري ادبي انعام حاصل ڪري نه سگهيو. سارتر جي فلسفي جي شهرت مٿي بيان ڪيل ناول جي ورقن منجهان واضع طور اڀري چڪي هئي، پر تڪراري مسئلو ناول اندر فحاشيءَ وارن منظرن مان گهٽ اٿيو، اهو ان ڪري اڀريو جو ناول ۾ خيالن جي خلفشار جو حصو ڪجهه ججهو هو. اها حقيقت آهي ته سارتر جو فلسفو انهيءَ اڳواٽ گهڙيل تحريرن منجهان نمايان طور تي بکڻ لڳو. ڪجهه سالن جي سانت کان پوءِ سارتر جو مقبول فلسفي وارو پستڪ وجود ۽ عدم وجود Being and nothingness کي تسليم ڪيو وڃي ٿو جيڪو پيرس ۾ 1943ع منجهه ڇپيو هو، جنهن ۾ ان ڳالهه جي نفي ڪئي وئي ته فلسفو جنگي دور ۽ حالتن جي ڪري جڙي ٿو. ان قسم جي سوچ گهڻن ماڻهن جي ذهنن ۾ هجي ٿي. حالانڪه وجوديت جو چرچو جنگ کان پوءِ وارن ڏهاڙن جي پيداوار آهي. جنهن جي وسيلي ئي سارتر کي 1946ع ۾ وڏي شهرت حاصل ٿي، ان ڳالهه کان ڪو انڪار به ڪري نه ٿو سگهجي ته ان قسم جي شهر جو ڳچ حصو جنگي حالتن جي ڪري پيدا ٿيو هو. فرانس اندر فلسفي جي فني ڄاڻ ان وقت ايتري مشهور ڪونه هئي ۽ گهڻي ڀاڱي عوام بي خبر هو. سارتر کي عوام منجهه شهرت ڏيارڻ جو وڏو سبب هو، هن جي ڊرامه نگار جي حيثيت، ان وقت هن جا ٻه ڊراما Exit No ۽ The flies جرمني جي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ اسٽيج تي پيش ٿي چڪا هئا، بعد ۾ فرانس جي اسٽيج تي پيش ڪيا ويا، ان کان پوءِ سموري جرمنيءَ اندر، فرانس جي انقلابي رجحان ڪري ڏاڍا قبول ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح انهن کي يونان جي عظيم ڊرامن جي برابر تسليم ڪيو ويو.
وجوديت جو لفظ ڪهڙي به طريقي ۽ وقت جي نزاڪت سان عوام جي ذهنن تائين پهتو. جنهن کان عام ماڻهو واقف ئي ڪونه هو ۽ فلسفي جي لفظ کي ڌاريو ڄاتو ويندو هو. ان دور ۾ صرف پيرس (فرانس) اندر رهواسين لاءِ وجوديت وادي متو (Existentialism) اوپرو ڪون هو پر، آمريڪي ان کان ڄڻ اڻ واقف هئا. ان متي کان آگاهي رکندڙ اڪثر مخلوق آزاد رو هئي ۽ ڪيفيز ۾ جاز موسيقي سان به دلچسپي رکندڙ هئي ¬__ ۽ پنهنجو حليو به منفرد هوندو هئن. ان لفظ کي انيڪ معنائون ڏنيون ويون، ان ڪري ڪيترا فلاسافر ان جا ميمبر هجڻ کان ئي انڪار ڪندا هئا جن ۾ هائيڊيگر مشهور هيو. ان جي برعڪس سارتر لفظ جي بگاڙ باوجود ان جو ايجاد ڪندڙ بڻيو، ڪڏهن به انڪار نه ڪيائين جنهن ڪري ان بگڙيل نوجوان نسل جو منهندار ۽ چڱو مڙس مشهور ٿي ويو.
اهو دور هاڻي قديم تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي، پر ان جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا تبصري نگار پنهنجا رايا سارتر متعلق الڳ الڳ پيش ڪندا رهن ٿا. لائيف ميگزين ۾ اهي رايا ۽ مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ماڻهن وٽ به سارتر ۽ وجوديت بابت گڏيل رايا چاهت ۽ نفرت جي روپ ۾ ٺهندا رهيا اڳتي وڌي اهي سماجي سٿن منجهه بحث هيٺ اچڻ لڳا. اهڙي طرح سان وجوديت کي هن وقت مناسب مان ملي چڪو آهي، هن دور ۾ ان کي يونيورسٽين ۾ پڙهايو به وڃي ٿو. ڪيترا مبصر اڃا به سارتر کي وجوديت جي فلسفي جي جوڙجڪ ۾ ننڍو ڪردار ڪري پيش ڪن ٿا.
هن وقت موضوع سارتر جي وڏي يا ننڍي ڪردار بابت ناهي رهيو، ان جي برعڪس وجوديت جي فلسفي جو چرچو يورپ جي اهم ملڪن جي علمي مرڪزن ۾ عام ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي برابر آهي ته سارتر کي انگلينڊ ۾ ايتري شهرت ناهي ملي يا ان وقت جي سارتر جي همعصرن جرمني جي هائيڊيگر ۽ جيسپرس ۽ فرانس جبرائيل مارسل، هن کي تسليم نه ٿي ڪيو، پر پوءِ به سارتر سمورن فلاسافرن جي صف ۾ بيهڻ لائق ٿي چڪو هو.
وجوديت جي علم جي جيڪڏهن تاريخ جي ورقن ۾ کوج ڪجي ته ان جون پاڙون سقراط، ان دور جي صوفين، سينٽ آگستن ۽ پاسڪل وغيره جي دور ۾ کتل نظر اچن ٿيون. ان کوجنا جي نتيجن ۾ وجوديت جو پهريون ۽ اهم کوجي ڪيرڪي گارڊ کي چيو وڃي ٿو (1813-1855) جيڪو ڊينمارڪ جو ليکڪ هيو. ڊينش زبان ۾ لکندو هو ۽ ايترو مشهور اڃا پنهنجي ملڪ اندر ئي ڪونه ٿيو هو. اهو ئي پهريون ليکڪ هيو، جنهن فلسفي جي ڄاڻ کي ادبي روين سان سلهاڙيو هو. هن جا خيال اڃا هن جي ملڪ جي حدن اندر قيد رهيا. اهي پهريائين جنهن عالمي زبان ۾ ترجمون ٿي آيا اها جرمن زبان هئي. پهرين عظيم جنگ جي ڏهاڙن ۾ وجوديت جا خيال، جرمني اندر داخل ٿيا هئا ۽ لکارن جي نظر ۽ مطالعي هيٺ آيا. ان کان پوءِ ويهن کان ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ اهي ترجمون ٿي فرانس جي ادبي ادارن تائين پهتا. 1940ع منجهه اهي ترجمو ٿيل مضمون/ڪتاب انگريزي زبان ۾ آمريڪا منجهه داخل ٿيا. ڪيرڪي گارڊ جا مضمون ۽ موضوع جن ليکڪن سيني ۾ سانڍيا اهي هيا جرمنيءَ ۾ نٽشي، فرانس ۾ هينري برگسان، آمريڪا ۾ وليم جيمس، انهن لکيو کڻي پنهنجي ملڪي ٻولين ۾، پر خيال ۽ ويچار اهي وجوديت وارا يا انهن سان ملندڙ جلندڙ ئي رهيا.
انهن سڀني ليکڪن، هيگل ۽ ان جي عالمي فلسفي مٿان جهَلَ ڪئي ۽ ان کي هنن نظام System ڪوٺيو، خاص طور تي ڪيرڪي گارڊ ائين چيو هو ان فلسفي جي نفي ڪرڻ جو اهم سبب ڪهڙو هو: اهو هيو خاص طور تي دنيا اندر ’خيالن جو اظهار ۽ زنده فرد‘ جي وچ ۾ دشمنيءَ جي حد تائين اختلاف رکڻ جو؛ اهو لفظ Existing Individual جيڪو ڪيرڪي گارڊ ۽ ان جي وجودي شاگردن استعمال پئي ڪيو. زنده وجود رکندڙ شخص جيڪو هڪ حقيقت هئي اهو ڪو عالمي انساني فطرت بابت ڪو مفروضو نه هيو: ”هڪ خاص فرد، جو پنهنجي حياتي گهارڻ واري عمل ۾ رڌل هجي ٿو، ’وجود رکندڙ هڪ شخص‘، وجودي فلاسافرن جو اهم ۽ پهريون نقطو هجي ٿو ۽ اهي حياتيءَ جا مسئلا ان هڪ ماڻهوءِ جا هجن ٿا، جن جي حل جي تلاش ۾ اهي فلسفي سرگردان رهن ٿا. هيگل جي اصولن پٽاندڙ نه، جيڪو ڪنهن نظام جي جوڙڻ ۾ پاڻ ۽ هن جا ساٿي سرگردان رهن ٿا ته جيئن ان هڪ ماڻهوءَ کي آرام سان ان نظام منجهه مناسب جاءِ ڏئي سگهجي. ان کان علاوه اهي فرد جي نفسياتي دنيا جو ۽ ان سان گڏ هن جي اندر جي دنيا جو پڻ مطالعو ڪندا رهن ٿا.
ڪيرڪي گارڊ ان ڪري ئي هيگل جي نظام مٿان تنقيد ڪئي جيڪو عقل ۽ منطق تحت هٿ سان جوڙيو وڃي ٿو. جنهن کي ڪو وجود ناهي، ڪا معنيٰ يا بنياد ناهي، ڇاڪاڻ ته هيگل ان وجود رکندڙ فرد کي اهميت نه ٿو ڏي.
ڪيرڪي گارڊ جو اهو اصول هيو ته اهو ماڻهو جنهن کي فرد جي وجود هجڻ جي معنيٰ جي خبر هوندي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته خيال ڇا آهي ۽ خيال جي ذريعي حقيقت سمجهڻ مشڪل آهي. انسان حقيقت/سچائيءَ جي ڄاڻ، تصور جي معرفت نه بلڪه تجربي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي حاصل ڪري سگهي ٿو؛ جڏهن ته هيگل پاڻ کي ڄاڻڻ کان اڳ ۾ دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ بنا تجربي حاصل ڪرڻ جي، ان ڪري ئي پاڻ کي کل جوڳو بڻائي چڪو هو. ٻي طرف ڪرڪي گارڊ مٿان اهو اعتراض هيو ته جيڪڏهن سمورو ڌيان فقط خاص تجربن ۽ خاص ماڻهن طرف ڏنو ويندو ته پوءِ فلسفي جو جڙڻ ۽ حاصل ٿيڻ ناممڪن آهي. ها هڪ رستو سچائي حاصل ڪرڻ جو آهي ان طريقي سان جيڪو ڪن خاص فردن ۽ انهن جي خاص تجربن سان وابسته هجي. ڪيرڪي گارڊ جو يقين هو ته اهو فلسفو جنهن سان ماڻهن جي مسئلن جي ڄاڻ اڳواٽ حاصل ٿئي/ٿيل هجي، ان کي به فلسفو نه ٿو چئي سگهجي.
موجوده دور ۾ ڪيرڪي گارڊ واري اصول کي جيڪو فرد جي وجود جي حمايت ڪري ٿو، سماجي ۽ عقلي ادارن پاران سٺي موٽ مليل ٿي ڏسجي ، اهڙي قسم جي موٽ ماڻهن جي انيڪ مسئلن کان هڪ فرد جي مسئلن بابت ڪاوش ۽ انهن کي سمجهڻ ۽ اهميت ڏيڻ وارو عمل تمام سٺو چيو وڃي ٿو: ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ واقعو ۽ اتفاق هجي ٿو. جڏهن ته ماڻهن جو سنسار ويساري جي ور چڙهيل رهي ٿو. اها هڪ حقيقت آهي ته ماڻهوءِ جو وجود ڪنهن مفروضي تي بيٺل آهي. اهو جڏهن تاريخ جي ويران وهڪري ۾ وهي وڃي ٿو، ته پوءِ ايندڙ نسلن ۽ سماجن کي ڪنهن سان ڀيٽي سگهبو. وجوديت پرستن جي ڪوشش اها آهي ته زنده ۽ وجود رکندڙ فرد جي اندر جي دنيا جي کوج ڪئي وڃي. انهن اها کوجنا ڪئي آهي ته ماڻهو آهي ڇا؟ سچائيءَ جي ان نقطي کان آغاز ڪيو ويو آ ته هو وجود آهي، هو وجود پذير آهي: ان عمل کي ”وجوديت“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
اهو عين ممڪن آهي ته مختصر طور تي وجودي ليکڪن جي تحريرن جي موضوعن بابت ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وڃي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان قسم جي تحريرن جو بنيادي اڳواڻ ڪيرڪي گارڊ کي ئي مڃيو وڃي ٿو. ڪيرڪي گارڊ جي ڏسيل گس مٿان جن به قلم جي ڪرت جاري رکي آهي، انهن سمورن فردن جي وجود جي اهميت تي زور ڏنو آهي. انهن سڀني ماڻهوءَ جي ڄاڻ ۽ وجود بابت ئي پئي ڪوشش ڪئي آهي، اهڙي طرح سان اها ڄاڻ جي فقط هڪ شاخ ناهي، پر سموري ڄاڻ جو بنيادي نقطو آهي. هتي پهچي اهي ڪانٽ سان مٿو ملائي ويٺل ٿا ڏسجن، ڪانٽ جو چوڻ آهي ته فلسفي جي شروعات ڪنهن هڪ موضوع جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ هجي ٿي ۽ اهو موضوع آهي ’وجود رکندڙ انسان‘.
ڪانٽ اڳتي هلي، سبب جي ڇنڊ ڇاڻ کي اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي وجود جي سبب کي سمجهڻ ضروري آهي. وجوديت پسند، وجود جي هجڻ جي سبب کي سمجهڻ ۽ ان جي پٺيان پرکڻ جي عمل کي جاري رکڻ ضروري ٿا ڄاڻن، ان طريقي سان ئي اهي وجود جي اهميت کي مڪمل طور تي سمجهي سگهندا.
سبب هڪ ڪنجيءَ جيان آهي. جيڪو ’رازن جي ڪوٺيءَ‘ واري ڪلف کي کولڻ لاءِ ڪارائتو ٿئي ٿو. جيڪڏهن سبب واري ڪنجي هر ڪلف کي لڳائي ويندي جتي هر ڪوٺيءَ اندر مسئلن جا انبار رکيل آهي ته پوءِ سچائيءَ بدران ڪچائي نڪري پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ وجود جي سچائيءَ مٿان به آڱريون کڄڻ لڳنديون. هن جاءِ تي پهچڻ سان تصوراتي فلسفي منجهه عقلي ڏار پوڻ شروع ٿي ويندا جيڪي هيگل جي مفروضي ”عقل مندي ئي سچائي آهي“ ان جي به نفي ٿيڻ لڳندي. هيگل هڪ قدم اڳتي کڻندي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ جدليات کي روايتي منطق جي جاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته روايت تي جيڪڏهن غور ڪيو ته اها ئي اصل حقيقت واري راهه تي وٺي هلندي ۽ منطق جي قائدن جي مدد سان حقيقت جي قانونن جي پڻ ڄاڻ ڏيندي جنهن مان اها راءِ ٿي جڙي ته سبب هر جاءِ تي حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندا آهن، پر اها راءِ سمجهه کان ٻاهر آهي. جنهن تي اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي.
سببن واري رويي جي کوج ڪندي اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته وجوديت وارو فلسفو، جنهن جو زور فرد جي وجود تي آهي، اهو عقل کان وانجهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان جي شروعات تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن ماڻهوءِ جو ذڪر ڇڙي ٿو، هن جي وجود پذير ٿيڻ بعد، اهو سبب ٻڌائڻ جي لائق ئي پوءِ ٿيندو ۽ ان ڪري هن کان وضاحت پڇڻ ئي بي جا ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هو وجوديت سميت موجود هجي ٿو. عقلي طرح ڪنهن شيءِ جا اصول گهڙڻ کان پوءِ ئي روايت آ ته انهن کي ان شيءِ جي اهميت ۽ افاديت Essence ڪوٺيو وڃي ٿو، ان طرح سان اسان کي فارمولو ملي ٿو جنهن جي مدد سان اسان وجوديت جي عبارت جوڙي سگهون ٿا. وجود ماڻهوءَ جي نسبت سان اڳ ۾ هجي ٿو ۽ ان جي اهميت يا افاديت پوءِ بڻجي ٿي. هن راءِ جي روشنيءَ ۾ اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته هتي ڪوبه خالق ناهي هوندو ۽ نه وري ڪي عقلي، فڪري پيچرا نظر اچن ٿا، جن جي مدد سان ماڻهوءَ جو مستقبل جوڙي سگهجي يا هن جو ماضي بيان ڪري سگهجي. ساڳي طرح سان ڪوبه عقلي، فڪري طرح ڪنهن ماڻهوءَ جو نمونو ڪونه آهي جنهن جي هجڻ جو هر فرد احساس ڪري يا اقرار ڪري. هن قسم جو نتيجو وجوديت پرست کي نه فقط تصوراتي دنيا کان پر يورپ جي روايتي اخلاقيات کان به الڳ ڪري ٿو.
جيستائين وجوديت جي حيثيت/اهميت جو تعلق آهي ته ابتدائي طور تي ئي اها انڪاري هجي ٿي، خالق کي تسليم نه ڪرڻ جا نتيجا هن طرح جا جڙن ٿا: پهريون اهو آ ته هر فرد کي پنهنجو ”ماڻهو“ ايجاد ڪرڻو پوندو. ٻي نمبر تي تاريخ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ”ماڻهو“ لکي ٿو. انساني حياتيءَ جو پهريون نقطو، مستقبل سنوارڻ ٿئي ٿو، يا اها مستقل ڪوشش جنهن سان هو ڪنهن ڏسيل منزل ماڻڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو جيڪا ڪڏهن به مڪمل طور تي حاصل ٿي نه ٿي سگهي. هن قسم جو تصور تعميري تصور کان الڳ بيهي ٿو ڇاڪاڻ ته هن ۾ اڳواٽ ڏسيل اميدون شامل ناهن جن جي مدد سان اها منزل ماڻي سگهجي، اهو فاصلو هميشه فرد ۽ ان جي حاصلات منجهه قائم رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پسند ناپسند جو اختيار فرد جو پنهنجو هوندو آهي. انفرادي ذميواري جو هن هنڌ تي مطلب ٿيو ته هن ڪم لاءِ ذميواري ڪو ادارو يا اختياري ناهي هوندي، جيڪا هن جي رهنمائي ڪري پر ان لاءِ فرد پاڻ ذميوار هوندو، ڇاڪاڻ جو فيصلي ڪرڻ ۾ اهو آزاد ۽ اڪيلوآهي. ان قسم جي آزادي ظاهري طور تي برداشت ڪرڻ مشڪل بڻجي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو وجوديت پسند ليکڪن جو اهو هڪ اهم موضوع آهي ته اهي دنيا جي دک ۽ درد کان بچي ڪونه ٿا سگهن. ماڻهوءَ کي اهو سوچڻ ضروري آهي ته هن جو عمل سڌي طرح واروآهي، پر هن کي سڌو رستو ڏسڻ وارو ڪوبه ناهي. ڇاڪاڻ ته ظاهري حالتون ڇا به هجن پر زندگي مستقل طور تي جدوجهد آهي، دک درد سهڻ ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ اعليٰ ظرف واري ماڻهوءِ جي نشاني آهي، جيڪو انهن ڏولاون سان مقابلو جاري رکندو اچي ٿو ۽ ڪڏهن به ميدان ڇڏڻ لاءِ سوچي به نٿو، ڇاڪاڻ ته ميدان مان ڀڄڻ وجوديت پرست لاءِ هڪ ٻيو موضوع بڻجي ٿو جنهن کي فراريت چئجي ٿو. آزاديءَ کان پاسو ڪرڻ ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ ته ان جو انساني سچائي سان ناتو جڙيل هجي ٿو. لالچون تجسس هر وقت موجود رهن ٿيون. ان کان پاسو ڪرڻ ڄڻ پنهنجي شعور کي پٺي ڏيڻ جي برابر ٿيندو، ان خيال تحت تحفظ به پوءِ خيال ئي ٿي رهندو.
هيگل پنهنجي نظرئي ۾ تحفظ ڳولي لڌو هو، جنهن تحت هر فرد کي مناسب جاءِ ۽ فرض دنيا جي تاريخي اصولن مطابق ڏنو ويو هو، سنسار ۾ ٻيا به نظام موجود آهن جن ۾ روز مرهه جيان حياتي گهارڻ کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي جيڪا سادن سودن ۽ سچن فردن واري هجي ٿي. فراريت کان پاسو ڪري حياتيءَجي هجڻ جو پاڻ سان، (وجود سان) اقرار ڪندي خود اعتمادي جو سهارو وٺي، فرد اڳتي هلندو رهي ٿو، ان قسم جو اقرار يا اتفاق وجوديت پرست جو فقط پاڻ لاءِ ناهي هوندو. غور فڪر جو تصور فرد کي همٿ ٻڌرائي ٿو، جيئن هو سماج ۽ دنيا کان پاڻ کي ڌار نه سمجهي. اڪيلائپ جو احساس کڻي، ڪا ڪنڊ وسائڻ کان گريزڪري. ان جي بر عڪس تجربو Experience جنهن جا وجوديت پرست حمايتي هجن ٿا، جنهن کي علم ڄاڻ جي کاڻ برابر سمجهن ٿا ۽ پوءِ فرد کي دنيا ۽ دنيا وارن سان گڏجي هلڻ جي تلقين ڪن ٿا. ان طرح سان ماڻهو پاڻ کي مشغول رکي سگهي، دنيا داريءَ جي ڪمن سان ڀلي اهي ڪم هن اڳواٽ چونڊي ڪونه رکيا هجن پر ان ماحول اندر هو آزاديءَ سان هلي سگهي ٿو، بس پوءِ اهو ماڻهو موجود حالتن منجهه ئي رهڻ کپي. ڇاڪاڻ ته هن وٽ اها طاقت ناهي جو مليل حالتن کان هو پاڻ کي الڳ ڪري سگهي.
آخري عنوان جيڪو هن جي مصروفيتن سان سلهاڙيل آهي جنهن کي خود اعتماديءَ وارو عمل چيو وڃي ٿو، خود اعتمادي ان صورتحال ۾ جتي هڪ ڄڻو ٻين سان سلهاڙيل رهي ٿو اتي ان لاءِ عمل جي حد ضروري بڻجي ٿو، اهڙي طرح سان جنهن کي اسان ماڻهوءَ جي تاريخ ڪوٺيون ٿا اها ان شخص جي حياتيءَ جو نچوڙ چئي وڃي ٿي.
هن مختصر مضمون ۾ وجوديت جي موضوع جي تشريح مڪمل طرح سان ڪرڻ مشڪل آهي پوءِ به سارتر پراميد آهي ته سندس هم خيال ساٿي، ان بحث مباحثي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اڳتي وڌندا رهندا، جڏهن ته هو پاڻ وجوديت جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ واري عنوان مٿان مٿي خوري ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو. ان جو اهو مطلب ناهي ته سارتر اصل موضوع کان پري ٿي ويندو. پر جيئن ته وجوديت جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ سوچ ڪرڻ وارن جي ضرورت آهي ڇو ته ان جا پيچرا، رستا ۽ رجحان فردن جيان بي شمار هجن ٿا. وجوديت پرست ڀلي پاڻ ۾ اختلاف به رکندا هجن اهي اختلاف آخرڪار منزل تي پهچائيندا، وجوديت جيئن ته هڪ وسيع تحريڪ آهي جنهن تي هڪ کان وڌيڪ ساٿي ڪم ڪري سگهن ٿا. وقت جي ڌارا کيس آخر ڪار، گهربل مقصد تي پهچائيندي حالانڪ ڪيترا غير معروف ماڻهو مثلن مالرو، برنانوس، ڪاميوگرين وغيره هن تحريڪ جي خلاف ڪم ڪندا رهن ٿا. ڀلي انهن جا رايا به عوام آڏو اچن ته سٺو ٿيندو. سارتر جن کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ جيڪو لکيو ان ۾ هن جا ناول، ڊراما، ادبي تنقيد ۽ ٻين گهڻن پاسن کان اختلاف اڀرندا رهيا، پر هن جي شهرت ۽ حيثيت هڪ مڃيل فلاسافر، اخلاقيات جو حمايتي ۽ ويهين صديءَ جو مڃيل تخليقڪار واري قائم ٿي چڪي هئي. هن جي تحريرن جو تعداد تمام وڌيل هيو ۽ جيڪو اڃا به وڌندو پئي ويو. هن جو سماجي فلسفو ڪنهن به هڪ تحرير سان ڳنڍيل ڪونه هيو پر اهو سندس هر تخليق مان بکندو رهيو. هن جي هر سماجي اصول مٿان جيڪا راءِ هئي، اها هڪ وجوديت پرست ليکڪءَ واري هئي، جيڪو موقعي جي مناسبت سان سوچي لکندو رهيو ۽ نه ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا پراڻي ڪٿا کي ورجائيندو رهيو. سارتر جي عقابي نظر ۽ فيلسوف واري نگاهه هر صنف مثلن: آرٽ، ادب ۽ سياست مٿان هوندي هئي جنهن تي ڪافي غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ قلم کي هلائيندو هو، هن وقت سندس قلم پنهنجي ئي آتم ڪٿا لکڻ ۾ رڌل رهي ٿو.