باب پنجون: اڻ لڀ خدا
THE IMPOSSIBLE GOD
سارتر پاران ڪئٿولڪ نظرئي مٿان تنقيد جا جنهن به وقت ورق ورائجن ٿا ته يڪدم هن جي لادينيت هجڻ جي ڳالهه کولي وڃي ٿي.
سماجيات جا ماهر جنهن مهل به گڏجن ٿا ته انهن وٽ عام موضوع، ”خدا تي يقين نه ڪرڻ“، وارو ئي بحث هيٺ رهي ٿو. اهو ارڙهين صديءَ جو شروعاتي دور هيو جنهن ۾ لادينيت (Atheism) بابت علمي بحث اُسريو ۽ پوءِ فيشن بڻجي نسرندو رهيو. لادينيت واري روايت ان دور کان وٺي هلندي آئي جنهن کي پختو ڪرڻ ۾ هن دور جي ليکڪن جهڙوڪ: ڪارل مارڪس، آگسٽي ڪومٽي، جان ڊيووي ۽ انهن کان پوءِ ڪجهه ٻيا به مشهور ليکڪ هيا، جيڪي سماجي سوچ تي حاوي رهندا آيا. سماجي نظرئي رکڻ وارن جي اڪثريت جي راءِ مطابق لادينيت جي معني خدا جي تصور کي رد ڪرڻ، جنهن کي غير ضروري طور ماڻهن لاءِ هڪ مفروضو رڪاوٽ بڻائي بيهاريو ويو آهي، سماجي حالتن کي سمجهڻ لاءِ جنهن جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سائنسي ڄاڻ، عقل ۽ دليل وارو هجي ٿو.
سارتر جي سوچ مٿان جڏهن سوچيو وڃي ٿو ته ڪجهه منجهيل مسئلا اڀري اچن ٿا. وجوديت کي فلسفي جي طور تي جڏهن پرکيون ٿا ته ان جون پاڙون مذهب منجهه کُتل نظر اچن ٿيون: ڪيرڪي گارڊ، ”وجوديت جو باني“، مذهبي سڌارڪ هجي ٿو، ان سان گڏ چند ٻيا ناليوارا وجوديت پرست: برديف، ڪارل جيسپر ۽ جبرئيل مارسيل، سڀئي مذهبي مفڪر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ايتري تائين جو هيڊيگر، جنهن کي سارتر سان گڏ، وجوديت جي لادينيت واري شاخ سان شامل هجڻ وارو چيو وڃي ٿو، ان جو نالو به ايمان وارن جي لسٽ ۾ شامل هجي ٿو. سارتر پاڻ، ان ڳالهه کان انڪاري آهي ته وجوديت ۽ لادينيت جو پاڻ ۾ ڪو ڳانڍاپو به آهي.
سارتر واري لادينيت کي سمجهڻ مهل، هڪ مونجهارو اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو هو پنهنجي تحريرن ۾ مذهبي الفاظ استعمال ڪري ٿو، اهي ڀلي فلسفي واريون يا ادبي تحريرون ڇونه هجن. مثال طور: هڪ جاءِ تي هن طرح لکيو آ ته، .. ماڻهو، بنيادي طور تي خدا بڻجڻ لاءِ هڪ خواهش هجي ٿو.
ساڳي وقت تي هو اصولي بحث مباحثن دوران پنهنجو لادينيت وارو رجحان پيش ڪرڻ کان ڪيٻائي ئي ڪونه ٿو. جبرئيل مارسل، سارتر سان اختلاف رکندي، بيان ڪري ٿو ته سارتر، سئزرلينڊ کان دوري جي واپسيءَ تي جهاز منجهان لهڻ مهل، اخباري نمائندن آڏو بيان ٿو ڏئي ته، ”خدا جو انتقال ٿي چڪو آهي.“ (God is dead) سارتر بخوبي ڄاڻي ٿو ته سندس لادينيت جي اعلان پٺيان، ڪيترا اُگرا نتيجا لڪل آهن. هو نظريو بيان ڪندي چوي ٿو ته اها هن جي ڪوشش آ ته لادينيت سمورن نتيجن سميت، سڀني جي سامهون ڀلي اڀري اچي. ان ڪري ضروري آ ته سارتر جا خيالات، ڪئٿوليسزم بابت، سندس لادينيت وارن خيالن ۽ انهن سان سلهاڙيل نتيجن سميت پيش ڪيا وڃن، جن جي اظهار ۾ خدا جي انڪار جي ڳالهه پيش ڪيل آهي.
سارتر خدا جي تصور بابت جيڪو نظريو قائم ڪيو آهي، اهو ڪئٿولڪ نظريي مان کنيو اٿس. ’خدا آهي‘، عبارت مطابق، وجود، جيڪو موجود آ، اهو ڇا ٿيڻ چاهي ٿو. لاطيني زبان ۾ به ساڳي عبارت ڏنل آهي. سارتر، پنهنجي وجوديت واري نظرئي کي خدا جي تعريف بابت هن طرح ترجمو ڪيو آ: ”خدا پنهنجي وجود اندر ۽ پنهنجي لاءِ موجود آهي“. (God is being-in-itself-for-itself) ٻين لفظن ۾: هڪ مڪمل ڄاڻ جو ذخيرو/خزانو رکڻ وارو وجود، جيڪو پنهنجي وجود جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو، پنهنجي شعوري، قدرت جي مدد سان. ڪئٿولڪ نظرئي وارن لاءِ هيءَ عبارت جواب آهي ان سوال جو ته دنيا ڇو وجود پذير آ، فلسفي جي روشنيءَ ۾ به اهو جواب معتبر آهي. ڪئيٿولڪ نظرئي وارن وٽ اهو جواب مابعد الطعبيات واري نظرئي جي روشنيءَ ۾ مڪمل دليلن سان ڏنل آهي.
وجود ۽ عدم وجود، جو بنيادي مقصد آهي وجود جو بيان ڪرڻ، اهو ئي سارتر جو منصوبو آ، جيڪو انساني تجربي جي روشنيءَ ۾ هو مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو. ان ئي بيان کي هو وجوديت ڪوٺي ٿو، جنهن کي مابعد الطبعيات کان الڳ سمجهي ٿو ۽ ان بابت حدون به پاڻ مقرر ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته، مابعدالطبعيات، ڪائنات جو اهو حصو آ، جيڪو انسان جي تجربي کان اوجهل آهي، تنهن ڪري اسان جي دائري منجهه ان جو اچڻ به ناممڪن آهي. فني اعتبار سان، سارتر کي پوءِ بي خبر/اڻ ڄاڻ (Agnostic) ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ان لاءِ هن کي ڪو مفروضو ٺاهڻو پوندو، جنهن جي مدد سان آفاقي سوالن جا جواب ڏئي سگهجن، جنهن جي اڳيان، پويان (as if) جهڙا ممڪن يا ناممڪن قسم جا لفظ ڏيڻا پوندا. اهو ئي سبب آ جو هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته خدا جو هجڻ، نامڪن آ، ان کي اهڙي طرح قبول ڪيو وڃي جو ان دنيا کان سارتر بي خبر هجي ٿو. هن جو چوڻ ته اسباب ۽ دليلن مٿان جي اعتبار ٿو ڪجي ته پوءِ نتيجو ساڳيو ئي نڪري ٿو ته ”خدا جو وجود، ظاهر ٿي نه ٿو سگهي“.
ڪتاب وجود ۽ عدم وجود جا ورق ورائيندي، اسان کي اهڙي قسم جا سوال جواب ئي پڙهڻ ۾ ايندا، انهن سمورن سان شرط شروط هر جاءِ تي شامل آهن، سارتر جا رايا ’وجود ۾ وجود‘ ۽ ’وجود لاءِ وجود‘ بابت به اهڙي ئي قسم جا هجن ٿا. وجود ۾ وجود سان سچائي سلهاڙيل آ، جيڪا نمايان نظر اچي ٿي، ”وجود لاءِ وجود“ يا عدم وجود، جو واسطو سڌو سنئون موجود انساني جاڳرتا/شعور سان هجي ٿو، سارتر شعور کي ان طرح بيان ڪري ٿو ته، اهو انڪاريت (Negation) سان شامل آ، جنهن جو مطلب آ ته شعوري طور جيڪا شيءِ سامهون ڏسڻ لاءِ هوندي ته ڏسڻ جي دعويٰ ڪبي، نه ته انڪار ڪبو ته اها ساڳي شيءِ ناهي. مثال طور: هڪ ڪتاب آ، ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ڪتاب ناهي ته سوال اڀرندو، شعوري ڄاڻ مطابق ڪتاب نه هجڻ جي صورت ۾ انڪاري ٿيندي ته اهو ڪتاب ناهي، ڪا ٻي شيءِ آهي. انڪاريت، انساني سچائي جو ٻيو روپ آ جيڪو ماڻهوءِ کي سچ چوڻ جي آزادي بخشي ٿو، شين کي سڃاڻڻ جي ۽ اهو ئي آزاديءَ جو ذريعو آهي. سارتر جو زور ان سچائيءَ مٿان آهي ته وجود لاءِ وجود، اهو راز يعني ”وجود اندر وجود“ وارو فاش ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو عدم وجود آهي، يا وجود پذير، ناهي هوندو. هاڻي اسان ان ڳالهه جي نشاندهي ته خدا بابت خيال/تصور ان وجود بابت آهي جيڪو پنهنجي وجود رکڻ بابت باخبر آهي ۽ اها باخبر هجڻ واري خاصيت فقط وجود رکڻ سان منسلڪ هجي ٿي ۽ ان طرح سان اهو پاڻ سان، يعني وجود سان هم خيال هجڻ گهرجي. ان قسم جي ڳانڍاپي يا گڏجڻ کي سمجهڻ واري ڏکيائي، وجود جي ظاهر نه هجڻ ڪري پيش اچي ٿي ۽ پوءِ سارتر، ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو ته اهو سنگم ناممڪن آهي. جيڪڏهن شعور يا سجاڳي ڪنهن به وجود بابت، ڏسڻ پسڻ جوڳي بڻجي پوي، ان جي دوري، وٿيرڪي هجڻ واري ختم ٿي وڃي ته پوءِ شعور جي اها خاصيت ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ ان جو وجود/تصور اڏامي ويندو.
سارتر اها ڳالهه ثابت ڪرڻ خاطر جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته خدا جو وجود پذير هئڻ، ان مفروضي جي خود نفي ڪرڻ جي برابر آهي، ان قسم جي تضاد کي ثابت ڪرڻ لاءِ هو ڪيترا مثال ڏئي ٿو، جن مان فقط ٽي مثال پيش ڪبا، جيڪي فقط، خدا جي وجود جي موجود هجڻ بابت هوندا، جن منجهه انساني آزادي جي هجڻ بابت ويچار پڻ هوندا.
سارتر جو چوڻ آهي ته ماڻهو پنهنجي اندر جي وجود بابت، جيڪڏهن خدا جو محتاج ناهي ته پوءِ پيدا ڪندڙ (Creator) جي هجڻ جي ڪا ضرورت ناهي هوندي. جيڪڏهن تخليق، بنيادي عمل آهي ۽ هڪ ماڻهو، خدا آڏو بي وس ۽ بنا تعلق آهي ته پوءِ ماڻهوءِ جو خدا سان تعلق هجڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي شاهدي يا ثابتي هجڻ جي ضرورت ئي ناهي، هن جو تعلق ماڻهوءِ سان، پوءِ فقط ٻاهرين دنيا وارو بڻجي ٿو، جيئن بت تراش جو گهڙيل ۽ سنواريل بت سان هوندو آهي... ان مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن ماڻهوءِ جو وجود هر عمل منجهه، خدا تي ڀاڙيندڙ هجي ها، ته ان کي آزاد ۽ مرضيءَ جو مختيار نه ڪوٺي سگهبو، ٻي نمبر تي، خدا ماڻهوءِ کي خاص قوت يا اهميت ڏني هجي، جنهن تحت هو آزاديءَ سان اها قوت يا اختيار استعمال ڪندو هجي، اها چوڻي يا سچ به ناهي هوندو. آزادي جي تقاضا آهي ته ماڻهوءِ جا عمل، پنهنجا جوڙيل هجن ۽ انهن لاءِ هو پنهنجو اختيار يا طاقت استعمال ڪندو هجي. آخري طور تي سارتر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته خدا کي اسان هر عمل لاءِ استدعا ڪندا رهون ته اسان کي آزاد ڪري ڇڏي، اسان پنهنجي موت جو وقت به پاڻ مقرر ڪيون، ان طرح سان اسان پنهنجي هر عمل لاءِ اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندا رهون ته پوءِ باقي اسان جي آزاد ۽ بااختيار هجڻ وارو مفروضو ته غلط ثابت ٿيندو.
سارتر هڪ ڪردار گارسن جو مثال ڏئي ٿو جو No Exit ناول ۾ بزدل هجڻ ڪري مري وڃي ٿو. جيڪڏهن مرڻ جو وقت مقرر ڪرڻ جو اختيار وٽس هجي ها ته وقت جي ڦيري سان نين حالتن پٽاندر شايد هو پهلوان بڻجي مقابلو ڪري سگهي ها. سارتر اها ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته موت، اسان جي آزاديءَ جي پڄاڻي هجي ٿو ۽ اها گهڙي ان وقت اختتام پذير ٿئي ٿي، جنهن مهل ماڻهو/فرد پنهنجي حياتي مڪمل ڪندي آخري گهڙيءَ تي پهچي ٿو جتي هو جيڪي به آهي، اتي مڪمل بڻجي وڃي ٿو. خدا کي اهو اختيار ناهي، ڪنهن ماڻهوءِ کي ختم ڪرڻ جو جيستائين انساني آزادي، پنهنجي اهميت ۽ افاديت پاڻ ختم نه ٿي ڪري. ڇاڪاڻ ته اهو مستقبل ئي هجي ٿو جيڪو حال کي معنيٰ خيز بڻائي ٿو، جيڪڏهن مستقبل ئي ختم ڪيو وڃي ته پوءِ حال منجهه عملن جي آزادي بي معنيٰ بڻجي ويندي.
ورلين جيڪڏهن شاعري ڪرڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ها ته کيس عظيم شاعر ڪونه تسليم ڪيو وڃي ها، پر کيس سيلاني فقير چيو وڃي ها. موت جي وقت مقرر ڪرڻ جو اختيار ڪنهن شخص جي حياتي جي حاصلات جي پاور برابر هجي ٿو، جنهن منجهان ڪنهن جي حياتيءَ جي ڪاميابي يا ناڪامي جو پوتاميل جوڙي سگهجي ٿو.
مٿيان مثال سارتر لاءِ بي شڪ اهم آهن ڇاڪاڻ ته هو آزاديءَ کي بنيادي قدر جي حيثيت ڏئي ٿو، ان طرح سان هن جي وجوديت واري عمل منجهه به اها مرڪزي جاءِ والاري ٿي. آزاد خواهش ۽ فيصلي جي طاقت انهن جي وچ ۾ توازن، مذهبي منهندارن لاءِ هميشه وڏي رڪاوٽ پئي رهيو آهي، جيڪي انهن ٻنهي عنصرن وچ ۾ اهو چئي عمل پيرا رهن ٿا ته آزاد خواهش فرد جي ذميواري جو بنياد ٿئي ٿي ۽ ان طرح سان ٻي ڳالهه يعنيٰ، فيصلي جي طاقت جيڪا سموري طاقت مالڪ يعنيٰ خدا جي هٿ ۾ هجي ٿي، سارتر وري فرد جي آزادي ۽ ذميواري کي سچ يا حقيقت ٿو ڪوٺي ۽ ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري ته سچ سان سلاڙهيل عقل کي خدا جي تصور سان ڪيئن ٿو ملائي سگهجي.
انهن دليلن جي روشنيءَ ۾ اهو ممڪن آهي ته خدا جي وجود کي تسليم ڪجي پر ڪنهن ٻي ڪسوٽيءَ تحت، بجاءِ عقل واري ڪسوٽيءَ جي وجوديت واري طريقي هيٺ، ان قسم جو سنگم فرد جو فقط دنيا سان ٿي سگهي ٿو. بقول سارتر وجود اندر وجود جو هجڻ، فقط تصوراتي طور تي اسان ڄاڻي سگهون ٿا، اهڙي طرح سان انفرادي تجربا/تجزيا، انهن جي اثر يا پيڙا هيٺ پرکي سگهجن ٿا، جن جي ڪري ئي وجوديت جي اهميت محسوس ڪري سگهجي ٿي، خدا جي وجود جي هجڻ واري تجربي بابت اسان کي ڪهڙي شاهدي/ثبوت آهي؟
عقلي سوچ وارو تجربو جنهن سان وجود جي هجڻ جو تصور ملي ٿو، پر ڪو رستو يا راهه ڪونه ٿي ملي، سارتر ٿامسٽ حقيقت (ٿامس اڪئيناس، رومن پادريءَ جي ايجاد ڪيل) کي ڪونه ٿو مڃي، جنهن مطابق دنيا جي خاص خيالن کي عالمي اُهائن سان ملايو ويو آهي، جنهن ڪري وجود جي هجڻ کي ڪجهه بي مقصد پاڇولن ۽ مظهرن سان ملايو ويو آهي. جيستائين اندر جي تجربن جو تعلق آ ته سارتر ڪي گهٽ تجربا ڪو نه ڪيا آهن. هن جو پهريون ناول (Nausea) اهڙي قسم جي مابعدالطبعياتي تجربن سان ٽمٽار آهي، جن کي هو اندر جا اڌما ڪوٺي ٿو. نوزيا جو تجربو، دنيا جو تجربو هجي ٿو، جنهن ۾ شين جو ڪو ڪردار يا ڪم، ڪوبه ناهي هوندو، پر اهي وجود رکن ٿيون، لاتعداد، بي مقصد موجود هجن ٿيون. ”هر وجود، جنم وٺي ٿو، بنا ڪنهن مقصد جي، ڪمزور حالت ۾ رهندو اچي ٿو ۽ اچانڪ مري وڃي ٿو“. ان قسم جي دنيا منجهه خدا جو تصور به بي معنيٰ لڳي ٿو.
وجوديت جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن خدا جو وجود ناممڪن آهي ته سموري ڪائنات ۾ خدا جي موجود هجڻ وارو جيڪو تصور قائم آهي، ان تي به پوءِ سوچڻو پوندو ۽ ثابتيون ڳولڻيون پونديون، ان مسئلي تي سوچڻ لاءِ سارتر، فرائيڊ جي مدد حاصل ڪري ٿو ۽ پوءِ انهن ثابتين کي ڦولهڻ لاءِ انفرادي نفسيات جون پاڙون کوٽي ٿو. ان طرح سان هو ان نتيجي تي پهچي ٿو جو هڪ سماجي اهم ڪٿا کي ڳولي لهي ٿو جيڪا ٿوري گهڻي سچائيءَ سان ميلاپ رکي ٿي ۽ ان جو بنياد انساني سچائي آهي.
سارتر جي مذهبي اعتقادن جي بنيادن بابت بيان کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انساني سچائيءَ جي تفتيش ڪيون، جنهن کي اوچ آدرشي يا آفاقي ڄاڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءَ خاصيت، ’وجود پاڻ لاءِ‘ بابت آهي، ڇاڪاڻ ته اها ماڻهوءِ بابت آهي، اهو وجود پاڻ لاءِ وارو عمل دنيا ۾ موجود هجي ٿو، جنهن کي انساني سجاڳي/شعور پڻ چئجي ٿو. جيئن ته آزادي ماڻهوءَ بابت سچائي هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڻ لاءِ وري عدم وجوديت آ، جنهن سان وجود منجهه وجود جي نفي ٿئي ٿي، ان طرح سان دنيا جي پرک ۽ پروڙ ٿئي ٿي. اهڙي طرح سان آفاقي شعور، انسان جي وجود جي نشاندهي ڪري ٿو، ٻين لفظن ۾ ماڻهو اڻ پورو هجي ٿو ۽ ساڳي وقت هن وٽ، پاڻ کي مڪمل ڪرڻ واري خواهش به موجود آهي، ڪامل يا مڪمل هجڻ جو مطلب ٿيو شعور جو عدم وجود کان مٿانهون ٿيڻ، جنهن جي هن وٽ کوٽ آهي، جيڪا دراصل حقيقي وجود منجهه وجود رکڻ جي خاصيت آهي، هن قسم جي ڏسيل ميلاپ کي چئبو وجود جي مڪمل سجاڳي يا شعور، جنهن کي اسان هن کان اڳ عظيم طاقت يعنيٰ خدا (God) چيو آهي. هاڻي اسان ان تصور کي چڱي طرح سمجهي سگهنداسين جنهن لاءِ سارتر چيو هيو ته ماڻهو بنيادي طرح خدا بڻجڻ جي خواهش آهي.
جيئن ته خدا جو تصور تضاد وارو آهي تنهن ڪري ناممڪن آهي ته پوءِ ماڻهوءَ جو خدا بڻجڻ وارو تصور به اڻ ٿيڻو بڻجي ٿو. اها ڪوتاهي جيڪڏهن مڪمل ڪجي ته پوءِ ڪوتاهي نه رهندي. ان ڪري خدا بڻجڻ وارو منصوبو، انساني سچائي تائين محدود هجي ٿو، ماڻهو ان مشڪل سوچ ۾ ڦاٿل رهي ٿو، جنهن تحت هو آفاقي بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪو منصب مشڪل آهي، جيڪو حال منجهه پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو جنهن کي سخت محنت يا مشقت (dynamism) چيو وڃي ٿو. اها مشقت، شخصي آفاقيت حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، يا انفرادي عظمت تائين پهچڻ جي، جيڪو منصوبو هن شروع ۾ سوچي هٿ ۾ کنيو هو. (سارتر جي خيال مطابق، ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ جيڪو جهول هيو، ان کي کوٽ جي پورائي ڪرڻ وارو منصوبو چيو وڃي ٿو.) ان کان علاوه دنيا اندر اهو قدر ۽ قيمت جو ذريعو آهي. هي رويو، شين کي ماضيءَ ۾ منجهان مٿي آڻي، موجوده دور جي حيثيت ۽ حالتن جي برابر بيهارڻ وارو آهي.
سارتر ماڻهوءِ جي منزل حاصل ڪرڻ واري خواهش کي اهميت ڏئي ٿو، جنهن بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ اجايو آهي. ماڻهوءَ جي فطرت ۾ اها خاصيت شامل آهي، جنهن تحت هو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو. ان لاءِ هو هڪ جاءِ تي بس ڪري نه ٿو ويهي، پر اڳتي وڌڻ جي جاکوڙ جاري رکي ٿو.
خدا جو تصور، انسان جي آفاقي تجربي معرفت، ان مڪمل وجود بابت آهي جنهن ۾ ٻئي خاصيتون عقل ۽ چڱائي موجود هجن ٿيون، پر اها حقيقت ته انساني صورت بابت آهي، جنهن مان خدا جي وجود جي هجڻ جي تصديق ته ڪونه ٿي ٿئي، ان صورتحال ڪري مذهبي عقيدو اهو ئي مونجهارو بڻيل رهي ٿو.
مذهبي عقيدي جو ٻيو ذريعو، ساڳيو ئي تجربو آهي، جيڪو اسان کي ٻين ماڻهن يا شين مان ملي ٿو جيڪي سماج اندر موجود آهن. سارتر ٻين ماڻهن جي وجود بابت نشاندهي ڪري ٿو، جن مان انساني حقيقت جي هڪ پهلوءَ يعنيٰ ’وجود ٻين لاءِ‘ جي بنياد جي تصديق ٿئي ٿي، جيئن ته وجود ٻين لاءِ دنيا منجهه منهنجو ٻاهريون يا خارجي يا ڌاريو وجود هجي ٿو ته پوءِ اهڙو ڪوبه منصوبو منهنجي لاءِ ئي هوندو، مطلب ٿيو ته شخصي احساس/سوچ شروع به مون وٽان ٿيندي ۽ مقصد حاصل ڪرڻ به منهنجي ٻاهرين وجود کي ئي گهٽ يا وڌ حالتن جو سهارو ڏئي حاصل ڪري سگهبو. منهنجي وجود معرفت جيڪا به شيءِ حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي اها ٻين لاءِ مثالي شيءِ بڻجي ويندي ۽ منهنجي لاءِ اهو وجود قيمتي بڻبو، پوءِ ان منصوبي ۽ ’وجود ٻين لاءِ‘ جو جيڪو نتيجو يا تعلق ٿيندو ان کي شخصي مان يا مرتبو چئبو، (Self-respect). هن طرح جي سچائي فقط ان ڪامل مرد لاءِ ئي چئي سگهجي ٿي، ان جي برعڪس ڪمزور عقيدو، انساني سچائي واري هڪ نه ٻئي پهلوءَ جي ڪوتاهي چئي ويندي، ڏوهه ڪوتاهي يا ڪميڻائپ، بقول سارتر پيار منجهه ناڪامي چئجي ٿو، هن جاءِ تي ناڪاميءَ کي شخصي مانَ منجهان هٿ ڪڍڻ ۽ ڪميڻائپ کي ٻک وجهڻ جو نالو ڏنو ويندو ان وجود کي، جنهن کي ’وجود ٻين لاءِ‘ جي نالي سان هن کان اڳ ڪوٺيو ويو هو.
اهو خارجي وجود جيئن ته اسان لاءِ قيمتي هجي ٿو، پر ٻين لاءِ فقط ڪا شيءِ جي حيثيت رکي ٿو، ٻين جي موجودگي مهل شرمساري اسان جو عام رويو هوندو. ان شرمساريءَ واري حالت مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ شخصي مانُ يا مرتبو فقط هڪ طريقي سان موٽائي سگهجي ٿو جيڪو هڪ ٻئي سان شخصي تعلقات وڌائڻ ذريعي ملي سگهي ٿو ۽ ان رويي کي پيار جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن مون سان پيار ڪيو وڃي ٿو ته منهنجي خارجي وجود بابت ٻين کي چونڊ ڪرڻ جي آزادي هجي ٿي، اها ساڳي آزادي منهنجو به حق آهي، پيار جي پيچرن بابت سوچيندي مان پنهنجي خارجي وجود بابت يڪدم سوچڻ لڳان ٿو جنهن لاءِ مان حق بجانب آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي لاءِ اهو ڏاڍو قيمتي آهي، جنهن سان مان پيار ڪيان ٿو. پيار ان طرح سان بنيادي ضرورت هجي ٿي ڪنهن به شخصيت جي پيار جو اوچو تصور، سڀني شخصي رشتن کي متاثر ڪونه ٿو ڪري، پر ٻن شخصن کي ضرور ڪري ٿو ۽ اهو ٻنهي وٽ هڪ ٻئي لاءِ هجڻ ضروري آهي، تنهن ڪري اهو رويو به خاص فطرت جي عڪاسي ڪري ٿو، اهڙي فطرت/ضرورت زور سان دٻائي يا لڪائي به سگهجي ٿي، مثال طور ناڪاميءَ جي ڊپ کان اهڙي چاهت، مڪمل طور ڪامياب ٿيڻ به مشڪل آهي، ان لاءِ ضروري آ ته ٻي ڌر جي آزاديءَ مٿان مڪمل قبضو هجي، ان کان پوءِ ئي اها قبضي واري صورت تي ڪامياب ٿي سگهندي، پر اها ممڪن ناهي، ٻي جي آزاديءَ مٿان قبضو پيار ناهي هوندو، منهنجي اها خواهش آهي، ٻيو شخص پاڻ ئي بنا لوڀ، لالچ ۽ ڊپ جي مون سان پيار ڪري، ان کي چونڊ جي مڪمل آزادي هجي ۽ شخصي آزادي به هجي ته پوءِ منهنجو پيار مڪمل طور تي محفوظ ۽ شڪ کان خالي ٿي سگهي ٿو.
پيار جو تجربو اسان کي ان اعتقاد/ايمان طرف وٺي وڃي ٿو جنهن کي مطلق/مقدس وجود چئون ٿا، جنهن سان اهو مسئلو حل ٿي سگهندو، جنهن جو ٻاهريون وجود، سندس آزادي ۽ خود اختياري سميت هوندو. اهو مطلق وجود ئي خدا آهي، جنهن کي شخصي مانَ/مرتبي جي ضرورت ناهي، جيڪو پاڻ ئي حقيقت آهي. سارتر هڪ دفعو وري خدا جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو اهڙو انوکو وجود هجي، جيڪو ماڻهن جي مسئلن کي سهڻي نموني سان حل ڪري، جن جو حل انهن جي وس کان ٻاهر هجي ٿو. هاڻي ان ڳالهه جي به وضاحت ٿئي ٿي ته ڇو خدا جي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هو چاهي ٿو ته ان سان پيار/احترام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو به پنهنجي تخليق سان موٽ ۾ پيار ڪندو آهي. جيڪڏهن يسوع مون سان پيار ڪري ٿو، ته پوءِ دنيا ۾ پيار جي ناڪامي، قابل برداشت هجي ٿي يا ان کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو يا ان دنيوي پيار کي الاهي پيار ۾ بدلائي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ اهڙو ٻيو مسئلو اڀري اچي ٿو جيڪو بادليئر کي ستائي ٿو، جنهن لاءِ هن ايئن چيو ته ان قسم جو خالق ته ان عورت جهڙو ٿيو جيڪا هار سينگار ڪري ويٺل هوندي آهي ۽ هر اجنبي تماشبين کي پيار ڪرڻ لاءِ اشارا ڏيندي رهندي آهي.
خدا جي وجوديت بابت ٽين راءِ اها آهي ته ان جو خالق جهڙو ڪردار به هجي، جيڪو اسان کي دنيا اندر ڏسڻ ۽ تجربن پٽاندر حاصل ٿئي، جنهن وٽ هر طرف کان ۽ هر طرح سان اها طاقت ۽ رهنمائي جي صلاحيت به موجود هجي. اها دنيا جنهن منجهه هر شيءِ کي ڪو مقصد هجي، اها نظم ضبط واري هجي، جيئن ڪا واچ جڙي ٿي ته ان لاءِ واچ ميڪر جو هجڻ ضروري هجي ٿو، عين ان طرح سان نظم ضبط سان جوڙيل دنيا لاءِ ڪنهن تخليقڪار جو هجڻ به ضروري آهي.
سارتر، رومن ڪئٿولڪ فلسفين جي ان راءِ سان سهمت هجي ٿو ته دنيا ماڻهن آڏو سچائي ۽ اخلاقي نظم ضبط جو سنگم آهي پر انهن پاران حقيقت جي عبارت کي رد ڪري ٿو. جنهن ۾ هنن جو چوڻ آ ته دنيا خدا جي حڪم سان وجود پذير ٿي ۽ ان سان گڏ ڪي عاقل/صالح شخص به پيدا ڪيا ويا، جيڪي خالق جي پاڇولي جيتري آفاقي طاقت به رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي شخص خدا جا ٻالڪ آهن ۽ ان ڪري خالق جي هر تخليق کي اهي ئي سمجهي سگهن ٿا. سارتر فطرت جي عظمت جي تشريح پيش ڪري ٿو، ان کي انساني آفاقي عظمت جي پيداوار ڪوٺي ٿو. اهو ان ڪري ته جڏهن ڪو فرد ڪوئي منصوبو جوڙي دنيا ۾ پيش ڪري ٿو ته ان جي خواهش هوندي ته ان کي دنيا وارا، منهنجي تخليق، منهنجن خيالن سان ٽمٽار ٿيل ڏسڻ لڳن. شين جي خاصيتن منجهه، سٺا ۽ ماٺا رويا به ضرور موجود هوندا. اهي مقصد جن سان دنيا جڙي ٿي، انهن منجهه قدرتي واقعا به رونما ٿين ٿا، مثال طور: بهار جي مند ۾ برسات جو وسڻ، اهي ۽ ان جهڙا ٻيا مقصد خدا جا مقصد ته ناهن هوندا، اهڙا مقصد يا عمل ته فرد جي پيداوار به هجن ٿا، اهڙي قسم جا مقصد، تسليم ٿو ڪجي ته ڪنهن تنظيم جي نشاندهي ڪن ٿا، انهن مقصدن منجهه معيارن جي واڌ يا کوٽ فردن کي قابل قبول يا ٻي صورت ۾ پسند هجي ٿي، سٺن مقصدن جي گهڻائي، اڪثريت کي قبول هجڻ جي صورت ۾ دنيا اندر ڀائيچارو ۽ خيالن جي هڪ جهڙائي جي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ ان جو سلو ظاهر آهي ڪنهن خاص گروپ جي فائدي ۾ ئي ويندو. ان خارجي دنيا جيڪا خدا جي حڪم ۽ نظم ضبط سان جڙي چڪي آهي ۽ جنهن کي فردن جي هٿن ۽ صلاحيتن جوڙيو آهي، اها ڪنهن جي کاتي ۾ رکي ويندي.؟
آخر ۾ اسان کي اهو باور ڪرايو ٿو وڃي ته خدا جو وجود، اسان جي تجربن ڪرڻ بعد، جيڪو وجود تخليق ٿئي ٿو، ان کي اسان جو مقصد، (Us-object) ڪري مڃيو ٿو وڃي، اهڙو تجربو تڏهن ڀيٽي سگهبو جڏهن ڪو ٻيو گروپ به موجود هوندو. ان قسم جي منصوبن تي ڪم ڪندڙ فردن منجهان، ٽيون گروپ به جڙي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٽيون گروپ غير ملڪي فردن جو هجي ٿو، ته پوءِ قوميت جي سڃاڻپ وارو شعور اڀري ايندو. اهڙي طرح سان بورجوا گروپ جي موجود هجڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪلاس/گروپ يعنيٰ پروليتاري آهي ته پوءِ ٻن ڪلاسن منجهه ڀائيچارو قائم ڪرڻ جي ڳالهه پيدا ٿيندي. ڀائيچاري ڳنڍڻ جو تجربو ڪنهن هڪ ڌڙي سان ان طرف وٺي ويندو ته دنيا اندر مختلف ڌڙن ۽ ڪلاسن منجهه ڀائيچاري جي ضرورت پيدا ٿي ويندي.
هاڻي ان قسم جا چار بنيادي انساني تجربا بڻجن ٿا جيڪي اهو يقين ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته خدا جو وجود آهي. پهريون ته خدا آهي پنهنجي واحد حيثيت منجهه جيڪو آسمانن منجهه پنهنجي خدائي سميت موجود هجي ٿو. اُهو خدا مڪمل ۽ چڱائين وارو، ماڻهوءَ جي شعور ۽ سجاڳيءَ واري خواهش جو نصب العين آهي، ٻيو خدا آهي ٻي قسم جي سجاڳي وارو، جنهن سان اسان آزاديءَ واري وجود کي اجاگر ڪيون ٿا. ٽيون خدا آهي، خالق ڪائنات جي وجود کي تسليم ڪرڻ جو ذريعو، چوٿون خدا آهي ڪامل ۽ مڪمل ٽيون خدا، جيڪو انسانيت کي انسانن جو قسم ڪري ڏسي ٿو. پهريان ٽي تجربا، اسان جي آفاقيت واري ڄاڻ جي معرفت خدا کي محسوس ڪن ٿا ۽ آخري تجربو اهو آهي وجود جو، جنهن ذريعي ٻي آفاقي ڄاڻ واري وجود کي پرکي سگهون ٿا.
”.. اسان وارو خارجي وجود (Us-object) اسان کي دنيا منجهه داخل ڪري ٿو، ان کي اسان شرمساري واري دور منجهه پرکي سگهون ٿا جنهن کي اسان پاڻ کان الڳ گروهه ڪري ٿا ڄاڻون..“ هتي اسان کي خدا، بادشاهه، حاڪم، جاگيردار، ڪنهن راڄ جي چڱي مڙس يا ماسٽر جي حيثيت يا رتبي وارو هجڻ جي روپ ۾ ملي ٿو. اهو انسان جي روپ ۾ خدا ۽ ان جي خاصيتن رکڻ وارو آهي، جيڪو اسان کان فرمانبرداري جو طلبگار يا چاهيندڙ هجي ٿو.
مذهب واري حقيقت يا موجودگي، قديم دورن منجهان ڪو وهم يا وسوسو ناهي پر انساني حالت جا بنيادي ۽ پختا رويا آهن. ان کان به مٿڀرو، مذهب جو مرڪزي نقطو، جنهن کي خدا جو وجود چئجي ٿو. اهو ئي وهم ۽ ڌوڪو ڏيندڙ مظهر آهي. ان ڪري خدا تي ايمان، غير ضروري ۽ اڻ ٿيڻو رينگٽ بڻجي ٿو. اها ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ ته سارتر اهڙي اعتقاد کي اها حقيقت ڪوٺي ٿو، جيڪا انساني ڀلائيءَ لاءِ نقصانڪار هجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته مذهبي رهنماءَ جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ته اهو جنهن روپ ۾ نظر اچي ٿو ۽ سماجي سٽاءَ ۾ اهو دين/مذهب لاءِ ڪهڙي قسم جو ڪم يا عمل ڪري ٿو.
سارتر جڏهن فرد جي مذهبي اعتقاد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ته هن کي فرد جو اعتقاد غلط عقيدي جي روپ ۾ نظر اچي ٿو، يا انساني آزاديءَ جي سامهون اهو اعتقاد ڪمزور يا ناڪام نظر اچي ٿو. غلط اعتقاد، ان صورتحال جو جواب آ، جنهن ۾ ماڻهو، پاڻ کي پاڻ فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿئي ٿو، جنهن جو ثبوت هن جي شخصي ناڪامي ۽ ماضيءَ جا سُور هن جي ڪلهن تي قائم هجن ٿا. هڪ ٻار، ان دنيا ۾ جنم وٺي جيڪا ٻين جي جوڙيل هجي ٿي، پر اهو پنهنجي ضرورت ۽ گذر سفر خاطر، ان کي پنهنجي دنيا ڪري وٺي ٿو. هو وڏو ٿيندي بالغ بڻجي، دنيا کي والدين جي نظرن سان ڏسڻ کان انڪار ڪري ٿو، ان جي برعڪس هو، اها دنيا تسليم ڪري ٿو جيڪا هن جي اکين آڏو آهي. اهڙي طرح سان هر ماڻهو پنهنجن ڏکين پيچرن تان ڪٿي ڪاميابي ته ڪٿي ناڪامي سميت هلندو رهي ٿو، اها آفاقي ۽ ڪامل منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جتي هو ڪڏهن به پهچي نه سگهندو. ويڳاڻپ جي پرک ڪرڻ مهل، اندر جا اڌما ان سان شامل هجن ٿا، جڏهن آزاديءَ کي پروڙي ٿو ته هن آڏو مستقبل جا دروازا کلندي نظر اچن ٿا جتي پهچڻ لاءِ ان دردناڪ پيڙا منجهان لنگهڻو پوندو. خواهش جي تڪميل نه ٿيڻ جي صورت جو نالو پريشاني، مونجهارو ٿئي ٿو ۽ خواهشن جو مڪمل پورائو ناممڪن هجي ٿو. اها آهي انساني حالت، جنهن ۾ اندر جا اڌما، ٽڪراوَ ۽ مشقت موجود آهي جيڪا غلط اعتقادن جي جهوليءَ ۾ کڻي وڃي ڦٽو ڪري ٿي.
سارتر ڪوڙي يا ڪمزور عقيدي بابت ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ڪوڙ Lie بابت وضاحت ڪري ٿو. ڪوڙ ڳالهائڻ مهل ان ماڻهوءَ کي سچ جي ڄاڻ ضرور هجڻ گهرجي ۽ پوءِ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. ڪمزور عقيدو، ڪوڙ جهڙو ئي هجي ٿو جنهن ۾ ”.. اهو ماڻهو جيڪو ڪمزور عقيدي وارو آهي اهو اڻ وڻندڙ سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي يا سچ کي وڻندڙ (اڻ سچ) يعني ڪوڙ ڪري پيش ڪندو آهي.“ اهو ڪوڙ کان ان صورت ۾ مختلف آهي ته ڪوڙو عقيدو، ڪوڙ سان تڏهن ڀيٽي سگهبو جڏهن اهو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائيندو. عام ڪوڙ جو مقصد هوندو آ ته ٻئي جي اڳيان پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ٻئي شخص کي دوکو ڏيڻ. ڪوڙو عقيدو ٻين ماڻهن جي صحبت منجهان اڀري سگهي ٿو، پر جڏهن ڪوڙو شخص پنهنجي ڪوڙ تي يقين ڪري ته پوءِ هن جو عقيدو به ڪوڙو هوندو.
سارتر اسان کي ڪوڙي عقيدي جو مثال انهن عورتن جي روين ۽ رخن جي معرفت سمجهائي ٿو جيڪي بازاري قسم جون هونديون آهن. ڪنهن اجنبي مرد سان پهريون دفعو ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هوءَ چاهيندي ته اهو شخص هن جي جسم طرف ڌيان ڌري، جڏهن هو جسم طرف واقعي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ هن کي پڪ ٿي ويندي ته هو ايئن ڪري رهيو آهي. ان جي باوجود نفساني خواهش جي عمل وقت اها عورت به ٽال مٽول جي ڪوشش ڪندي آهي. هوءِ ان عمل کان پوري طرح سان باخبر هوندي آهي. باهه جي ڄر ته اها ئي وڌائيندي آهي. پر مجرماڻي عمل ۽ ڪپڙن کان الڳ واري صورت کان ڏڪڻ لڳندي آهي ۽ ان کي توهين پڻ سمجهندي آهي. اهڙي طرح سان اها انڪار به ڪري نه سگهندي آهي، ڇاڪاڻ ته اجنبيءَ کي ناراض به ڪونه ڪرڻ چاهيندي پر چالاڪي ۽ حرفت سان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. ”هوءَ پنهنجي چاهيندڙ کي جذبات جي چوٽيءَ تي پهچائڻ کانپوءِ؛ زندگيءَ بابت خيال آرائي ڪندي آهي، پنهنجي حياتيءَ بابت پڻ؛ هوءَ پاڻ کي ڪنهن موڙ تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هڪ شخصيت، قابليت واري سڄاڻ هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ“، فرائيڊ جي نفسيات شايد ان رويي کي سمجهائي سگهي. جنهن کي هن جي لفظن ۾ جذبات کي دٻائي رکڻ وارو عمل (Repression) چيو وڃي ٿو. هن جي رويي کي اڀار نفساني خواهش جي ڪري ملي ٿي، ان قسم جي خواهشن واري انا کي، وري انا کان مٿانهين رويي واري قوت دٻائي رکي ٿي جنهن کي Censor به چيو ويندو آهي، عام سماجي روين کي جيڪي ان سان ٽڪرائجي ماٺا ٿي وڃن ٿا ۽ خواهش تڪميل ڪرڻ لاءِ وري ميدان ۾ اچن ٿا، انهن کي انا کان مٿانهون عمل، دٻائي خاموش ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سارتر هن قسم جي تشريح کي ڪونه ٿو مڃي، هن جو چوڻ آ ته دٻائي رکڻ وارو عمل، ڪنهن خواهش کي دٻائي نه ٿو سگهي، جيستائين ان جي ڄاڻ نه اٿس، ان قسم جي مناسب وضاحت هو، ڪوڙي اعتقاد جي ذريعي حاصل ڪري ٿو. حالانڪ ڄاڻ يا سجاڳيءَ جا ٻه متضاد رويا آهن جيڪي هر ڪنهن آڏو هجن ٿا. ڪوڙو اعتقاد ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته انساني شخصيت اندر ٻٽا ۽ منجهيل معيار/رويا موجود هجن ٿا. اسان جو جسم، اسان جا عمل ۽ اسان جي تاريخ، ’وجود منجهه، وجود بابت‘ آهن، جڏهن ته اسان جي سجاڳي، وجود لاءِ وجود، بابت آهي ۽ اهڙي طرح سان اها آزادي ۽ آفاقيت ڏانهن اڏام به هجي ٿي، ان ڪري اسان منجهه ٻٽا رويا هجڻ ڪري، اسان جي سڃاڻپ به وقت ۽ حالتن هيٺ مٽبي رهي ٿي ۽ پوءِ اها مشڪوڪ بڻجي پوي ٿي، جنهن ڪري اسان جو وجود پاڻ پرکڻ مهل الڳ ٿئي ٿو ۽ ٻين جي نظرن ۾ وري ڪجهه ٻيو هجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي تاريخ يا ماضيءَ وارا ڪارناما، اسان جي مستقبل جي نشاندهي ڪرڻ کان قاصر رهن ٿا. مختصر طور سارتر چواڻي: ”اسان کي انساني سچائي هڪ وجود جي روپ ۾ اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن اصل اها ناهي ۽ جيڪا اها ناهي ته پوءِ اها ڇا آهي؟“ ان طرح سان سچو عقيدو به هڪ لحاظ کان اهو چوڻ ته مان اهو ئي آهيان جيڪو مان آهيان، (I am, what I am) به ناممڪن ٿيو پوي، ٻين لفظن ۾ ان کي ڪوڙو اعتقاد يا ايمان چئبو. سچائي يا سڄڻائپ/وفاداري تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن اسان اعتماد سان پاڻ لاءِ اهو چئون ته مان اهو ئي رهيو آهيان يا مان ڪجهه ٻيو به بڻجي سگهان ٿو.
سارتر وارو مثال ورجائيندي جيڪو عورت بابت هيو، اسان ڏسون ٿا ته اها عورت ڪمزور عقيدي واري آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ کي عقل واري ٿي سمجهي، جڏهن ته سندس وجود ئي ٻين لاءِ هجي ٿو. ان طرح سان هوءَ پاڻ سان ئي ڪوڙ ٿي ڳالهائي، هن جو ڪوڙو عقيدو به ڦرڻو گهرڻوآهي، هڪ طرف ٽال مٽول ڪري ٿي ته ٻي طرف غير مرد جا ناقابل قبول مطالبا مڃي ٿي ۽ پاڻ کي مڪمل طرح هن آڏو پيش ڪري ٿي.
سارتر ڪجهه ٻيا مثال ڏئي ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته مذهب کي خاموشيءَ سان تسليم ڪرڻ ۽ سياسي قوتن منجهه مناسب لاڳاپو هجڻ کپي.
آخر ۾ سارتر بابت اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هن خدا جي وجود کان انڪار ناهي ڪيو. ان وجود کان انڪار ڪيو اٿس جيڪو روم جي ڪليسا وارن خدا بڻائي پيش ڪيو هو ۽ ماڻهن کي ان جي پرستش ڪرڻ لاءِ ڊيڄاري، دٻائي ۽ زوريءَ اعتراف ڪرائيندا هئا.