تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

مهاڳ: بدر اڄڻ

ادب ڇا آهي؟ هن ڪتاب ۾، سارتر، ”ڪجهه ٿيڻ“، بابت مفروضي تي زور ڏئي ٿو، ان سان گڏ آزادي جي هاڪاري رخ کي وڌائڻ تي زور ڏيندو پسجي ٿو. ڪجهه ٿيڻ واري مفروضي منجهان، هو سماجي پهلوءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو: يعنيٰ ڪو ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي، هڪ فرد جي آزادي جو ڳانڍاپو ٻين جي آزاديءَ سان شامل هجي، اهڙو سماج جوڙيو وڃي جنهن منجهان، استحصال ۽ تشدد جي پاڙ ئي پَٽيل هجي. اهڙي طرح سان، سارتر، اخلاقيات ۽ سماجي انسانيت دوستي جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو.
ان منزل تي پهچي سارتر، ليکڪن کي التجا ٿو ڪري ته اهي پنهنجي وجودي آزادي، سماجي آزاديءَ جي خدمت ۾ پيش ڪن. ان سان گڏ کين آگاهه ٿو ڪري ته، هڪ فرد، اڪيلي سِرِ ۽ ٻين کان سواءِ، ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿو سگهي. هتي پهچي، اسان مرڪزي نقطي يعني، ”ادب ڇا آهي“ واري مرڪزي نقطي تي پهچون ٿا. ان طرح سان ليکڪ ، پنهنجي لکڻيءَ منجهه ٺوس خود اختياريءَ جي تقاضا ڪندي، موجود حالتن جي روشنيءَ منجهه قلم جي ڪِرت جاري رکي ٿو.
سارتر، پنهنجي ٻالڪپڻي واري دور کي، يادگيرين جي روپ ۾ لکيو آهي ۽ ڪتاب جو نالو رکيو اٿس ’لفظَ Words‘. سارتر ان راءِ جو آهي ته هو هڪڙو ڪتاب لکي ٿو ۽ ان بابت چوي ٿو ته هي ڪتاب اڳ واري ڪتاب کان بهتر آهي. ان کان پوءِ جوڙيل ڪتاب کي پوئتي ٿو رکي ڇڏي، ان جي خالق هجڻ کان انڪار ٿو ڪري. هن جو چوڻ آ ته ڪنهن به ليکڪ لاءِ ڪتاب لکڻ هڪ عام عمل يا تجربو هوندو آهي.
آيا سارتر، ”ادب ڇا آهي“، جي عنوان واري ڪتاب کان به انڪاري ٿيندو؟ هن سوال جو جواب هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي ڏئي سگهبو ڇاڪاڻ ته، مٿين سوال جا بنيادي نقطا، سارتر، وڏي قابليت سان بحث هيٺ آندا آهن. هن مهاڳ ۾ انهن سمورن ڪتابن جو ذڪر مختصر طور تي ئي ڪرڻ ممڪن آهي.
هي ڪتاب ، ”ادب ڇا آهي“، سارتر ان منجهه نثر نگاري بابت ئي ڳالهائڻ لاءِ ارادو ڪيو آهي، ان ۾ شاعري بابت ڪجهه ناهي. نثر ذريعي، هو چوي ٿو ته، عالمي ادب بابت بامقصد، گفتگو ٿي سگهي ٿي، ان جي برعڪس، شاعري، پنهنجي انتها، پاڻ ئي ڪري ٿي. نثر ۾، لفظن کي اهميت آ، اهي، ماڻهن ۽ شين کي آسانيءَ سان بيان ڪري سگهن ٿا. شاعري، لفظن جي پڄاڻي ڪندڙ آهي. سارتر جي ان خيال مٿان شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ به لفظ استعمال ٿين ٿا. هيترا سارا شاعريءَ جا دور آهن. هر دور جي شاعريءَ جي تشريح ۽ ان مٿان تنقيد به نثر ۾ لکجي ٿي، اهڙي طرح سان، سارتر لفظن جي حرمت جو حمايتي به آهي ، ڇاڪاڻ ته آفاقي شاعريءَ منجهه به لفظ هجن ٿا ۽ انهن جي سٽاءَ جي سونهن کي دنيا پسند ڪري ٿي. Belles-Letters بابت ڇا چئبو، اهي نثر ۽ نظم ٻنهي منجهه لکيل آهن، جن جي عظمت کي دنيا تسليم ڪري ٿي، جنهن کي شاعراڻو نثر به چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سان سارتر جي راءِ، مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هن موضوع مٿان سارتر جي تعريف لائق راءِ اها ٿي بڻجي ته شاهڪار ادب، ان قسم جو ٿي نه ٿو سگهي، جنهن جي ذريعي، ماڻهو، ماڻهوءَ مٿان ظلم يا تشدد ڪري ٿو يا ان عمل جو مددگار بڻجي ٿو.
ادب ڇا آهي؟ جو حاصل مطلب آزاديءَ جي عزم منجهه موجود آهي. هن کان اڳ واري ڪتاب 'Being and Nothingness' جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ان منجهه آزاديءَ جو مفهوم، حالتن جي موجود هجڻ جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هتي شعور جي ٽن ڌارائن بابت خيال آرائي ڪيل آهي: وجود بذات خود، وجود براءِ خود ۽ وجود ٻين لاءِ، وجود براءِ خود اهو طريقو آهي جنهن هيٺ ماڻهو پاڻ کي ٻين ماڻهن ۽ موجود شين کان ڪجهه فاصلي تي رکندو آهي، اهڙي طرح ٻين جي موجودگي تسليم ڪندو آهي. اهو جيڪو وچوارو فاصلو ٿئي ٿو، ان کي آزادي ڪوٺجي ٿو، جنهن جي ڪري پسند ڪرڻ جي خواهش ۽ شعوري عمل ممڪن بڻجي ٿو. اهو فاصلو ڪنهن مهل کوکلو ۽ ڏکارو به بڻجي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جي خواهش رهي ٿي ته ڪائنات منجهه هو پاڻ کي واحد وجود تسليم ڪرائي، سموري ڪائنات کي پنهنجي وجود ۾ سمائي ڇڏي، ته جيئن کيس ڪا شيءِ سمجهيو وڃي. سارتر جي چواڻي، اسان ان ڏکاريءَ حالت ۾ ايمانداريءَ سان چئون ٿا ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان آزاد جو آهيون، ان صورتحال کان بچڻ لاءِ اسان اعتقاد کي به اورانگهي يا لتاڙي وڃون ٿا. اسان اهو تصور ڪيون ٿا ته اسان وجود بذات خود آهيون ۽ ان ڪري مڪمل آهيون ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جي اسان جي مٿان مالڪي ڪونه هجي ٿي. ان سوچ پٺيان ڪا طاقت موجود آهي. جيڪا خاموشي سان ان صورتحال کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرائي ٿي. يا ٻي صورت ۾ اسان آزاديءَ کان پاسيرو ٿيندي، وجود ٻين لاءِ جو روپ اختيار ڪيون ٿا، جنهن ڪري ٻيا، اسان کي ان روپ ۾ ڏسڻ لڳن ٿا ۽ اسان تي ڪوبه نالو رکي سگهن ٿا ۽ ان سان سڃاڻڻ لڳن ٿا.
ان طرح سان سارتر چواڻيءَ آزادي وجود رکي ٿي، پر اها حياتيءَ جو ڪو روپ بڻجي ٿي، جيڪا شعور رکي ٿي، جيڪو ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪجي ٿو ۽ ان کان منهن موڙي نٿو سگهجي. اهو ئي طاقت آهي. ڪجهه ٿيڻ جو طريقو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ سارتر، ادب ڇا آهي؟، لکي ورتو، هو ڪجهه ٿيڻ يا بڻجڻ مٿان گهڻو زور ڏئي رهيو هو، اهو ئي آزاديءَ وارو عملي روپ هجڻ جو وقت هيو. ان مفروضي سان سلهاڙيل هيو سماجي پهلو: جيڪو مڪمل ٿيڻ وارو هيو، هڪ شخص جي آزاديءَ جو دارومدار ٻين جي آزادي سان شامل هيو، جنهن کان پوءِ وري هڪ سماج جو جنم ٿئي پيو، جنهن منجهان، استحصال ۽ تشدد کي تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو هو. ان طرح سان سارتر هاڻي اخلاقيات جي دائري ۾ داخل ٿي، سماجي انسان دوستيءَ جي دنيا ۾ قدم رکي چڪو هو. هاڻي، سارتر، ليکڪن کي التجا ٿو ڪري ته اهي پنهنجي وجودي آزادي، سماجي آزاديءَ لاءِ استعمال ۾ آڻن، ان سان گڏ ان ڳالهه تي به زور ڏئي ٿو ته هڪ ماڻهوءَ جي حيثيت، ٻين جي گڏ هجڻ کان سواءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي. هن جاءِ تي پهچڻ سان اسان 'What is Literature' جي مرڪزي نقطي تي پهچي وڃون ٿا؟ هر هڪ ليکڪ مٿان لازم آهي ته موجود حالتن کي بنياد بڻائي، مڪمل خود اختياريءَ جي مفروضي جي حمايت ڪندو رهي.
ان کانپوءِ، اسان جو مقصد يا مراد پوري ٿئي ٿي ته: ادب، جيڪڏهن آفاقي طور تي جوڙيو وڃي ته اهو هڪ طاقتور ذريعو بڻجي پوي ٿو. آزادي حاصل ڪرڻ جو پڙهندڙ لاءِ، جنهن جي مدد سان، ڪهڙين به ڏکين حالتن منجهان، ان کي اوپرائپ، اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ منجهان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي. ان طرح سان، سرجڻهار پڻ، اڪيلائپ واري صورتحال منجهان پاڻ کي آزاد ڪري سگهي ٿو. سارتر کليل لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته ادب ۾ ويڳاڻپ، تڏهن داخل ٿيندي جڏهن اهو پنهنجي خود اختياري کي وساريندو يا ان کان منهن موڙيندي پاڻ کي نقلي طاقت، مئل قانون ۽ جادوگريءَ جي آڏو جُهڪي ويندو. اهو ليکڪ جو مشن هجڻ کپي ته طاقت کي ٺڪرائي ڇڏي، جهالت، ساڙ، بغض ۽ ڪوڙن جذبن جي پاڙ پٽڻ جا جتن ڪندو رهي. هن مفروضي مٿان، مارڪسوادي، مستقل تنقيد ڪندا رهيا ته جيئن ته حالتون ۽ ماحول هر هنڌ هڪ جهڙو نه ٿو رهي، تنهن ڪري ليکڪ آزاديءَ جو هر جاءِ تي حمايتي ڪونه ٿو ٿي سگهي.
سارتر اڃا به پنهنجي مفروضي تي قائم رهندي، چوي ٿو ته ليکڪ، ڪهڙين به حالتن منجهه ڪمٽيڊ/سچو طرفدار هجي ٿو، اهو نه چاهيندي به ادب يا تاريخ کان الڳ ٿي نه ٿو سگهي. ان قسم جو درس، هو تاريخ ۽ ادب جي ورقن منجهان مستقل طور تي حاصل ڪندو رهي ٿو. ان طرح سان ادب، پڙهندڙن کي تاريخ جي ورقن ۾ آزاد ۽ مڪمل ڄاڻ وارو ماڻهو ڪري پيش ڪري ٿو. سارتر ناولن ۽ ڊرامن منجهه ڪردارن کي حالتن کان منهن موڙيندي ۽ مفاهمت ڪندي ڏسي ٿو ته سندس مَن مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. ان ڪري هو چوي ٿو ته ادب ڪنهن به صورت ۾ ننڊ ڪرڻ جو درس نه ڏئي، ان جي برعڪس بيداري جو سنيهو ڏيندو رهي، اهو عنصر بڻجي، جيڪو ماڻهن کي جاڳائي رکي ته جيئن اهي دنيا کي بدلائي ڏيکارين ۽ اهڙي طرح سان پاڻ کي به بدلائيندا رهن. ليکڪ جو اهو بيداريءَ وارو ڪردار پراڻن قائدن کي به بدلائيندو رهندو. آزاد پڙهندڙن جو سماج جوڙڻ کانپوءِ، هو پاڻ کي به هر وقت آزاد ڀائيندو رهندو. ان طريقي کي تبديلي وارو طريقو (Dialectical) چيو وڃي ٿو جيڪو پنهنجو پاڻ قائم رهڻ وارو بڻجي وڃي ٿو.
سارتر جو ان قسم جي تبديلي وارو پيغام، هن جي ڪتاب جي هرهڪ ورق مان ليئو پائيندي، نظر اچي ٿو. اهڙي طرح سان فرانس جي سماج بابت، سارتر چند صفحن منجهه سماجي تبديلي جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
سارتر جو جوڙيل هڪ ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ جناب اڪبر لغاريءَ وٽان مليو، عنوان اٿس، "What is Literature?". عنوان ته تمام سادڙو ۽ سڌو اٿس پر ان کي پڙهڻ سان، دماغ کلي پوي ٿو. پوريءَ صديءَ جي همعصر يورپي ادب مٿان هڪ دستاويز آهي. ذڪر گهڻي ڀاڱي يورپ ۽ خاص طور تي فرانس، جرمني، اٽلي ۽ انهن کان علاوه انگلينڊ ۽ روس بابت به حوال پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.
سارتر کي ڪنهن هڪ صنف جو ليکڪ نه ٿو چئي سگهجي. عمر ۽ دور جي حساب سان هو سموري يورپ مٿان پنهنجي منفرد ڇاپ هڻي چڪو آهي. هن جي بحيثيت ليکڪ ڌاڪ ڪجهه هن طرح جڙي ٿي: فلاسافر، ناول نگار، ڊراما نگار، ادبي نقاد ۽ صحافي. انهن صنفن مٿان قلم هلائيندي هن ادب جي دنيا منجهه غلغو مچايو آهي. ان ڪري سارتر لاءِ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هو نه هجي ها ته ادب جي آسمان تي ڪارا ڪڪر هجن ها. جن کي سارتر صاف ڪري ادبي آسمان ۽ ڌرتي تي شفاف، ڪرشماتي ۽ اعليٰ قسم جي دنيا بڻائي ڏيکاري آهي.
بقول سارتر ته، هن جون لکڻيون، همعصر دور لاءِ آهن، نه ڪي ايندڙ نسل لاءِ. هو سڀني ليکڪن کي صلاح ٿو ڏئي ته پنهنجي دور مٿان لکو، جنهن ۾ اهي موجود هجن ٿا. ان جي تشريح هُن ڪتاب منجهه چِٽيِ ريِت ڪئي آهي.
سارتر، پنهنجي ذهني پيڙا، مختلف ادبي صنفن ذريعي پئي نروار ڪئي آهي، جنهن ۾ ناول ۽ ڊرامي جي صنف نمايان آهي. هن جو شروعاتي ناوNausea اُٻٿ’ (1938) ‘۾ ترت آزادي، سماج ۽ سوشلزم بابت خاموش هجي ٿو. ان ۾ غلط اعتقاد کان موسمي سوچ ويچار، سوچ جو نمونو، ياداشت ۽ فن جهڙن مسئلن سان ويڙهه جو ذڪر ملي ٿو. نوزيا جو هيرو (يا ائنٽي هيرو)، روڪينٽن، دنيا جو ستايل شخص هجي ٿو. ايترو ڏکايل جو اهو پنهنجي وجود جو تحفظ ڪرڻ کان به لاچار آهي. هن جو مخالف هڪڙو وجود هجي ٿو، خيالي وجود وارو، مسئلن واري منجهيل دنيا، هن کان نفرت ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي هيٺ اهو پاڻ کي فضول يا نڪمو سمجهڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ هن طرح لکي ٿو ته مان شين جي وچ ۾ رهان ٿو، جن کي ڪوبه نالو ڏئي نه ٿو سگهجي. اڪيلو، بي نام، بي سهارا، اهي منهنجي چوڌاري ڦِرن ٿيون... مون کان ڪجهه به گُهرن نه ٿيون، منهنجي مٿان حاوي به ڪونه ٿيون ٿين، پر اهي موجود ضرور آهن. هو پاڻ کي به ان ئي روپ ۾ پسي ٿو: وجود رکڻ جو مطلب ٿيو، اتي موجود هجڻ. اتي موجود هجڻ وارو تجربو، ان وچ واري ٽڪري منجهه، ڏاڍو ڏکارو ٿو بڻائي وجهي، جنهن ڪري هو دنيا کان الڳ ٿي وڃي ٿو. ان وچ واري ٽڪري يا وٿيءَ کي سارتر آزاديءَ جو نانءُ ڏئي ٿو. جنهن ڪري هو وجود جي، وجود ”وجود بذات خود“ واري حصي منجهه پناهه وٺڻ لڳي ٿو. هو مشڪل سان، ٻي ڪنهن انساني وجود سان رشتو يا ناتو قائم رکي ٿو. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته ناول منجهان مايوسيءَ جو اظهار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر سارتر اڳ ۾ ئي يقين سان چيو آهي ته ادبي جاکوڙ، انهن حالتن هيٺ اگر سچي ۽ اتساهيندڙ آهي ته پوءِ ڦٽن مٿان مرهم جهڙو اثر ڇڏي ٿي، اهڙي طرح پڙهندڙ جي به مددگار ثابت ٿئي جو ان کي مايوسي يا ويڳاڻپ منجهان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪارگر بڻجي پوي.
هاڻي سارتر جي ٽن ناولن 'Roads to Freedom' جو ذڪر اچي ٿو، جن ۾ ماڻهو آزادي حاصل ڪرڻ يا وڃائڻ لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا، پنهنجي وجود بذات خود (Being in Itself) کي مضبوط بڻائڻ خاطر. ان طرح، استاد ليکڪ، مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ خوش يا نڊرتا اختيار ڪن ٿا، ڀلي سمورو ڊرامو ٽريجڊي هجي، سارتر جا سمورا ڊراما يا ناول ٽريجڊي ئي آهن. سماجي سچائيءَ تي مبني ادب منجهه، هيرو، مثبت رويو رکندڙ آهي جنهن کي پڙهندڙ پسند ڪن ٿا. ان طرح سان هر تحرير منجهه، ماحول، ڪردار، خوشيون، ڏک ۽ ويڳاڻپ جا منظر الڳ الڳ آهن. سارتر ليکڪن کي صلاح ٿو ڏئي ته سندن تحرير اهڙي هجي، جيڪا پڙهندڙ جي تنقيدي صلاحيت کي سجاڳ ڪري ۽ ان جي انفرادي عظمت کي اڀارڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي. هن جا گهڙيل ڪردار مختلف ناولن منجهه، باخبر هجن ٿا، پنهنجي معروضي حالتن کان. هو چوي ٿو ته شخصي ڄاڻ هجڻ ڪافي ناهي، هر ڪردار، پنهنجي عمل جي چونڊ پاڻ ڪري ۽ ان تي عمل به ضرور ڪري ڏيکاري.
ماڻهو، سارتر لکيو آ، بي اختيار تڏهن بڻجن ٿا، جڏهن اهي پنهنجي بي اختياري تسليم ڪن. اها خاصيت هن پنهنجي ڊرامن جي ڪردارن منجهه ڏيکاري، انهن جي عملي دنيا وسيع ۽ ويڪري ٿيندي ڏيکاري وئي آهي. هن جي ناٽڪ’عزتدار وئيشيا‘ (The respectful prostitute 1947) منجهه ماحول مڪمل سماجي ڏيکاريو آهي. سارتر هتي نسلي متڀيد کي کولي بيان ڪيو آهي جتي هيرو ۽ هيروئن نسلي امتياز جا شڪار ٿيل ڏيکاريا ويا آهن. 'Dirty Hands' سارتر جو سياسي ڊرامو آهي، اسان کي هڪ جماعت، ڪميونسٽ پارٽيءَ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، جنهن تشدد کي تسليم ڪندي، جيڪو انهن مٿان ڪيو ويو هو، ان جي تشريح ڪئي آهي ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. پر اها وجودي حالت هجي ٿي، هڪ فرد جي جاکوڙ، موجود سماج اندر، سارتر، جو ان طرف ذهن شروع کان وٺي مائل رهي ٿو. ماڻهو ڪهڙو به هجي، اعليٰ نسل وارو، بورجوا يا پروليتاري، هر ماڻهوءَ جي چونڊ يا چاهت پنهنجي هوندي آهي. تاريخ جي تبديلي، انفرادي گهڻائيءَ منجهان چونڊ ڪئي ويندي آهي.
ادب، اسان ڏٺو ته سارتر، سماجي عمل کي ڪوٺيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب، ”ادب ڇا آهي“، منجهه، ادب کي وچولو درجو ڏنو ٿو ڏسجي يعنيٰ، عمل جو کليل اظهار. ڪيترن نقادن ان سان اختلاف ڪيو آهي. انهن جو اصرار هيو ته لائبرريون، ڍڪيل ڀانڊي/هال ۽ ماحول ۾ هجن، جن کي ادب جا قبرستان ڪوٺيو ويو، جتي ڪتاب، ماضيءَ سان واسطو رکن ٿا، مُردن جي ملڪيت هجن ٿا. سارتر متحرڪ ادب جو خواهان هيو، جنهن جي مدد سان ڪو عمل ٿي سگهي، جنهن مان شعور، سجاڳيءَ جا اُلا اڀرندڙ هجن. تنهن ڪري گذريل وقت لاءِ لکڻ، بي سود ۽ بي عملي کي ڪوٺيو وڃي ٿو، لکت هميشه پنهنجي دور ۽ وقت بابت هجڻ گهرجي. ڪنهن به ڪتاب منجهه معنيٰ تازي تواني يا ابدي ۽ سونهن ڀري ڪونه هجي ٿي. ڪوبه ناول فقط لکڻ تائين نه هجي پر ان کي پڙهيو به وڃي ۽ جيئن جيئن دنيا ۾ تبديلي ايندي وڃي، تيئن ناول جي معنيٰ ۽ مقصد به تبديل ٿيندڙ هجي.
ويجهي ماضي ۾، سارتر، فن جي قوت منجهان، مايوس بڻجي ويو آهي، جنهن لاءِ هن جو پختو وشواس هو ته اهو دنيا ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو. واقعي هن پنهنجو لاڙو، فلسفي، سماجيات ۽ سياسي صحافت ڏانهن وڌايو ٿو ڏسجي. ارڙنهن سالن کان هن قلم کي سُڪائي ڇڏيو ٿو ڏسجي. گهڻو عرصو اڳ، هو چوي ٿو ته مان قلم کان تلوار جو ڪم پئي ورتو: هاڻي مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته اسان ڪيڏا بي همٿ ٿي ويا آهيون... ڪلچر، ڪنهن به شيءِ يا شخص کي بچائي نه ٿو سگهي، نه وري ان جي وضاحت يا سٺائي بيان ڪري سگهي ٿو پر اهو بڻايل ته ماڻهوءَ جو آهي، هو پاڻ کي ان جي معرفت اڳڀرو ڪري پيش ڪري ٿو ۽ ان منجهان ئي سندس سڃاڻپ ٿئي ٿي، سچ ڏيکاريندڙ آئينو ئي فقط، هن کي پنهنجو پاڇولو ڏيکاري ٿو.
سارتر، اڳتي هلندي، ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ته ادب جي مڪمل اهميت، ڪلاس ليس سوسائٽيءَ منجهه وڌي ٿي ڇاڪاڻ ته عام هڪ جهڙي سماج ۾ پڙهندڙ طبقي جي نفسيات عالمي ليول جي ۽ ٺوس قسم جي هجي ٿي، ان ڪري ليکڪ به سچائيءَ سان علمي جاکوڙ به انساني ليول جي جاري رکي ٿو ۽ سموري سماج جي خوشين، اميدن ۽ ناراضگين کي بيان ڪري ٿو.
ان کان علاوه سارتر ۽ مارڪسوادين منجهه مسئلا، جن مٿان هنن جا اختلاف هيا، اهي تمام اهم، سچا ۽ گهڻا هيا، ان ڪري جڏهن بحث هيٺ پئي آيا ته اختلاف ۽ اعتراض به وڏا ۽ ڪڙاڻ يا شدت تائين وڃي ٿي پهتا. سارتر هميشه ان ڳالهه تي قائم رهيو ته مارڪسزم، انفرادي نفسيات ۽ شعوري سوچ، چڱي طرح سمجهائي ڪونه سگهيو آهي. مارڪسزم جي دعويٰ هئي ته اهو مادي فلسفو آهي ، پر ان جو زور سجاڳيءَ مٿان به رهندو آيو، جنهن سان حالتن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ منصوبابندي ڪري سگهجي پئي. اهو ئي سبب هيو سارتر جي اختلاف جو، مارڪسوادين سان ته، مادي سوچ رکڻ ڪري سجاڳي ۽ شعور انهن وٽ ڪيئن ٿو قائم رهي سگهي. ان ڪري هن جو وڏو مارڪسوادي ۽ ڪميونسٽ ليکڪن سان ٽڪراءُ هلندو رهيو.
سارتر، سال 1946ع ۾ لکيو ته: ادب لاءِ لازمي آ ته اهو عالمي ليول جو هجي ، ليکڪءَ لاءِ ضروري آ ته اهو هزارين بکايل ماڻهن جي اڪثريت جو حمايتي هجي؛ جڏهن اهو، انهن ستايلن جي سورن جي ڳالهه ڪندو ته اهي هزارين ماڻهو ان جا پرهندڙ بڻجي پوندا ۽ انهن کي پڙهندا رهندا. ٽالسٽاءِ زميندارن جي خلاف هلايل تحريڪ منجهه، روسي هارين جو حمايتي هيو، پر هن جي ناولن جا ڪردار گهڻي ڀاڱي زميندار ڪلاس جا هئا. هڪ ليکڪ جيڪڏهن ڏاهو آهي ته اهو سماجي ڪلاس کي نمايان ڪري پيش ڪندو، جنهن کي هن ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، ته پوءِ اهو ڪلاس به هن جو پرستار ٿي رهندو.
”ادب ڇا آهي“، ڪتاب منجهه، سارتر تسليم ڪيو آهي ته، محنت ڪش، مڊل ڪلاس کان گهٽ آزاد (Free) هوندا آهن. هن لکيو ته، محنت ڪش، ڪميونسٽ پارٽي ۾ ان ڪري شامل ٿيا جو هنن جون سماجي حالتون خراب هيون ۽ انهن جي شدت کان اُهي ان پارٽي ۾ نجات سمجهي داخل ٿيا. ورڪر وٽ (تعليم يافته فرد بنسبت) شڪ جي گنجائش گهٽ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جون گهرجون محدود هجن ٿيون. هن جي خيال مطابق مارڪسزم هن دور جو فلسفو آهي ، وجوديت فقط حياتي گذارڻ جو نظريو آهي جيڪو مارڪسزم جي پاسي ۾ رهي ٿو ۽ زندگي، آسان طرح سان گذارڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو.
سارتر پاران، آزاديءَ مٿان، ضرورت پٽاندڙ، رڪاوٽون يا بندشن جو احوال، ٽن، ليکڪن جي تنقيدي، مطالعن منجهه ملي ٿو جيڪي آهن: بادليئر (1947ع)، يان جيني (1952) ۽ فلايبئر (1966ع). بادليئر واري مطالعي منجهه، ”وجود ۽ عدم وجود“ واري نظرئي جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. بقول سارتر، بادليئر، اڪيلائپ محسوس ڪندي، ان ڏينهن کان ڪنڊ وسائي، جڏهن هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي. انتقامي رويو اختيار ڪندي، هن نقلي دولتمند وارو روپ اختيار ڪيو، نازڪ مزاج بڻيو، عيش عشرت سان گڏ انقلابي سياست شروع ڪرڻ لڳو. ڪاوڙ يا پيڙا کان بچڻ جو سهارو هن، ”وجود ٻين لاءِ“، واري نظرئي ۾ حاصل ڪيو، هن پاڻ لاء ”ڪجهه ٻيو ماڻهو“ هجڻ جو روپ اختيار ڪيو. هن مطالعي ۾ فرد بابت جنهن جو وجودي ٽڪراءُ اندر منجهه، ڪجهه ٻي طرح جو رهي ، پر سماج، ظاهر نشو نماءَ، ان لاءِ ڏسڻ يا ڏيکارڻ جو طرفدار بڻجي ٿو.
سارتر، پنهنجي طويل مقالي ۾ جيڪو يان جيني مٿان لکيو هو، ماءُ جي بيوفائيءَ کي بنيادي نقطو بڻائي تشريح ڪئي آهي. اڳتي هلي هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن بورجوا سماج، ان ناڪاري رويي کي قبضي هيٺ آڻي، ان جي نفي کي اثبات ۾ بدلايو آهي، جنهن جي نتيجي هيٺ هڪ معصوم ٻار کان چوري ڪرائڻ جي عمل کي ٽيڪ ڏياري آهي. ان ئي مهل هن کي چور ڄاڻائي سزا ڏياري وئي آهي. جيني ، ڏوهه جو اقرار ڪندي، پنهنجي وجود کي، ”وجود ٻين لاءِ“ واري خاني ۾ آڻيندي، ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ پوءِ انتقامي طور تي فيصلو ٿو ڪري جنهن پٺيان، ان سماج جي منهن ۾ ٿُڪي ٿو، جنهن کيس ڏوهاري بڻايو هو.
سارتر، پنهنجي ٽين ڪٿا، جيڪا فلابيئر تي لکي اٿس، ان ۾ وڏي عقلمنديءَ سان مارڪسوادي ۽ وجودي، عنصرن کي گڏجي هلايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ليکڪن جا شروعاتي سال، سماجي ۽ خانداني عنصرن جي ميلاپ سان سلهاڙي پيش ڪيا ويا آهن. هڪ ڏکايل ۽ ٻي خيال واري ماتا، سارتر چواڻيءَ، فلابيئر جي ذهن ۾ عارضي برداشت جو مادو داخل ڪيو، جيڪو هن جي ڪلاس جي به مخالف هيو، جنهن کي هن خاموشيءَ سان برداشت ڪيو ۽ پنهنجي پاران ڪا خوشي يا تعريف ڪونه ڪئي. عام پڙهندڙ، تاريخ جي سچ کي، ليکڪ جي داخلي طور تي برداشت ڪندي ڏسي ٿو، پر اڳتي هلي ان ڪاوش ۾ ظاهري حالتن تي به روشني وڌي وئي آهي. جيون ڪٿا منجهان مجموعي تاثر جيڪو اڀري ٿو ته، اڳواٽ جڙيل ماحول منجهه محدود آزاديءَ جي جهلڪ، ڏيکاري وئي آهي. فلابيئر، اهو ئي آهي، جهڙو هن کي بڻايو ويو هو. ڪنهن ٻي مضمون ۾ سارتر پنهنجي ٻالڪپڻي مٿان لکيو ٿو ڏسجي: مان پنهنجي حيثيت پاڻ ڪونه بڻائي آهي: ٻين منهنجي مٿان اها ٿاڦي ڇڏي هئي.
سارتر لاءِ، ڪميونزم، هميشه مسئلو ئي بڻيو رهيو آهي: ڪنهن مهل ڪشش جو ذريعو ۽ ڪنهن مهل ويراني يا اداسيءَ جو. جڏهن ”ادب ڇا آهي“، لکيو ويو هو، ان وقت فرانس جي ڪميونسٽ پارٽي، طاقت ۽ شهرت جو معراج ماڻي رهي هئي. ان جا پنج ليڊر، سرڪاري ميمبر هيا، ان جا جهنڊي برادر ميمبر ڏهاڪو لکن جي قريب هيا. ان جا رجسٽرڊ ووٽر، فرانس جي چوٿائي برابر هيا، ورڪنگ ڪلاس جي وڏي انگ جي وفادارين جا حقدار هيا.
سارتر، ڪميونسٽن جيان، آمريڪا ۽ مغربي يورپ جي دولتمندن جو سخت مخالف هيو، انهن جي مفروضي، ”فري ورلڊ“ جي به خلاف هيو. هن جي خواهش هئي ته پورهيت ڪلاس جي قريب پهچي، بقول هن جي پورهيت ڪلاس، سارتر ۽ هن جهڙن ليکڪن کان پري ڪري، وڏين ديوارن اندر بند رکيو ويو هو، ان لاءِ هو پاڻ کي، بند سماج يا Closed Society سندن پارٽيءَ پاران ڪوٺيو ويو ۽ اها پروپيگنڊا ڪئي وئي هئي. پارٽي ۾ داخل ٿيڻ، ليکڪ لاءِ ڄڻ موت جي برابر هيو. اسٽالن واري ڪميونزم جي سياست هيٺ ايمانداري سان ادبي جاکوڙ ممڪن ئي ڪونه هئي. پارٽي ڪوتاهه نظريءَ جو شڪار بڻجي نتيجن کان اکيون ٻوٽيندي، وسيلن جي پٺيان ڊوڙ ۾ شامل هئي. ان جا رويا، چالاڪيءَ، ٽال مٽول ۽ مونجهاري وارا هيا، ان جي مڃيل لکڻ جي اسٽائيل ۾ ورجاءُ هيو ۽ ان سان گڏ، ڌڙڪا، دهمان ۽ قانوني شڪنجا عام هيا. ڪميونسٽ عالم ۽ اديب، ڪوڙيون شاهديون ڏيڻ جا ڪوڏيا هئا، ايتري تائين جو Drefus کي ڪوڙي ۽ ڳجهي شاهدي ڏئي، لوهي دروازن پٺيان واڙيو ويو هو.
انهن ڪميونسٽ اديبن، سارتر سان به گهٽ نه ڪئي هئي، هن مٿان وڏا حملا ۽ الزام مڙهيا ويا، کيس وال اسٽريٽ جو ايجنٽ ڪوٺيو ويو. سرد جنگ جي سرد ٿيڻ مهل، سارتر، ڪميونسٽ ڪيمپ ڏانهن جهڪيل رهيو ۽ 1956ع تائين انهن جو حمايتي ٿي رهيو. جڏهن، هنگري مٿان، روس حملو ڪيو ته سارتر پويان پير ڪيا، فرانس جي ڪميونسٽن سان ڪجهه تعلقات قائم رکيائين.
سارتر ڪڏهن به ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل نه ٿيو. هن جو اعتقاد آ ته هڪ ڀيرو بورجوا مفڪر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ته هن جي اظهار جي آزادي مٿان پارٽيءَ جو نظم و ضبط نافذ ٿي ويندو، ان سان گڏ، ماضيءَ جون لکڻيون جيڪي سماجي ڀلائي جي لکڻين جي طور تي لکيون هئائين، انهن جي معافي وٺڻ ۾ پورو هوندو ۽ هر وقت پنهنجي معصوميت جي خيرات گهرندو رهندو.
سارتر جي حيثيت هن معاملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن مشڪوڪ رهي آهي، هن جو رويو ڪميونسٽ مخالف رهيو آهي جيڪو هن پاڻ تسليم ڪيو هيو. اهو ان ڪري جو روس ۾ اسٽالن جي ڏهاڙن منجهه فن۽ ادب مٿان گهڻيون بندشون نافذ ڪيون ويون هيون. سارتر لاءِ ڪارا قانون ۽ آزادي هڪ ٻئي جي بلڪل مخالف آهن. سال 1963ع ۾ جڏهن لينن گراڊ ويو هو ته اتي پنهنجي تقرير محتاط طريقي سان ڪئي هئائين ۽ فقط اهو چيو هئائين ته ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ماڻهن ۽ سماجي مسئلن بابت ضرور لکن.
سارتر، روس مشرقي يورپ جي دورن تي جڏهن ويو هو ته اتي جي ڪميونسٽ ۽ غير ڪميونسٽ ليکڪن ۽ نقادن سان کلي دل سان هن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. هن زوردار لفظن ۾ چيو هو ته ادبي سچائي کي تنگ نظريءَ کان الڳ رکيو وڃي، جهالت ۽ اخلاقي پستيءَ کان پاسو ڪيو وڃي، ان جي برعڪس، ناولن مٿان قابل تعريف تنقيد ڪئي وڃي، خاص طور تي جوائس ۽ ڪافڪا جي ناولن مٿان. ان طرح سان سارتر جي سوچ ۾ ڪافي واڌارو آيو ٿو ڏسجي: سندس سياسي سوچ وسيع ٿي آهي ۽ ان سان گڏ ادبي سوچ وري صاف ۽ اوچ آدرشي بڻجي وئي آهي. هتي هر ليکڪ کي ادبي تشريح ۽ ادبي نسخي بازي منجهه، ڇنڊ ڇاڻ ضرور ڪرڻ گهرجي.
سارتر، جڏهن فلابيئر (Flaubert) جي شروعاتي دور جي پرک ڪئي ته اها مارڪسي اصولن تحت ڪئي، اهي اصول وري بادليئر جي پروڙ ڪرڻ مهل غائب ٿا ڏسجن. پر جڏهن: ”ادب ڇا آهي“، جي پرک ٿي ڪجي ته اهو منڍ کان ئي اصلاحي ۽ نسخن وارن روين سان ٽمٽار ٿو ڏسجي: اهو، همعصر ليکڪ کي واضح طور تي ٻڌائي ٿو ته هن کي ڇا لکڻو آهي ۽ لکڻ ۾ ڪهڙا رويا رکڻ گهرجن. اڄ ڪلهه سارتر، اهڙن سوالن کي، احتياط سان وٿيرڪو بيهندي، شڪ شبها دور ڪري جواب ڏئي ٿو. هن جي چاهت ۽ عقلمنديءَ منجهه اڃا به وڌيڪ نرمي ۽ سخاوت شامل ٿي وئي آهي.
هاڻي ادب ڇا آهي؟ What is Literature?ڪتاب بابت ذڪر پيش ڪجي ٿو:

سٽاءُ:
باب: 1- لکت آهي ڇا؟ What is writing?
باب: 2- لکون ڇو ٿا؟ Why to write?
باب: 3- ليکڪ ڪنهن لاءِ لکي ٿو؟ For whom does one write?
باب: 4- سال 1947 منجهه ليکڪ جي آڏو صورتحال؟