باب ڇهون: آزادي ۽ اخلاقيات
FREEDOM AS AN ETHICS
انساني حقيقت، وجوديت جي گس تان هلندي، اخلاقيات جي نظرئي تحت بيان ڪرڻ خطري کان خالي ناهي هوندو. ماڻهوءَ جي وجود جي ٿوري يا گهڻي طريقي سان تشريح ڪرڻ کان پوءِ ٻي طرف وڃڻ لاءِ اهو ضروري ٿي پوي ٿو ته اسان کي ان جي نسبت آفاقي مقصدن سان ڏيکارڻ خاطر ڪا نئين راهه اختيار ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ماڻهوءِ کي قدرت پاران ئي محروم ڪيل فرد ڏيکاريو ويندو، ته پوءِ اهو ڏيکارڻ مشڪل ٿيندو ته هو اخلاقيات جي راهه آخر ڇو اختيار ڪري. جيڪڏهن هن کي قدرتي طور تي سٺو ڪري پيش ڪيو ويندو ته ظاهر آهي هو ان ئي گس تي هلندو رهندو. سارتر واري اخلاقيات بابت تمام متضاد رايا پيش ڪيا ويا آهن، هڪ طرف ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته وجوديت پرستن، ڪيرڪي گارڊ کان وٺي بنيادي طور تي اخلاقيات جي پرچار ڪئي آهي، ٻي طرف وري اهو چيو پيو وڃي ته سارتر واري وجوديت، انڪاريت پرستي جي تعمير ڪري ٿي. انهن ٻنهي متضاد روين جي وچ وارن جو چوڻ آهي ته ”سارتر وٽ به اخلاقيات موجود آهي، پر اها ڳالهه پوءِ جي ٺاهي وئي آهي، هن جي نقادن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ“، حالانڪ ان جو سارتر جي فلسفي سان ڪو ڳانڍاپو ناهي، اها راءِ رکڻ وارا حوالي طور، هر وقت هن جي وجوديت واري تقرير منجهه اخلاقيات جي هجڻ جي دعويٰ ڪندا رهن ٿا ۽ اهو پڻ چون ٿا ته وجوديت ۽ عدم وجوديت ۾ پيش ڪيل ماڻهوءَ جو ڪو واسطو ناهي.
هتي اها راءِ پختي ۽ پراعتماد طريقي سان پيش ڪئي وئي ته سارتر وٽ به اخلاقيات موجود آهي، جيڪا هن جي فلسفي سان به منسلڪ هجي ٿي. هن جي اخلاقيات وارا رايا، هن جي تصور جي تعمير جا ساٿاري آهن، جيڪي گڏائي، وجوديت منجهه شامل ڪيل آهن، حالانڪ، اهي سارتر جي ڪنهن به ڇپيل مسودي ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. ان جو ثبوت، هن جي ڪتابن ۽ سندس ساٿين سائمن ڊي بوئير ۽ فرئنسس جينسن وٽ به ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ليکڪ سارتر جا حمايتي چيا وڃن ٿا. سارتر واري اخلاقيات پوءِ واري پيدا ڪيل مفروضي تحت به ثابت ڪونه ٿي ٿئي، هن جي اخلاقيات واري ڳالهه سندس فلسفي کان ٻاهر ئي نظر اچي ٿي. مثال طور: هن ڪمزور عقيدي (Bad faith) جي وضاحت ڪئي آهي، جيڪا سندس رويي،’وجود پاڻ منجهه موجود‘ (Being in itself) ۾ بيان ڪيل ٿي ڏسجي، پر اها به اخلاقي ماحول بابت هجي ٿي، ها ماڻهن جي روين ۽ عملن منجهه اخلاقيات هجڻ واري ڳالهه کي تسليم ڪري سگهجي ٿو، جيڪا ڳالهه نفسيات جا ماهر تسليم ڪن ٿا ته ماڻهوءَ جي فطرت ۾ اهڙا رويا موجود ٿي سگهن ٿا. اها ڳالهه غلط چئي ويندي جو نوزيا واري روڪيٽن ڪردار، ميٿيو، عقلمندي جي دور واري ڪتاب جو ڪردار يا آريسٽس، (Flies) واري ڪردار کي اخلاقي روين بابت مثال طور پيش ڪيو وڃي. ان کان علاوه ڏسجي ته سارتر جي اخلاقي روين جو اظهار، حقيقت ۾ هن جي ڊرامن منجهه زوردار طريقي سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انهن منجهه مڪمل طور کڻي نه پر گهڻي ڀاڱي اهڙا عنوان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هوڊرر جو ڪردار (Dirty hands) واري ڊرامي ۾ اخلاقي تصور جو نادر نمونو چئي سگهجي ٿو.
سارتر جي انساني سچائي واري بيان منجهان، اخلاقي رايا/نتيجا بخوبي ڪڍي سگهجن ٿا جيڪو هن طرح آهي: ته ماڻهو آزاد وجود آهي، هن جو واسطو فقط اخلاقيات سان ئي ڪونه پوي ٿو. انساني آزاديءَ واري حقيقت جو مطلب آهي ”قدرن جي چمڪندڙ کير ڌارا کي اسان جي اڳين يا پوئين، شهادت جي ڪا ضرورت ناهي“. اسان پنهنجي عملن جا ذميوار پاڻ ئي آهيون، انهن لاءِ ڪنهن به شهادت يا معذرت جي ڪا ضرورت ناهي پوندي. جيڪڏهن معذرت واري لفظ تي غور ڪجي ٿو ته ان جي وضاحت ڪرڻ لاءِ انيڪ نظريا آهن، جيڪي ماڻهن جي عملن جي وضاحت لاءِ موجود آهن. اهي فطرتي عمل هجن يا آفاقي، الهامي يا مستقل طور تي جوڙيل عمل، جنهن کي قسمت (Fate) چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ قادر/خالق جي منشا به موجود هجي ٿي ۽ ان سان گڏ ڪيترا لالچ، لوڀ ۽ ٻاهريان عنصر به شامل رهن ٿا. مشهور ۽ مڃيل اعتقاد، جن منجهان لازمي طور گذرڻو پوي ٿو، جيڪي ماضيءَ جي روايتن تحت آهن. اسان جي شخصيت يا اسان جي چوڌاري ماحول جو اثر اسان جي والدين جون نصيحتون پوءِ ڪهڙي به پاسي ڇو نه هجن اهي برابر جا شامل هجن ٿا.
اهڙي طرح اسان جي آزاديءَ بابت ثابتي پيش ڪرڻ پنهنجي آڏو بي معني آهي. قدر (Values) ان ڪري ڪارگر هجن ٿا جو اسان انهن کي پنهنجي لاءِ قدر ڪري پيش ڪيو آهي. اسان ان قسم جا قدر، ڪنهن به وقت پنهنجي فيصلي هيٺ مٽائي سگهون ٿا. دنيا اندر ڪي به وهم/وسوسا يا نشانيون ڪونه هجن ٿيون، جن کان پڇي سگهون ته آيا اسان درست فيصلو ڪيو آهي يا نه؛ اهو عقيدو جنهن کان پڇي سگهجي ته آيا اسان جا عمل ٺيڪ هيا يا نه، اهو پڻ غلط عقيدو هجي ٿو. وري جيڪي عالمي ليول تي عقيدا جوڙيل آهن، اهي پڻ هر دور لاءِ چڱا ناهن هوندا، نه وري ڪو آسماني وجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کان هدايتون وٺي سگهون، اسان لاءِ آفاقي رهنمائي به اسان جي پنهنجي منشا مطابق هجي ٿي، جنهن جي چونڊ ڪرڻ ۾ اسان پڻ آزاد آهيون.
اهي فرد جيڪي شخصي آزادي به پاڻ کان لڪائڻ جا عادي هوندا آهن، اهي تصوراتي دنيا جي ٺاهيل خيالن معافي ۽ صفائي پيش ڪرڻ وارن تصورن سان ئي چهٽيل رهندا آهن. پهرين قسم جي ماڻهن کي Les laches چيو وڃي ٿو، جيڪي رسم و رواجن پٺيان لڪل هجڻ ڪري فقط معافين وٺڻ ۾ پورا هوندا آهن، ٻي قسم جي ماڻهن کي Les saluads چيو ويندو آ، اهي اخلاقيات جي اصولن کي سيني ۾ سانڍي، سخت مزاجي ۽ ڏاڍ مڙسي ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهندا آهن ۽ پوءِ اجايا سجايا دليل پيش ڪندي پنهنجي ڏاڍائي کي جائز ڪرڻ لاءِ پيا حوال ڪندا آهن. انهن ٻنهي قسم جي ماڻهن کي سارتر طنزيه انداز ۾ گهٽ ڄاڻندي سخت مزاج وارا ماڻهو ڪوٺي ٿو. اهي انسان جي سچائيءَ واري بنيادي مونجهاري کي پاڻ کان به لڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندا آهن. ان قسم جو مبالغو وجود منجهه وجود ۽ وجود پاڻ لاءِ وارن مفروضن جي وچ ۾ موجود هجي ٿو. سخت مزاج ماڻهو، سختيءَ سان عدم وجود واري خيال، وجود پاڻ لاءِ کي وجود منجهه وجود ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙي طريقي سان حاصلات جي نفي ڪونه ٿيندي، فقط اهو ٿيندو ته منصوبا (حاصلات) ضروري سمجهيا ويندا ۽ انهن جي چونڊ ڪرڻ ۾ فرد کي آزادي ڪونه هوندي. ايئن ضرور ٿيندو ته ’وجود پاڻ وارو‘، تصور کي ڪا شيءَ تصور ڪيو ويندو يا ’وجود اندر وجود‘ ڪري مڃيو ويندو. مزاج جي سختيءَ واري رويي منجهه سارتر مطابق هڪ ڏاڪو هيٺ به هجي ٿو، جنهن ۾ فرد پاڻ کي حالتن کان خوفزده ٿيندي وجود پاڻ منجهه واري روپ کان لڪي وڃي وجود پاڻ لاءِ واري مفروضي ۾ پناهه وٺي ٿو. اهو رويو، سارتر جي ڪردار ميٿيو جو سندس پستڪ The Age of Reason منجهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن منجهه ميٿيو پاڻ لاءِ فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته آيا هو شادي ڪري يا سياست ڪري.
اهي ماڻهو ڪنهن به طرح سان پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪي انساني حالتن جي سچائي واري پهلوءَ سان چهٽيل رهندي انڪاري ٿين ٿا، اهي ڏوهاري هجن ٿا ۽ انهن کي وجوديت واري زبان ۾ بي اعتماد ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. سارتر انهن کي ڪچي ارادي وارو ڪوٺي ٿو جيڪو ارادي جو پڪو ڪونه هجي ٿو. انهن لاءِ ڪچو ايمان يا وفاداري جا لفظ به ڪتب آڻي ٿو. اهو فرد ڪچي اعتقاد وارو هجي ٿو جيڪو سچ کان منهن موڙي ٿو. اهو سچ ته هو آهي، هو ڇا به آهي، پنهنجي ماضيءَ جي عملن حال جي موجود حالتن ۽ پر اميد مستقبل سان موجود آهي. هڪ ماڻهو، وفادار آ، جيڪڏهن هو انڪاري آ ته جيڪي ڪجهه هو آهي اهو ايئن ناهي، پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻي ٿو ۽ پاڻ کي فقط هڪ شخصيت چوي ٿو جنهن کي سماج جي ڏسيل گس تي ڏنل ڪردار ادا ڪرڻو آهي. سارتر جي ڏسيل گسن مان پاڪدامني (Virtuosity) هڪ اهم گس آهي، جنهن کي اهم گس ۽ اهم قدر وارو ڪم چيو وڃي ٿو.
اهو چوڻ ته ماڻهو معافي گهرڻ يا سچائي ٻولڻ کان گريز ٿو ڪري، ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته ماڻهو پاڻ کي پڏائي ٿو، پر جيڪي ڪجهه هو آهي ان بناوتي روپ ڌارڻ جو ذميوار هو پاڻ آهي،.. ”وجوديت جو پهريون عمل اهو آهي ته هر ماڻهوءَ کي هوشيار ڪجي، ڄاڻ ڏجي ته هو ڇا آهي ۽ سندس وجود جي موجود هجڻ جي سموري ذميواري هن مٿان هجي ٿي“. اسان جي دنيا اندر وجود پذير هجڻ جي ذميواري اسان جي مٿان ناهي پر اسان ذميواريءَ سان چونڊيل ڪردار کي ادا ڪرڻ کي الڳ نٿا ڪري سگهون، اهو ڪردار جنهن جي چونڊ دنيا ۾ پاڻ اسان ئي ڪئي آهي. سارتر جي اخلاقي پهلوءَ بابت جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، ان جو اختصار هن طرح سان ٿيندو: هڪ فرد اڪيلائپ اختيار ڪندي جيڪا هن جي پنهنجي آزاديءَ سان اختيار ڪيل آ، اتي جي موجود حالتن جي جواب ۾ هن لاءِ لازمي هجي ٿو ته هن جي چاهت اخلاقي اصولن جي جواب ۾ هن لاءِ لازمي هجي ٿو ته هن جي چاهت اخلاقي اصولن جي روشنيءَ ۾ هجي ۽ انهن جي ذميواري به پنهنجي ڪلهن مٿان کڻي، اهڙا ڪي به عمل ناهن، جن کي اڳواٽ سٺو يا خراب چئجي، ڪي به مقصد پاڻ مرادو تعريف جوڳا ناهن هوندا، ڪي به ڏسڻ ۾ ايندڙ ڍانچا عقلي ۽ تاريخي لحاظ سان اڳواٽ جڙيل ناهن هوندا، جن مٿان ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجي عقل ۽ شعور جي مدد سان عبور حاصل نه ڪري سگهندو هجي. اهڙي طرح سان سارتر واري اخلاقيات، همعصر روايتي لکارن کان الڳ ناهي، مثال طور: Reinauld Niebuhr جو نالو کڻي سگهجي ٿو.
سارتر جي اخلاقيات منجهه نواڻ اها آهي جنهن کي وجودي پاڪدامني، سچائي سان پيش ڪيل ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪا عيسائيت واري پيار جي حڪمن جي جاءِ والاري ٿي. سچائيءَ جي تمنا، ماڻهوءَ کان ڪري سگهجي ٿي نه ڪنهن اخلاقي پستڪ کان، پر زندگي گذارڻ واري طريقي ۽ روين کان ڪري سگهجي ٿي. اها اخلاقيات جيڪا ماڻهن جي ضرورت پٽاندڙ جوڙيل هجي، عالمي ليول تحت جوڙيل قائدن ۽ روين مطابق هجي، ان کي سارتر تسليم نه ٿو ڪري سگهي ۽ واقعي ڪونه ٿو ڪري. ان جي برعڪس، پنهنجي طريقي سان حياتي گذارڻ لاءِ زور ڀري ٿو، سارتر وجود واري لفظ کي استعمال ڪندي ڪڏهن ان مان ٻي معني ۽ مقصد به ڪڍي ٿو يعني سچو يا سچائيءَ وارو وجود، نوزيا منجهه استعمال ٿيل ڪوڙو يا بڇڙو وجود جي برعڪس:.. ماڻهو مستقل طور تي آپي کان ٻاهر ئي رهي ٿو، پاڻ پڏائڻ ۾ رڌل، ڪنهن موقعي تي پاڻ کي ڪيرائي به وجهي ٿو، پاڻ کان ٻاهرين روپ منجهه پاڻ کي ڏيکاوَ خاطر مصنوعي روپ به ڌاري ٿو، ٻي طرف وري آفاقي رتبا حاصل ڪندي هو وجود پذير هجي ٿو:.. هتي وجود پذير هجڻ آفاقي رتبن حاصل ڪرڻ جيان هجي ٿو، جيڪو سچائي واري حياتي گذارڻ جو هڪ پاسو آهي.
سچائيءَ سان وجود پذير هجڻ جو سڌو سنئون واسطو ماڻهوءَ جي وجود سان ڳنڍيل آهي. اهو حياتيءَ جو اهڙو روپ آهي جنهن سان انساني حقيقت واري حياتي نشيب و فراز سان سلهاڙيل رهي ٿي. ”سچائي، ايمانداري يا همٿ/شجاعت جو هڪ قسم آهي، سچو فرد حالتن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو، ڪوڙو فرد، انهن کان ڊڄي پاسو ڪري ٿو. اهي جن سان هو مهاڏو اٽڪائي ٿو، انساني حقيقت جا منجهيل رويا هجن ٿا، اها حقيقت ته هو ڪجهه به ناهي، باوجود هن جي عملي روين جي آفاقي حاصلات جي جاکوڙ جاري رکڻ، اهو احساس هجڻ ته انهن حاصلات جي خواهش هن جي پنهنجي هجي ٿي، انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ جيڪي ڪجهه هو ڪري ٿو، ان جي ذميواري به پاڻ مٿان اٿس. مختصر طور تي آزاديءَ سان هلڻ ڪري جيڪي مشڪلات هن کي رستي ۾ اچن ٿيون انهن سان کيس ئي منهن ڏيڻو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سارتر کي آزادي ۽ آزاد عملن ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ منجهه مشڪل محسوس ٿئي ٿي. آزاد ماڻهوءَ جي پرک ان جي اعتقاد منجهان ڪونه ٿي ڪري سگهجي، پر هن جي عملن جي خوبين منجهان ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري سارتر، ورلي سچائي بابت خيال آرائي ڪري ٿو، ان جي برعڪس هو هميشه ارادي جي پختگي جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن جو مطلب آهي، مڪمل ارادي سان عمل پيرا هجڻ.
مڪمل ارادي جا ٻه پهلو آهن، داخلي ۽ خارجي، ارادي جو داخلي پهلو، ظاهري طرح، سچائي سان عمل پيرا هجڻ کي چئجي ٿو. ان لاءِ لازمي آهي ته هو پاڻ کي ڪنهن به منصوبي تي هلندي، ماضيءَ کان وٺي موجود حال ۽ مستقبل تائين ذميوار سمجهي.
فلسفي کان الڳ ان کي هن طرح آساني سان بيان ڪري سگهجي ٿو: هڪ دفعو ڪو ماڻهو، شخصي شعور حاصل ڪري وٺي ٿو. هن مٿان اخلاقي ذميواري نافذ ٿئي ٿي ته هو اهڙي طريقي سان هلڻ لڳي ٿو جو سندس عظمت ۽ ڪردار مٿان ڪا آڱر نه کڄي. هن مٿان لازمي ٿئي ٿو ته هو پنهنجن سمورن عملن جي پاسداري ڪري ۽ پنهنجي کاتي ۾ رکي، پوءِ اهو واسطو ان ماڻهوءَ سان هجي يا ڪنهن فرد سان.
ارادي جي خارجي پهلوءَ جي نشاندهي، ان حقيقت مان حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا هن جي ڪنهن عمل پٺيان آهي، واسطو ڪنهن ڪردار ۽ دنيا درميان رهي ٿو. عملن سان ڳنڍيل مسئلن جو واسطو ان ڪري سماج ۽ ان جي تاريخ ۾ موجود مسئلن سان شامل هجي ٿو، وسيلن جو رشتو جيئن حاصلات سان آهي، جيڪي عملن جي پويان جڙندڙ حالتن منجهان جنم وٺن ٿا.
حوالو: ”ڪوبه ماڻهو، پاڻ بابت سوچيندي، ڪو ڪارائتو شخص بڻجي نه ٿو سگهي، پر هن جو پاڻ سان ڪهڙو عمل يا رويو هجي ٿو، ان جو مطلب ٿيو ته هو ٻين جي مسئلن ۾ ڪيترو ڌيان ڌري ٿو، سماجي دٻاءُ ڪيترو برداشت ڪندي، پاڻ کي انهن سان منهن ڏيڻ جي سگهه رکندي، پنهنجو ماحول درست ڪري سگهي ٿو.“ اهو ئي سبب آهي جو، Hoederer پنهنجي پستڪ Dirty hands منجهه، ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو ان سماج کي سڌارڻ چاهي ٿو جنهن جو بنياد ئي ڪوڙ ڳالهائڻ تي رکيو ويو آهي. حالتن جي روشنيءَ ۾ عمل ته ڪرڻو آ نه، عزم جو مطلب اهو ناهي ته جلدي يا تڪڙ ۾ عمل ڪجي، پر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ دور رس عزم هيٺ عمل ڪيو وڃي. عزم ڪڏهن به آخري عمل ناهي هوندو، ان تحت مستقل آزمائش مان گذرڻو پوي ٿو. سارتر جيڪڏهن سنجيدگيءَ کي ناپسند ڪري ٿو، ته ٻي طرف هو اخلاقي قلابازين واري عمل کان به خوش ناهي،، جنهن عمل هيٺ اهي قلاباز، لالچ کي سيني ۾ سانڍي، پنهنجي پاڪدامنيءَ جو دهل وڄائيندا رهن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ هوئڊرر اهو بيان ڪري ٿو ته ڪيئن سچائي، انقلابي پارٽي جي نظم ضبط سان گڏجي ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي سگهي ٿي.
عزم جي خارجي پهلوءَ کي ڪهڙو به نالو ڏجي جنهن جي مدد سان شخصي عزم ۽ وفاداري جي اصول کي بيان ڪري سگهجي، اهو ئي نمايان گس آهي جيڪو سارتر واري بيان ڪيل اخلاقيات ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ماڻهو فقط دنيا اندر ناهي هوندو، پر سماج اندر به هوندو آهي. سارتر جو چوڻ آ ته جيئن ته اسان لازمي طور ٻين سان شامل آهيون، ته پوءِ اسان سڀني ماڻهن سان ذميوارين ۾ حصيدار آهيون ۽ نه فقط پنهنجي انفرادي ذميواري لاءِ آهيون. آزاديءَ جي سڃاڻپ جنهن سان سلهاڙيل ذميواري قدرتي طور تي هجي ٿي، اها آزمائش يا پيڙا کان الڳ ناهي هوندي. فوجي سربراهه جي ذهني پيڙا، جيڪو حملي ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو قتل ٿيندا، اها انساني عمل جي مستقل حالت چئي وڃي ٿي. آيا، اها پيڙا، جنهن جو اثر پنهنجي ذهن تي پوي ٿو ماڻهن مرڻ جي حالتن جي نتيجي ۾ يا انهن ٻين مٿان پوي ٿو، ان سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي. سماج يا دنيا ۾ نج شخصي عمل ڪونه هوندا آهن.
سارتر ذميواري واري عنوان تي Being and Nothingness منجهه کولي لکيو آهي جنهن ۾ چيو اٿس ته، ”ذميواري پاڻ لاءِ وارو مفروضو، سموري دنيا لاءِ هجي ٿو ڇاڪاڻ ته اها دنيا ماڻهن جي دنيا آهي “. سارتر واري سماجي اخلاقيات، فقط هڪ نقطي سان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي ذميواري ٻين جي لاءِ چيو وڃي ٿو. ان قسم جي سماجي اخلاقيات جي ڪنجي، جيڪا هن جي وجوديت منجهان ملي ٿي، اها ان دنيا منجهه موجود آهي جنهن ۾ فرد، هڪ ٻئي سان ميل جول رکن ٿا ۽ پاڻ ۾ گڏجي زندگي گذارن ٿا. (Inter-Subjectivity) اهو گڏجي گذارڻ وارو رويو پڻ هن جي ناول، Being and Nothingness جي ورقن منجهه سمايل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. منهنجو وجود ڪنهن شئي نما يا وجود ٻين لاءِ واري مفروضي ۾ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻين شين جو به وجود گڏ هجي. ساڳي وقت منهنجي داخلي حيثيت جي نسبت پڻ ٻين وجودي شين جي موجودگيءَ ۾ تسليم ڪئي ويندي. ان جو مطلب ٿيو ته منهنجي روئي منجهان، سماجي وجود رکڻ واري حيثيت ثابت ٿيڻ گهرجي. سوچ جي ڳالهه آ ته جڏهن منهنجو وجود جڏهن ٻين وجودن منجهه ۽ ٻين وجودن لاءِ ظاهر ٿيندو ته مان پاڻ کي داخلي حيثيت وارو چوندس ۽ اها منهنجي ساڳي داخلي حيثيت Subjectivity ٻين ڏسڻ وارن لاءِ خارجي Objectivity روپ ۾ هوندي، يعنيٰ منهنجي حيثيت، داخلي ۽ خارجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا مقصد الڳ الڳ هجن ٿا ۽ منهنجو عملي روپ ٻن طريقن سان پرکيو ويندو: هڪ رويو پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو رويو ٻين موجود وجود رکڻ وارن لاءِ، سارتر انهن روين ۽ روپن مٿان کولي لکيو آهي، اتان وري هڪ ٻيو رويو به اڀري ٿو، ٻي وجود کي شئي سمجهڻ، ان جي حيثيت گهٽائڻ ۽ پاڻ کي وجود سمجهي بالا شخص سمجهڻ، اهو عمل پنهنجو شخصي هجي ٿو. هڪ ظالم شخص پاڻ کي بالا ڄاڻندي ٻي شخص کي نيچ چوندي، هن کي مظلوم بڻائي ٿو، جنهن کي ظالم جي مرضيءَ مطابق هلڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. پر اهو رويو تڏهن اپنايو وڃي ٿو جڏهن اهو شخص پاڻ کي ظالم ڪوٺرائي ۽ ان تي فخر حاصل ڪري. جيڪڏهن اهو پاڻ کي ظالم نه ڪوٺرائيندو ته پوءِ ٻي شخص مٿان ان جو ضابطو قائم نه رهندو. سارتر جو چوڻ ته اهڙو رويو اڃا ڪوبه رکڻ لاءِ تيار ناهي جو کيس ظالم جي نالي سان سڃاتو وڃي. مظلوم جي واتان، ظالم لاءِ چيل لفظ، ظالم اهو ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، پر اهو عمل ظالم وارو Sadistic ، غلط عقيدي جي پيداوار آهي، جنهن کي Sadism چيو وڃي ٿو. هن مثال مان اهو ثابت ٿيو ته فردن جي داخلي لڳ لاڳاپن جي ڪري ان قسم جا رويا جنم وٺن ٿا، جتي سماج منجهه هر فرد جو واسطو ٻي فرد سان ٿئي ٿو ۽ هڪ ٻئي جي مدد کين درڪار هجي ٿي، ان کان پوءِ ئي ڪو فرد پنهنجو ڏنل مقصد، Project حاصل ڪري سگهندو. اها ڳالهه تسليم شده هجي ٿي ته اسان جا ارادا ۽ فيصلا ڪڏهن به هڪ جهڙا ڪونه رهن ٿا.
سارتر اسان کي اهڙي ڪا لالچ ڪونه ڏني آ، يا ان بابت ڪا ڳالهه ڪئي آهي، پر اسان کي اهو درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته اسان پنهنجي سماجي انسان جي پرورش، ان جي ارادن سان منسلڪ ڪري رکون. اهو عين ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اسان هڪ ٻئي جي ارادن ۽ روين کان بخوبي واقف هجئون ٿا. بس هڪ ڳالهه جو فقط خاص خيال رکڻ کپي ته اسان کي وجودي نفسيات جي روشنيءَ ۾ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کپي، حالانڪ عملي طرح ان جي به ضرورت ڪونه پوندي، ڇاڪاڻ ته اسان جا مسئلا حالتن جي پيداوار هوندا، انهن سان گڏجي منهن ڏئي سگهبو، بي روزگار جي ننڍڙي خواهش هوندي ته کيس روزگار ملڻ کپي.. وغيره.
سارتر جي ڏسيل ڳالهه، ’سماجي مدد‘، ان سماج جي فردن جي ۽ انهن لاءِ ئي ٿي سگهي ٿي بس رڪاوٽ فقط اها ٿيندي ته ڪو به فرد ڪا وڏي تمنا نه ڪري. اها به تمام پوئتي پيل ڪو فرد ئي ڪري سگهي ٿو. سماج ڪنهن به وقت هڪ سچار فرد لاءِ ۽ ستايل طبقي سان گهڻي قدر ججهي محبت رکڻ وارو هجي ٿو، اهو ستايل طبقي کي مناسب مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. اهي علاج به تاريخي حالتن جي روشنيءَ ۾ مهيا ڪري سگهجن ٿا. ان طرح سان اسان کي سارتر جو قول ياد رکڻ کپي.
سارتر چيو هو: مان پنهنجي آزادي پنهنجو نصب العين تڏهن ڪري سمجهندس، جڏهن ٻين کي به ساڳيو نصب العين ڏئي سگهندس“. ان صورتحال کي تفصيل سان سارتر پنهنجي مشهور پستڪ The Flies منجهه Orestes جي ڪردار جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
هڪ فرد جي خوشحالي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سماجي خوشحالي منجهان ڳولڻ لاءِ ان ڳالهه کي ڌيان ۾ ضروري رکڻ کپي ته هر فرد جي ضرورت، الڳ الڳ هجي ٿي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ڪنهن هڪ تمنا يا حاصلات Goal حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ گڏجي وڃن، اهڙي قسم جي گڏيل خواهش جو ذڪر، سارتر جي پستڪ وجود ۽ عدم وجود منجهه ڏنل ڪونهي، پر هن جي خيال جي اڏام سوچ جي گهرائي جو نتيجو آهي. وجود ۽ عدم وجود منجهه، اهو بيان ٿيل آهي ته هيءَ دنيا غلط طريقي سان جڙي آهي، جنهن ۾ جهيڙو جهٽو، جنگ وجدل آهي جنهن ڪري دنيا جهنم بڻيل آهي ۽ جنهن جا ڪردار ۽ ڪاردار، منجهس رهڻ وارا ذات آهي. اها دنيا جنهن طرف اشارو ڪيو ويو، اهو فرانس هيو، جيڪو قابض قوتن هيٺ هيو، جتي سماجي عمل ناممڪن هيو، ٻي طرف ٽڪراءُ ، سارتر چواڻي ان جو فقط انفرادي حل هيو، وجوديت Existentialism جنهن جو اعلان ڪيو ويو، بنا ٽڪراءَ يا مقابلي جي ڳالهه ڪرڻ يا کولڻ جي جنهن جو مقصد هيو. انفرادي سور سهڻ بجاءِ ٺوس ۽ همٿ ٻڌي حالتن سڌارڻ جو سنيهو پهچائڻ.
هن کي اڳتي وڌائيندي، اهو چيو ويو ته ماڻهو پاڻ کي جوڙي، بدلائي سگهي ٿو، فقط ان صورت ته هن کي ٻيو/ٻيا ڪهڙين نظرن سان ڏسن ٿا، سارتر اها راءِ زوردار نموني سان پيش ڪري ٿو ته سچائي/حقيقت جي تقاضا هجي ٿي ته اسان ٻين سان اهو برتاوءُ ڪيون، جيڪو اسان جي عمل جي موٽ ۾ هنن کان به ساڳي طرح جي رويي/برتاءَ جي اميد رکون، پنهنجي لاءِ. هو وڌيڪ ان راءِ جو آ ته جيڪڏهن دنيا اندر عالمي ۽ اخلاقي اصول يا قائدا موجود ناهن، ته پوءِ اسان ئي اهڙا اخلاقي قائدا پنهنجي ڀلائي لاءِ جوڙيون ۽ پوءِ نيڪ خواهشن سان اهي دنيا وارن لاءِ به نافذ ٿيڻ جي تمنا رکون، مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سڄ ٻڌڻ لاءِ تيار آهي ته هو پاڻ، ڪوڙ ڪونه ڳالهائي سگهي ٿو، ڪوڙ ڳالهائڻ واري عمل سان، هو پنهنجي ڄڻ دلي خواهش جي تصديق ڪندو ته ڪوڙن جي به دنيا هجڻ کپي. هن موضوع تي سارتر تمام مختصر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان ڪري هن جي راءِ اها آهي ته سچو ماڻهو ان ڳالهه کان بخوبي واقف رهي ٿو ته عام اصول، شخصي روين لاءِ ڪونه جوڙيا ويندا آهن، پر اهي سموري دنيا وارن لاءِ مستقل طور تي جوڙيا ويندا آهن. هڪ ماڻهو ان ڳالهه کي سچو سمجهندو ته ڪا دنيا، ڪوڙن ماڻهن کان سواءِ به هلي سگهي ٿي، اخلاقي اصولن جي پاسداري ڪندي، هو به ڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندو. هن قسم جي عام رواجي راءِ ،سارتر جي خود ساخته عمل Voluntarisms منجهه ته فٽ ٿي سگهي ٿي، انساني حقيقت جي عقلي تقاضا هيٺ، ماڻهو انهن حالتن منجهه گذارڻ جي قابل هجي ٿو، حالتن جي شدت کان هو فراريت کان پاسو ڪري سگهي ٿو، پر اها ڳالهه مشڪل به لڳي ٿي ته ڪيئن عقلي دنيا جي روين منجهان اخلاقي ذميواريون حاصل ڪري سگهبيون.
ڪوبه وجود رکندڙ فرد، سارتر جي لاءِ تعلقات جو مجموعو هجي ٿو، ماضي، حال ۽ مستقبل منجهه تعلقات، ٻين ماڻهن ۽ دنيا وارن ماڻهن سان تعلقات، سارتر جي سماجي اخلاقيات ۽ شخصي اخلاقيات هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن، گهڻو زور حياتي ڪيئن گذارڻ مٿان اٿس، پر هتي سماجي حياتي بابت ٻڌايو ويو آهي ته هر هڪ به فرد پنهنجي سماج جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار رهڻ کپي، ان جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهي. ڪابه سماجي حڪومت، اصل کان ئي سڌريل نه هوندي آهي، سموريون سماجي تنظيمون، ترقي ڪرڻ لاءِ ڪوشان هجن، ڪابه سماجي حڪومت، مڪمل طور تي ترقي ڪرڻ لاءِ ڪوشان هجي. ڪابه سماجي حڪومت مڪمل طور تي ترقي يافته هجي، اهو فقط تصور ئي يا خيالي پلاءُ ئي ٿي سگهي ٿو.
سارتر جي اخلاقيات کي مختصر ڪندي اهو چئجي ٿو ته اها سٺي حياتي گذارڻ لاءِ ڪجهه جائز مسئلن/ضرورتن کي سوچ ويچار کان پوءِ چونڊ ڪري، پنهنجي لاءِ پيدا ڪري، جوڙي هڪ عقل مندي وارو فيصلو ڪندي، ته ان کي حياتي کي سڦل بڻائڻ جو عمل چئي سگهجي ٿو. ان ۾ عمل ۽ رد عمل هجي ٿو، حياتي کي حالتن جي روشنيءَ ۾ سٺو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندي سڌاري ۽ سنواري سگهجي ٿو. سارتر مٿان اهو به الزام هنيو وڃي ٿو ته آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش بابت راءِ ڏيڻ کان هو پاسو ڪري ٿو، ٻين لفظن ۾ ماڻهو پنهنجي آزاديءَ بابت جڏهن هڪ دفعو شعور حاصل ڪري ٿو ته پوءِ هن تي لازمي ٿئي ٿو ته ان جي قدر ۽ قيمت جي پاسداري ڪري.
سارتر ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته هيءَ دنيا دکن جو درياهه آهي، ماڻهوءَ کي همٿ ڪري ان مٿان پل ٻڌي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، سچائي سان حالتن جو مقابلو ڪري، دنيا کي سڦل بڻائي مزي سان زندگي گهارڻ سِکي.