باب نائون: هڪ وجوديت پرست جا سياست بابت ويچار
AN EXISTENTIALIST IN POLITICS
اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سارتر پنهنجي دور جي نظرين مٿان جَهل ڪندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو محسوس ڪندو رهيو ته انهن منجهه انفرادي آزاديءَ جو ڪو مناسب ڪردار ناهي هوندو، ان جي برعڪس، اهي پنهنجن پوئلڳن کي آزاديءَ واري نعمت کان محروم رکندي، غلط اعتقاد طرف ڌڪيندا رهن ٿا. هن طرفان، سماجي نظرئي جي حمايت جاري رکندي، آزاديءَ واري مفهوم کي پڻ هو نواڻ ڏيڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو:
”هر اها شئي جيڪا وجوديت سان مشابهت رکي ٿي يا ان جي ويجهو آهي“... اهو آزاديءَ جو مسئلو ئي آهي...“ سارتر پاران ، آزاديءَ مٿان ڪيل بحث مباحثو، ايترو واضع ۽ سولو نه هوندو آهي، جيترو سمجهيو ويندو آهي. هن جي تحريرن منجهان، پهاڪا ۽ چوڻيون، آسانيءَ سان سهيڙي سگهجن ٿيون، جن مان جوڳي معلومات ڪونه ٿي حاصل ڪري سگهجي، پر جڏهن انهن جي پرک ۽ پروڙ ٿي ڪجي ته اهي منجهيل ۽ متضاد لڳن ٿيون. مثال طور: هڪ جاءِ تي چوي ٿو ته ماڻهو آزادي چاهي ٿو. وري ٻي هنڌ چوي ٿو ته ماڻهوءِ مٿان زوريءَ آزادي ٿاڦي وئي آهي. هن جي اهڙن متضاد مفروضن کي سمجهڻ لاءِ، اهو ضروري ٿئي ٿو هن جي انساني سچائيءَ ۽ سياسي نظرئي جو مختصر طور تي ٻيهر جائزو وٺجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ آزاديءَ جي مسئلي کي سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪجي.
سارتر جو واضح ترين آزاديءَ وارو نظريو، هن پاران ڊيڪارٽ مٿان لکيل مضمون اندر موجود هجي ٿو. هن مضمون ۾ سارتر، آزاديءَ جي ٻن نظرين جيڪي ڊيڪارٽ بيان ڪيا آهن، جن کي آزادي، خودمختياري ۽ آزادي، فرمانبرداري جا عنوان ڏنا ويا آهن. آزادي، خودمختياري واري ڪارٽيزن واري طريقي سان ٻڌائي وڃي ٿي: ڊيڪارٽ جي خيال مطابق، هر شيءِ مٿان شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڳالهه مٿان ڳنڍ ڏئي چيو ته مون کي شڪ آهي. هاڻي شڪ ڪرڻ، منهنجي مرضي مطابق آهي ته مان ڪنهن جي ڏنل سمجهه يا صفائيءَ بابت خيال تسليم ڪيان يا ٺڪرائي ڇڏيان. ان کان پوءِ واري عنوان جو مطلب آهي ته ممڪن هجي ٿو ته مان ڪجهه خيال تسليم ڪيان ۽ باقي ٺڪرائي ڇڏيان. هڪڙو وجود، جيڪو پنهنجي سمجهه يا ڄاڻ جوڙي ٿو، اهو پنهنجي دنيا به ايجاد/تخليق ڪري سگهي ٿو، ان جو مطلب ٿيو ته هو خودمختيار آهي. ڊيڪارٽ جي آزاديءَ وارو نظريو، ماڻهوءَ جي آزادي جي وضاحت ڪري ٿو، جنهن تحت هن وٽ اها صلاحيت آهي ته پهريائين پاڻ سڃاڻي ۽ پوءِ مطلق سچ سان ساٿاري بڻجي. ڊيڪارٽ پهرين عنوان کي خدا جي خودمختياري سان ملائي ٿو ۽ ٻي عنوان کي ماڻهوءَ سان منسلڪ ڪري ٿو. سارتر ڊيڪارٽ پاران ڏسيل آزادي کي خوشيءَ سان تسليم ڪري ٿو جنهن مطابق، آزادي، خودمختياري سان سلهاڙيل هجي ٿي.
آزاديءَ جو خودمختياري سان سلهاڙيل نظريو، ڊيڪارٽ لاءِ، خدا جي آزادي هجي ٿو، جڏهن ته سارتر ان کي انساني آزادي ڪوٺي ٿو:
”اسان کي به صديون گهرجن، انهن ٻن مسئلن کي سمجهڻ لاءِ. ايمان جو مسئلو، سائنس جو مسئلو، ماڻهوءِ کي پنهنجي تخليقي صلاحيت/آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا، ڊيڪارٽ کي خدا منجهه نظر اچي ٿي، جنهن سچ مٿان اڳتي هلي شڪ پيدا ٿيڻ لڳن ٿا، جيڪو انسانيت جو لازمي طور بنياد بڻجي ٿو: ماڻهو ئي اهو وجود آهي جنهن جي ظهور پذير هجڻ سان، دنيا کي وجود حاصل ٿئي ٿو.
ڊيڪارٽ وارو ٻيو آزاديءَ وارو نظريو، جيڪو روايتي ڪيٿولڪ نظرئي جي ويجهو هجي ٿو، جنهن جي چوڻ مطابق ته ماڻهو آزاد آهي پر فرمانبردار ٿي رهڻ هن لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اهو خدا جو فرمان آهي. جيڪو جُڳن کان جُڙيل آهي يا انڪار ڪري نافرمان بڻجي وجود تان هٿ کڻي، سارتر، ان قسم جي بندش جا جيڪا ڪئٿولڪ قانون مطابق ڊيڪارٽ مٿان سترهين، صدي جي نظرياتي حڪمن تحت نافذ ٿي هئي، جي نشاندهي ڪري ٿو. آزادي، فرمانبرداريءَ وارو نظريو، مارڪسزم منجهه وري ٻي نموني سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن مطابق، آزاديءَ کي تاريخي ضرورت طور تسليم ڪيو ويو آهي. هن منجهان هڪ قسم جي روشن خياليءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ان لاءِ آزاديءَ جي تقاضا هوندي آهي سماجي حقن جي پاسداري ڪئي وڃي، جيڪي قانون، فطرت طرفان نافذ ڪيل هجن ٿا. مٿين ٻنهي قسمن منجهه، ماڻهوءِ کي آزاد سمجهيو وڃي ٿو، ان سان گڏ آزاديءَ هوندي به هن کي قانون جو احترام ڪرڻ لازمي آهي، هو فقط انفرادي حيثيت ۾ هڪڙو عمل آزاديءَ سان ڪري سگهي ٿو جو ڪنهن به قانون کي مڃڻ کان نابري واري سگهي ٿو. حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ، خود مختياريءَ جو عمل آهي پر اهو تخليق ناهي، ڇاڪاڻ ته جڳن کان جوڙيل قانون ته اتي ئي موجود رهي ٿو. مثال طور: موزارٽ پاران جوڙيل ميوزڪ (راڳ رنگ) ، غير معياري به ٿي سگهي ٿي، پر هن کي راڳ جوڙڻ جي ڏات ته ازل کان مليل آهي. موزارٽ پاران ڪنهن موقعي واري جوڙيل ميوزڪ ته قابل تعريف هجي ٿي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اها، ساڳي ڏات تحت جوڙي وئي آهي، سارتر، انهن لاءِ چوي ٿو ته جيڪي ان ڏسيل طريقي سان هلي رهيا آهن ته اهي اخلاقي قانون تحت هلن ٿا:
”خدا، ڪنهن به فطرتي يا آفاقي ذريعي تحت، انهن کي روشن راهه طرف، هٿ کان وٺي علم ۽ ڏات، جيڪا هر ڪنهن لاءِ الڳ هجي ٿي، جي صلاحيت سان نوازي ٿو، ان سان فقط ان ڏسيل راهه طرف هلڻو آهي، انهن کي آخرڪار، ان صلاحيت جو فائدو ملڻو آهي. جڏهن اهي پاڻ کي عدم وجود سمجهي، هن کان هٿ ڇڏائي، پنهنجو گس وٺن ٿا، ته پوءِ اهي آزاد آهن، ڀلي اهي پوءِ، ڏوهن جي دنيا ۾ گُهت هڻن ۽ بي وجود ٿي رهن. ٻي طرف اهي پاڻ کي علمي ۽ اخلاقي گناهن کان بچائيندا رهن، پنهنجي حفاظت ڪن، پنهنجو بچاءُ ڪن، فيصلو روڪن، خواهشن کي دٻائي ڇڏن، وقت تي عمل نه ڪن. انهن کي، مختصر طور تي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته، خدا جي منصوبن سان هٿ چراند نه ڪن.
هن عمل جي هو مخالفت ڪري ٿو، ڊيڪارٽ جي لفظن مطابق، خودمختيار فرد جو مظهر هن طرح هجي ٿو: ”مون کي يقين آ ته سچي سخاوت، جيڪا ماڻهوءَ جي مريادا مطابق هجي ٿي، جنهن جو هو اظهار ڪري ٿو، اها فقط هن جي آزاد راءِ هجي ٿي، جنهن پٺيان هن جي نيڪي يا بدي واري شهرت عيان هجي ٿي، اهو شخص پنهنجي فيصلن ڪرڻ مهل انصاف ڪري ٿو ته پوءِ ان کي نيڪ مرد ۽ باصلاحيت ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو.
روشن خياليءَ کي خود مختياري سان گڏائي هلڻ واري نظرئي کي سارتر، پهريائين ڊيڪارٽ سان منسوب ٿو ڪري ۽ ان کان پوءِ ان کي پنهنجي سوچ جو حصو بڻائي، پنهنجي فلسفي کان به ڪجهه مٿڀرو ٿو ڄاڻائي ۽ ان کي فلسفي جي دل ٿو ڪوٺي. سارتر، هن کان اڳ پنهنجي وجوديت پرستيءَ واري نظرئي جي ورجاءَ کان پاسو ڪندي ڪجهه ڳالهيون ان مان حوالي طور کڻي، خود مختياريءَ واري نظرئي جي پٺڀرائي ڪري ٿو. انساني سجاڳي جيئن ته عدم وجوديت آهي، ان جا ڪي ارادا يا خواهشون ڪونه هونديون آهن، ان جو اظهار انڪاريت سان هوندو آهي، ٻاهرين ڪنهن به اثر هيٺ اها جُڙي نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهوءَ کي پنهنجا رستا ۽ رجحان جوڙڻ جي ضرورت پوي ٿي، ان عمل کي سارتر بنيادي خواهش جو نالو ڏئي ٿو. اها بنيادي خواهش ئي ٻنهي يعني سچ ۽ قدر جو بنياد هجي ٿي ان فرد لاءِ جيڪو دنيا کي پرکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجي فطرت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لڳي ٿو.
بنيادي خواهشن جي آزادي، انهن جي مٽاسٽا جي فيصلن ۽ ان کان پوءِ نواڻ منجهه محسوس ٿيڻ لڳندي، اها تبديلي به انوکي هوندي، ڇاڪاڻ ته اها بنيادي خواهشن منجهه سمايل ناهي، تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته ان کي تبديليءَ/مٽاسٽا وارو تجربو چيو وڃي. ان قسم جي آزاد خواهش جيڪا فرد پاران اڀري ٿي، جنهن کي اندروني فطرت يا بيروني حالتن هيٺ دٻائي يا مٽائي نه ٿو سگهجي، اهو ئي انتظامي جوڙجڪ جو اصول، ان فرد لاءِ بڻجي پوي ٿو. اها آزادي يا خودمختياري، اخلاقي عظمت جو بنياد هجي ٿي فرد جي لاءِ جيڪو پنهنجو پاڻ تخليق ڪرڻ کانپوءِ، ماڻهوءَ جو ممڪن وجود پڻ تخليق ڪري ٿو.
سارتر جي آزاديءَ واري نظرئي جي خاص ڳالهه جيڪا ان کي ٻين آزاديءَ وارن آزاد خيال روين کان الڳ ڪري ٿي، اها آهي ان جي اها حقيقت جيڪا ماڻهو سمورن مسئلن جي هڪ ئي وقت تي چونڊ ڪري ٿو. اهڙي طرح سان، اها چونڊ، هن جي روز مرهه واري حياتيءَ جا عمل ۽ امنگون بڻجي پون ٿيون. تبديلي يا تعمير، هڪ فرد لاءِ اها ڪوشش هجي ٿي، جنهن هيٺ اهو مستقبل جي لاءِ هڪ منصوبو جوڙي ٿو، جيڪو مستقل طرح جو هجي ٿو ۽ تڪڙي تبديليءَ کان گريز ڪري ٿو. سارتر جي اها آزاد تمنا، فرائيڊ جي نفسياتي استحڪام واري عمل سان مشابهت رکي ٿي، بجاءِ اها آزاد خيال يا تمنا هجڻ جي جيڪا حالتن هيٺ جوڙيل هجي. سارتر جو وجوديت سان شامل خيال، ماڻهوءِ جي مڪمل وجود بابت هجي ٿو نه ڪي هڪ عقلمند جانور لاءِ، جيڪو جوش ۽ جذبات ۾ ڀرجي رويا مٽائيندو رهي ٿو. اهڙي قسم جو رويو فرد جي اخلاقي ذميواري جي خلاف ۽ فرد جي عظمت ۽ نيڪ نامي جوڙڻ لاءِ نقصانڪار بڻجي پوي ٿو. فرد جيڪڏهن پنهنجا فيصلا يا ارادا، روز مٽائيندو رهندوته پوءِ اخلاقي طور تي اهو کل جوڳو بڻجي ويندو، جيئن ڊيڪارٽ جي آزاديءَ جو مثال آهي جيڪو سارتر واري نظرئي کان مختلف آهي. ان قسم جي آزادي، جيڪا حقيقت هجي ٿي، سمورن ماڻهن متعلق انهن جون حالتون يا رويا کڻي ڪهڙا به هجن، ته پوءِ اها سياسي يا اخلاقي طور نامناسب بڻجي پوندي. سارتر انهن خيالن سان سهمت ناهي هوندو. آزادي انساني حالت جو حصو هجڻ ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته آزاديءَ جي حياتي منجهه تمنا رکڻ گهرجي پوءِ ڀلي ننڍي پئماني تي ڇو نه هجي. حالانڪ اها تمنا مڪمل گُهر ناهي هوندي. سارتر آڏو آزاديءَ لاءِ به ممڪن حالتون اڀري اچن ٿيون. قبوليت يا آزاديءَ جي تمنا اعلي قدر جي ليول تي ۽ آزاديءَ کان پري ڀڄڻ يا غلط اعتقاد. آزاديءَ جي تمنا بنيادي قدر ان لاءِ هجي ٿي جنهن کي سچو فرد ڪري سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ان طرح جو عمل ڪري ٿو ڄڻ اهو آزاد هجي، سارتر جي نظرئي تحت واقعي اهو سچار ۽ سمجهدار هجي ٿو. ٻين لفظن ۾ سمجهدار ۽ سچار فرد پاڻ ئي، موجود حالتن منجهه رهڻ کي پسند ڪري ٿو. جيئن ته آزاد تمنا واي سجاڳي پاڻ سان پيڙا به شامل رکي ٿي، تنهن ڪري مستقل قسم جو خطرو، ان کان نجات حاصل ڪرڻ جو به شامل رهي ٿو جنهن جي اثر کان ماڻهو، غلط عقيدي طرف ڌڪجي وڃي ٿو. آزاديءَ جي تمنا کي سارتر، پا ڻسان وفاداري ڪوٺي ٿو يا ان کي عقلي جدوجهد چوي ٿو جنهن سان فرد پنهنجو مستقبل جوڙي ٿو ۽ ذميواريءَ سان پنهنجي پاران چونڊيل خواهشن جي تڪميل ڪري ٿو. آزادي اها نعمت آهي جيڪا حاصل ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها انساني حياتي لاءِ ڪار آمد هجي ٿي. آزادي ڪنهن به هڪ فرد لاءِ ناهي هوندي، ان منجهه سڀني فردن لاءِ ڀلائي آهي، جيڪا سمورن ماڻهن لاءِ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
سارتر هاڻي، انساني آزاديءَ بابت عقلي دليل پيش ڪري ٿو ان لاءِ ته آزاديءَ سان گڏيل فرد جي اخلاقي عظمت به شامل هجي ٿي، ان سان هو اخلاقي تخليق ڪري ٿو جيڪا هن جي شخصي ذميواري آهي. هڪ سچار فرد جيڪو آزاديءَ سان زندگي گذارڻ چاهي ٿو، سارتر ان کي پنهنجي سياسي ويچار ڌارا ۾ جوڳي جاءِ ڏئي ٿو، عين ان طرح، جيئن پروليتاري کي مارڪسزم ۾ مليل هجي ٿي، ان سبب ڪري ئي: اهوفرد جو آزاد عمل آهي جنهن ڪري فرد مستقبل کي انساني قدرن سميت، ماڻهن لاءِ استعمال ڪري ٿو.تاريخ جي ورقن ۾ ترقي يا تعمير، انهن آزاد فردن بابت هوندي آهي جيڪي پنهنجا تعميري منصوبا تڪميل ڪرڻ لاءِ ساڻ کڻي هلن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سارتر، سياسي نظرين مٿان جهل ڪري ٿو جيڪي اسان جي مثبت عملن کي به لڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جن سان انصاف پسند سماج جوڙي سگهجي ٿو. سارتر جڏهن انساني سچائي، جيڪا اخلاقي قدرن مطابق هجي ٿي جنهن ۾ فرد، آزاديءَ کي اتم قدر تصور ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سمورا قدر ان منجهان ئي ڦٽي نڪرن ٿا، ته پوءِ اهي نظريا هن جا مخالف ٿي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي انساني آزاديءَ کي ڪنهن خاص سماجي يا سياسي قائدن جي ماتحت رکڻ چاهن ٿا.
ان جومطلب اهو ناهي ته سارتر، سياسي تبديلي جو مخالف آهي. ان جي برعڪس، سچار فرد کي سارتر، انقلابي ڪوٺي ٿو. اها راءِ ته وجوديت پسند، انقلابي هجڻ گهرجي. سارتر جي چوڻ مطابق، ان انساني سچائي سان ٻه خاصيتون شامل هجڻ کپن. هتي وري به سچار فرد سان جيڪي به موجود حالتون هجن ٿيون، انهن ساڻ رهڻ پسند ڪري ٿو. پهرين خاصيت جيڪا هو خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو، اها هن جي تنظيمي صلاحيت آهي، جنهن جي مدد سان هو پنهنجا منصوبا مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو. هن جي حياتيءَ منجهه مسلسل محنت ۽ مشقت ڪرڻ جي صلاحيت جڙي ٿي، جنهن سان هو پنهنجا چونڊيل منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو. چپ ڪري ويهڻ کان هو دور ڀڄي ٿو. سارتر جي نظرئي بابت ايئن چيو وڃي ٿو ته هو آزاد سماج لاءِ به انقلابي تبديلي جي تمنا رکي ٿو، ۽ وڌيڪ پراميد رهڻ لڳي ٿو ته اها تبديلي، ڄڻ اڳ ۾ ئي حاصل ٿيڻ لڳي آهي. اها پڻ حقيقت آهي ته سارتر تصور منجهه مستقل انقلاب پسي ٿو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاهليءَ کي پٺي ڏيڻ سان ترقي نه ٿيندي، اها ضرور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اها حالت عالمي انساني حالتن جو حصو هجي ٿي، ٻي طرف لالچ جي زور تي آزاديءَ کي پٺي ڏئي غلط اعتقاد طرف قدم رکڻ ، شخصي ٽڪراون ۾ الجهي وڃڻ، صحتمند سماج جو ڪٿي به ڪو مثال موجود نه هجڻ ڪري اسان کي مڪمل آزاد سماج ملڻ مشڪل بڻجي ويندو ۽ پوءِ تاريخي سچائي جي مظهر کان اسان محروم ٿي وينداسين. ان کان پوءِ اسان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سارتر، انقلاب جو لفظ ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري ٿو. آيا سچار فرد، انقلابي بڻجي ويندو، ان مقصد لاءِ ته هو اڳتي هلي، مڃيل اقتداري ايوانن کي تباهه ڪندو. اهو عمل حالتن پٽاندر ٿي سگهندو. انقلاب لاءِ حالتون سازگار نه هجڻ جي صورت ۾ سچار فرد هڪ سماج سڌارڪ (Reformist) جو روپ اختيار ڪندو. سارتر واري لفظ انقلابيءَ جي عبارت، اها ناهي ته اهو انقلابي تباهي ڪندو، پر هو سماجي سڌارڪ وارو ڪردار ، سياسي ذريعن جي مدد سان ادا ڪندو.
ٻي حقيقت جيڪا سچار فرد قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان جو نالو آهي برابري قائم ڪرڻ. هن قسم جي برابري سارتر جي وجوديت پرستيءَ جو نتيجو آهي، انساني سجاڳي جيڪا ماڻهوءَ کي وجود پنهنجي لاءِ واري مفروضي کان الڳ ڪري ٿي، اها ئي آزاديءَ جو ذريعو هجي ٿي، اها وجود پنهنجي لاءِ واري مفروضي کان ڪا الڳ شيءَ ناهي، پر اها انڪاريت ئي آهي، جيڪا وجود جو اظهار ڪري ٿي،اها پاڻ کي تنظيم جو روپ ڏئي ٿي، جيڪا ماحول جي پرک ڪري ٿي، فقط ماحول جي پڙتال، ٻيو ڪنهن جي به نه. اهو ئي سبب آ جو، سارتر، ماڻهوءِ لاءِ چوي ٿو. آزادي ان صورتحال منجهه، اهو بيان وجوديت جو بنياد بڻجي ٿو، جنهن تحت هو ماڻهوءَ کي سياسي جانور ڪوٺي ٿو. فرد جو پاڻ سڃاڻڻ وارو رويو سماج جي سڌرڻ جو بنيادي ڪارڻ هجي ٿو، جتي هو پنهنجي قدرن جي ڏسائن تحت گذارڻ لڳي ٿو. ماڻهو سياستڪار هجي ٿو، ان کان علاوه سماجي شخص پڻ اهو شخصي تعلقات جي ڪري بڻجي ٿو. اسان کي ڄاڻ آهي ته ٻين جي آزاديءَ جو احترام ڪرڻ سچائي جو اخلاقي اصول آهي. ساڳي وقت، هن جي نظرئي مطابق، ٽڪراءُ جيڪو شخصي تعلقات جي پيداوار آهي، سارتر ٻڌائي ٿو ته ٻين جي آزاديءَ جو احترام ڪرڻ ناممڪن هجي ٿو نه فقط تشدد جو استعمال، پر تعليم ۽ برداشت منجهه به ٻين جي آزاديءَ منجهه تشدد جو استعمال ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان صورتحال جي پيدا ڪرڻ ۽ ممڪن بڻائڻ ٻين جي هٿ هيٺ هوندو آهي. ٻين جي آزاديءَ ۾ خلل وجهڻ، سماجي زندگيءَ جو اڻٽر پهلو هجي ٿو، ان سان گڏ سماجي سڌارڪ عمل جي خلاف پڻ، اها ٻي ڳالهه آ ته ان لاءِ طريقو ڪهڙو واپرايو وڃي ٿو. اخلاقي ضرورتن ۽ ٻين جي آزاديءَ جي احترام جي وچ ۾ جيڪو تضاد ۽ ان سان گڏ احترام جو فقدان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو حقيقت ۾ نبيري نه ٿو سگهجي، پر سچار فرد، ان کي حاصل ڪري، ٻين جي آزاديءَ جي احترام جي نفي ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ايئن چوي ٿو ته اها سمورن لاءِ وسيع تر آزادي هجي ٿي. اهڙي طرح سان سرڪار ۽ سياست، سندن تشدد سميت، سماج اندر ڏڦيڙ وجهڻ وارا هجن ٿا، جيڪي سماجي حياتيءَ جا رکوال چيا وڃن ٿا ۽ ان چوڻ لاءِ اهي حق بجانب پڻ آهن. سٺي سرڪار ۽ قابل قبول پاليسيون، نشاندهي ڪنديون آهن ان سرڪار جي، جيڪا آزاديءَ جي رکوال ۽ احترام ڪندڙ هوندي آهي ۽ اها احترام وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي آهي. انهن پاليسين جي پوئيواري ڪندي، سچار فرد، اها سياست ڪندا آهن جيڪا آزاديءَ جي حمايت ڪندي آهي.
ڪا خاص حڪومت يا ان جون پاليسيون، هميشه ۽ هر هنڌ ڪامياب ڪونه وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جي حمايت ڪندڙمختلف حڪومتون، پنهنجي معروضي حالتن تحت عمل پيرا هونديون آهن. سارتر جي خيال مطابق سياسي جمهوري حڪومت جنهن جي عالمي ليول تي ڄاڻ ۽ ساک قائم هجي، اها خاص طور تي آزاد سماج (Free Society) لاءِ قابل قبول هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته انجو بنياد، هر شهريءَ جي آزاد سوچ ۽برابر جي لياقت تي ٻڌل هوندو آهي. ان سان گڏ هن کي حڪومت جي چونڊ جي به آزادي هوندي آهي. ان کان علاوه اهو فرد، حالتن پٽاندر، ڏنڊي واري حڪومت جي به حمايت ڪرڻ لاءِ آزاد هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت، انفرادي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙوگس آهي ۽ اهو ڪو آخري پيچرو ناهي هوندو. حڪومت ڪهڙي قسم جي به هجي، سمورين حڪومتن وٽ، فرد جي آزادي کي دٻائي رکڻ جي خواهش موجود هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته حڪومتي نظام هلائڻ لاءِ ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو اقتدارسنڀالڻ بعد پنهنجن ماڻهن کي شيءِ سمجهندو آهي. بجاءِ آزاد شهرين/فردن جي.
سارتر جي وجودي فلسفي ۽ سياسي سوچ رکڻ واري حڪومت جي روشنيءَ ۾ جڏهن اڳتي هلون ٿا ۽ فرد ۽ حڪومت جي وچ ۾ تعلقات جي پرک ڪيون ٿا ته اسان کي اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سارتر، سياسي تنظيم کي آزاديءَ واري نظرئي مطابق هلڻ جو حامي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته سمورا فرد حقيقت ۾ آزاد انسان آهن. اهي سمورا حقيقت ۾ برابر/هڪ جهڙا آهن. اها برابري واري خاصيت اخلاقيات پاران هجي ٿي ۽ ان جو وڏو اثر ۽ درس، اهو ئي ملي ٿو ته هر فرد جي آزاديءَ جو احترام ڪيو وڃي. اهو سچار فرد، سمورن ماڻهن لاءِ آزاديءَ جو خواهشمند هجي ٿو، نه ڪي ڪنهن خاص گروهه جو. سارتر ان سان گڏ ڀائيچاري جو نظريو به پيش ڪري ٿو، (Fraternity) فرد جي ضرورت آهي ته هن سان گڏ ٻيا به شامل ٿين. سارتر جڏهن ٻڌي يا ڀائيچاري جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻين جي آزاديءَ کي به تسليم ڪري ٿو. جيئن ته ڪنهن فرد جي آزادي، سياسي عمل کان جدا نه ٿي ڪري سگهجي، ان طرح، ٻين جي آزاديءَ کي تسليم ڪرڻ به اندر جو آواز هجڻ کان گهٽ عمل ناهي هوندو. ان عمل جي مدد سان اسان سماجي ناانصافيءَ کي ٻنجو ڏئي سگهون ٿا. آخر ۾ جيڪا ڪنهن جي تمنا هجي ٿي، ته فرد کي شخصي خود اختياري Liberty جي به ضرورت محسوس ٿئي ٿي. سارتر جي سوچ ۽ بحث مباحثو، هن موضوع مٿان، عام پڙهندڙ لاءِ منجهائيندڙ محسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هو فرينچ ٻوليءَ جو لفظ Liberte استعمال ڪري ٿو، جنهن جي معنيٰ ۾ ٻئي لفظ Freedom ۽ Liberty استعمال ٿين ٿا. هيٺ ڏنل بيان ۾ مونجهارو شامل آهي. جيڪوهن طرح آ: ته ماڻهو آزاد آهي ۽ اهو ته هن کي ضرور آزاد ڪيو وڃي. جملي جي پوئين حصي کي ڏسجي ٿو ته ماڻهوءَ جي آزادي، ان صورت ۾ حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي ته هڪ فرد کي حڪومت ڪيتري آزادي ڏئي سگهي ٿي. مونجهارو ان صورت ۾ ختم ٿي وڃي ٿو ته جڏهن ٻن صورتن ۾ فقط شامل ڪجي ٿو، هڪڙو آزادي ۽ ٻيو فرد جو، ڪن حالتن منجهه اختيار جيڪو هو استعمال ڪري ٿو.
سارتر ڪنهن به مونجهاري جو شڪار ناهي، جڏهن هو لبرٽي لفظ جي ٻن قسمن جي معنيٰ ڏئي ٿو. شخصي آزاديءَ جي ضرورت جو مطلب ٿيو ڪنهن فرد جي وجود جو هجڻ، پنهنجي حياتيءَ جي دائري ۾ رهندي، پنهنجو ٺاهيل منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکڻ. ٻين لفظن ۾ فرد پنهنجي حياتي، ذميواري سان گذارڻ لاءِ اها آزادي گهري ٿو جيڪا هن لاءِ ضروري هجي ٿي. هن قسم جي روايتي زبان استعمال ڪرڻ سان ڪو مونجهارو نه ٿيڻ کپي، سارتر، شخصي ذميواري لاءِ جيڪا زبان استعمال ڪري ٿو. اها ته اڳ ۾ ئي هن جي فلسفي جي دائري ۾ داخل آهي. سارتر زوردار لفظن سان چوي ٿو: ته ماڻهو هڪ مڪمل ادارو آهي، ان جو مطلب ٿيو ته آزادي هن جي حياتيءَ جي هر حصي لاءِ ضروري هجي ٿي، ان طرح سان سماج سان تعلق به هر سطح تي آزاديءَ سان هجڻ کپي. ان جو مطلب ٿيو، شخصي ذميواري ۾ شامل هجن ٿا. مثلن: معاشي ۽ ان سان گڏ سياسي حق، اهڙي نموني شخصي ذميواري نه فقط اندروني تعميري طريقو هجي ٿو پر ان اندروني تعمير سان گڏ سماج مٿان ان جو عمل ٿيڻ ضروري آهي. ان عمل سان گڏ شخصي منصوبي لاءِ جاکوڙ جاري تڏهن مڪمل ٿيندي جڏهن اها فرد جي هٿ ۾ يا کاتي ۾ ايندي، ان جي مالڪي، هن وٽ هوندي. (Possession) شخصي ذميواري تڏهن چئي سگهبي جڏهن فرد کي اهو حق حاصل ٿيندو، اهو چوڻ جو ته اهي منهنجون شيون آهن! ملڪيت نالي ۾ اچڻ سان فرد جي دنيا اندر داخلا ٿئي ٿي، ان عمل سان ٻين جي ملڪيت جو به تحفظ، ڇاڪاڻ ته هر فرد، پنهنجي ملڪيت جي حصي جو دعويدار هوندو. ملڪيت، اهڙي طرح سان وڌيڪ طاقتور سماجي روايت بڻجي ٿي، ٻين روايتن جي ڀيٽ ۾، شخصي ذميواريءَ جو ان طرح سان اها بنياد/ذريعو بڻجي ٿي. سارتر، ڪٿي به پنهنجي وجودي فلسفي کي سياسي خيالن سان سلهاڙيو ناهي. ان مان صاف ظاهر آ ته هو فرد پاران، ٻنهي جي ملڪيت تي مالڪي ۽ ان تي عمل واري ڪليم کي، تسليم ڪونه ٿو ڪري، جيستائين هو ٻين جي ملڪيت واري حد جي آزاديءَ جو احترام نه ٿو ڪري. فرد جي شخصي آزادي لاءِ گهربل مجموعي آزاديون جيڪڏهن سوشل آرڊر سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿيون ته پوءِ سچار فرد، انقلابي بڻجي ويندو. سماج سڌارڪ يا انقلابي، سچار فرد کي مستقبل ۾ ترقي نظر اچي ٿي، ترقي، اڻ ٿيڻي شيءِ ناهي، پوءِ به ان لاءِ محنت ضروري آهي، جنهن جي تڪميل پٺيان انعام ڏئي سگهجي ٿو. ان جي نسبت، سماجي آرڊر جي خلاف منفي رويي سان مقابلي واري صورت ۾ موجود هجي ٿي.
هن وقت تائين بيان ڪيل مختصر احوال، سارتر جي سياسي نظرئي ۽ ان جي ڪجهه اهم نقطن بابت هجي ٿو جيڪي هن جي اڳ ۾ آيل مضمونن ۾ بيان ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ هاڻي انهن مضمونن جي نسبت انساني سچائي سان پيش ڪجي ٿي. سارتر جو سياسي نظريو، انساني حالت واري نظرئي سان مشابهت رکي ٿو، ان تحت ٻئي تاريخ جي عالمي سٽاءَ سان ويجهڙائپ رکن ٿا جيڪي اهو پس منظر پيش ڪن ٿا، جن جي پرک سان تاريخ جو فردن جي اٿڻي ويهڻي، انساني حالت منجهان ظاهر ڪونه ٿيندي آهي پر ڪنهن خاص منصوبي ۽ ان سان سلهاڙيل تجربن منجهان ٿيندي آهي، تنهن ڪري هڪ سياسي حڪومت کي سمجهڻ لاءِ به ان جي سياسي نظرئي ۽ تاريخي حالتن ۽ انهن مان جڙندڙ عملن کي ڏسڻو ۽ پرکڻو پوندو آهي. سارتر جو سياسي نظريو ۽ ان جي پٺيان ظاهر ٿيندڙ عملن منجهان اهڙي قسم جي ڪابه ڄاڻ ڪونه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته قدر جيڪي عملن مان اُڀرن ٿا، اهي تاريخي هجن ٿا ۽ فردن جي عملن مان اڀرن ٿا، اهي هن جي وجوديت واري يا اخلاقيات واري نظرئي جي پيداوار ناهن هوندا. ان مان جيڪو درس ملي ٿو، اهو آهي سياسي عمل لاءِ سڏ/صدا، سماجي تبديلي لاءِ سبب انفرادي اختلاف کي برداشت ڪرڻ لاءِ مطالبو۽ ڪميونٽي/سماج پاران بنيادي اخلاقيات نافذ ڪرڻ تي زور، جيڪو انتظامي سٽاءُ کان ڪيو وڃي ٿو. سياسي عمل ڪهڙي قسم جو، خاص سماجي تبديلي جيڪا قابل عمل هجي، اختلاف به حد اندر، اهي قدر جن سان ٻڌي ٿي سگهي جيڪا فردن جي اچانڪ عملن مان اڀري اچي، جيڪي ڪنهن به سماجي ميڙاڪي يا محفل جي صورت ۾ هلندا هجن. جيئن ته ماڻهو اخلاقيات جو وجود هجي ٿو جيڪو قدر تخليق ڪري ٿو. عين ان طرح اهو سياسي وجود جو مالڪ به آهي، جيڪو تصوراتي دنيا به جوڙي ٿو.
سارتر اسان کي مثال ڏئي ٻڌائي ٿو ته وجودي عزم يا پختو ارادو سياست منجهه هن ڪيئن سمجهيو آهي، جيڪو هن پنهنجي سياسي عملن مان ٻي جنگ عظيم کان موجودهه دور تائين حاصل ڪيو آهي. فرانس مٿان ، جرمنيءَ جي قبضي دوران ۽ انهن جي قيدين جي ڪئمپ منجهان، صحت جي خرابي ڪري آزاديءَ کان پوءِ هن قلمي ۽ اشاعتي مقابلي وارو جٿو جوڙي، قبضي خلاف ڳجهو قلمي مقابلو ڪيو ۽ اختلافي مضمون لکيا. هن دور ۾ سياسي طور تي اختلافي عمل دخل، ناممڪن هيو، ڇاڪاڻ ته پيرس، قابض فوجن جي ڪنٽرول ۾ هئي. ان قسم جو مقابلو، سارتر چواڻي، مڪمل انفرادي حل هيو: ايندڙ وقت لاءِ به ڪجهه سوچي نه پيو سگهجي. جنگ جا نتيجا به مبهم هيا، اڪيلي سر جرمن فوج سان، هن طرح جو مقابلو به ڪمزور هيو. فرانس جي سمورن سياسي ڌڙن جو اتحاد، جن ۾ ڪميونسٽ به شامل هيا، ان کانپوءِ هر فرد جون آزادي لاءِ قربانيون، اهڙيون اثر پذير بڻيون جو فرانس منجهه اميدن جا آثار اڀرڻ لڳا، نتيجي طور آزادي آخرڪار ملي وئي.
جڏهن اتحادي ڌرين گڏجي فرانس کي آزاد ڪرايو ته هن جنگ جي پوئيوارين حالتن تي قلم کنيو ۽ Combat اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ آلبرٽ ڪاميو به لکڻ لڳو هو. هيءَ اخبار دانشورن جو آواز هئي ، مقابلي لاءِ اهي ميدان ۾ لٿا، جن سياسي ۽ سماجي اهم مسئلن مٿان لکيو، تبديلين جي نشاندهي ڪئي ۽ ڪمزورين ۽ سماجي سورن جا علاج تجويز ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٽين جمهوريت، دنيا اندر ظهور پذير ٿي. پهرين آڪٽوبر 1945ع تي Temps Modernes پهريون ماهوار رسالو پڌرو ٿيو، جنهن ۾ جنگ کان پوءِ وارن سياسي ۽ سماجي مسئلن مٿان لکيو ويو. رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سارتر کان علاوه سائمن دي بوئير، ريمنڊ آران ۽ مرليوپونٽي هيا، جيڪي فرانس جا بهترين ليکڪ هيا. اهي کا ٻي ڌر جا دانشور ۽ اهم ليکڪ مڃيا ويندا هئا، جن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي ۽ ڪميونسٽ دنيا جي پاليسين جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو، انهن سان گڏ فرانس جي سياسي صورتحال جي به تڪ تور جاري رکي، ادبي تحريرون به شامل هيون پر انهن جو تعداد گهٽ هيو. هن منصوبي منجهان، سارتر جي اعتقاد جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا هن جي فلسفي جي پيداوار هئي. جنهن ۾ ان ڳالهه جو اعلان ٿيل هيو ته قلم ڌڻين مٿان، سماج جي ذميواري فائز آهي، ان سان گڏ ادب جو ڪارج اهو به آهي ته پڙهندڙن کي ليکڪ سماجي سچائيءَ جي اهميت بابت به آگاهي ڏيندا رهن. انهن رسالن منجهه ڪجهه پاليسين جيڪي ويسٽرن ڊفينس ڪميونٽي انڊوچائنا ۽الجيريا جي جنگين خلاف، جرمنيءَ جي ٻيهر جنگي جوڙجڪ، انهن خلاف به ليک ڇپيا، انهن سان گڏ، فرانس ۾ جمهوري آزاديون ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ به ليک ڇپبا رهيا. سياسي مسئلن تي ليکڪن منجهه اختلاف به اُڀريا، جنهن ڪري ڪجهه ڌڙا بڻيا، پر آخر تائين سارتر ۽ ميڊم دي بوئر اخبار جي بورڊ تي پنهنجي مورچي تي قائم رهيا.
سال 1949ع ۾ سارتر، ڊيوڊ روسي ۽ ڪجهه ٻين ساڳي سياسي سُرت رکڻ وارن ليکڪن سياسي پارٽي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، دي ڊيموڪريٽڪ ريلي، جنهن ۾ بنا نظرئي وارن خيالن جي پذيرائي ڪئي وئي ۽ ڪاوڙيل کاٻي ڌر وارين پارٽين کي شامل ٿيڻ جي ڪوٺ ڏني. هيءَ اصلاحي ۽ وڌيڪ جمهوري روين جي قائم پارٽي هئي خاص طور تي اندروني جوڙجڪ جي حوالي سان ٻين پارٽين، خاص طور ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مقابلي منجهه هن قسم جي ڪوشش سان چڱو چرچو جڙيو، دانشورن منجهه، پر عوام منجهه ڪا ڪشش پيدا ڪونه ٿي سگهي ۽ جلد ئي پارٽيءَ جا ٽپڙ ويڙهجي ويا. ان ناڪاميءَ منجهان، سارتر ان نتيجي تي پهتو ته کاٻي ڌر فرانس منجهه ڪميونسٽن جي تعاون بنا، ڪامياب ڪونه ٿي سگهندي، ان ڪري هن پنهنجي تحريرن ۾ نواڻ آڻڻ شروع ڪئي ته جيئن کاٻي ڌر کي ڪنهن به طريقي سان گڏ ڪري سگهجي. هن ڪميونسٽ پارٽي فرانس جي اصولن جي تعريف شروع ڪئي، ڪولڊ وار يا سرد جنگ دوران جيڪي رڪاوٽون، ڳاڙهي ٽيپ جي نموني ظاهر ٿيون، انهن جي تنبيهه ڪيائين، ڪيترن موقعن تي هن پارٽيءَ جي حمايت ڪئي، خاص طور تي ٽن مقالن ۾ جيڪي هن ڪميونزم ۽ امن جي عنوان هيٺ لکيا هئا ۽ سال 1952ع جي شروعات ۾ Temp Modernes ۾ ڇپيا هئا. ساڳي وقت ۾ هن ويانا ۾ ڪميونسٽ پيپلز پيس ڪانگريس ۾ شموليت ڪئي ۽ ان گڏجاڻي جي تعريف ڪئي هئائين، سارتر، ڪميونسٽن سان تعاون جي ڪوشش دوران فرانس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي زديت ۽ ذهني پسماندگي مٿان تنقيد پڻ ڪئي ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو. اهو دور 1957 ۾ پورو ٿئي ٿو، وري ساڳي اخبار ۾ سوويت يونين هنگري مٿان جيڪو راتاهو هنيو، ان خلاف هُن سخت مضمون لکيو ۽ ان عمل کي معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ۽ ان کانپوءِ ڪميونسٽن سان جيڪا همدردي رکندو هو، اها واپس وٺي ڇڏيائين.
جيڪڏهن سارتر، ڪميونسٽن ڏانهن نرم گوشو رکي ٿو ۽ انهن کي هم سفر ٿو ڪوٺي ته اها ڳالهه ڌيان ۾رکڻ گهرجي ته اهو نالو پڻ هن جو ايجاد ڪيل آهي. همسفر ، ان ماڻهوءِ کي چئبو آهي جيڪو ڪميونسٽ فلاسافي کي هم خيال تسليم ته ڪري ٿو پر ان پارٽيءَ جي عملي ڪمن ۾ شامل ٿيڻ جي همت نه ٿو رکي. سارتر ڪميونسٽ فلسفي کي مڃڻ کان انڪاري هجي ٿو پر پارٽيءَ جي کلي عام حمايت ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ان عمل ڪري هر طرف کان مٿس بوڇاڙ ٿيڻ لڳي، ڪميونسٽن سميت؛ سارتر، فرانس جي سياسي صورتحال جي جڏهن ڪٿ ڪري ٿو ته هن جي خيالن مٿان وري حملا ٿين ٿا، هن جي اندازي مطابق هن جي خيالن، سياسي سچاين بابت جيڪي چوي ٿو، شايد انهن منجهه ڪي جهول هجن ٿا: مثال طور، ڪميونسٽن کي قائل ڪرڻ واري ڪوشش، ته اهي غير ڪميونسٽ کاٻي ڌر وارن سان تعاون ڪن. پنهنجي موقف جي حمايت ڪندي، سارتر، سوسائٽي کي انهن لفظن سان نوازيو ته اها فردن جي آزاد روين جو مجموعو آهي جيڪو ذميوارين سان پاڻ ئي مهاڏو اٽڪائي ٿو. هي سماج جو اخلاقيات وارو پهلو، هن جي سوچ مطابق، سياسي تجزئي نگار کي فردن جي عملن کي ڏسي، ورهائي رکڻو آهي ته آيا اهي اخلاقي قدرن مطابق هلن ٿا يا انهن کان پاسو ڪري ٻيو رستو وٺن ٿا، هن ۾ فرد جي اخلاقي عظمت وارن قدرن کي ڌيان ۾ضرور رکڻو آهي. ان طرح سان سارتر جي اصولن مطابق مڃتا ڪميونزم جي لاءِ ظاهر ٿئي ٿي، ان جا سبب اهي کليل ارادا هجن ٿا، جن سان جمهوري سوشلزم جي تعمير ٿئي ٿي.
سياسي حالتن جو جائزو وٺڻ سان ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اهي تاريخي تعميري عمل مطابق آهن يا انهن کان پاسيرا، ماڻهن جي مرضي مطابق هجن ٿا يا انهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. فرانس جي ڪميونزم کي ڏسجي ٿو ته اهو رستي ۾ رڪاوٽ وارو پٿر ثابت ٿئي ٿو، سماجي انصاف واري عمل لاءِ سارتر جو فلسفو هروڀرو ٻاهرين تاريخي تعمير جي سببن تي ڪونه ٿو ڀاڙي ويهي. اها حقيقت آهي ته ماڻهو هر وقت ٻه واٽي تي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ محنت سان ڦل حاصل ڪري سگهي ٿو، ان حاصلات لاءِ ڪهڙا به سبب ٿي سگهن ٿا. ان کان به اڳڀرو اصلي تمنا يا خواهش جيڪا انفرادي اخلاقي معيار مطابق ان جو بناد بڻجي ٿي. ان تي تاريخي رنگ ضرور چڙهيل هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان خواهش جو رشتو سماج سان ۽ پوءِ دنيا سان ڳنڍيل هجي ٿو. آخر ۾ اسان جو سماجي وجود جيڪو اسان جي منصوبن مڪمل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو، اهو ٻين جي منصوبن سان سلهاڙيل هجي ٿو. هن وقت تائين سارتر جي فلسفي جا جيڪي رخ آهن يا هن جي سياسي تشريح جو تعلق آهي ته اهي آزادي جي سهاري هجن ٿا، جنهن جي مدد سان اسان پنهنجا مقصد (goals) حاصل ڪري سگهون ٿا. مستقبل جي تقاضا آهي ته آزاديءَ سان انفرادي خواهشون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. سوشلزم جو مستقبل تاريخ منجهان ڪونه جڙندو پر ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تخليقي عمل منجهان جڙي سگهندو. تاريخ جو حڪم غير جانبدار ٻاهرين تاريخي عنصرن منجهه سمايل ناهي، پر مستقبل جي نسلن جي روپ ۽ رنگ منجهان ڏسڻ ۾ ايندو. ماڻهو پنهنجي تاريخ پاڻ گهڙيندو آهي.
تاريخ جي خودنما روپ ۽ سارتر جي فلسفي جو تعلق صاف ظاهر آهي. ماڻهو، ماڻهن جو نسل تخليق ڪندو آهي، اهو ڪم ڪندي تاريخ جوڙي وٺندو آهي. اهو پڻ واضح آهي ته آخر ڪيستائين هي تصور سياسي سچائيءَ کي قربان ڪندو رهندو. تاريخ ماڻهن جي مقصدن جي مونجهارن جو رڪارڊ آهي، ته انهن جي حاصلات جو به پوتاميل آهي. برڪ (Burke) محدود سياسي سڌارن مٿان زور ڏيڻ وارو هن کان وڌيڪ قابل هيو. ان طرح سان مارڪس به هيو، جنهن سياسي ڪاميابي، ٻاهرين معاشي ترقي سان سلهاڙي ڇڏي. اهو سوال ئي ناهي ته سارتر گهٽ اهميت پئي ڏني، روايتن جي زوردار اثر ۽ معاشي ادارن جي اهميت کي ۽ فقط تاريخ جي اهميت کي پئي اجاگر ڪيو. اهو به سوال اهميت وارو ناهي ته سياسي تشريح ٻاهرين شين کي نظر انداز ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي. هڪ خاص ميلاپ، عقلمندي ۽ عقل کان عاريءَ جو فاشزم منجهه هجي ٿو، ان کي سٺو مثال ڪري ڀيٽي سگهجي ٿو هڪ سياسي تحريڪ سان جيڪا والنٽيئرزم ۽نج تخليق جو سنگم هجي ٿي.
سارتر، ڏٺو وڃي ته فاشسٽ ناهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي فاشزم جو سخت خلاف ڪري پيش ڪري ٿو. اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سارتر جي سياسي تشريح، فاشزم جي سياسي نظرئي لاءِ ڪجهه به مدد ڪانه ٿي ڏئي. اهو ان لاءِ ته سارتر کي اهو قول قبول ئي ناهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خاتمو، وري تخليق لاءِ مددگار ذريعو هجي ٿو.
سارتر ڪنهن حد تائين، ڪميونسٽن کي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ اصولي طور برتري ڏيڻ لاءِ راضي هيو، پر ان پارٽيءَ جي پاليسين بابت ڪجهه اختلاف/اعتراض ضرور هيس. هنگري ۾ سال 1956 دوران ورڪرن جي قتلام مٿان هن کي سخت اعتراض ۽ ناراضگي هئي. تاريخي ترقي، ننڍن ٽڪرن ۾ هجي ٿي پر ان جو واسطو اصل سان ضرور رهي ٿو. سارتر مٿان مڪمل اختيار (Totalitarianism) واري رويي رکڻ جو اجايو الزام آهي، هو اهڙا تصوراتي خيال رکندو ئي ڪونه هيو. سارتر جو چوڻ آهي ته مڪمل اختيار رکڻ وارو رويو خدا وٽ به ناهي هوندو نه وري ماڻهوءَ جي فطرت ۾ آهي، يا سماجي سائنس جي دائري ۾ به ناهي ۽ نه وري تاريخي تعمير منجهه آهي. هڪ فرد اهڙو منصوبو جوڙي سگهي ٿو، آرڊر ڏئي سگهي ٿو، پر هن جو تصور ا ڻپورو ۽ هن وٽ وقت گهٽ آهي. هن کي اها به پڪ ناهي ته هن جا پوئينر، هن وارو منصوبو مڪمل ڪري سگهندا. سارتر ٻين وجوديت پرستن سان اهڙا خيال ونڊي سگهي ٿو انهن کان علاوه مذهبي مفڪرن سان، خاص طور تي، رينالڊ نيبهر سان، ان الميي ۽ مونجهاري واري تاريخ جي عمل بابت خيال ونڊيا اٿس.
سارتر جڏهن تاريخي تعمير جي داخلي پهلوءَ بابت پنهنجي لکڻين ۾ جيڪي همعصر سياسي سوالن بابت هجن ٿيون، انهن تي زور ڏئي ٿو، ته اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اهي هن جي فلسفي منجهه به موجود هجن ٿا. اهي هن جي ليکڪ هجڻ واري حيثيت ڪري ظاهر ٿين ٿا. تاريخي ڄاڻ سارتر چواڻي فقط ممڪنات ۾ آهي ۽ سماجي سائنس ٻالپڻي کان وٺي موجود هجي ٿي، تنهن ڪري مستقبل وارن خارجي تاريخي اثرن جي ليکي ڪرڻ وارو عمل گهڻي ڀاڱي مسئلن سان ڀريل هجي ٿو. ان ڪري سارتر دانشور هجڻ ڪري، ماڻهن جي نظر ۾ پنهنجي حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ هر مسئلي تي قائم رهيو ۽ پنهنجي ساک سالم رکي، هن کي هر مسئلي مٿان قلم کڻڻ گهرجي ۽ اها هن جي ڪوشش جاري آهي. موجود حالتن جي ڪري خاموشي به هڪ قسم جو عمل هجي ٿو، هن جي فيلسوف هجڻ ڪري، انصاف واري هر عمل جو هو حمايتي هجڻ گهرجي، هن وقت تائين جيڪي فيصلا هن ڪيا آهن ۽ مسئلن تي ثابت قدم رهيو آهي، مثال طور: ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ، انهن جي مخالفت ضرور ٿي سگهي ٿي، پر اخلاقي طور تي هن جي فيصلن جي وڏي اهميت آهي. هن جي اها ڪوشش، جنهن سان پنهنجي پڙهندڙن جو اخلاقي محاذ تي ڌيان ڇڪائيندو رهي ٿو، اها ئي ڪوشش هن جي لکڻين جي جان آهي. ان سان گڏ هو مستقل طور تي مونجهارن جي تشريح ڪندو رهي ٿو. مسئلن جا حل ٻڌائي ٿو، انهن جي سچائي بيان ڪري ٿو، نظرين وارو جادو تباهه ڪندو رهي ٿو. هن جا مضمون، هن جي پڙهندڙن کي هر وقت اهو ٻڌائيندا رهن ٿا ته اهي پنهنجي لاءِ سوچيندا رهن.
جيستائين هن جي سياسي راين جو تعلق آهي ته اهي هن طرح بيان ڪيا اٿس: ڪجهه ماڻهن جو طرفدار هجڻ واري حقيقت، روزنبرگ وارو ڪردار ادا ڪرڻ يا جرمنيءَ جي ٻيهر فوجي تياري جو مخالف هجڻ، اها منهنجي، ماڻهوءَ ۽ ليکڪ واري حيثيت ۽ عزم آهي. مان ٽيڪنيڪل سياسي عمل بابت گهٽ ڄاڻ رکڻ وارو آهيان. سياست، جيستائين مون سان ان جو تعلق آهي، اها محدود طريقي سان يعني فقط بئلٽ تائين استعمال ڪندو آهيان.