تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

باب چوٿون:انسان جي حالت

باب چوٿون:انسان جي حالت
THE HUMAN CONDITION

سارتر جا سماجي ۽ سياسي ويچار هڪ فرد جي وجود واري نظرئي جي فطرت پٽاندڙ جوڙيل هجن ٿا. ’انساني حقيقت‘ ۽ ’انساني حالت‘ وارا لفظ، سارتر روايتي طريقي تحت، هڪ ئي لفظ، ’انساني فطرت‘ منجهه شامل ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور تي، وجود کي، هڪ منجهيل معاملو سمجهي ٿو. سارتر جو انساني سچائيءَ وارو نظريو، ان ۾ مونجهارن هئڻ ڪري، اڃا به وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻجي وڃي ٿو، جڏهن هو مشڪل لفظ ۽ انهن جي تشريح مبالغي سان پيش ڪري ٿو. نتيجي طور هن جي پيش ڪيل نظرئي جي معمولي وضاحت به مشڪل بڻجي پوي ٿي، جنهن ڪري ڪجهه نقادن ان تي کليل اعتراض واريا آهن.
سارتر جي زباني، ماڻهوءَ جي عبارت سمجهڻ مشڪل مسئلو آهي، حالانڪ هن جي تحريرن منجهه اها عبارت ڪيترن جاين تي موجود آهي، مشڪل يا مونجهارو ان ڪري آ، جو انساني فطرت جي بنيادي خاصيت، وجوديت ۽ ان سان گڏ اخلاقيات (Ethics) ٻنهي منجهه زور يا اهميت وجود کي اڳ ۾ ۽ فطرت کي بعد ۾ ڏني وڃي ٿي. ماڻهوءَ جي اهميت وجود کي وڌيڪ ۽ فطرت کي بعد ۾ ڏني وڃي ٿي. ماڻهوءَ جي اهميت يا سڄاڻ قابل فطرت، هن جي وجود جي پيداوار هجي ٿي، نه ڪي ان سان نسبت رکڻ واري حيثيت جي. وجود سڌو هن جي موجودگي سان شامل آهي. جنهن جي وضاحت ممڪن ناهي، ان جي فطرت جو اظهار ان کي سچائي بخشي ٿو. ماڻهوءَ جو وجود هڪ راز آهي، مبالغو آهي، ان جي فطرت ۽ ان جي اچڻ جا مقصد، ڪنهن جي قائدي يا اصول ۾ شامل ڪري گڏائي پيش ڪري نه ٿا سگهجن. انساني سچائي جي هڪ مظهر يعنيٰ فرد بابت ايئن چوڻ ممڪن هجي ٿو ته اهو آهي، پر اهو چوڻ ممڪن ناهي ته اهو ڇا آهي. ماڻهوءَ جي حياتي مڪمل طور تي پاڪ و صاف ڪونه ٿي سگهي ٿي، پر هو پنهنجي لاءِ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. اندر جي اڌمن ۽ تجربن حاصل ڪرڻ کان پوءِ، عين ان طرح جيئن سارتر جي پهرين ناول (Nausea) منجهه ڏيکاريو ويو آهي، ناول جو موضوع ئي ان ڪوشش، ’اندر جا اڌما‘ بابت رکيو ويو آهي. (ان ناول جو ترجمون راقم اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آهي، جيڪو ڇپجي چڪو آهي) ناول جو مکُ ڪردار، روڪينٽن، ناول نوزيا بابت هن طرح چوي ٿو: The essential is contingency ان جو مقصد اهو ٿو بڻجي ته وجود جي سڃاڻپ، ضرورت پٽاندڙ ڪونه ٿي ڪري سگهجي، وجود جو وجود پذير هجڻ لاءِ ڪنهن سبب جي ضرورت ناهي هوندي، هر شئي بنا مقصد جي آهي، هي باغ، هي شهر ۽ مان پاڻ، هو پنهنجي لاءِ ائين محسوس ڪري ٿو. ”حيران آهيان هن حياتي مٿان جيڪا مون کي ڏني وئي آهي، بنا ڪنهن مقصد جي“. روڪينٽن خود ان سوچ تي بيٺل آ ته هن جي حياتي سمورن دنيا وارن سميت، بي معنيٰ ته آهي. هو بعد ۾ ان راءِ جو بڻجي ٿو ته ممڪن آ ڪو فن پارو، ڪنهن عارضي دنيا جو، پاڪ و صاف صورت ۾ تخليق ڪيو وڃي. جيڪو هن جي وجود لاءِ ڪار آمد ثابت ٿئي.
نوزيا منجهه جيئن روڪينٽن تجربو حاصل ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ ميٿيو The Age of Reason منجهه تجربو حاصل ڪري ٿو. ٻنهي کي سجاڳي/جاڳرتا تڏهن حاصل ٿئي ٿي، جڏهن انهن کي اها پروڙ پوي ٿي ته هنن جو وجود پذير هجڻ ئي بي معنيٰ آهي. ان بي معنيٰ مقصد کي حقيقت تسليم ڪندي دنيا جو وجود ئي هن لاءِ ڪنهن به قيمت جي اهميت لائق ڪونه ٿو رهي، بس ايئن اجنبي شين جو ڄڻ ڪو، بنا مقصد وارو ڦهلاءُ هن کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ئي تجربو آهي بي مقصد دنيا جي هجڻ وارو، جنهن لاءِ سارتر ۽ ڪاميو اظهار خيال ڪندا نظر اچن ٿا. اهو ان ڪري ممڪن آ ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جو وجود ئي مونجهاري منجهان پيدا ٿيو آهي، جيڪو هن طرح سان ورجائي سگهجي ٿو ته، هن جي ذهني ڄاڻ ۽ ماضي جي تاريخ جو اظهار (In itself) مان هجي ٿو ته سندس شعور/جاڳرتا وري For itself منجهان پسي سگهجي ٿي. پنهنجي لاءِ فرد واري حيثيت ڪجهه به ناهي (Nothing) سواءِ in itself جي سڃاڻپ ۽ پرک جي ڪوتاهيءَ جي، ان طرح سان سارتر ماڻهوءَ جي عبارت هن طرح سان ڪري ٿو ته هڪ وجود، اهو ناهي جيڪو موجود آهي ۽ جيڪو آهي. اهو وري ناهي:
(Thus Sartre can describe man’s being, who is not what he is and who is, what he is not)
ماڻهو جيڪو ناهي، پر اهو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجو ماضي جتان ڳنڍي ٿو، ان ۾ هاڻي موجود ناهي پر هن وقت وجود پذير آهي، ساڳي وقت ماڻهو جيڪو آهي پر هن جو مستقبل هن سان ساڻ ناهي، پر هن وقت پاڻ موجود آهي. حال جيڪو ڪجهه به ناهي، ان ۾ سچائي به اڻ لڀ آهي، پر هو پنهنجي حيثيت جي معنيٰ ۽ مقصد گذري ويل ماضي ۽ اميدن ڀريل مستقبل سان جوڙي ٿو. هن قسم جي انساني حقيقت پيش ڪرڻ بعد يڪدم اسان جو ڌيان سارتر جي وجوديت پرستي جي تخليق ڏانهن ڇجڪي وڃي ٿو جنهن جو ثبوت اسان کي انفرادي تجربن جي حاصلات جي حيثيت ۾ سارتر جي ناول نوزيا منجهان حاصل ٿئي ٿو.
انسان جي حقيقت ان طرح سان اسان کي ان جي انفرادي عملن جيڪي هن ماضي ۾ ڪيا، جن کي تاريخ چيو وڃي ٿو ۽ ان سان سلهاڙيل مستقبل جي منصوبن، جو مجموعو ڪوٺيو وڃي ٿو، پر ماضيءَ ۽ مستقبل بابت مستقل طور تي سوال ڪيا وڃن ٿا، ان لاءِ ته حقيقت مٿان بي شمار نقادن پئي جهلون ڪيون آهن.
هن مٿان الزام اهو آهي ته هو دنيا جي مقصد ۽ فضول پڻي مٿان گدگد ٿيڻ منجهان ڍاپي ئي نه ٿو. ان طرح سان روڪينٽن جي حالت مٿان پنهنجو فلسفو نڇاور ڪندو رهي ٿو. ان راءِ مطابق، ماڻهو مڪمل طور تي ڪجهه به نه هجڻ واري ڪُن ۾ اڇلايو ويو آهي ۽ کيس ڪنهن به عمل ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو.
بي مقصديت ۽ فضول پڻي کي حقيقت تسليم ڪرڻ ۽ ان کي طريقو يا اصول مڃڻ کان انڪار ڪندي، سارتر بي قدريءَ جي جهان مان، پاڻ کي ٻاهر ڪڍي، انسان جي خواهش ۽ قيمت جو قدر ڪرڻ جي منزل طرف وڌڻ لڳي ٿو، هن نوزيا جو لفظ خاص طور تي وجود جي تجربي حاصل ڪرڻ خاطر استعمال ڪيو هو، جنهن جي معرفت هن منفي روين جي نشاندهي ڪئي هئي. سارتر آڏو نوزيا واري خيال جي اهميت ان مان ظاهر ٿئي ٿي جڏهن هن خالي وجود جي اهميت بابت چيو ته اهو ناقابل برداشت عمل آهي، جنهن لاءِ اسان کي ثبوت پيش ڪرڻا پوندا. ان جي اڻ وڻندڙ روپ منجهان اهو ظاهر ڪرڻ ضروري هيو ته ماڻهوءَ جي ڪا اهميت ضرور آهي، ان حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ فرد جي اندر منجهان اڌما اچڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪنهن عالمي قانون تحت نافذ ڪري نه ٿو سگهجي.
سارتر جي ماڻهوءَ بابت هن وقت تائين جيڪي چيو ويو آهي، ان مان ٽي نظريا اڀري آيا آهن، جيڪي هن طرح آهن. بنيادي خواهش، اصلي منصوبو ۽ تصديق ٿيل وجود.
(i)Fundamental desire, (ii) Original project, (iii) Authentic existence
اهي ٽئي نظريا، داخلي Subjective نوعيت جا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي انفرادي سجاڳي منجهان جنم وٺن ٿا. هڪ عام فهم نظريو، جنهن ۾ آفاقيت، علم ۽ سچ تي گهڻو زور ڏنل آهي، سارتر جي بيان ۾ شامل آهي، جنهن مطابق ”ماڻهو بنيادي طور تي خدا بڻجڻ جي خواهش به رکي ٿو“.
هن قسم جي روايتي چوڻي جي وجوديت جي حوالي سان جيڪا معنيٰ نڪري ٿي ته انسان جي جاڳرتا ذريعي مستقل جاکوڙ، جيڪا هن کي مناسب منزل تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ ان مقام تي پهچائي ٿي جنهن کي مالڪ/خالق چئون ٿا جيڪو پنهنجي جاڳرتا ۽ علم جي زور تي دنيا کي هلائڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ دنيا ان جي حڪمن تحت هلڻ لڳي ٿي. اها طاقت جيڪا جاڳرتا ۽ شعور سان سلهاڙيل دنيا کي جوڙي هلائي ٿي، ڪڏهن به پنهنجي هٿان جوڙيل دنيا جي ڪنهن به حصي کي تباهه نه ڪندي، اها دنيا مادي وجود سان گڏيل هلندي رهندي ۽ جاڳرتا ان قسم جو شعور پاڻ وٽ ئي رهڻ ڏيندي.
اهو ممڪن آ ته هن قسم جي اڀار بيان ڪئي وڃي، جنهن سان انساني شعور جي اعليٰ منزل جي تڪميل ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ ته سارتر عدم وجوديت جي ذريعي دنيا جي قيام بابت جيئن ٻڌائي ٿو. ان طرح سان ان جي مستقبل بابت ٻڌائڻ جي سگهه رکي ٿو. انساني شعور جاڳرتا ۽ خواهش انيڪ روپن جي مدد سان دنيا جو ٻٽو اظهار، حقيقت ۽ اهميت ڏيکاري سگهي ٿو. اهميت ان ڪري جو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر شئي ان جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هجي ٿي يا رڪاوٽ، ان اهميت ۽ قيمتي حيثيت کي خالق ياخدا جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر ماڻهو خالق يا خدا ڪونه ٿو بڻجي سگهي، سارتر ان کي هڪ جانور (گڏهه) سان ٿو ڀيٽ ڪري جيڪو قسمت جي گاڏي کي ڌڪيندو رهي ٿو. جنهن لاءِ گاهه يا ساوڪ سندس لاءِ ان تي رکيل هجي ٿي.
هن قسم جي بي مقصديت واري نظرئي کي ماڻهو مڃڻ کان انڪار ڪري، دنيا جي ڄاڻ رکڻ واري گهڙيءَ سان ماڻهو، سودمند تعلقات رکڻ لاءِ منصوبا جوڙڻ لڳي ٿو ۽ ان قسم جي جاکوڙ کان ڪڏهن به منهن نه ٿو موڙي، ان طرح جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو گڏجي اتحاد ڪري حاصلات جي حصول لاءِ جاکوڙ جاري رکن ٿا. دنيا پڻ ان گڏيل اتحاد جي جاکوڙ ابتدائي ۽ عالمي اصولن جي تحت سندن خواهش جو احترام ڪري ٿي ۽ مثبت موٽ ڏئي ٿي. ماڻهوءَ کي پنهنجن منصوبن کان هٽي ڪري دنيا جي بي مقصديت (absurdity) هجڻ جي ڄاڻ ضرور هجي ٿي، پنهنجي جاکوڙ دوران هن کي دنيا جي فضول ۽ بي مقصديت بابت، اندر جي اڌمن دوران تجربا به حاصل ٿيا هوندا، پر هن جي حياتيءَ جي جاکوڙ پراميد هجي ٿي ۽ هن کي زندگي جي ڏکن، ڏوجهرن جي وچ منجهان پنهنجي زندگي سڦل ۽ ڪامياب بنائي ڪڍي اچڻ کپي. ان دوران، خدا ٿيڻ واري نظرئي تحت، ماڻهوءَ جي بنيادي خواهش کي سارتر انسان جي سچائي وارو پهلو ڪوٺي ٿو، تاريخ جي ورقن منجهه فرد، پاڻ يا ڪنهن جي برغلائڻ تي ڪڏهن به خدا بڻجڻ جو ڪو منصوبو ڪونه جوڙيو آهي.
هن وقت اسان راضي ڪرڻ واري ٻئي نظرئي تي پهتا آهيون، سارتر هن نظرئي کي جنهن کي هو اصلي منصوبو ڪوٺي ٿو، جيڪو نظريو ماڻهوءَ جي خدا ٿيڻ واري خواهش جو آهي، ڪڏهن به ان پهرين نظرئي جو نعم البدل نه ٿو ڪوٺي. ماڻهو پاڻ ڪجهه به ناهي پر پنهنجي عملن جي ڪري جيڪي ڪجهه هو بڻيو آهي، تنهن ڪري هڪ فرد جا منصوبا، ڪنهن وجود جا منصوبا ڪونه ڪوٺبا، پر انهن کي عمل، ڪجهه ڪرڻ جا، ٺاهڻ جا يا حاصل ڪرڻ جا ئي ڪري ڪوٺبو. اهي منصوبا ڪيترن نمونن جا ٿي سگهن ٿا، تاريخي ۽ سماجي دنيا جي منصوبن سان نسبت رکڻ وارا هوندا پر انهن جا عملي نمونا ۽ جوڙ جڪ بلڪل نون روين مطابق هوندي ماڻهن جا رويا، ڪردار ۽ قدر ماڻهوءَ جي عالمي ڄاڻ جي نتيجي هيٺ، مختلف قسمن جا هوندا، انفرادي خواهشن مطابق ۽سماجي طريقن جي اثر هيٺ انهن ۾ نوان رنگ ڀريل هوندا. اهي خواهشون ۽ نظام، انفرادي روين جو آئينو هوندا، بنيادي خواهش، انهن سمورن منصوبن جي عام قسم جي هوندي، جنهن تحت اهي منصوبا جوڙيا ويا هئا.
اصلي منصوبو انفرادي آفاقي نتيجا حاصل ڪرڻ بابت ته آهي، جنهن منجهه فرد جي حاصلات، قدرن جي روپ ۾ ڪٺي ڪيل آهي. مخصوص خواهشن، روز مرهه جي معاملن لاءِ جاکوڙ ڪري، مڃيل نتيجا حاصل ڪرڻ، فرد جي شعوري ۽ جذباتي امنگن، جي روشنيءَ ۾ هن جي جاکوڙ پويان حاصلات، ان جي فطري تقاضا، انهن سمورن ذريعن جو نچوڙ ئي اهو منصوبو هجي ٿو، اهي خاص قسم جا عمل، جاکوڙ، جن هيٺ ڪجهه حاصل ٿئي ٿو. نتيجي طور هڪ انسان، جڏهن محنت، ڪوشش ۽ جاکوڙ پهريائين ڪري ٿو اڪيلو ۽ پوءِ اتحاد سان، تڏهن ان فرد کي گڏيل ڪوشش جي نتيجي هيٺ ترقي يافتا مقام ملي ٿو. اهو ممڪن ناهي ته ڪو فرد پنهنجي مقرر ڪيل نتيجن کان هٽي ڪري ڪم ڪندو رهي، ڪنهن ليول تي ان جا امنگ بدلجي سگهن ٿا، پر ان لاءِ ڪو واضح سبب هجي، عام طور تي اصلي منصوبا حاصل ڪرڻ لاءِ، سمورن، سببن ۽ رڪاوٽن تي غور ڪيو ويندو آهي، اهي رڪاوٽون ختم ڪري مدعا حاصل ڪئي ويندي آهي.
سارتر جي راءِ آهي ته اهڙن اهم منصوبن کي ورقن منجهه محفوظ ڪيو وڃي جن جي، مستقبل منجهه نفسياتي پرک ۽ پروڙ ڪئي وڃي. سارتر خود ٽي جيون ڪٿائون، نفسياتي طور تي وجودي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ لکيون آهن، جيڪي هن طرح آهن: بادليئر، همعصر فرينچ ليکڪ جين جيني گستاوَ فلابيئر ۽ يهودين جي خلاف نفرت. ٽئي جيون ڪٿائون ۽ يهودين جي حالت زار تي ڪتاب نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ جا شاهڪار نمونا آهن، جن ۾ وجود جي شخصي منصوبابندي ۽ ڄاڻ/سوچ ۽ عمل تي خاصو بحث ڪيو ويو آهي.
سارتر جي بنيادي منصوبي واري نظرئي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو فرد جي پنهنجي آزاد پسند جو هجي ٿو، ان مٿان ڏاڍي ڏي وٺ ٿي هئي. نوزيا وارو تجربو واضح ٻڌائي ٿو ته ان ۾ فرد جي پنهنجي پسند آهي، تنهن ڪري ان جي اهميت به اوتري آهي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي اهميت ضرور هئڻ گهرجي. ان ماڻهن جي ميڙ ۾، هن جي اهميت جي نشاندهي به ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي ماڻهو ڪجهه به ناهي، بعد ۾ هو ڪجهه بڻجي پوي ٿو. هو پنهنجي خواهش مطابق جيڪو ڪجهه بڻجي ٿو، اها هن جي حيثيت مڪمل تڏهن ٿيندي، جڏهن مرڻ کان پوءِ به هو ان حيثيت کي مٽائي نه سگهي. ماڻهوءَ کي آزاديءَ جي ڪُنَ ۾ زوري اڇلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو وجود حاصل ڪرڻ تي راضي نه هيو، جڏهن هو دنيا ۾ وجود پذير ٿيوته پوءِ هو آزاد آهي.
آيا مٿين قسم جي آزادي، انسان جي عملي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا اهميت رکي ٿي؟ ماڻهوءَ جي تبديلي واري خواهش، جيڪا عقل کان عاري هجي، ڪا اهميت رکي ٿي؟ ماڻهو نوان تجربا حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي راءِ کي ته مٽائي سگهي ٿو، ڇا هو اصلي منصوبي تان هٿ کڻي سگهي ٿو؟ سارتر جو چوڻ آ ته هائو هو کڻي سگهي ٿو، پر سياسي ۽ سماجي اصولن تحت عقلي طور تي ڪري سگهي ٿو. جنهن کي هو Radical conversion ڪوٺي ٿو. پر ان عقلي تبديليءَ جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ سارتر اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهي ته حاصلات جي تبديلي جا سمورا سبب اصلي منصوبي منجهان اڀري اچن ٿا، تنهن ڪري اصلي منصوبي تان هٿ کڻڻ جي گنجائش ئي ناهي. جيڪڏهن ان ۾ ڪا سچائي به نظر اچي ته پوءِ ان شخصيت جي سڃاڻپ، ماضيءَ سان ڳنڍي سگهجي ٿي. ان قسم جي تبديليءَ واري عمل کي سارتر جي انسان جي سچائيءَ واري نظرئي کي سمجهڻ لاءِ ڪنجي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان قسم جي تبديلي واري راءِ جي وضاحت لاءِ اسان کي ماڻهوءَ جي وجود واري مسئلي ڏانهن واپس ورڻو پوندو. جنهن ۾ چيو ويو هو ته ماڻهوءَ جو وجود، ٻن ڳالهين/روين جو مرڪب آهي، وجود منجهه وجود ۽ وجود لاءِ وجود: شعور جي فطرت مطابق هجڻ ڪري ماڻهو فقط ڪو خاص فرد، ڪن ڏنل خاصيتن وارو ناهي هوندو، پر ڪجهه به نه هجڻ ڪري هن کي سندس خاصيتن جي پرک ڪندي، انهن کان الڳ ڪري، پري کان انهن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري سگهجي ٿي. فرد اندر الڳ الڳ خاصيتن هجڻ ڪري ان کي فقط وجود جو آخري چهرو نه ٿو چئي سگهجي پر اهو پنهنجو روپ ۽ رويو حالتن آهر تبديل ڪندو رهي ٿو. اهو ممڪن آ ته نوزيا جي تجربي جي روشنيءَ هيٺ فرد پنهنجي اندر منجهه ڪجهه به نه هجڻ واري حالت جو شڪار ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ شعور، وقت ۽ حالتن آهر ڪنهن به هڪ خصلت جي چونڊ ڪندو رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مستقل طور تي ڪجهه به نه واري حالت ۾ هجي ٿو. پنهنجي منصوبي مٿان پاڻ هٿ کڻڻ، جيڪو ڪجهه به نه واري روپ جو هجي ٿو ۽ ساڳيو روپ مستقل طور تي حال جي اثر هيٺ رهي ٿو، جنهن کي سارتر موجود Instant ڪري ڪوٺي ٿو.
فرد جو هر فيصلو گهڻو ڪري يا ته نئين خواهش ڪنهن خاص مقصد لاءِ يا خواهش نون مقصدن لاءِ، ۽ هر فيصلي لاءِ، حالتن جي نواڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جن مٿان سوچ ويچار مستقل طور تي جاري رهي ٿي. اصلي منصوبي کان ڪجهه هٽيل فيصلو، نواڻ جي روشنيءَ ۾ هجي ٿو، جنهن سان ماضيءَ مٿان به تبديلي جا آثار نظر اچن ٿا. هڪ پياڪ پگهار جو چيڪ کڻي، گهر وڃي ٿو بجاءِ بار ڀيڙو ٿيڻ جي، ته ان کي فيملي جو فرمانبردار چيو وڃي ٿو ۽ ان کي سمجهدار پياڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن قسم جو نئون منصوبو ضروري ناهي ته مستقل بڻجي رهي ۽ پراڻي مٿان پاڻي ڦيري ڇڏي، ان وقت جون حالتون ۽ حسرتون مستقبل لاءِ ان فيصلي مٿان ڦرنديون رهن ٿيون. اهو وقت ۽ عزم ٻڌائيندو ته پراڻو پياڪ ڪيستائين نواڻ واري اصول تي قائم رهي سگهي ٿو.
سارتر جي نظرئي پٽاندڙ اهو ناممڪن هيو ته پياڪ ڪو ڄاڻي واڻي يا قسمت ۾ لکيل، اهو فيصلو ڪيو هو. اهو فيصلو هو ڇا لاءِ ڪندو حقيقت ۾ هن سوال جو جواب ڏيڻ مشڪل آهي، سارتر، ان لاءِ اهو جواب ڏيندو ته جيڪڏهن جواب نه ٿو ڏئي سگهجي ته ان لاءِ ڪنهن قسم جي آزادي ناهي هوندي، ان لاءِ ڪا ڳالهه يا حالت ضرور ذميوار ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري ان قسم جو نئون فيصلو ڪيو ويو.
پراڻي پياڪ کي پنهنجي پراڻين خواهشن مٿان مستقبل جي روشن هجڻ جو پاڇولو پئجي سگهي ٿو، ڪجهه لمحن لاءِ هن فيصلي جي آزادي کي استعمال ڪيو ٿو ڏسجي، هن کي پنهنجي ماضيءَ مٿان پشيماني ٿي سگهي ٿي ۽ ڪجهه ٻين قسم جي حالتن کي مدنظر رکندي هن ايئن ڪيو. آخرڪار هن لاءِ ٻين جي راءِ خراب هجي، پر انهيءَ حالت مٿان هن پاڻ سوچيو ۽ ذميواري محسوس ڪئي. هن جي فيصلي مٿان قائم رهڻ جي ڪهڙي گارنٽي هجي ٿي، پر پوءِ به هن پاڻ کي آزاد محسوس ڪندي اهو فيصلو ڪيو، جيڪو فقط هو ئي ڪرڻ جو مجاز هيو.
ان فيصلي ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا، هن پاڻ کي ڏوهي سمجهيو هجي، هن جو رويو اعتراض جوڳو هجي، ان سان گڏ هن جي زال بيمار هجي، سبب ڪهڙو درست ٿي سگهي ٿو. اهو پاڻ مالڪه جي رويي مان پرکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پهرين سبب کي تسليم ڪجي ته پوءِ ان کي حاصلات جي مٽاسٽا به چئبو؟ اصلي منصوبي ۾ مٽاسٽا ڪئي ٿي ڏسجي ۽ حاصلات به ان طرح سان مٽجي سگهن ٿا. ان قسم جا کوڙ سارا مثال، سارتر جي ناول ”ڏوهه ۽ سزا“ منجهه ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان قسم جا سمورا مسئلا هڪ وجود جي ذهن جي پيداوار هجن ٿا، جنهن کي فيصلي ڪرڻ جي آزادي هجي ٿي، ان قسم جا فيصلا، عقلي بحث مباحثي جي پيداوار ناهن هوندا.
ان قسم جي فيصلن جي مٽاسٽا مٿان، اخلاقيات يا قانون جي ڪابه بالادستي ناهي، جنهن کي ان تبديلي جو ذميوار چئجي. اهو فقط ممڪنات تحت ئي ٿيو آهي. ان منجهان سارتر جي اها دعويٰ سچي ثابت ٿئي ٿي جنهن کي انساني آزادي ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪا هر ڪنهن کي هجڻ گهرجي. ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ جيڪڏهن آزادي ناهي ته هو ڪنهن به منصوبي کي مڪمل نه ٿو ڪري سگهي، پر اهو منصوبو هن جي سالم عقل ۽ چاهت مطابق هجڻ کپي. سارتر مطابق اها هن جي جائز گهرج آهي جيڪا حڪومت جي قانوني آزادين کان بلڪل الڳ هوندي آهي.
سارتر انسان جي سچائيءَ واري نظرئي کي جن سان هو پنهنجا منصوبا جوڙي ان تي آزاديءَ سان عمل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، شعوري طور تي انهن مٿان تڪميل حاصل ڪري ٿو، ان کي ماڻهوءَ جي داخليت (Subjectivity) وارو عمل ڪوٺي ٿو، پر انسان جي سچائي نج داخليت ناهي، سچ اهو آ ته انسان جي سچائي سماج اندر هجي ٿي، جيئن اها سموري دنيا اندر آهي، اها نه ته فطرت آ ۽ نه ڪي حالتون، پر اهو پاڻ جوڙي ٿو، ان سان گڏ ماڻهوءَ جي داخليت واري حالت کي پرکيندي ان نتيجي تي پهچون ٿا ته ماڻهو پاڻ کي جوڙي ٿو، هن کانپوءِ ماڻهو سماج منجهه ۽ ماڻهو دنيا منجهه، بابت ڪجهه ٻڌايو ويندو ته جيئن انسان جي سچائيءَ بابت چٽي تصوير سامهون اچي سگهي جيڪا سارتر ڏسندو رهي ٿو.
ماڻهو سماج منجهه رهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي ٻين داخلي شين (وجودن) جي وچ ۾ ڏسي ٿو ۽ هو پوءِ دنيا اندر ڇاڪاڻ ته اتي انيڪ خارجي شين (Objects) کي پنهنجي چوطرف پسي ٿو. پوئين مفروضي کي اڳ ۾ کڻندي، اسان کي ياد ڪرڻ گهرجي ته انسان جي شعور کي ڪا شڪل يا ڪو ڏيک ڪونه هجي ٿو، سواءِ ان جي ته اهو پنهنجي چوڌاري ڦرندڙ شين منجهان حاصل ٿي سگهي ٿو يا حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي شعور جو مول مقصد آهي، جنهن جو ڪجهه تعلق دنيا سان آهي. اهڙي طرح سان موضوع بڻيو، ڪا تنظيم جوڙڻ جو دنيا منجهه، ان جو واڌارو به دنيا مٿان ڪو عمل ڪري ڏيکارڻ سان ٿي سگهي ٿو. انسان جي سچائي به وجود جو دنيا اندر هجڻ Being in the world کي چئجي ٿو ۽ ان جي تشريح به ڪنهن صورتحال Situation جي پٺيان ڪري سگهجي ٿي، سارتر جو صورتحال بابت رايو وڌيڪ منجهيل/ڏکيو آهي، بنسبت، ماحول، Environment واري عام فهم رويي جي اهو ڪنهن شخص/عنوان جي چوڌاري ڦرندڙ خارجي عنصرن جو مجموعو ناهي هوندو، مثال طور: معاشي حالتون، سماجي سلسلا، ماحوليات، ادارو وغيره، پر اهي عنصر جڏهن جوڙيا وڃن ٿا ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪجي ٿي ته پوءِ ان کي ڪو عنوان يا نالو Subject ڏئي سگهجي ٿو. صورتحال وري عنوان جي تاريخي تاڃي پيٽي کي چئجي ٿو ۽ پوءِ ماڻهو پاڻ کي غير داخلي حالتن منجهه ڦاٿل ڏسي ٿو. ان کان پوءِ فاعل يا ڪو نالو، اڪيلي سر وجود ڪونه ٿو رکي، يا ان کي خارجي عنصرن کان الڳ ڪري سمجهي سگهجي ٿو. اهو خيال سارتر کي انهن جي خلاف ٿو بيهاري، جيڪي ماڻهوءَ کي ڪا وجودي فطرت يا اهميت ڏين ٿا، جيڪي ماحوليات جي اثر کان آزاد هجن ٿا. سارتر ان راءِ جي مخالفت ڪري ٿو جنهن هيٺ ماڻهوءَ کي خود ڪفيل سمجهيو وڃي ٿو ۽ انساني جاکوڙ جو مول مقصد ان جي اندر جي دنيا آباد ڪرڻ کي ڪوٺيو وڃي ٿو.
ماڻهو پڻ سماج منجهه آهي، اسان جي ماحول جي هڪ حصي ۾ ٻيا ماڻهو وجود رکن ٿا، اهي ٻيا انهن شين کان ڪجهه واڌارو هجن ٿا، جن سان اسان جو واسطو رهي ٿو، اها حقيقت آهي ته اهي اسان کي اجنبي چهرا لڳن ٿا، جن جو ڪردار الڳ آهي، انهن مٿان اسان ڪا راءِ ڏئي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي جوڙيل منصوبن جو حصو آهن. اهي پنهنجي راءِ جوڙيندي، اسان کي به ڪي شيون سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جو به وجود هنن کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هو پنهنجي ڪردار ۽گفتار جي سهاري اها راءِ رکڻ جو حق رکن ٿا، ان سان گڏ اهي آزاد فرد به آهن، انهن جي سڃاڻ واري عمل سان اهي اسان کي وجود ڏيندي اسان جو نالو/عنوان ايئن جوڙن ٿا جنهن کي وجود ٻين لاءِ ڪوٺيو وڃي ٿو. Being for others جنهن کي سارتر وجوديت جو نالو ڏئي ان جي حيثيت تسليم ڪري ٿو. اسان جي وجود جو اهو پاسو اسان کي ٻين جي پاران ٻڌايو وڃي ٿو، جيئن اهي اسان کي پسن ٿا، انهن جي راءِ کي تسليم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته انهن اسان جي فطرت جو جائزو ورتو آهي، اسان جو رويو، عمل دخل انهن لاءِ ان قسم جي فيصلي/راءِ جوڙڻ جو ذريعو آهي. شرم/حياءَ Shame هڪ جذبو آهي جيڪو اسان کي محسوس ڪرائي ٿو، ٻن طرفن کان، هڪڙو طرف ٻين جو موجود هجڻ وارو ۽ ٻيو اها حقيقت، جيڪا انهن اسان منجهه ڏٺي، شرم/حياءُ فطرت جي لحاظ کان مڃتا/سڃاڻپ Recognitionکي چيو وڃي ٿو. مان مڃان ٿو ته مان آهيان I am جيئن ٻيا مون کي ڏسن ٿا. انسان جي حقيقت ٻن شين تي مشتمل آهي، هڪ اسان جو داخلي وجود ٻيو اسان جو خارجي وجود پذير هئڻ، ان جي تصديق ٻيو ماڻهو ئي ڪري ٿو، جيڪو اسان جي وجود پذير هجڻ جي فتويٰ ڏئي ٿو. ساڳي طرح هڪ گروپ جو هجڻ، وجود رکڻ، ٽين ماڻهوءَ جي چوڻ/شهادت ڏيڻ کان پوءِ تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ڏسڻ ٽين گروپ جي فردن کي شين جي روپ ۾ پسي ٿو. ان وجود جي موجودگي ان جو فطرت سان سلهاڙيل رويو/مظهر به شرم/ حيا جي هجڻ جي تصديق ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان کي ڏسڻ وارا ٻيا هجن ٿا، اها سوچ حاصل ٿيندڙ راءِ به انهن جي آهي نه ڪي اسان جي.
اهڙي طرح سان فرد سارتر لاءِ سوشل ”سماجي وجود“ آهي. ان ڪري نه ته اهو هڪ گروهه/گروپ منجهان هجي ٿو، ان گروهه جي فردن جهڙو هجي ٿو، پر ان خيال کان ته ان جي حقيقت هڪ فرد هئڻ جي ان گروپ پاران تسليم ڪئي وڃي ٿي.
حوالو:
اها ڳالهه ايئن ناهي ته مون کي ڄاڻ ناهي، اها شڪست اسان ڇو ٿا تسليم ڪيون. (اهي وجود/مظهر) روڊ مٿان، شهر منجهه، ماڻهن جي ميڙ ۾، شين منجهه هڪ شئي، ماڻهن منجهه هڪ ماڻهو، هر جاءِ، هر شئي منجهه ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سماجي زندگي روز مرهه جي ڏکن سکن سان سلهاڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته فرد کي خامخواهه ڌڪي کڻي ڌوڙ/شي يا رک چپٽي سمجهيو وڃي ٿو. سارتر پنهنجي مهان تخليق Being and Nothingness ۾ ٻين سان تعلقات جي تشريح پيش ڪندي، ان طرح سان ٻڌائي ٿو ته اها صورتحال تڏهن ٿي جنم وٺي جڏهن ماڻهو ڏکن سکن واري صورتحال کان ڀڄڻ/فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ٽال مٽول وارن طريقن سان جيڪي آخر منجهه فضول ثابت ٿين ٿا. ماڻهوءَ جي سماجي حياتي اڻ وڻندڙ ضرور لڳي ٿي پر ساڳي وقت اڻ ٿيڻي به ناهي، ٽاري به سگهجي ٿي، سماجي لاڳاپن منجهه، هڪ ٻئي سان رنج ۽ رُسامان اڀرڻ ضروري هجن ٿا.
سارتر جو انسان جي حقيقت وارو نظريو بيان ڪندي اسان اهو ٻڌايو ته ماڻهو هن جو Project منصوبو آهي، ان بابت ڪجهه چوڻ لاءِ اسان کي ان جي روين کي سامهون رکڻو پوندو، اهي هن طرح جا آهن ته : هو آزاد آهي ۽ پنهنجي زندگي تبديل ڪري سگهي ٿو، ته هو پنهنجن عملن ۽ صورتحال جي پيداوار آهي ۽ آخر ۾ هو ظاهري طرح اهو ئي آهي جيئن ٻيا کيس ڏسن ٿا. اهي فقط انساني زندگي جا پهلو يا شين جا پهلو ناهن، اهي خاص فردن بابت ناهن، پر انساني حياتي منجهه جيترا قسم هجن ٿا، انهن سمورن بابت آهن. انهن منجهه انساني فطرت يا ڪردار جي تشريح موجود ناهي، انسان جي فطرت بابت چوندي، ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ناهي پر ماڻهن جي هر طبقي ۽ قسم بابت آهي. ان ۾ هر اهو ماڻهو آهي جيڪو پاڻ کي پاڻ ڊاهي ٿو. ان سماجي جوڙجڪ ۾ اهي سمورا ساز و سامان اچي وڃن ٿا جيڪي پاڻ ٺاهڻ ۾ هو ڪتب آڻي ٿو، اسان کي انساني فطرت کي ڇيڙڻو ناهي، پر حالتن کي سڌارڻو آهي.
هن نقطي تائين پهچندي اسان کي آسان ٿي پيو آ، اهو سوچڻ لاءِ ته سارتر آخر ڇو انسان جي حقيقت واري منجهيل پهلوءَ بابت وڌيڪ ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ شخصيت واري پهلوءَ تي ڇو بي اعتماديءَ جو اظهار ڪري ٿو. ڪنهن فرد جي شخصيت جا، جيڪڏهن انيڪ پهلو هجن ته پوءِ اسان ڪٿي ۽ ڪنهن جي مٿان بي اعتمادي ڪيون؟ ڪيترن ليکڪن جي خيال مطابق، سارتر پاران شخصيت جي نفي ڪرڻ، يا ان جي ڪردار جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ئي هن جي نظرئي مٿان شڪ ڪرڻ جي گنجائش ڪڍي ٿو ان کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ زبان جي عام فهم لفظن جي ضرورت پوي ٿي، مثال طور ته: اسان پاڻ لاءِ اکر (I) استعمال ڪيون ٿا، جنهن سان شخصي سڃاڻپ اظهار ٿئي ٿو، ايئن ٿو لڳي جيئن اسان ڄڻ پاڻ کي شيون، صوف يا ڇپتالون سمجهندا هجئون. سوال اهو ٿو اڀري ته آيا، (I) مان ڪا حقيقت به آهي يا ڪو منجهيل اکر آ، جنهن کي سمجهڻ محال آهي.
حقيقت ۾ مغرب جو ماڻهو گهڻي عرصي کان پنهنجي لاءِ اهو سوچي پيو ته گهٽ۾ گهٽ هن جي تعمير ۾ ٻن عنصرن جو وجود آهي، هڪ دماغ ٻيو جسم، اهو ٻٽو عمل ڪنهن به شخصيت جي جڙڻ ۾ نمايان نظر اچي ٿو، جنهن کي سبب ۽ جذبي جو سنگم ڪوٺيو وڃي ٿو. جديد دور جو ماڻهو فرائيڊ کان پوءِ پاڻ کي ٽن عنصرن جو سنگم ڪوٺڻ لڳو آهي: Superego, Ego, Id .
ڪنهن به شخصيت جي اڀار/نکار ۾ فرائڊ جي چوڻ مطابق مٿين هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندڙ روين جو غير مستقل توازن ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان طرح سان شخصيت بابت تصور جيترو مختصر ۽ محدود هوندو ته ان کي سارتر واري نظام ۾ جوڳي جاءِ ملي سگهي ٿي، حالانڪ، سارتر ۽ فرائيڊ جو نظريو شخصيت بابت الڳ الڳ آهي، سارتر جي خواهش آ ته شخصيت هميشه متاثر ڪندڙ ۽ پروقار هئڻ گهرجي، ان ڪري ته اها گهڻ پاسائين هجي ٿي، اها آزاد آهي ۽ ان کي هن جهان اندر ڪي مقصد مرادون ۽ منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن،اهو ئي نظريو آهي، سارتر جي انسان جي حقيقت وارو، ٻيا وجوديت پرست ڀلي ان نظرئي مٿان متفق نه ٿين ۽ فرد جي مصنوعي شناخت ۽ اتحاد کي شڪ جي نگاهن سان ڏسندا رهن. اهو ان ڪري ته سارتر واري ماڻهوءَ جي شخصيت جهول هجڻ ڪري، انسان جي حالت، جنهن طريقي سان بيان ڪئي وئي آهي، ان ۾ ايترو وزن ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.
سارتر انساني حقيقت بابت ڏنل نظرئي ۽ ان سان شامل حصا يا پاسا، جنهن طريقي سان بيان ڪيا آهن، اهي for itself بابت هجن ٿا جنهن کي بنا شڪ جي آزادي ۽ مقصد حاصل ڪرڻ وارو منصوبو ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ in itself بابت جڏهن سوچيون ٿا ته ان ۾ هڪ فرد جون مادي ۽ سماجي حالتون شامل هجن ٿيون، جيڪي ان فرد جي صورتحال ۽ ماضيءَ جي عملن بابت ئي آهن. پوئين مفروضي کي اسان اڳ ۾ Being for others لاءِ به استعمال ڪري سگهون ٿا، ان کانپوءِ فرد جي پاڻ لاءِ پڻ، سارتر پاران ڏنل الفاظ جيڪي هن پنهنجي فلسفي لاءِ ڏنا آهن، انسان جي حقيقت بابت، انهن منجهه مونجهارو ان ڪري پيدا ٿيو آهي جو ساڳئي دور جي سماجي سائنسدانن به ان قسم جا تصور بيان ڪيا آهن، تنهن ڪري اهو ضروري ٿي پوي ٿو ته ان دور جي نفسياتي ۽ سماجي همعصرن جي تصور ۽ خيالن جو به مختصر تقابلي جائزو پيش ڪجي ته جيئن انهن تصورن مٿان وڌيڪ روشني وڌي وڃي.
نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ جا بنيادي عنصر آهن: نفسياتي عزم، لاشعور ۽ شخصيت جي ٻاراڻي دور جي اهميت، جيڪي گڏجي شخصيت جي تعمير ۽ اڀار ۾ مددگار بڻجن ٿا. اهي عنصر پهريائين فرائيڊ ڳولي لڌا، جيڪي اڄ به نفسياتي ڄاڻن ۽ سماجي سائنسدانن لاءِ قابل قبول آهن. سارتر جا خيال ظاهر آ ته فرائيڊ واري دور کان پوءِ جي پيداوار آهن. حالانڪ انهن منجهه ڪافي اختلاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پهريائين سارتر کليل لفظن ۾ فرائيڊ جي تصور لاشعوري حالت Consciousness)) سان اختلاف ڪري ٿو جيڪو هن for itself واري تصور ۾ بحث هيٺ آندو آهي، هن جو چوڻ آ ته لاشعوري حالت دراصل شعوري حالت هجي ٿي. ان لاءِ مزيد وضاحت ڪندي شعوري حالت کي هو ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو، شعور کان اڳ واري حالت ۽ ان کان پوءِ عقل سان هجڻ واري حيثيت، هن قسم جي تصور جي تشبيهه، فرائيڊ جي لاشعور واري تصور جيان آهي ، جنهن لاءِ هن جو چوڻ آ ته شخصيت مٿان هڪ قسم جي ڪيفيت هجي ٿي جيڪا ڍڪيل آهي ۽ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي پر ان جا اثر ’وجود‘ مٿان ظاهر ٿيندا آهن.
سارتر ۽ فرائيڊ ٻنهي جي خيال مطابق تياريءَ واري ليول پٺيان خواهش موجود هجي ٿي، خواهش کي دٻائڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ جي ليول خواهش جي مخالف حد هجي ٿي. خواهش کي دٻائڻ واري عمل کي سجاڳي يا شعوري ڪيفيت ڪوٺيو وڃي ٿو، سارتر ان کي دوکو ٿو چوي، اهو رويو پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر آهي. ڇاڪاڻ ته خواهش ته اندر ۾ موجود هجي ٿي ۽ ان کي دٻائڻ وري شخصي عمل آهي، جنهن جي هجڻ ۽ دٻائي رکڻ واري حالت تي شعوري ڪنٽرول ڪنهن جو به نٿو ٿي سگهي.
نفسياتي اٽل ارادو Psychic determinism انفرادي عمل آهي، ان جي اظهار جا اثر يا بنياد، اندر منجهان اڀرن ٿا، هر عمل جي اڀار جو بنياد جسم جي الڳ حصن مان ۽ الڳ قسم جي اڀار جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هڪ فرد انهن تصورن جو مجموعو هجي ٿو، هن جو هر قسم جو رويو عمل بنيادي طور حياتيءَ سان گڏايل يا ان لاءِ آهي. سارتر کليل دل سان فرائيڊ جي خيال سان متفق ٿئي ٿو، پر ٿوري فرق سان جيڪو Adler جي خيالن جي ويجهو هجي ٿو، جنهن تحت عمل منصوبن سان سلهاڙيل هجن ٿا نه ڪي شخصي عادتن سان جيڪي ٻالڪپڻي واري دور جي تجربن منجهان حاصل ٿين ٿيون. سارتر جڏهن يان جيني جو مطالعو ڪيو ته هن کي ساڳي طرح منصوبن جوڙڻ پٺيان تجربن کي اهم سمجهيو، سارتر وارو تجربو به ٻالڪپڻي واري دور کان شروع ٿئي ٿو، تجربن حاصل ڪرڻ کانپوءِ فرد کي پهريون دفعو پنهنجي انفرادي حيثيت جي ڄاڻ پئي، منصوبن جوڙڻ جي سمجهه حاصل ٿي، انهن کي مڪمل ڪرڻ جو رستو ۽ تجربو حاصل ٿيو، دنيا سان دنياداري جي عمل جي پڻ پروڙ پئي. هو اڃا به هن گس تي منجهيل بيٺو رهيو، پر جڏهن منصوبو جوڙيائين، ان سان هن کي اڳتي وڌڻ جو پتو پيو، جنهن کي فرائيڊ جي نفسيات مطابق، وجود، يا مڪمل انسان هجڻ جو نالو ڏنو ويو. فرائيڊ حياتيءَ جي ڏسيل ڏاڪن جي تشريح هن طرح ڪئي: ڄمڻ کان موجود ٻالڪپڻو Id ان کان پوءِ پهريائين پاڻ سڃاڻ Ego, ۽ آخر ۾ مڪمل انسان Super Ego، جيڪي ان انسان کي اهي منزلون تجربي جي مدد سان حاصل ٿيون. سارتر ۽ فرائيڊ ظاهري طور تي سهمت آهن ته ٻالڪپڻي واري دور ۾ انفراديت نظر ڪونه ايندي آ ۽ هن ئي دور ۾ اهو ٻالڪ شعوري طور تي ماحول کان ڄاڻي واڻي اڻ واقف هوندو آهي، اهڙي طرح سان ٻئي متفق آهن ته هڪ بالغ جو عمل بنيادي طور تي غير ارادي رويي سان ان ماحول منجهان ئي اڀرندو آهي.
فرد جا رويا، جيڪي منصوبن منجهه سمايل هوندا آهن، اهي علم سماجيات جي دائري ۾ اچن ٿا، نفرت جو تصور، جيڪو Durkheim ڳولي لڌو، ان صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو جتي ڪي مول مقصد موجود ڪونه هوندا آهن. نتيجي طور انفرادي شخصيتن منجهه بدنظمي ۽ بي راهه روي ڏسڻ ۾ ايندي جنهن سان سماجي زوال ڏسڻ ۾ ايندو. درخيم جو خيال آ ته اهي مول مقصد سماج جي صفن منجهه هوندا آهن جن جي ذريعي سماجي اتحاد جڙندا آهن ۽ اهي رويا فردن جي حياتين۾ ننڍپڻ کان ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سارتر جو چوڻ ته اهي مقصد الڳ الڳ هوندا آهن ۽ عوامي طور تي جوڙيا ويندا آهن. پر هن جي پرڳڻي ۾ انفرادي مقصد، هڪ مخصوص ماحول هيٺ جوڙيا ويندا آهن ۽ انهن جي جڙڻ ڪري ماحول منجهه به مخصوص قسم جا واڌارا ايندا آهن ۽ پختي ارادي ڪري اها تبديلي اچڻ به لازم امر هوندي آهي.
آخر ۾ هڪ ٻيو سماجياتي تصور جيڪو سارتر جي نظرئي سان مطابقت رکي ٿو، جنهن کي رتبو يا حيثيت Status چيو وڃي ٿو جنهن سان ڪردار جو عمل به سلهاڙيل هجي ٿو. اهي سمورا تصور ٻين سماجيات جي ماهرن جن ۾ Herbert Mead نمايان هجي ٿو، انهن جي تعاون سان جوڙيل ٿا ڏسجن جن جا نمايان پهلو سماجي سچائي، انفرادي رويا ۽ مضبوط ارادا چيا وڃن ٿا. ڪنهن فرد جو رتبو، ماڻهن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ جوڙيو ويندو آهي، رتبو ڪنهن فن يا صلاحيت سان سلهاڙيل هوندو آ، پر ان کي گهٽائي ڪونه سگهبو آهي. اهو ڪنهن فرد جو رتبو يا مان ۽ شان هر ماڻهوءَ يا گروپ منجهه الڳ هجي ٿو، ها ڪنهن فرد جي سماجي رتبي مٿان ڪا راءِ ڏئي سگهجي ٿي، فرد کي سماج اندر جيڪا عزت يا مانُ ڏنو وڃي ٿو ته هن کي ان رتبي جي پاسداري به ڪرڻي پوي ٿي. هتي سارتر جي ڏسيل مفروضي، ’وجود ٻين لاءِ‘، کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، انساني حقيقت وارو پهلو، جيڪو فرد کان الڳ هجي ٿو، پر هن صورت منجهه ان کي اهو مان مرتبو حاصل ڪرڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ سارتر جي ڏنل نظرئي، ’انسان جي حقيقت‘ کي سٺي شهرت حاصل ٿي ۽ هن نظرئي کي ٻين سائنسي ۽ سماجي ماهرن به دل سان تسليم ڪيو ٿو ڏسجي، انسان جي وجود جي تشريح جيئن سارتر ڪئي آهي تيئن ٻين وجوديت جي ليکڪن ڪونه ڪئي ٿي ڏسجي. سارتر هن مضمون ۾ انساني حقيقت ۽ انسانن جي حالت تي سهڻي نموني سان بحث ڪيو آهي، جنهن جي ڇپجڻ سان سماجي سائنسي علمن جي کيتر منجهه سٺو اضافو ٿيو آهي.