تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

باب اٺون: وجود ۽ عدم وجود

باب اٺون: وجود ۽ عدم وجود
BEING AND NOTHINGNESS

سارتر جي سمورين تحريرن منجهان هن جا ڊراما ۽ مضمون خيالن جي دنيا سان واسطو رکن ٿا. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اهي ادب منجهه جوڳي جاءِ والارين ٿا، پر جڏهن انهن مٿان فلسفي جو رنگ چڙهي ٿو ته انهن جي دنيا ئي ٻي ٿي وڃي ٿي. مطالعو ڪندي جڏهن ڪو پڙهندڙ هن جي ناولن پڙهڻ بعد سندس فلسفي وارين تحريرن ۾ ليئو پائي ٿو، هن جي گهڙيل ڪردارن ۽ واقعن جي وچ واري فاصلي يا هن جي ناولن منجهان حياتيءَ جي گذارڻ جي اصولن ۽روايتن وارن معاملن جي طرز ۽ طريقو جاچي ٿو ته اتي، سارتر پاڻ بيٺل نظر اچي ٿو، ٻنهي صورتن اندر جيڪي ڪنهن وجود پرست جون هئڻ گهرجن، يعنيٰ فلاسافي جي فني حيثيت ۽ زندگيءَ جي فلسفي اندر ڪا جدائي يا فرق نظر نه ٿو اچي.
ان سفر دوران خطرو فقط اهو نظر اچي ٿو ته سارتر جون تحريرون ان جي مخالفن پاران، ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل نه هجن، جن مٿان بيجا تنقيد ٿيل نه هجي. جيڪڏهن مخالفن کي ڪردار ڪري کڻبو يا ليکبو سارتر جي ناولن ۽ ڊرامن منجهه ۽ انهن منجهان ڪا راءِ قائم ڪري وٺبي ته اها غلطي ليکي ويندي. ڇاڪاڻ ته ليکڪ ۽ ليک جي وچ ۾ حالتون ۽ واقعا عام زندگيءَ مان کنيل هوندا آهن. مثال طور: جيڪڏهن فرائيڊ ليونارڊو ڊاونسيءَ جو مطالعو ناول جي فارم ۾ لکيو آهي، ان منجهان اهو نتيجو نه ڪڍيو وڃي ته ڊاونسيءَ جا خيال به فرائيڊ جي کاتي ۾ وڌا وڃن. اها هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته سارتر جون تخليقي تحريرون سهڻي نموني سان تڏهن سمجهه ۾ اينديون جڏهن انهن جو مطالعو، نفسياتي ۽ سماجياتي سطح تي ڪيو ويندو. هن جا خيال پوءِ هن جي ڪردارن ۽ واقعن جي پٺيان بيٺل نظر ايندا. جن منجهان سارتر جي علم ۽ فلسفي جي جهلڪ نظر ايندي رهندي. سٺو/معياري ادب فلسفي جي ڏسيل راهه يا مارڪسي نظرئي جي روشني هيٺ ڪونه جوڙيو ويندو آهي، حالانڪ ايئن چيو ضرور ويندو آهي، سارتر مٿان جيڪڏهن اهو قانون ڪونه ٿو لڳي ته اها ٻي ڳالهه آ ڇاڪاڻ ته مارڪسزم ۽ ايڪزسٽينشلزم ٻه الڳ فلسفا آهن. هتي نقطو فقط معياري لکت جو ناهي پر سارتر اهي ڪردار ۽ واقعا ڪيئن پنهنجا چوندو، جيڪي هڪ مارڪسسٽ ليکڪ ته جوڙي ٿو پر اهي بورجوا ادب جي ترجماني ڪن ٿا.
سارتر جي فلسفي جا خيال اسان کي هن جي آمريڪا ۾ ڏنل وجوديت واري ليڪچر منجهان نمايان نظر اچن ٿا. پهرين ڳالهه ته اهو ليڪچر سارتر جي فلسفي بابت ڪونه آهي، پر اهو وجوديت جي عام نظرئي متعلق آهي، ٻيو ته اهو ليڪچر هڪ عام ماڻهوءَ کي نظرئي جي سمجهه ڏيڻ بابت هيو، اتي ليڪچر دوران سمجهڻ جو فقدان هيو، ماڻهن اهو سمجهيو ته وجوديت کي انسانيت ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿيا. هن جي تقرير منجهان سادي ٻولي هجڻ ڪري وجوديت جو مفهوم ٻي طرح ڪڍيو ويو، حالانڪ سارتر جڏهن ليڪچر جا آخري لفظ چيا ته اهي مونجهارو پيدا ڪرڻ وارا نه هيا، ان ليڪچر منجهان جوڙيل ڪتاب به سارتر جي فلسفي بابت ڪابه وضاحت نه ٿو پيش ڪري.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سارتر جي فلسفي جي نظام کي سمجهڻ ٿو چاهي ته ان کي سارتر جي لکيل ڪتاب Being and Nothingness جو مطالعو ڪرڻو پوندو. اهو ڪتاب اسان کي سارتر جي نظرئي سچ يا حقيقت جو روپ يا وجود جو نظريو بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. عام پڙهندڙ ان جو مطالعو غور سان ڪري ۽ ان جي بابن کي الڳ الڳ پڙهي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، ڇاڪاڻ ته ان جا ڪجهه باب، فلسفي جي ڄاڻوءَ جي سمجهڻ کان به ڏکيا آهن، حالانڪ ايڏو ڪو ڳوڙهو مسئلو ان منجهه ناهي ۽ جلدي/آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. مڃيون ٿا ته ان جي ٻولي ڪجهه دقيق آ، خيال ۽ ويچار ڌارائون غير مانوس آهن، پر سمجهڻ ۾ مونجهارو اچڻ جو سبب ماڻهن جي رويي جو آهي، جيڪي نئين سوچ کي پنهنجي کوپڙيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ان جو مواد ته ڏاڍو سولو آهي، جنهن کي بنيادي انساني تجربا چيو وڃي ٿو، ان کي ذهن نشين اهو ماڻهو ڪندو جيڪو انهن تجربن مان گذريو هوندو، اها سمجهه، سوچ، صاف دل ٿي ايمانداريءَ سان تجربن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان اچي سگهي ٿي. ڪنهن کي سمجهڻ جي نيت ئي ناهي ته پوءِ اهو پيو لونڻيون هڻندو. پهريون ڪم آهي سچائيءَ سان سمجهڻ، حياتيءَ جا انيڪ تجربا..... ڇا آهن؟ ڇا ٿيڻ گهرجن؟ ان قسم جي مونجهارن کي مغز مان ڪڍي رکجي ته پوءِ سڀ ڳالهيون سمجهه ۾ اچي وينديون. اها ڳالهه عام فهم آهي ته ڪيترا نفسيات ۽ سماجيات جا ماهر به ڪنهن خاص ڄاڻ کي سمجهڻ کان عاري هوندا آهن. تنهن ڪري اهي ذهني طور اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار به ڪونه هوندا آهن.
زان پال سارتر جي فلسفي بابت جوڙيل ڪتاب Being and Nothingness جو ٻيو ننڍو عنوان به آهي: An Essay on Phenomenological Ontology ،فينامينولوجيڪل لفظ جي معنيٰ آهي طريقو Method جيڪو مٿين 651 صفحن تي مشتمل طويل مضمون مٿان استعمال ڪيل آهي. اهو موسم ۽ حالتن پٽاندڙ واپرايو ويو آهي، ان منجهان خبرداريءَ سان حق ۽ سچ جي تلاش ڪرڻ کپي جيڪا انساني شعور مطابق هجي. ان قسم جي بيان لکڻ مهل، سمورا ڪتابي ۽ عملي قانون، رويا ۽ روايتون به ذهن ۾ هئڻ کپن، جيڪي شخصي لڳاءُ يا عزم پاران مليل همت سان ئي حاصل ڪيل هوندا آهن. طريقي استعمال ڪرڻ مهل عقل ۽ فهم اندر جوڙيل انگ اکر به هجن ته انساني جذبن، خيالن ۽ سماجي ادارن پاران روز مرهه استعمال ٿيندڙ رستا ۽ رواج به هجن. ان قسم جو عمل جنهن کي سارتر سچائيءَ سان اظهار ڪوٺي ٿو، اهو خوف جي جذبن کي به بيان ڪري سگهي ته چاڪليٽ جو رنگ به بيان ڪرڻ کان نه ڪترائي، ان قسم جي سچ چوڻ واري موسمن جي بيان ڪرڻ واري شخص وٽ ڄاڻ سان گڏ ٻاهرين پرک واري نظر به هجي ته اندر واري اک پڻ هئڻ گهرجي. علم سمورو اندر واري اک ۽ ذهن جي پيداوار هجي ٿو، ڏسي سودو ڪرڻ واري طريقي کي ڪا اهميت ناهي هوندي.
سارتر وارو نظام، ان طرح سان ڏسي وائسي سودو ڪرڻ وارو ناهي، ”وجود ۽ عدم وجود“، انساني تجربن جي طويل تشريح ۽ ڇنڊ ڇاڻ آهي، جنهن جي مدد سان اهي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا جيڪي عالم انسانيت جي باهمي رشتن ۽ فطرت جي شعور جا حمايتي هجن يا احترام ڪندڙ هجن. ان جي نتيجي تحت اسان کي گهربل فلاسافي حاصل ٿئي ٿي، جنهن سان ڀرپور قسم جي نفسيات (Psychology) سلهاڙيل هجي ٿي، ان ۾ حيرانگي جي ڪا ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته سارتر هن قسم جي مطالعي کي آخر ۾ نئين نالي سان نوازي ٿو، جنهن کي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ (Psycho-analysis) چيو وڃي ٿو. هن قسم جي اهم فلاسافيڪل مضمون لکڻ کان اڳ سارتر نفسيات جي ماهر هجڻ واري شهرت اڳ ۾ ئي حاصل ڪري چڪو هو. اهڙي طرح سان ايتري ساري معلومات ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد هو حق به جانب آهي يا اهليت رکي ٿو ته نوان رستا ۽ مروجه رسمن رواجن تحت ان ڪم کي اڳتي هلائي.
سارتر جيڪا کوجنا ڪري ٿو ان جو مقصد اهو آهي ته وجوديت جي تعمير ڪري دنيا اندر يا هڪ ماڻهوءَ جي وجود بابت بيان ڪري ۽ کولي ٻڌائي. هو وجوديت کي مابعدالطبعيات کان الڳ سمجهي ٿو ۽ ان جي تشريح واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن لاءِ اجهو هن طرح جي وضاحت ڪري ٿو: ته وجود جا مقصد بنيادي هجن ٿا ۽ ان لاءِ اڃا به سولو ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته مابعدالطبعيات جو رشتو وجوديت سان ايئن آهي، جيئن تاريخ جو سماجيات سان هوندو آهي. هن پاڻ کي بيان ڪرڻ تائين محدود ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان مان اهو جواب ملي ٿو ته حقيقت ڇا آهي، ان کان پوءِ هو حقيقت ڇو آهي، بابت بحث ڪندو، جنهن لاءِ هو ٻه اکر ڇاڪاڻ ته (As if) استعمال ڪندو.
وجوديت ان طرح سان پاڻ کي حد اندر رکندي اهو اظهار ڪندي ته هر شئي ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به منصوبي کي جيڪڏهن ڪا شڪل آهي ته اها اڳتي وڌي ڪري ڪنهن لاءِ به بڻجي ٿي، ڪنهن سان به نسبت ضرور رکندي، ان طرح سان حقيقت يا سچائي بيان ڪندي، سارتر حق بجانب آهي ته سندس فلسفي واري اعلان کي هو خارجي (Objective) ڪوٺي ۽ ان جو نفاذ عالمي ليول تائين هجي.
سارتر جو خيال يا تصور جيئن ته قائدي سان اڳتي هلندو نظر اچي ٿو ته پوءِ وجوديت جي نتيجن بابت به باقائدي سروي ڪري اها ڳالهه سولائي سان سمجهڻ گهرجي ته هو ڪهڙي صلاحيت يا اهليت سان سياسي نظرين متعلق/مٿان ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو. ’وجود ۽ عدم وجود‘ جي گهڻي ڀاڱي جيڪا ڳالهه ٻولهه هلي ٿي ان جو دارومدار جيئن ته انسان جي خاص تجربن تحت هجي ٿو، تنهن ڪري وجوديت کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. ان جي مختصر وضاحت هيٺين لفظن سان ڪري سگهجي ٿي. سارتر جي جوڙيل ڪائنات کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ’انساني شعور يا سوچ جي دنيا‘ جنهن جا ڪجهه منظر ڏسي سگهجن ٿا ۽ ڪجهه نه به ڏسي سگهڻ وارا آهن، ٻيو ’شعور ۽ وجود پاڻ‘ انهن جي وچ ۾ ٽيون ’مختلف شعور‘ جا انفرادي مثال يا اظهار جن جي معرفت ٻين جي وجود منجهه واڌارو نظر اچي ٿو. وجوديت جي انهن ٽن حصن مٿان سلسليوار خيال آرائي ڪئي ويندي.
پهريون سارتر ذهني عمل/سوچ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو، جن کي نالا ڏئي ٿو: Cartesian Cogito ۽ Pre-reflective Cogito . پهرين عمل کي شخصي شعور جي عملن يا حالتن جي جهلڪ ڪوٺي ٿو، شعور اهو عمل آهي جيڪو ڦيرو کائي، پنهنجي عملن کان پاڻ ئي پڇاڻو ڪري ٿو، يا پنهنجن عملن جو پاڻ ئي احتساب ڪري ٿو. اڳتي وڌي پڄاڻي ان طرح سان ٿو ڪري ته جهلڪ خاموش شعور جو اظهار هجي ٿو، جنهن کي اڳتي هلي Pre-reflective Cogito جو نانءُ ڏئي ٿو. سجاڳي، انهن گهيرٽن کي ڳولڻ جو عمل ناهي، پر اها شعوري عملن جي پرکڻ لاءِ هڪ ضروري ڳالهه هجي ٿي، منظرڪشيءَ واري بنيادي عمل کي سارتر ابتدائي شعوري ڄاڻ ڪوٺي ٿو ۽ هن پاران جيڪا تشريح جي ڳالهه نڪري ٿي، اها ئي شعور جي سڃاڻپ ۽ پرک لاءِ آهي.
عمل جي تشريح، جنهن سان تفتيش گڏيل هجي ٿي، ان مان تباهيءَ جو رويو منفي ويچار ڌارا ڦُٽن ٿا، سارتر اهڙي طرح سان اهو نتيجو عملي طرح ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي ٻڌائي ٿو ته جاڳرتا، منفي روين پٺيان حاصل ٿئي ٿي. هن سڄي بحث جو اڃا آغاز، ان طرح سان ٿئي ٿو ته شعور کي ڪا شڪل ناهي ۽ نه وري ڪو وجود اٿس، ان ڪري ئي ان کي عدم وجود چئجي ٿو، عدم وجود جو مطلب ڪنهن شئي جي غير حاضر روپ بابت ناهي، پر اهو ڪم جنهن جي عمل جو نتيجو انڪاريت هجي، جڏهن عدم وجوديت ٿا چئون ته اهو عمل ڪنهن به شئي کان جدا هجي ٿو، ان شئي سان ڪا به نسبت نه هوندي اٿس. پر ان کان فاصلو ضرور اٿس. ان طرح سان جاڳرتا/شعور ڪابه شئي ناهي پر ان شئي بابت ڄاڻ ضرور آهي. جنهن ڪري ان جو حاضر هجڻ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري ئي سارتر جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي جنهن کي هو عدم وجوديت جو نالو ڏئي ٿو. ته وجود ان جو پنهنجو وجود (Being for itself) شعور وري ان وجود جي ڄاڻ کي چيو وڃي ٿو. شعور ۽ ڪنهن شئي جي وچ ۾ تعلق کي ايئن سمجهائي سگهجي ٿو جيئن آئيني Looking glass ۽ ڪن شين جي وچ ۾ تعلق هجي ٿو جيڪي آئيني منجهه ڏسڻ ۾ اينديون آهن، اهي شيون آئيني منجهه اندر داخل ٿيل ڪونه هونديون آهن پر انهن جا عڪس موٽ کائي ٻاهران (reflection) ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهي گڏيل يا جذب ٿيل ڪونه هوندا آهن پر هڪ ٻئي کان انهن جو وجود الڳ هوندو آهي. نامور رياضيدان ڊيڪارٽ کي ايئن چوڻ کپندو هو، ته مان ڪنهن شئي بابت سوچيان ٿو، (I think about something) بجاءِ ايئن چئجي ته:”مان سوچيان ٿو،(I think) .
انساني شعور عدم وجوديت ۽ وجود ڪنهن شئي جو (Being for itself)، سارتر جي لاءِ هڪ جهڙي معنيٰ وارا لفظ هجن ٿا، هر لفظ، ساڳي عمل بابت الڳ الڳ وضاحت ڪري ٿو، جنهن کي انساني شعور چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اها هڪ انسان جي الڳ خاصيت هجي ٿي، عدم وجوديت ڇاڪاڻ ته ڪنهن شئي جي اڻ پوري ڄاڻ هجي ٿي ، جيڪا وجود نه ٿي رکي، ان کان پوءِ وري وجود، ان بابت ڄاڻ، ڇاڪاڻ ته ان جي معرفت ئي وجود پنهنجي بابت ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. هڪ الڳ راءِ مطابق ان کي آزادي (Freedom) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته عدم وجوديت کي ڪنهن ٻي صورت منجهه نه ٿو پرکي سگهجي ۽ نه وري ان لاءِ ڪو فيصلو يا مضبوط راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. ڪو فرد پنهنجي شعور جي آزادي ڪنهن درد يا پيڙا مان گذرڻ کان پوءِ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. ”پيڙا يا درد (Anguish) جيڪو آزاديءَ سان ڪنهن فرد جي چهري منجهان پرکڻ جو مطلب ٿيو ته ماڻهو پنهنجي عدم وجوديت ۽ هن جي پيڙا واري وجود کان بلڪل الڳ هجي ٿو.
آخر ۾ هن جو پاڻ يعني (Being for itself) وارو پاسو، هن طرح پرکيو وڃي ٿو: هن جو پاڻ لاءِ وارو پاسو، سندس خواهش((Desire هجي ٿي. پاڻ لاءِ فقط ان شئي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ناهي، پر ان لاءِ هن جي خواهش به موجود هجي ٿي. آخرڪار پاڻ لاءِ حاصل ڪرڻ جو مطلب ٿيو ته ان شئي کي پنهنجي وجود سان گڏ ڄاڻ به حاصل هجي. اها هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪا شئي موجود آهي، ان کي ڪا شئي نه چوڻ ته پوءِ ان بابت ڄاڻ کان به انڪاري ٿيڻو پوندو. اها راءِ جيڪا پاڻ ڄاڻڻ ۽ خواهش سان سلهاڙيل هئي، جنهن کي عدم وجوديت ڪوٺيو ويو، انهن ٻنهي کي ملائڻ وري اڻ ڄاڻائي جي زمري ۾ اچي ٿو. اها اڻ ڄاڻائي واري خواهش جنهن سان ڪجهه به ٿيڻ جي خواهش هجي، ان کان پوءِ وري پاڻ ڄاڻڻ واري خواهش تان به هٿ کڻڻ ان کي چئبو ڪجهه به نه (Nothing) .
سارتر وارو انساني سچائي وارو نظريو، ’وجود جي پاڻ لاءِ ڪوشش‘ جنهن سان خواهش گڏيل هجي ٿي، ان مٿان جوڙيل آهي جنهن مٿان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪجي ٿي، هن تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻه اهم نتيجا سامهون رکڻان پوندا. پهريون اهو آ ته خواهش جي حقيقت تي پهچڻ لاءِ، اطمينان واري عمل کي هر وقت زندهه رکڻو پوندو، پاڻ لاءِ واري خواهش جي حاصل ڪرڻ وقت اسان جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪا آفاقي يا الهامي شئي حاصل ڪجي، اها خواهش جيئن ته آزادي هجي ٿي ته پوءِ حاصل ڪرڻ واري شئي کي حاصل ڪرڻ منجهه به سوچ جي آزادي شامل هجي. ٻيو نتيجو اهو آهي ته دنيا اسان لاءِ ڏاڍي قيمتي (valuable) ۽ اهميت واري هجي ٿي، خواهشون اوچتو ڪونه اڀرنديون آهن، پر ڪو مقصد يا مدعا حاصل ڪرڻ لاءِ خواهش هر ڪنهن جي ذهن ۾ اڳواٽ جڙندي آهي ۽ ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪوشش ڪندو رهندو آهي. ان لاءِ هو ڌرتي توڙي آسماني الهامي ۽ آفاقي قوتن آڏو التجا ڪندو رهي ٿو ڇاڪاڻ ته هڪ ضرورتمند فرد لاءِ اها خواهش وڏي اهميت واري هوندي آهي.
هن وقت تائين اسان سارتر جي ڪائنات کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهيا آهيون. يعنيٰ انساني شعور جون ٻه حدون مقرر ڪري سگهيا آهيون. هڪڙي جيڪا محسوس ڪرڻ واري ۽ ٻي محسوس نه ڪرڻ واري، ان سان گڏ انساني شعور جي مختلف حصن کي پرکي سگهيا آهيون، يعنيٰ وجوديت جو وجود محسوس ڪرڻ (Being in itself) هاڻي اسان جي آڏو دنيا اندر شين جو وجود ۽ انهن جي خاصيتن جي پرک ڪرڻ آهي، جن کي سارتر وجود پاڻ موجود ٿو.
پهريون ۽ بنيادي فرق وجود ’پاڻ اندر موجود‘ ۽ ’وجود پاڻ لاءِ موجود‘ منجهه اهو آهي ته پهريون موجود آهي ۽ جڏهن ته ٻيو موجود ناهي. سموري شعوري ڄاڻ ڪنهن شئي بابت شعوري ڄاڻ جو ڪجهه حصو حاصل هجي ٿي، شعور جا ڪيترا روپ ٿي سگهن ٿا، جيتريون شيون اوترا روپ مٽجي سگهن ٿا، ته ڄاڻ به شين مطابق مٽجي سگهي ٿي.
مجموعي طور نفسياتي عمل جي انهن روپن کي ورهائي هنن نالن سان پيش ڪري سگهجي ٿو: ڪردار، شخصيت يا انا، وڏائي يا انا، پاڻ شعور جي پيداوار آهي، جيڪا وجود منجهه واري زمري ۾ اچي ٿي، اهو نفسياتي عمل آهي، نه ڪي جسماني ۽ گهڻو ڪري اهي ٻئي هڪ ئي ڪري سمجهيا وڃن ٿا. شعور يا جاڳرتا، شين بابت ئي هجي ٿي، ان جو وجود شعور جي هجڻ منجهان ئي چئي سگهجي ٿو. انهن لاءِ ڪنهن ثبوت جي ضرورت ناهي، سارتر جي ڏسيل اصول، جنهن سان انا کي شعور جي پيداوار چيو وڃي ٿو، بلڪل واضح آهي، انا پنهنجي الڳ دنيا جوڙي به سگهي ٿي ته ٽوڙي به سگهي ٿي، پر عدم وجوديت ايئن ڪونه ٿي ڪري سگهي. ڊيڪارٽ پاڻ کي انا جي پردي ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ خالق کي عرض ڪيو ته هن جي سچي دنيا کيس واپس ڏياري.
ڪائنات جا نظارا پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اسان وٽ شعور جي قوت/صلاحيت هجڻ کان پوءِ ئي حاصل ٿي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سارتر ان کي تصور جي ڄاڻ ڪوٺي ٿو. ان لاءِ اهو چوڻ ۾ اسان حق بجانب آهيون ته اهي منظر، ڪائناتي اظهار، اسان پاڻ پسي سگهون ٿا. انهن اظهارن کي جڏهن گڏائجي ٿو ته پوءِ ان جو نالو ڪا شئي (Object) رکيو وڃي ٿو. انهن مظهرن پويان ڪوبه نالي سان وجود ڪونه هوندو آهي، اها ڳالهه وري ڪانٽ جي پرک جو نتيجو آهي.
وجود جو دائرو، جيڪو شين جي شعوري ڄاڻ تي مشتمل هجي ٿو، ان کي وجود پاڻ موجود ڪوٺيو وڃي ٿو. Being in itself ڇاڪاڻ ته اهو وجود پاڻ لاءِ (Being for itself) جيان يا ان جي لڳ ڀڳ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وجود پاڻ موجود جي اندر جي دنيا خالي هجي ٿي، وجود پاڻ لاءِ جي دنيا کان بلڪل الڳ، ڇاڪاڻ ته پاڻ لاءِ، وجود جي دنيا نسبتي آ، لڳ لاڳاپو رکڻ واري آ، ان جي ويجهڙائپ، نسبت، ۽ ڪيترين شين، مثال طور: فيصلو/فتويٰ، قانون، پنهنجي جاڳرتا وغيره سان لاڳاپو هجي ٿو. وجود پاڻ موجود بابت ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي هوندي، اهو مادي جيان هجي ٿو. مادو ڪنهن جسماني شئي جيان نه پر نفسياتي عمل ۽ اظهار، شعور جا مظهر هجن ٿا، جيڪي وجود پاڻ موجود واري دائري منجهه هجن ٿا ۽ انهن کي فقط وجود جي سڃاڻپ چئي سگهجي ٿو. انساني شعور کان الڳ پاڻ موجود پڻ وجود رکي ٿو ۽ چرپر به ڪري ٿو. خصوصيت مثال طور: ڳاڙهاڻ، مٺاڻ وغيره ڪنهن شئي سان نسبت رکن ٿا. انهن سمورين شين جو اظهار ٿئي ٿو، طاقت، خصوصيت، مقصد ۽ ٻين شين سان نسبت، تعلق، حالانڪ اهي ڪنهن شئي جا مختلف اظهار يا صورتون هجن ٿيون، اهي اظهار سمورا، ’ڪنهن شئي لاءِ‘، واري چرپر جي پيداوار هجن ٿا، يعنيٰ اهي بنيادي طور داخلي هجن ٿا، Subjective in Origin هيءَ دنيا جيئن ۽ جهڙن رخن ۾ نظر اچي ٿي اها پاڻ موجود واري خاصيت جا گڏيل خارجي اظهار هجن ٿا” حقيقي وجود جسامت (سخت جسم)، خاصيت ۽ چرپر ان سان گڏ وجود لاءِ وارا شخصي داخلي (Subjective) اظهار يا عمل خاص طور تي حڪم، تبديلي، قدر/قيمت ۽ ڪاريگري/قابليت وغيره.
وجوديت بابت ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌائيندي سارتر هاڻي موضوع يا ٻين وجودن جي گهڻائي بابت، جن جو رشتو هڪ فرد جي مختلف وجودي روين جو پنهنجي اصلي/بنيادي وجود سان رشتو جيستائين ٻئي (Other) جو تعلق آ، اهو به منهنجي دنيا اندر وجود رکي ٿو، الڳ يا ٻيو ان ڪري ٿا چئون جو ان جو خارجي خصلتون فقط الڳ هجن ٿيون، يعنيٰ اهو ڪو ٻيو وجود ڪونه ٿو رکي. ان جو روپ فقط منهنجي لاءِ ٻيو/ٻي شئي ٿي سگهي ٿو. ان قسم جي آفاقي يا الاهي ڄاڻ مون کي تجربي (Experience) جي روشنيءَ ڪري حاصل ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪائنات اهو آزاد وجود ٿي ڪم ڪري ٿو، جنهن کي سارتر، آفاقي وجود جو نالو ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو الائي خيالن ۽ تجربن جو نچوڙ آهي. اهو ٻيو وجود ظاهر ٿي، مون کي نهاري ٿو، ان جي آفاقي اثر هيٺ، مان پاڻ کي آزاد نه ٿو محسوس ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته اهو پهريائين منهنجو حصو ئي هيو، ان جي برعڪس مون ۾ انا پيدا ٿئي ٿي، هڪ ڪردار اڀري اچي ٿو، جنهن کي ڪجهه خارجي خاصيتون هجن ٿيون. پر ان ٻي حيثيت جو ذميوار مان ئي آهيان، ڇاڪاڻ ته ان جو جود منهنجي روين مان جڙيو آهي، مان ان تي حاوي نه ٿو ٿي سگهان، ڇاڪاڻ ته ان رويي جو ٻي دنيا ۾ هجڻ وارو خيال ئي مون کان کسڪي وڃي ٿو. اهو وجود ٻين لاءِ حقيقت ۾ منهنجي ئي وجود جو نئون روپ هجي ٿو. منهنجو وجود ڪنهن شئي جي روپ ۾ نئون ان ڪري جو ’پنهنجي لاءِ وارو‘ فقط يا ڀلي ان جي جهلڪ هجي، ڪنهن شئي جي روپ ۾ هضم نه ٿو ڪري سگهي. اهو ڇا به هجي، منهنجو وجود ٻين لاءِ جنهن کي ڪوٺيون ٿا، اهو منهنجو ئي وجود آهي ۽ مان ان کي پاڻ کان الڳ نه ٿو چئي سگهان.
حوالو: (ٻين جي آزادي... منهنجي آزاديءَ جي حد ٿي... اها منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي آهي جيڪا مان کنيون گهمندو وتان ٿو، پوئتي منهن ورائي ان بابت ڄاڻ به حاصل نه ٿو ڪري سگهان... جيڪڏهن ڪو ٻيو به موجود هجي ٿو... ته پوءِ مون کي به ٻاهرين دنيا آهي، مون وٽ فطرت به آهي.)
مختصر طور تي ان قسم جي ورهاست ٻن حصن ۾ هڪڙو پنهنجو پاڻ لاءِ جنهن سان ٻي جو وجود به سامهون اچي ٿو، نتيجو اهو نڪتو ته ٻيو به هڪڙو وجود آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، اهڙي طرح سان هر هڪ پنهنجي لاءِ جاکوڙ ۾ جنبيل رهي ٿو، ان طرح سان دنيا جو خارجي وجود بڻجي پوي ٿو. پوءِ دنيا جنهن ۾ فرد لاءِ شخصي ڪجهه به ڪونهي ۽ دنيا ٻين جي لاءِ هجي ٿي، انهن لاءِ آزادي به هجي ٿي ۽ هڪڙو، ٻين لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لائق ناهي، ته پوءِ ان قسم جي صورتحال خطرناڪ هجي ٿي، جيڪا هڪ فرد جي اختيار کان ٻاهر هجي ٿي، شرم/حياءُ ماڻهوءَ جو پراثر پاسو/پهلو هجي ٿو، جنهن جي مدد سان اسان ٻين جو وجود پرکي سگهون ٿا. ان طرح سان هڪ طرف مان (I) هن (ٻئي) جي لاءِ شئي بڻجي پوان ٿو، هن کي اختيار آهي ته هو مون سان ڪهڙي به حالت ڪري، مون کي برداشت ڪرڻو پوندو، (Masochism) يا مان پنهنجو بچاءُ ڪندي، هن کي ڪنهن شئي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هوندس Sadism ، ٻئي جو وجود، مون کي ڏوهاري بڻائي ٿو. ان طرح سان اصلي ڏوهه/قصور، منهنجو بڻجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻين جي وجود ڪري مون کي پنهنجي انا خاطر قد وڌائڻو پوي ٿو، ان طرح منهنجا تعلقات به ٻين سان منهنجي انا جي نسبت سان هجن ٿا جيڪي گهٽ وڌ ٿيندا رهن ٿا.
هن وقت تائين بحث جو نچوڙ ڪجهه هن طرح جو بڻجي ٿو: سارتر سچائي کي جنهن صورت ۾ پيش ڪيو آهي ان جو سٽاءُ ايئن ٿيندو ته اها شين ۽ وجود جو مجموعو آهي، يعنيٰ وجود پاڻ ۾ موجود ۽ وجود پنهنجي لاءِ موجود جو، شين لاءِ وڌيڪ ايئن چئبو ته اهي سموري مادي دنيا اندر جيڪي به (شيون) موجود آهن، اهي هن ۾ شامل هجن ٿيون، ان کان علاوه شعور سان سلهاڙيل هر شئي پڻ، جنهن ۾ فرد پاڻ ۽ پنهنجي خيالن سميت ان کانپوءِ فرد جو شخصي عمل/رويو، جيڪو ٻين کي محسوس ٿئي، ڏسڻ ۾ اچي، جنهن کي وجود ٻين لاءِ به چيو وڃي ٿو. جيستائين شخصي شعور جو تعلق آ، جيڪو ضروري ناهي ته سوچ يا سمجهه يا خيالن جي ڏي وٺ ئي هجي، پر اها جاڳرتا هجي ٿي، ان جو مطلب ٿيو ته بحث مباحثي ڪرڻ جي جاڳرتا يا صلاحيت. هر اها شئي جيڪا وجود رکي ٿي، اها هروڀرو وجوديت ناهي، پر اهي وجوديت جا انفرادي مثال يا مظهر هجن ٿا. ان وجوديت جي هر مثال اندر اسان کي نئون وجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو سلسلو هجي ٿو جنهن جي ذريعي وجود کي پنهنجي موجود هجڻ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
سارتر واري وجوديت مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اها ڪوشش ٿو ڪري ته ماديت کي سمجهائڻ لاءِ ڪو وچون رستو ڳوليو وڃي جنهن جو زور مادي دنيا جي سچائي واري پهلوءَ تي هجي ۽ مادي جي تشريح به ساڳي طرح هجي، ان جي برعڪس تصور يا خيالي دنيا، جنهن جو زور مادي سچائيءَ تي مبني هجي ۽ ان جي تشريح به مادي دنيا واري هجي پر اها عقل ۽ فهم و فراست پٽاندڙ هجي. هو ماديت پرستن سان اتفاق ڪري ٿو ته شيون وجود رکن ٿيون، حالانڪ انهن جي هجڻ جو انساني تجربو الڳ الڳ هجي ٿو، بعد ۾ هو تصور پرستن سان به شامل ٿي وڃي ٿو جيڪي دنيا لاءِ جنهن ۾ ماڻهو رهن ٿا، ايئن چون ٿا ته ان جي تعمير يا جوڙجڪ، اهي ماڻهو ئي ڪن ٿا جيڪي ان ۾ قيام پذير آهن. ساڳي وقت هو ٻٽي وجود جو به انڪاري آهي، جيڪو هڪ فرد لاءِ ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اهو فرد، پنهنجي دنيا کان علاوه ڪنهن ٻي دنيا بابت ڄاڻ جنهن ۾ اهو رهائشي پذير ئي ناهي. (ڪيئن رکي سگهي ٿو) هن قسم جو روايتي مسئلو جيڪو فلسفي منجهه موجود هجي ٿو، ان کي حل ڪرڻ جو رستو جيڪو سارتر پيش ڪيو آهي، جنهن مٿان شديد قسم جي تنقيد به ٿي هئي ، اهو هن طرح آهي ته: ”عدم وجوديت جي نشاندهي، جنهن کي هن انساني وجود جي سچائيءَ جي دل ڪري ڪوٺيو آهي، اهو مرڪزي ڪردار جيڪو هن عدم وجوديت کي ڏنو آهي، اهو ماديت ۽ تصوريت پرستي ٻنهي منجهه موجود ناهي، پر اهو فقط ايگزسٽينشلزم منجهه ئي موجود آهي.