تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ھي ڪتاب ويهين صديءَ جي فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre جي وجوديت ۽ انسان دوستي بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ سنڌي ۾ ترجميڪار ڊاڪٽر بدر اڄڻ آھي.
Title Cover of book سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي

ديباچو: شيام ڪمار

[b](سارتر __ وجوديت واد __ جرڪندڙ اُڀ)
[/b]
هربرٽ ريڊ وجودي فڪرExistentialism))کي واکاڻيندي اظهاريو آهي ته ”’ماڻهوءَ‘ جو وجود هڪ غيرتڪراري’حقيقت‘ آهي؛ نه صرف تجريدي لحاظ کان بلڪ انسان ۽ شخص جي حيثيت ۾ به جهڙوڪ ’تون‘ يا ’مان‘. ٻيو سڀ ڪجهه __ آزادي، پيار، عقل ۽ خدا¬__ ¬عارضي ۽ پاڇي جيان آهي جيڪو صرف ’فرد‘ جي مرضي ۽ اختيار جو محتاج رهي ٿو. “
سارتر جون ذهني اُڀ تي ڦهليل اڪثر بيشمار ڳُوڙهيون، فڪري، فني، ادبي، انساني سڀاءُ جي ڇيد ۾ رڱيل ۽ تمثيلي لکڻيون جهڙوڪ:trilogy ناولَ: ’آزادي جون راهون‘، ’دليل جو يگ‘، ’ڦاهي کان اڳ مهلت‘،’روح اندر فولادي ڇيت‘، ناول ’اُٻٿ‘، ڏهه عدد ’ناٽڪ‘، پنج عدد ’ڪهاڻيون‘، ’هستي ۽ عدميت‘، آتم ڪٿا ’لفظَ‘، جماليات، ڪلپنا جي نفسيات، مارڪسواد ۽ وجوديت جي موضوعن تي مضمونن مقالن جا ڳٽڪا، ٻي مهاڀاري لڙائي جا 5 عدد ’روزنامچا‘، ’جدلياتي استدالال جي ڇنڊ ڇاڻ‘، ’طريقي ڪار جي ڳولها‘، ’يهوديت واد‘، ’وجوديت ۽ انسان دوستي‘، ادبي سنسار جي ٽن جينئس انسانن (فلابيئر، بادليئر، ۽ يان جيني) جون تجزياتي جيون ڪٿائون __ ۽ متفرق هوشربائي اُپج __ سنديس ٻاجهاري ۽ انسان دوستي جي ڪک مان آبشاري انداز ۾ وهنديون چمڪندڙ ٽانڊاڻن ۽ ٿڌاڻ بخش چڻنگن وانگر ڀاسنديون اٿم.
سندس سمورو ادبي، سياسي ۽ فڪري سرمايو ڄڻ سنديس ’دانشوراڻا جيون ڪٿا‘ لڳندو اٿم.
هُنَ پنهنجي سموري زندگي __ ڪجهه تڪراري ۽ غير هضم ٿيندڙ روين کي پاسيرو رکندي __ مثالي ذهانت وجوديت خاص طور ’انساني وجود‘، سان لاڳاپو رکندڙ فلسفياڻا ڳنڍين کولڻ ۽ ’هُن‘، جي جيون جي معنويت، مقصديت __ لايانيت (Absurdity) جي منجهيل سُٽَ کي سلجهائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.
انکان اڳ هن پيرس جي’لاهاروي‘ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ فلسفي جي استاد جي طور سکيا ڏيڻ جي ڪرت شروع ڪئي هئي __ ۽ ان بعد مغربي ۽ مشرقي ملڪن جي ڪجهه راڄڌانين جهڙوڪ نيويارڪ،ويانا،ٽوڪيووغيره ۾ ان موضوع تي ليڪچرن جو سلسلو به شروع ڪري ڏنو جنهن ۾ سندس ناماچار ڏيهان ڏيهه ڦهلجي ويو.
ان سموري جاکوڙي سفر ۾ سارتر فلسفي، انساني زندگي ۽ غير انساني جيون جي ڳوڙهن مسئلن ۽ خاص طور ’وجوديت ۽ عدميت‘ جي اونهن اُلجهاوَن جي اُپٽار ۽ تحقيق تي بيحد نور نچوئي امرتا ۾ ٻڏل داستان لکيا جن ۾ مٿي ڄاڻايل’هستي ۽ عدميت‘، جدلياتي دليل تي ٽيڪا، ’وجوديت ۽ انسان دوستي‘،’ادب ڇا آهي‘(سياسي ۽ فڪري لحاظ کان ادبي نظرئي جي گهڻ پاسائين اُپٽار)، ’جنگي ڊائريون‘ پنهنجي فلسفياڻا جيوني ’لفظَ‘ ۽ ان جو اڳتي وڌندڙ سلسلو ’خانداني ڀُوڪ‘، انسان سان لاڳاپيل گوناگون ڳُوڙهن مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ تي تخليقي مضمونن، مقالن جو مجموعو ’حالتون‘، فلسفي جي بنيادي تقطيع تي تخليقي رچنا ’فڪري ڌارائون‘، ’وجوديت ۽ سچائي‘، ’خودي جي اُتمتا‘، نفسياتي ڇيد تي ٻڌل ادب جي ٽن قداور شخصيتن: ’گستاوَ فلابيئر، چارلس بادليئر، ۽ يان جيني‘ جون جيون ڪٿائون __ ۽ سنديس فڪري سوچ جيڪا ڪافي حد تائين الجهاوَ، ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۽ ابهام جي ٿُلهي ۽ ڏکيائپ سان پرجهندڙ معنائن ۾ وڪوڙيل آهي، کي عام پاٺڪ تائين رسائي لاءِ سنديس ’ادبي رچنائن‘ جي سهائتا ۽ اوٽ وٺڻ لازمي امر بڻجيو وڃي ٿو.
ساڳي ريت فلسفي جي جڳت جي انيڪ هاڪارين شخصيتن جهڙوڪ افلاطون، هيوم، برڪلي، وٽگينسٽين، نطشي، روسو، والٽيئر وغيره به پنهنجي ڳوڙهي فلسفياڻا سوچ کي سدا ڦهلجندڙ ۽ وڌندڙ ’عوام‘ تائين عام ڪرڻ خاطر سڌيءَ طور ۽ ’روائتي‘ انداز جي ڏکئي، اڻاوي ۽ مبهم قالب ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ ’ادب‘ جي عام فهم، جاذب ۽ سهنجي پيمانن ۾ پالوٽڻ مناسب ڄاتو هو. هنن فڪشن، مڪالمن، مقولن جي منفي قالبن ۾ رجيل ڌاتوءَ جيان ’فڪري ڏاهپ‘ جي پالوٽ جا روشن دڳ ڳولهي لڌا هئا. ان سلسلي ۾ ڪيرڪي گارڊ، ڪامو، مردوڪ، ۽ نطشي وغيره جا نالا وٺڻ به نامناسب ڪون ٿيندو.
جيتوڻيڪ سارتر جواهم ترين گهڻ پاسائون ۽ منجهيل سُٽَ جهڙو عظيم شاهڪار ’هستي ۽ عدميت‘ (Being and Nothingness) روائتي ۽ سنوائتي انداز ۾ تخليق ٿيل فيلسوفياڻي اُپج آهي پر ان جو مثالن سان سمجهايل ادبي اسلوب ۽ فقرن جو انداز جامد روائت کان سُرڪندو ۽ فلسفياڻا انداز جي هڪ نئين ۽ منفرد انقلابي قالب کي ڇهندو محسوس ٿئي ٿو. پر، بنيادي طور کيس فلسفيِ ئي ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ سندس بهترين ادبي صنف صرف ۽ صرف ’فلسفي‘ کي ڄاتو وڃي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي سڀني اديبن، شاعرن کي فلسفي سڏجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو ڇو جو اهي سڀيئي پنهنجي پنهنجي الڳ صنفن ۾ مفڪرن وانگر انسان جي بنيادي حالتن __ وجود، اخلاقيات، بقا ۽ فنا وغيره __ تي ئي لاڳيتو ويچاريندا رهيا آهن يعني هستي، وجود __ پاران ’لکڻ‘ ذريعي اظهار سندس پنهنجي ذاتي ’چونڊ‘ (Choice) جو نتيجو آهي. سندس فڪر جو بنيادي نڪتو هستي (وجود) کي جيئن جو تيئن قطعي ڪون قبول ڪرڻو آهي؛ بلڪ سندس جيڪا ’هستي‘ يا ’وجود‘ آهي ان اندر سندس مرضي ۽ چونڊ جو دخل لازمي امر ليکيو وڃي ٿو.
سارتر جي گهڻ پاسائين ۽ گهڻ ڪنڊائتي شخصيت نه صرف سندس ’پلي بوائي‘ رنگين ۽ اُتساهه بخشيندڙ هستي ۾ جرڪندي پسجي سگهي ٿي بلڪ فڪري ۽ ڏاهپ جي سطحن تي به انساني روح ۽ جسم کي غير مثالي طور Inspire ڪندي رهي ٿي. سندس لاجواب ادبي تخليقن ۾ چار ناول، پنج افسانا، ۽ ڏهه عدد ناٽڪ سندس جاودانيت کي آسمانن جي اڻ ڇهيل سدا ٽم ٽم ڪندڙ ڪنارن کي ڇهندا محسوس ڪري سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ ظاهري طور ’ادب‘ جي اها مختصر مڏي آهي پر دنيا جي سموري ادبي ڪائنات سان برميچي سگهڻ جي بي انتها سگهه سونهن ۽ سڳنڌ سان ساڃهه ۽ سينگار ۾ سرس ڀاسندي اٿم. ان کان سواءِ هن وطن ۽ انسان دوست صحافي، آزادي جي اُپاسڪ ۽ جرمن نازي سوچ ۽ ڪاهه جي هڪ بي ڊپي مدافعت ڪار جي حيثيت ۾ نه صرف نازي قيدي بڻجي پاڻ موکيو هو بلڪ دنيا اندر خاص طور الجيريا ۾ آزادي جي جدوجهد ۾ شامل انسانن سان ڪلهو ۽ قدم ملائيندي به ڪين ڪيٻايوهو؛ ان عمل ذريعي هن وجودي فڪر کي انسانيت سان پُر مارڪسوادي سوچ سان سنگمي مالها ۾ پوئي انسان ذات جي آزادي برابري ۽ سڪيولر فڪر جا نوان ۽ اُتم دڳ ڏيکاريا هئا __ جيڪي اڄوڪي بحراني دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتا ۽ اعليٰ ليکجن ٿا __ سندس روحاني ۽ جسماني مڪتي جي ڏس ۾!
’وجوديت‘ جي فلسفي جي تاريخي ڄمار هڪ سو سالن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي __ ۽ ان جي داخلي (Subjective) ڪاملتا ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي. ’خدائي‘ فارمولي ۽ وڊرو، والٽيئر ۽ ڪانٽ موجب ’تخليق‘ وجود کان اڳ ۾ ڪئي وئي يعني جوهر (Essence) وجود (Being, existence) تي مقدم آهي؛ افلاطون کان وٺي فيلسوفن جي ڊگهي لانڍ ان ’ڪلئي‘ تي ڪامل وشواس رکندي پسجي ٿي! پر، ’وجودي فڪر‘ موجب ’وجود‘ کي جوهر مٿان اوليت حاصل آهي. ان سبب ڪري ئي انسان کي آزاد رهڻ جي اها ’سزا ‘ملي __ يا اها آزادي انسان لاءِ سزا جي برابر آهي ڇو جو هن پاڻ کي پيدا ڪون ڪيو آهي، ۽ ان جي باوجود هُو آزاد به آهي! جنهن گهڙيءَ کيس دنيا ۾ اڇلايو ويو تنهن مهل کان هُو پنهنجي هر عمل جو ذميدار آهي!
وجوديت Existentialism)) لاديني صورت حال مان پختن نتيجن ڪڍڻ جي هڪ اڻ ٽر ڪوشش آهي. ان ’ويچار‘ موجب اصل مسئلو خدا جي وجود يا عدم وجود جو ڪونهي بلڪ انسان کي ان امر جي ضرورت آهي ته پاڻ کي ٻيهر ڳولهي لهي ۽ کيس سمجهڻ جڳائي ته کيس سندس ’پنهنجي ذات‘ کان ڪائي شڪتي بچائي ڪون سگهندي __ ايستائين جو خدا جي موجودگي جي غير تڪراري شاهدي به کيس ڇوٽڪارو ڪون ڏياري سگهندي.
سنديس خيال افروز ٻهڳڻي تصنيف’ادب ڇا آهي؟‘ کي سياسي معاهدي يا عهدنامي سان تعبير ڪري سگهجي ٿو __ ۽ ادب جي ان معنوي هيئت يا صورت ذريعي سماجي ۽ سياسي عمل کي سڃاڻڻ ۾ وڏي هٿي ملندي. هتڙي روسو جو لافاني شاهڪار عمراني معاهدو (Social Contract) ياد اچي رهيو اٿم، ڄڻ ٻئي رچنائون معنوي افاديت جي لحاظ کان ’اسمِ بامسما ‘ آهن.
دنيا وانگر فنڪار به ذاتي حيثيت ۽ پنهنجي تخليق اندر تضادن جي انبار سان سٿيا پيا آهن __ ڪجهه ته بي انتها مايوسي ۽ نااميدي جي عڪاسي ڪندي پاٺڪ کي به قنوطي بڻايو ڇڏين ٿا، ۽ سارتر به انهن کان مختلف ڪونهي. پر، ان اونڌاهي ۽ بند گهٽي ۾ ڌڪجي پهچڻ جي باوجود منجهس روشني ۽ اميد چنڊ ۽ تارن جيان ٻهڪندي پسي سگهجي ٿي. سندس فلسفياڻا لکڻيون ۽ فڪشن (ادب) بڪيٽ (Bechett) کان وڌيڪ وندرائيندڙ، ڪافڪا (Kafka) جي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي ادبي تخليق کان گهٽ الجهيل (واضح رهي ته ڪافڪا به وجودي فڪر جو حامي هئو) ، ڪيرڪي گارڊ (Kierkegaard)جيان ورجائيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ مورڳو ڪونهن __ البرٽ ڪامو (Albert Camus) کان وڌيڪ سياڻپ، ساڃاهه، ۽ هاڪاري فحاشي ۾ سرس آهن. سندس چواڻي،” جيئن ڪو پاٺڪ هر فن پاري کي وڌيڪ تپاسيندو، تڪيندو ۽ من ۾ ويهاريندو رهندو تيئن ان فن پاري اندر موجود فني ترڪيب ۾ روان دوان ويساهه منجهس اڻ ڇهيل آزادي جي لهر اُڀاريندو رهندو “۽”نثر جو فن صرف ان راڄ ۾ گونچ ڪڍندو آهي جنهن اندر کيس مفهوم جو جامو سولائي سان پهرائي سگهجي: صرف جهموريت ۾!“
’وجوديتي فڪر‘۾ ويساهه رکندڙ مفڪرن، اديبن جهڙوڪ آندري مالرو، سارتر، ڪيرڪي گارڊ، هائيڊيگر، پاسڪل، ڪامو وغيره موجب انساني حالت جي تُز، سچي ۽ شفاف سُڌِ ۽ جاڳرتا سنديس خوشي جي لمحن: راند روند، وندر، عياشي مان ڪونه پئجي سگهندي آهي بلڪ ان مهل آشڪار ٿيندي آهي جڏهن هُو انتهائي مايوسي، نااميدي، ويڳاڻپ جي حالت مان لنگهندو رهي ٿو.
سارتر مطابق، ”مارڪسواد اسان جي وقت جو اهم فلسفوآهي جنهن جي پٺيان ٻيو ڪو ان جهڙو صحت مند فڪر بلڪل ڪونهي ڇو جو اسين اڃان تائين انهن حالتن کان ٽپي اڳتي ڪون وڌي سگهيا آهيون جن ان ’فڪري ڌارا‘ کي جنم بخشيو هو. “اها ڌارا سارتر جي سموري تخليق ۾ جابجا وهندي ڏيکارجي ٿي.
اديب جو ڪارج ’مواد ۽ مقصد‘ هئڻ جڳائي. نثر علامتن، نشانين جي اُپٽار لاءِ ٿئي ٿو، ان کي ’ذهن جو لاڙو به ڪوٺي سگهجي ٿو، ۽ شاعري فني ڏيکاوَن جهڙوڪ چترڪاري، مورت سازي ۽ سنگيت جي عڪاس ٿئي ٿي! شاعري اندر لفظن جو استعمال نثر جيان ڪون ٿئي ٿو بلڪ ڄڻ تصويرن ۽ چترن جي ڪشيدهه ڪاري ڪندي رهي ٿي. دراصل شاعري کي علامتن بجاءِ ’شين‘’شڪلين‘ جي تخليق جو ذريعو سمجهڻ جڳائي. سندس آڏو ’ٻولي‘ ٻاهرين دنيا سان ڳنڍيل رهي ٿي ۽ شاعر ٻوليءَ جي سنسار کان ’ٻاهر‘ سئر ڪندو رهي ٿو. ٻولي ۽ لفظ کي اندر جي سُوجهي وسيلي ’فطري‘ شين جي رنگ روپ ۽ عڪس ۾ پسڻ چاهيندو آهي. ٻولي ڄڻ اسان جي پناهه گاهه ۽ کوپو ٿئي ٿي، ڄڻ شِوَ شنڪر واري ٽين اک آهي.
’نثر يا شاعري ۾ بنيادي طور لفظ جي هيئت ۽ حيثيت پدارٿ: ’مفعول‘ ۽ ’شيءَ‘ جهڙي ڪونهي بلڪ اهو ان جو ’لقب‘’نانءُ‘ ٿئي ٿو. ان کي ڪنهن خاص ٿيندڙ عمل جو ’لمحو‘ يا پل به ڪوٺي سگهجي ٿو __ ۽ ان کان ’ٻاهر‘ سندس ڪا اهميت ڪونهي! البت انهن کي ’پنجوڙ‘ به ڪوٺي سگهجي ٿو جنهن اندر اسان جا احساس ڦاسندا رهن ٿا __ ۽ موٽ ۾ اسين اهي پاٺڪ جي ’ايجاد‘ مزيد ’تخليق‘ لاءِ پيش ڪندا رهون ٿا. ادب جي رچنا سوڀ، تياڳ، ديوانگي ۽ موت سان مکا ميلو ڪرائي سگهي ٿي؛ يا وري ؟
’انساني حقيقت‘ وسيلي ئي شعور، لاشعور __ ۽ تحت الشعور جا گپت ۽ ڳجها دروازا کلندا رهن ٿا __ ۽ ’وجود ‘ کي ساڀيا ۽ سوڀيا ملندي پسجي سگهي ٿي. فن وسيلي ئي، صحيح معنيٰ ۾، اسان جو ناتو دنيا، ۽ ڪائنات جي گهڻ پاسائين رخ سان جڙجي سگهي ٿو. اهوئي دڳ هستي، وجود (Being)کي سڃاڻڻ ۽ استحڪام بخشڻ جو ذريعو ٿئي ٿو __ باقي واٽون ثانوي آهن!
خيال ۽ تخليق جو سنگم يا ميلاپ اڀياس ذريعي ممڪن آهي __ ان ڪري خالق جي ڀيٽ ۾ پاٺڪ وڌيڪ اهم جڳهه والاري ٿو. اهو نڪتو فاعل (Subject) ۽ مفعول (Object) جي گڏيل اهميت تي هڪ جيڏو زور ڏيندو ڏيکارجي ٿو. ليکڪ ۽ پاٺڪ هڪ ٻئي کي جيستائين ’لکڻ‘ ۽ ’پڙهڻ‘ جي هڪ جيتري ’آزادي‘ ڪون ڏيندا ’فن پاري‘ جي رچنا محال بڻجي ويندي. اها مشترڪ انساني ’آزادي‘ ئي تخيل جو ’بنياد‘ ۽ اصلوڪو اُتساهه هوندي آهي؛ ۽ صحيح معنيٰ ۾ آرٽ جو مقصد به اهو آهي __ يعني ’انسان جي مشترڪ آزادي‘ جنهن اندر سموري انسان ذات هڪ مالها ۾ پوتل پسجندي رهي ٿي.
فطري حسن جي فني سندرتا سان ڀيٽ ڪرڻ بي سود عمل آهي، ڇو جو فن پنهنجي جاءِ تي ’تڪميل‘ جو حامل ڪونهي جيئن پهرين صورت کي چئي سگهجي ٿو. ان جي تڪميل ان اندر لڪل فني قدر جي ڪٿ تي منحصر ٿئي ٿي جيئن وان گاگ يا ريمبران، يا پڪاسو وغيره جي چترڪاري.
وچولي عهد ۾ عيسائي پروهت سڀ کان وڌيڪ اُتم ڄاتو ويندو هو ڇو جو ’عيسائيت، خدا ۽ روحانيت‘ سندس ذات جو حصو ڄاتا ويندا هئا __ ۽ ان عمل ۾ حاڪم سندس ٻانهن ٻيلي هو. سندس وجود ۽ فلسفي جو دارومدار ادب جي ’موت‘ سان سلهاڙيل هو، جنهن اندر عوام گونگو ۽ ٻوڙو رهيو هو!
فرانس اندر 1830ع ۽ 1848ع جي انقلابي عمل ۽ لهر اندر صرف ’سياسي‘ ڪارڻ موجود هو. ان لهر ۾ ڀانت ڀانت جا طبقا موجود هئا پر، ڪو انقلابي نظريو ۽ منظم پارٽي ڪون هئي __ نتيجو: ڏڦيڙ، ۽ انارڪي جي صورت ۾ پڌرو ٿيو هو.
سترهين صدي جو فرانس ’غيرمقدس‘ ڏور ذريعي ’سياست ۽ مذهب‘ جو ٺاهه هو يعني بادشاهت ۽ ڪليسا جو ڳٺ جوڙ. ’ادب‘ به انهن جو مطيع هو جيڪو اندروني طور صرف مذهب جي واکاڻ، روحانيت، عيسائيت جي اپٽار ۽ تشريح جي ڪرم ۾ ننهن کان چوٽي تائين غرق پسبو هو.
اٺارهين صدي هڪ لحاظ کان ان ’جڪڙ‘ کان آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جو جتن ڪندي ڏيکارجي ٿي. ڊيڊرو، روسو، والٽيئر وغيره جا نانوَ ’ادب‘ کي آزادي جي راهه تي گامزن ڪندا ڏيکارجن ٿا. پر، ان جي باوجود ’سياست ۽ مذهب‘ جي ناپاڪ ياري به موجود نظر اچي ٿي جنهن جي ڪک مان انقلاب به جهاتي پائيندو نظر آيو هو. وڌيڪ اهو چوڻ چاهيندس ته سندن پاٺڪ طبقو ان دور جو ’بورجوازي‘ هو.
صحيح معني ۾ اڻويهين صدي کي ڪنهن حد تائين ’عوام‘ جو دور چئي سگهجي ٿو ڇو جو بورجوازي طبقو ’پنهنجي مفاد‘ کان مجبور ٿي ساڻس (ادب سان) ڪلهو ملائي ’مذهب ۽ سياست‘ جي پاڙن کي کوکلو ڪندڙ ڏيکارجي ٿو؛ ۽ هتڙي پاٺڪ ۾ عوام به شامل ٿيو هو!
سارتر موجب ”صرف سماجوادي اجتماعيت اندر رهندي ادب جي جوهر (Essence) جي پرک ٿي سگهندي، ۽ ان طريقي وسيلي ئي روائت ۽ جدت، منڪريت ۽ تعميريت، ’عمل‘’هئڻ‘ ۽ ’وجود‘ جي الڳ الڳ صورتن اندر هم آهنگي ۽ سنجوڳي (Synthetic) حالت پيدا ڪري سگهڻ ممڪن بڻيو __ ۽ ان نئين صورت گري کي ئي ’پورڻ ادب‘ (total literature)جو درجو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي ادب جي افاديت ۾ غير جانبداري جو تصور نٿو ڪري سگهجي. اهڙو ادب انصاف، سماجي انصاف، ڏتڙيل جي حق، هر قسم جي آزادي __ ڇڙواڳي کان سواءِ __ ، غير طبقاتي سماج، سيڪولر سوچ، انسان جي سربلندي وغيره جي ويچارن ڏانهن لاڙو رکندڙ ٿئي ٿو. ساڄي ۽ کاٻي جي ارهه زورائي کان ڄڻ ازلي ’اُٻٿ‘ ايندي اٿس (هتڙي ’اُٻٿ‘ لفظ تي رومين رولان جو ناول ’يان ڪرسٽوفي‘ ياد اچي ويم. ان ناول کي پڙهڻ بعد سارتر ان کي ’اُٻٿ‘ آڻيندڙ ناول قرار ڏنو هو؛ پر، ان جي واکاڻ به ڪئي هئائين! ان ناول سندس اکين ۾ انيڪ ڀيرا ڳوڙها آندا هئا، ڇو جو ’ڪرسٽوفي‘ جي لاڳيتين ڀوڳڻائن ۽ ڀٽڪڻ کيس بي حد اداس ڪري ايذايو هو؛ ليڪن ان پيڙا جي ڪک مان امرتا ۾ ٻڏل موسيقيءَ جنم ورتو جنهن سندس هر عذاب جو ڄڻ ڀرپائو ڪري ڇڏيو هو!). اهڙي ادب جي اڏاوت ۾ ’انحراف يا منڪريت ۽ تعميري‘ (negativity and constructive) اُڻن جو مواد موجود هجڻ لازمي امر ٿئي ٿو.
سارتر ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ ۾ پنهنجي گلرنگي معاشقن (جن ۾ بدن ۽ ذهن جي سونهن سان مالا مال ڇيڳري دانشوراديبه’سيمون ڊي بوار‘، جلپري جهڙي ’سمون جوليِوي‘، ’گُڏي جهڙي نازڪ ’ميري گيرار‘، ڪوهه ڪافي شوخ حسينه ’اولگاڪوساڪيوي‘، ڳردارسندري’مارٽيِن جورڊيِن‘، ساءُ سڳنڌ سان واسيل ’لُوسلي‘، تن ۾ جاڳرتا آڻيندڙ ’تانيه‘، جوت جيان جرڪندڙ ’لُوسي ويڊرين‘ وغيره جا نانوَ ڄاڻائڻ جوڳا آهن)، وليم فاڪنر، داس پاسوس، پال نِزان، مورليوپانٽي، آندري ييد، نباڪوف __ ۽ وجودي سوچ سان سلهاڙيل ادب جي ٽمڪندڙ تارن ۾ چسٽوف، برديِئيف، ڪافڪا، ڪامو، ايِرس مردوڪ __ ۽ ٻين تي تڪراري قسم جي تنقيدي مضمونن ۽ سن 1938ع ۾ ’اُٻٿ‘ ناول لکي چڱو خاصو ناماچار حاصل ڪري ورتو هو. ’اُٻٿ‘ جي فيلسوفياڻا اُپٽار سندس عظيم شاهڪار ’هستي ۽ عدميت‘ (1943) ۾ ٿيل آهي.
سارتر موجب ’حقيقت‘ اَمُڙُ ۽ بي ترس ٿئي ٿي پر، واريءَ جيان کسڪندڙ غير ضروري ۽ اجائي __ ۽ اتفاقي (contigent) يا لايانيت (absurdity) جي جامي ۾ وڪوڙيل! فڪشن جي ميدان ۾ سندس سڀ کان وڌيڪ اعليٰ تخليقي شاهڪار ناول ’اُٻٿ‘ (Nauseau) ان دور جي پيداوار آهي جيڪو ’هل چل وارين حالتن‘ سبب بي ڪئتو لڳي رهيو هو. ان شاهڪاري تخليق تي ڀريا ڇهه سال صرف ڪيا هئائين. اهو ناول ڄڻ فڪشن ۽ فلسفي جي وچ ۾ بنان ويڏي وارو وواهه آهي! جمالياتي سونهن ۽ بيان ۽ ڪشش ۾ به سندس ٻين’قصاوي‘ تخليقن کان وڌيڪ اُتم ڄاتو وڃي ٿو. سندس مطابق اُٻٿ ماڻهو ۾ ڪونه ٿئي ٿي بلڪ ماڻهو اُٻٿ ۾ گهيريل رهي ٿو.
سندس قلم مان نڪتل ٽن نامياري رچناڪارن جون جيونيون ۽ سندس پنهنجي آتم ڪٿا به بيان جي ندرت ۽ انفراديت، منفرد نفسياتي تجزئي جي سگهه ۽ ساڃهه، ۽ جمالياتي جلال ۽ حسن سان ائين سينگاريل ۽ سٿيل آهن جيئن اونڌاهي اُڀ تي ٽم ٽم ڪندڙ بي پناهه تارن جا ڪٽڪ ذهن مان لهي من ۾ سمائجي پوري وجود کي ٻهه ٻهه ڪندا پسبا آهن.
Contingency جو مفهوم آهي اتفاق، حادثاتي، اوچتي ۽ غير ضروري حالت يعنيٰ وجود جو بنيادي ڪائناتي موجوداتي ڏِکُ. جيئن being in itself غير تخليقي پاڻمرادو وجود آهي، ۽ ان ڪري ان وجود جو هجڻ غير اهم غير ضروري بڻجيو وڃي ٿو.

[b]گستاوَ فلابيئر جي جيوني جو جائزو:
[/b]”’ڪٽنب مان اسريل ڀوڪ‘ اندر سارتر بنان ڪنهن هٻڪ جي موجوده گلوبل منظر ۾ ٻار جو پنهنجي مادري زبان سان گهري سٻنڌ تي روشني وجهندي ان جي افاديت پڌري ڪندو ڏيکارجي ٿو.
فلابيئر تي لکيل سارتر جا پهريان ٻه جلد (ٻه هزار صفحا)
’ڪٽنب اندر ڀوڪ‘ انومان تي ٻڌل جيون ڪٿا، تحليل نفسي، ادبي تنقيد ۽ فلسفي جي دائري ۾ عقل چرخ ڪندڙ شاهڪار آهي. ان اندر سندس ٻه بنيادي ويچار هستي ۽ نيستي چٽائي سان ڦهليل ڏيکارجن ٿا، ڇو جو فلابيئر جي وجود جي اڻت جا اهي خاص جز رهيا هئا. هو پيءُ جي عدم دلچسپي ۽ ماءُ جي پيار جي اڻاٺ ڪارڻ سارتر جي being for others جو سدائين مون وانگر شڪار رهيو هو، مون وانگر ڪڏهن آزاد ۽ اڪثر قيد being in itself, for itself جي پاڇي جي ڳولها ۾ رهيو، جيڪو اڳ ۾ ئي being in itself ۾ جذب ٿي غائب ٿي چڪو هو، ۽ کيس (۽ مون کي به) being in the world جي پيڙا ۾ مبتلا ڪري ويو.
فلابيئر فاعل بڻجڻ بجاءِ عورت آڏو مفعوليت کي فوقيت ڏيندو هو. ان سبب سندس ٻالڪپڻ ۾ پيءَ جي رکائي ۽ ماءُ جي ممتا واري محبت کان وانجهجڻ ۾ پوشيده تصور ڪيو وڃي ٿو.
پر محبت جي بنيادي نڪتي موجب مرد کي عورت اندر ’سمورو‘۽’مڪمل‘ طور داخل ٿيڻ لازمي امر ليکيو وڃي ٿو، ۽ ساڳي ريت عورت کي به جڳائي ته کيس پنهنجي اندر ’سموروئي ‘ ۽ ’ڪامليت ‘ سان قبول ڪري. ان عمل مان ائين ظاهر ٿيڻ جڳائي ته هوءَ کيس قبول ڪرڻ مهل سنديس مٿان مڪمل طور قريب تر ايندي وڃي، ڇائنجي وڃي، کيس ’سوگهو‘ ڪندي وڃي. هن وانگر منجهس به ڄڻ ’داخل ‘ ٿيندي وڃي. بقول ڊونا پروهيز ڄڻ چوندي هجي مون کي هن جي سموري وجود جي لذت اچي رهي آهي. هونءَ به پريم گونگو ڪڏهن ڪونه هوندو آهي، خاص طور جڏهن خاموش ٿئي ٿو: جسم ذريعي هو لذت ماڻيندو رهي ٿو: مزو وٺندو رهي ٿو، خوشبو سنگهندو رهي ٿو، جسم جي لچڪ جو سواد چکندو رهي ٿو، هن جي رنگن ورنن ۽ روپن کي سموري وجود ۾ سموئيندو رهي ٿو ۽ اهو نشيلو عمل چمڙي جي هلڪي ڇهاءَ وسيلي محسوس ڪندو رهي ٿو، زلفن جي اڏام ۽ لهرن ذريعي ماڻيندو رهي ٿو، مطلب ته ان سامري عمل جو مڪمل نشو حواسن وسيلي هڪ فرد مان ٻئي اندر جذب ٿيندو رهي ٿو ، هڪ رخ کان ٻئي رخ جي اها لطيف اچ وڃ ڄڻ مادي روپ ۾ بدلجي ’سموري ٻولي‘ جو تات پرج بڻجيو وڃي ٿو، ڄڻ چيل __ ۽ اڻ چيل فقرا بڻجي ڄڻ ڪيل ۽ اڻ ڪيل عمل بڻجي ’وجودن‘ مٿان اطلسي چادر جيان ڇائنجي وڃي ٿو، ان لمحي اندر ٻه بي لباس جسم ڄڻ ازل کان ’قول‘ ۾ ورتل گفتگو ۾ رڌل ڀاسين ٿا، جيڪا اتمتا ۾ سڀ کان سرس آهي، ۽ پوءِ ان لمحي ۾ ئي اها بي مصرف به بڻجيو وڃي ٿي. “
مٿيون ’جنسياتي پريم‘ جو فقرو سارتر جي تصنيف ’هستي ۽ عدميت‘ (being and nothingness) اندر اذيتي ورتاءُ (sadistic) ۽ درد جي سهپ (masochistic) ٿيسس جي ترديد ڪندو ڏيکارجي ٿو. ان اندر سارتر گستاوَ فلائيبر جي پنهنجي محبوبه لوئس ڪوليٽ (Louise Colet) سان ڌتارجڻ کان اڳ ۾ ساڻس گفتگو جو ورنن ڪري ٿو، ان مان پڌري پٽ ظاهر ٿئي ٿو ته فلائيبر مفعوليت جي ڪردار کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو.
وجوديتوادي مفڪرن جي سوچ جا خاص موضوعات ، آزادي، فيصلو، ذميداري، ڏوهه جو احساس، اجنبيت، مايوسي، موت، ناپائيداري (finitude) وغيره رهيا آهن. پر انهن کان سواءِ ٻولي، تاريخ، سماجي مسئلا، ۽ ادب به سندن موضوع جو جز رهندا آيا آهن انهن ۾ آشا وادي يا نراشا جا چاهڪ ٻئي انساني وجود اندر المياتي عنصر جي موجودگي کان باخبر هئا، ماڻهو ڄڻ ڪاغذ جا پرزا آهن جيڪي ڄميل ٿڌي هوا ۾ اڏاميو الوپ ٿيو وڃن ٿا، ٽي ايس ايليٽ جو اهو نراشا وادي ڏک جديد دور جي انسان جو ڄڻ مقدر بڻيل آهي.
ان کان سواءِ هي نظريا جيڪي وجوديت وادي فڪر جي ويجهو آهن سي انسان دوستي ، تصوريت انحراف، تجربيت ۽ empiricism اندر اڳ ئي موجود آهن.
وجوديتي مفڪر سدائين حاڪميت ۽ نوڪر شاهي جي خلاف باغي ((rebel جي صورت اختيار ڪندي ڏيکاري ڏيندا رهيا آهن. انهن ناڪاري عنصرن اندر سياست، اخلاقيات، رواج، ادب، ايمان (faith) وغيره به اچيو وڃن ٿا، ۽ صرف مروج ’وشواس‘ ۽ ’پيمانن‘ جي مڪمل انحراف بعد ئي قدرن جو ’نئون سج‘ اڀري سگهي ٿو.
ڪالهوڪي ادب اندر وجوديت واري فڪر جا ڪجهه ڏهڪائيندڙ عڪس ٽالسٽائي جي ’ايوان الائي ٽڪ‘ ترگينف جي ناول ’پيئر ۽ پٽ‘ ۽ جرمن شاعر ’جو هن ڪرسچن فريڊرڪ هولڊرين‘ (1843-1770ع) جي نراسائي ۽ اجنبيت جي ڌنڌ ۾ وڪوڙيل نظم ’روٽي ۽ مڌ‘ رت ڳڙهه وانگر ٽمندي پسجي ٿي.
”پر اي دوست! اسان کي پهچندي اوير ٿي وئي آهي، پڪ اٿئون ته ديوتائون موجود آهن، “
پر اسان کان گهڻو ڏور ٻي ڪنهن دنيا ۾ وسيل آهن.
جيتوڻيڪ گهڻو سرگرم آهن، پر لڳي ٿو ته ڄڻ کين ڪا سڌ ڪونهي ته اسين به جي رهيا آهيون،
آسمانن جا خدائون زميني مخلوق سان ائين ئي ڪندا رهن ٿا !!
توهان کي ڄاڻ آ ته ڪجهه سمئه اڳ، جيتوڻيڪ لڳي ٿو ته گهڻو ئي وقت گذريو آهي،
اهي پِراڻي جيڪي اسان جا خير خواهه هئا، پاڻ کي ڌار ڪري ڏور مٿي هليا ويا.
جڏهن پرم پتا ئي ماڻهو کان منهن ڦيري ڇڏيو آ ته اهو به صحيح لڳي ٿو ته سموري ڌرتي ڄڻ ماتمي جامو اوڍي ڇڏيو آهي. “
جيتوڻيڪ اهي لفظ نطشي وانگر ‘خدا’ جي موت جو اعلان ڪون ڪرين ٿا پر سندس غير موجودگي ۽ خاموشيءَ کي چٽي طور پڌرو ڪندا ڏيکارجن ٿا.
جنهن حالت آخر ۾ کيس (هولڊرين) ۽ کانئس اتساهه وٺندڙ نطشي کي ‘چريائپ’ جي کاهي ۾ ڌڪي سندن دکدائڪ انت آندو هو! انهن سڀني کان مهان __ ڏک، موت ۽ ياسيت جا چٽ چٽيندڙ __دوستو وسڪي کي ساڳئي ماتمي رنگ ۾ ڏسو، ’ڪارا مازوف‘ ڀائر ۽ ’زير زمين جيوت مان اپجيل خيال.‘ پر، ڪافڪا (ناول مقدمو اندر) انهن سڀني کان وزني ڏيکارجي ٿو، ان قطار ۾ ٽي ايس ايليٽ، سيموئل بڪيٽ، جيمس جوائس به بيٺل ڏيکارجن ٿا، گوئٽي پيغمبراڻا سچ چيو هو ته ”مستقبل جا ماڻهو وڌيڪ سياڻا ۽ دوربين نگاهه رکندڙ هوندا، پر وڌيڪ آسودا، وڌيڪ خوش ۽ وڌيڪ سگهارا ڪو نه ٿي سگهندا. “
وجوديت وادي مفڪر جماليات رومان واد ۽ جذباتيت کي ائين ناڪارين ٿا جيئن منفي عقل پرستي کي ٿڏيندا پسجن ٿا ڇو جو هنن خاص طور ويهين صدي ۾ غير استدلاليت رومان پرستي ۽ ٺلهي جذباتيت جي روپ مان نازي جرمني جي خونخوار ديو کي اسرندو ڏٺو هو. ان سبب به وجوديتي فڪر کي انساني انبوهه، ميڙ (mass) يا اجتماعيت (collectivism) جي خلاف احتجاج، بغاوت يا انحراف جو فلسفو به ليکيو وڃي ٿو.

[b]سارتر جي آتم ڪٿا ’ لفظ‘
[/b]سنت آگاسٽائين کان آغاز ڪندي آتم ڪٿا جي صنف اولهندي ملڪن جي ادبي صنفن ۾ اوچو درجو ماڻيندي رهي آهي، ۽ ان بعد سيليني، روسو، گوئٽي، آندري ييد، جو شمار ڪلاسيڪي جيون چرترن ۾ ٿئي ٿو، ۽ سارتر جا لفظ (words) پنهنجي منفرد اسلوب، فيلسوفياڻا ، تصويري جڙاءُ، سماجي ۽ انساني دستاويز جنهن اندر جمال جلال ۽ ڏاهپ ۽ ماياوي رچنا ماڻڪن جيان جرڪندي پسجي ٿي پنهنجو مٽ پاڻ آهن، انهن جي پس ساختياتي تنقيدي اڏاوت ۾ موسيقي جي لاهه ۽ چاڙهه جهڙي مقناطيسي طنز ۽ ابهام بي مثل آهي، جنهن اندران وجوديتي فڪر خدائي جبريت (determinism) کي سختي سان رد ڪندو جهلڪندو رهي ٿو، آتمڪٿا ۽ ادب جي ان حسين ميلاپ کان متاثر ٿي ڪري سارتر مٿان ادب جي نوبل انعام جو طائوسي تاج رکيو ويو هو پر هو ڏسو! هن امالڪ ان کي ٿڏي ڇڏيو!! چئي ”انسان کي ادارن جي جڪڙ کان پري ڀڄڻ جڳائي __ ۽ فرد اول آهي ۽ فرد ئي آخر آهي. “وجوديتي فلسفي اداري جي مڃتا آڏو سيس ڪو نه جهڪايو! ملارمي جي مشهور چوڻي کي رد ڏيندي فن کي ڌرم، اداري ۽ جبريت تي فوقيت ڏني هيائين.
آتم ڪٿا جي اندر رت جيان گردش ڪندڙ ويچار وحدت ۽ وحدانيت جي متي کي ڪڏهن مڃتا ڏيندا ڪو نه ڏيکاريا ويا آهن.
عام طور آتم ڪٿائون زندگي جي پڇاڙڪن پلن جي پيداوار ٿين ٿيون ان ڪري سڀاويڪ طور قلمڪار پنهنجي فهم ۽ ذهن جي واڳ پوئتي موڙيندي شعور ۽ لاشعور اندران بکندڙ اولڙن مان ساڃاهه سچ ۽ سونهن جا موتي ميڙيندو رهي ٿو. پر، سارتر ان سوچ کي رد ڪندي پوئتي نهارڻ بجاءِ ڌرتي تي پير پختا ڄمائي اڳتي، اڃان اڳتي ۽ اڃان به وڌيڪ اڳتي اڻ ڄاتل مستقبل کي ڪَرڙين اکين سان گهوريندو، پاڻ کي عمل جو جامو اوڍائي وڌندو ڏيکارجي ٿو __ انساني ترقي خوشحالي ۽ برابري کي ’عدميت‘ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي جستجو ۾ !
’خاص‘ موت کي ’عام‘ موت ۾ بدلائيندو، خاص زندگي کي عام زندگي ۾ حيات جو ويس اوڍائيندو __ ان مهان وراهست جا سنڌا مٽائيندو __ جوهر کي اڳ موجود وجود جو اٽوٽ انگ بڻائيندو اتفاق ۽ عارضي پڻي (contingency) کي ضرورت ۽ دائميت ۾ بدلائيندو هر ڪيوليسي رفتار سان وڌندو ڏيکارجي ٿو. ’تاريخ‘ بجاءِ ’معنيٰ‘ تخليق ڪندو پسجي ٿو.
لفظ سندس اکين کي سدا ترمرائيندا رهيا ڇو جو اڪثر سندس پهچ کان پري هوندا هئا ان ڪري ڪڏهن کيس سڪل پتن جيان بي جان ڀاسندا هئا پر اها به سڌ هئس ته لفظ جو ڦهلاءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ لاڀدائڪ به بڻبو آهي.
لفظن (آتما ڪٿا) اندر پيءُ جي جوان مرگي کان پوءِ ناناڻن جي سختيءَ، پنهنجي وڌوا ماءُ جي لاچاري ۽ بيوسي ۽ پنهنجي ڇوري ڇني هئڻ جي روڳي احساس جا پاڇا سندس آتما تي ڪوڙهه جي چٽن جيان ٽمندا ڏيکارجن ٿا. هن ٻڌو هو ته سندس پيءُ جي ذات جي ڪنهن لڪل ڪنڊ ۾ محبت جو جذبو به موجزن هو __ هو سندس ’رهڻ ‘ جو خواهش مند به هو، ۽ پنهنجي بدقسمتي ۽ سارتر جي خوش قسمتي سببان پاڻ کي ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ مرندو به پسيو هئيائين.
سندس عدم جي سفر بعد سارتر جي جسماني ۽ روحاني طور ڇڙي ماءُ پاڻ کي ’آزاد‘ پسڻ لاءِ شادي جي هڪ ٻئي تجربي جي حوالي ڪري ڇڏيو! ۽ سارتر ان کان اڳ ۽ پوءِ به ڪنهن ٻئي جي پسند کي پنهنجي حيات جو ڪڏهن قانون بڻجڻ ڪونه ڏنو. سندس پيءُ جي اوچتي وڇوڙي ۽ ماءُ جي دوشيزگي سندس زندگي اندر ڄڻ اوڊي پس ڪامپليڪس جي سيلابي پالوٽ ڪري ڇڏي هئي!
سندس نانو چارلس فن، فهم ۽ فلسفي جو ڪانکي هو. هڪ لڱا هينري برگسان جو هم سفر به رهيو هو، ۽ هن جي مختصر رفاقت ۾ احساس اڀريو هئس ته شاعراڻي ويچار ڌارا فلسفي کان وڌيڪ معتبر ۽ قدر سان ٽمٽار ٿئي ٿي. هن جي سنگ ۾ سارتر ننڍپڻ کان وٺي علم ذريعي حقيقت ڏانهن وڌندو رهيو هو.
سندس لفظن موجب پندرهين ورهين تائين پاڻ کي ڄڻ ساهه کڻندڙ زندهه حالت ۾ ڪو نه پسيو هيائين. پنهنجي ذات ۾ ڄڻ ڪا دلچسپي ڪو نه هئس، صرف ۽ صرف ويچارن (ideas)، دنيا ۽ ماڻهن جي باطن ۾ جهاتي پائڻ لاءِ اتاولو ڏيکاربو هو، پرائوسٽ (Proust) جي اڀياس مان پاڻ سڃاڻڻ واري نفسياتي طريقي مان گهڻو ڪجهه پرايو هيائين، ان کان سواءِ جنگي آزمودي ۽ ٻين موضوعن جهڙوڪ سماجيات، تحليل نفسي ۽ فطري نظام جي علم به منجهس پنهنجي ذاتي وجود کي مورت جيان سندس آڏو بيهارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
سچائي ۽ تصور هڪ ئي حقيقت جا ٻه رخ آهن، جيڪڏهن جذبن جي احساس کي ڄاڻڻ جي ضرورت پوي ته انهن ٻنهي ۾ فن کي پاڻ مٿان طاري ڪرڻ ضروري بڻجيو وڃي ٿو. پيرسن جِيوَ ٻارڙن جي ويجهڙائپ ان ڪري پسند ڪندا آهن جيئن موت جي خوف کي ڏور رکي سگهن. سخت گير ڪراڙي عورت ۽ نوجوان ماءُ کي ٻار جي اوڏائي ان ڪري وڻندي آهي جيئن پنهنجي زود رنجي ۽ نوڙت کي سنديس ’بودلائپ‘ وسيلي حرڪت ۾ رکي سگهن.
سارتري معنوي لهجي ۾ وجود (existence) جوهر تي اوليت ماڻي ٿو، ان ڪري منهنجي سوچ موجب ان جي اهميت ۽ حيثيت هوا پاڻي، ۽ غذا جيڏي ضروري ۽ اهم آهي باقي سڀ ثانوي آهي. پر حيات، لايانيت (absurdity) ۽ بدصورتي ۾ موت جي مڃتا کان ايڏي ئي ڪرڀ ايندي آهي. اهڙي فڪر ڌارا سارتر جي زندگي ۾ آخر تائين ڄڻ ’متو‘ بڻيل رهي.
سندس چواڻي ’لفظن ۾ ئي سموري سنسار جي حقيقت لڪل ٿئي ٿي.‘ ۽ ان بعد اها ’ڪلپنا جي صورت گري ۾ بدلجيو وڃي ٿي!‘ سندس وڌيڪ چواڻي ’لکڻ‘ جي عمل ۾ پنهنجو وجود ڳولهي لڌو هئائين، ۽ ان ڪارڻ پاڻ کي زندهه سمجهندو رهيو، سندس ’مان‘ سواءِ لکڻ واري ’مان‘ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هو __ هڪ ناموجود ۽ ناممڪن هيروازم جي لاڳيتي تلاش هئس! لفظ جي عظمت اهم ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي ذات ۾ فهم فراست سان ٽمٽار ٿئي ٿو، کانئس ٻاهر بي معني ۽ لايعنيٰ (absurd) بڻجيو وڃي ٿو.
هن ادب کي اصل عبادت ڪري ڄاتو __ ۽ انساني قرباني جو ارفع مقام عطا ڪيو. پنهنجي زندهه رهڻ جي سبب کي سدائين ڪنهن صاف ۽ شفاف ڪلپنا جي اڏامن ۾ تلاش ڪندو نظر ايندو هو، پنهنجي لکڻ جي عمل کي سياهه ڪارنامو ڪوٺيندو هو، ۽ ان اندر ڇپ هڻي ويٺل بي مقصديت کي انت ۾ مقصد ۾ بدلجندو ڏٺو هئائين. اصل ۾ ۽ ابتدا ۾ به دنيا کي زبان وسيلي ئي ڳولهي لڌائين __ وڏي سمئي تائين زبان ئي سندس دنيا بڻيل رهي، زبان ۾ موجود لفظن تي ئي پنهنجو نانءُ لکيائين. انهن جي پٽي تي حقيقتن کي ساهه کڻندو پسائين ان ڪارڻ نثرنويس جي حيثيت ۾ کيس لفظن سان بي حد عشق هو.
گهر جي ٻين ڀاتين ناني (ڪارل چارلس) نانيءَ (لوئيس) وغيره جي ڀيٽ ۾ سندس ماءُ (اين ميري) کيس لکڻ، سوچڻ جي خوشگوار عمل کي جاندار بڻائڻ لاءِ نويڪلائي ۽ اعتدال جي دولت لٽائڻ ۾ ڪا ڪنجوسي ڪونه ڏيکاري __ جيتوڻيڪ پاڻ انهن سون ورنن لمحن کان هميشه محروم رهي هئي! پر، سارتر جي شڪتي کي زمان ۽ مڪان جي بندش کان آزادي ڏياري نرواڻ بخشڻ ۾ سهائڪ ثابت ٿي هئي.
وجوديتي فڪر (existentialism) لڳ ڀڳ هڪ سو ساله تاريخ ۾ ڪئين ناليرا مفڪر ۽ سرجڻهار اديب پنهنجو پنهنجو ڏونڪو وڄائي ويا. هنن جون فڪري ڌارائون __گنگا __ جمني __سنڌو وانگر الڳ الڳ رنگ روپ ۽ معني ۾ ورهايل آهن: الحاد يا توحيدي الوهيات وغيره ۾ اڳتي وڌڻ کان اڳ آءُ وجوديتي فڪر سا سلهاڙيل ڪجهه مهان هستين جو سندن فڪر فن ۽ شخصيت جي حوالي سان ذڪر ڪرڻ چاهيندس.
هنن موجب وجود (existence) تاريخي پس منظر مان جنم وٺي زماني جي افق تي اڀرندو آهي، ان ڪري زمانو سندس داخلي ترڪيب قرار ڏنو وڃي ٿو. وقت جي ماپ جا ٽي پيمانا ماضي، حال، مستقبل سدائين وجود جي اڳيان موجود هئڻ جا ٽي اٽوٽ پل آهن! تاريخ کي ’وجود‘ لاءِ دنيا ۾ ’حادثاتي‘ طور اڇلائڻ جو سبب ڄاڻائي ان کي ميراث طور قبول ڪيو وڃي ٿو.
’وجوديت‘ کي عام طور فڪر جو بحران (crisis)، اڪيلائپ، ياسيت اجنبيت جو فلسفو به سڏيو وڃي ٿو.

[b]ڪيرڪي گارڊ (1855-1813ع):
[/b]جديد وجوديت جو بنياد وجهندڙ سورين ڪيرڪي گارڊ ڊينمارڪ جو رهاڪو هو. هن مطابق فلسفي جي تحقيق ڪنهن سرشتي يا عقلي تجزيئي وسيلي ڪونه ٿي سگهي ٿي بلڪه اها انفرادي وجود جي اظهار وسيلي ممڪن آهي. هن پنهنجي فڪر جو بنياد هيگل جي فڪري ترديد تي رکيو هو؛ پر ان جي باوجود هيگل جو اثر سندس سوچ تي صاف نظر اچي ٿو. هن هيگل سان اختلاف ظاهر ڪندي فرد کي سندس دنوي صورت حال کان الڳ ڪرڻ جو رخ پيش ڪيو هو، هن مطابق فلسفو طرز حيات آهي، جنهن جي پيڙهه، پاڙون انسان جي ذاتي تجربي ۽ سندس تاريخي ماحول ۾ کتل ٿين ٿيون. ۽ ’عقل‘ سندس سونهپ کان قاصر آهي، بلڪ ان کي ’وئشيا‘ سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي! سندس نزديڪ صداقت داخلي ٿئي ٿي، ۽ سچي کري وجود کي احساس جي گرمي سان پيدا ڪري سگهجي ٿو. سندس متي موجب موجود فرد جذباتي آهي ۽ پنهنجي محدوديت ۾ لامحدود جي صورت به آهي! آزادي جو جذبو منجهس جولان پيدا ڪندو رهي ٿو. ۽ اهو تصور چونڊ ۽ فيصلي سان جڙيل آهي __ ان ڪري سندس ڌيان جو مرڪز ’انسان‘ آهي. هيگل خدا، انسان ۽ مذهب کي هڪ مالها ۾ يا وحدت اندر پوئڻ جو جتن ڪيو هو پر، هيءُ ان جي برعڪس ’بي انت‘ (خدا) ۽ ’جُزي هستي‘ (انسان) جي وچ ۾ موجود کاهي کي اپار ڄاڻائي ٿو. سندس سوچ مذهبي هئڻ سبب جدلياتي ماديت بجاءِ وجودي جدليت ۾ وشواس رکندي ڏيکارجي ٿي. هو وجوديت جي ٻن قسمن يعني الهياتي (theistic) ۽ الحادي (atheistic) مان پهرين سان سلهاڙيل آهي؛ جنهن ۾ بارٿ (Barth) برونر (Brunner) جا نانءَ به ڄاڻائڻ جوڳا آهن. سندس آڏو ’وجود‘ هڪ منفرد، نهري انساني صورت جي حيثيت ماڻي ٿو، ته ان ڪري ان کي ويچار (idea) يا جوهر چوڻ وڏي ڀل آهي.

[b]ڪيرڪي گارڊ، سارتر، ڪامو ۽ اخلاقيات ، آزادي:
[/b]ڪيرڪي گارڊ زندگي جي بلوغتي ڏاڪن يا درجن جا اهڃاڻ ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته حيات جو اخلاقي يا عمل وارو درجو سنديس جمالياتي دور جي نفيس احساس ۽ جذبي جي تحت ’موج مستي‘ واري اسٽيج کان پوءِ اڀري سامهون ايندو آهي__ ان ارتقائي سلسلي کي زندگي جي بلوغت ڏانهن روانگي يا موڙ به قرار ڏئي سگهجي ٿو __ ۽ ان ’عمل‘ واري اسٽيج تي ئي وجود (existence) پنهنجي ڦوهه ۽ نهرائپ تي رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو (ان اندر جذبي ۽ فڪر جو حسين ميلاپ ٿيندو رهي ٿو). ان وسيلي ئي هو پنهنجي ’ذات‘ جي مڪمل عڪس ۽ اميج جي مشاهدي جي قابل بڻجي سگهي ٿو ان ذريعي ئي سندس مطابق وجود ۽ ’آزادي‘ جيڪي پاڻ ۾ ڄڻ اسم بامسما آهن جو عرفان به حاصل ٿي سگهي ٿو.
پر، سارتر آزادي جي حصول کي ’ناڪاريندي‘ ۽ عمل سان جوڙيندي اظهاريو آهي ته وجود جي in itself کي ’ميسارڻ‘ بعد ئي for itself جي ٽاڪئني (fragile) آزادي پلئه پوندي!‘ جيڪا وجود بنان ٿئي ٿي، ۽ سدا وجود جي ڳولها ۾ سرگردان رهي ٿي. ان ڪري اهو نڪتو غلط آهي ته ان جي اپج وجود مان ٿيندي آهي؛ بلڪه ان جي پيڙهه مظهري اصطلاح ۾ ’عدميت‘ ۽ ’عدم وجوديت‘ ۾ کتل آهي، ’آزادي‘ درحقيقت بي بنياد، اڳ رٿيل رٿ جي ابتڙ ۽ وجود جي ڪک مان پيدا ٿيل ڪو نه ٿئي ٿي.
پر، بردائيف ((N.A.Berdyayev موجب ’جيئن ته آزادي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وجود سان جڙيل ٿئي ٿي ان ڪري ان کان سواءِ انساني وقار جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، ۽ ان کي، جيڪڏهن تخليقيت سان جوڙجي ته يقيني طور سڀاويڪ عمل لکيو ويندو.‘ اها تخليقت هڪ ليکي ڄڻ آزادي جو اسرار ڀاسندي آهي، جنهن وسيلي ماڻهوساڳئي وقت نيڪي، بدي، سونهن، سڳنڌ __ جي رچنا ڪري سگهڻ جو اهل بڻبو آهي.
انهن نڪتن ذريعي اسان جو ڌيان سياسي آزادي ڏانهن به لڙي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ البرٽ ڪامو جي ناول باغي (rebel) ڏانهن به توجه ڇڪجيو وڃي ٿي، جيڪو وجودياتي تحريڪ جو ڄڻ املهه پڌرنامو آهي، ۽ جديد مغرب جي سوچ ۽ ويچار جي بهترين ٽيڪا ۽ تشريح ليکيو وڃي ٿو. ان مطابق آزادي جي وجود اندر ’مدافعت‘ ۽ ’جدوجهد ‘ جا اتم عنصر موجود هوندا آهن. ماڻهو جي آزادي کي ڪنهن ’منجهان ‘ سمجهڻ نه جڳائي بلڪه اها ڪنهن جي حصول لاءِ ٿئي ٿي __ ۽ اها ’لاءِ‘ ئي انسان جي تخليقيت جي باطن ۾ ڇلڪندي رهي ٿي.

[b]هائيڊيگر (1979-1889ع) :
[/b]هن مفڪر مطابق انساني وجود (Dasein) جنهن کي دنيا ۾ اڇلايو ويو آهي، بي انت آهي پر، سندس آخري حد ۽ پڄاڻي موت آهي. ان ڪري اصل ۾ ’انسان جي هستي صرف موت لاءِ وجود رکي ٿي. ‘ رلڪي ۽ مالرو جهڙن ڏاهن پهريون ڀيرو موت جو انساني تصور پيش ڪيو هو. پر، هائيڊيگر، برنٽانو، دوستو وسڪي ۽ ڪيرڪي گارڊ جو اڀياس ڪرڻ بعد انهن سان اختلاف ڪندي __ ۽ ڪنهن حد تائين نطشي سان سهمت ٿيندي __ ۽ نه ٿيندي اظهاريو هو ته ’ اختلاف ‘ خواهش ۽ طاقت جي ڪک مان ڪو نه اپجيو آهي، بلڪه وجوديت پاڻمرادو اختلاف کي جمني ٿي. سندس موجب مابعد الطبيعات، انساني دوستي ۽ ٽيڪنالوجي ڪڏهن به وجوديت جو بدل ٿي نه ٿي سگهي. هائيڊيگر هڪ چڱو ڪم اهو به ڪيو ته هن موت جي فيلسوفياڻا صورت گري ڪندي خدا کي غير حاضر ڄاڻي ان جي سنگاسن تي انسان کي براجمان ڪيو هو. موت زندگي جو آخري مظهر آهي، جيڪو شعور ۾ ظاهر ٿئي ٿو __ ۽ شعور ڪنهن شئي جو شعور ٿئي ٿو. موت داخلي طور ’ مخصوص وجود ‘ جو موت ٿئي ٿو جنهن کي ٻئي وجود ڏانهن لاڙي نٿو سگهجي. سندس مطابق دنيا ۾ موجود هستي سدا دکم دکم سان رنڱيل آهي، ڇو ته سندس ذات سان منسوب تجربا، پيڙا، سان ٽمٽار آهن. ان وجودي فڪر ۾ صرف اڪيلائپ بوريت دک ماتم مايوسي لغويت ملال ۽ رات جي ٻاٽ تاريڪي آهي __ ڇاڪاڻ جو بي انت هستي جو مقدر ازل کان موت سان ڳنڍيل رهيو آهي! پر، سارتر پنهنجي شاهڪار ڪارنامي ’ هستي ۽ عدميت ‘ اندر پنهنجي استاد هائيڊيگر جي ڀيٽ ۾ موت جي ٻاٽ اوندهه واري خيال جي ڏهڪاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿو.

[b]جبرئيل مارسيل (1973-1889)
[/b]هي فرانسيسي دانشور ، نقاد، اديب ۽ ڪيرڪي گارڊ ۽ ڪارل جيسپرز وانگر ’ الهياتي وجوديت ‘ جو مفڪر پنهنجي مخصوص لاڙي جو معتبر شارح شمار ڪيو وڃي ٿو. جيسپرز ۽ مارسل ٻئي هم عمر ۽ هم عصر هئا. وجودي تجربي يعني فرد جي باطني روحاني زندگي جي تجربي ۾ اٽل وشواس هئس جنهن مطابق اهو تجرباتي طريقو جيتوڻيڪ پنهنجي جوهر جي لحاظ کان غير معقول ضرور آهي پر فرد ان اندر شريڪ ٿي اعتقاد جي وسيلي جو فرض نڀائيندو رهي ٿو.

[b]البرٽ ڪامو (1960-1913)
[/b]هن نامياري فرانسسي دانشور، اديب مطابق دنيا لايعنيٰ (absurd) آهي ۽ انسان به ڪنهن معنيٰ ۽ مقصد کان خالي ۽ کوکلو آهي! انتها پسند عقل دشمني (يا عقل جي مطلقيت کان انڪار) ۽ فرد پرستي سندس وجودي موضوعات آهن. يا وجوديت جي بنيادي توصيف آهن. يا وجوديت حقيقت ۾ روائتي مذهب عقل ۽ سائنس پاران انساني مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو پڙاڏو به چئي سگهجي ٿو.
وجوديت جي يڪ ٽڪ تشريح / تعريف ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم۽ وجودي سوچ جي خلاف به آهي. ان جو مطلب ’ جوهر ‘ (essence) جي واکاڻ ٿيندي ۽ وجوديت انسان جي ڪنهن سائنسي فڪر جي نفي ڪري ٿي ۽ عقل جي مطلقيت کان انڪاري آهي. سندس متي موجب فيلسوف کي فرد جي حيات، تجربي ۽ تاريخي صورتحال ۽ زندگي گذارڻ جي طرز سان سلهاڙجڻ جڳائي. وجوديت کي صرف فرد جي يڪتا انفراديت ۽ داخليت (subjectivity) ۾ ويساهه اٿس. ٻاهرين دنيا جي مختلف خاصيتن بجاءِ انساني وجود کي محور ليکي انسان جي اٽل آزادي ۾ يقين رکي ٿي. ان ڪري سندس وجود جوهر تي مقدم ۽ ڀاري آهي.
وجودي مفڪرن جي خيال آرائي ۽ ويچارن اندر پاڻ ۾ هم آهنگي بدران اختلاف وڌيڪ ٿين ٿا جهڙوڪ ڪيرڪي گارڊ، جيسپرز، مارسل عيسائيت ۾ پڪو وشواس رکن ٿا، سندين افضيلت ’ خدا ‘ جي راهه ڏيکاري ٿي، پر هنن جي ڀيٽ ۾ نطشي، هائيڊيگر، سارتر، ڪامو ناستڪ آهن، ۽ صرف عدميت جو رستو ڏيکارين ٿا. هتڙي نطشي پنهنجي فڪري ڦوهه ۽ ڇوهه مان آڏو اچي بيٺو اٿم. اعلان ڪندي آکي ٿو:”خدا مري ويو آهي؟“ ان موت کي دليلن ذريعي ايمان ۽ خدا پرستي جي سخت مخالفت ڪوٺي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ايمان وارن لاءِ اهڙو اعلان ڪائناتي صدمي کان گهٽ ڏهڪائيندڙ ڪونهي! ان ڪارڻ کيس هن يگ جي تشڪيڪ جو پيغمبر ۽ ’اختياري خواهش‘ جو مبلغ چئجي ته وڌاءُ ڪين لکيبو. ان سبب سندس شمار وجوديتي فڪر جي نامور دانشورن ۾ به ڪيو وڃي ٿو.
سندس چواڻي اخلاقيات مٿيا ۽ ڪوڙ آهي ۽ مڪمل سچائي جو تصور صرف ’طلسمي خيال‘ ۽ ’افسانو‘! انسان پنهنجي وڃايل جوهر جو نانءُ آهي. عدم ۾ ڄڻ هستي آهي __ پر، اهو ڄڻ مٿانئس هر وقت موجود به رهي ٿو. ’عدم‘ جا ٻه لاڙا واضح طور موجود آهن: مذهبي ۽ غير مذهبي. پهرين مطابق خدا سان دوري سبب پنهنجي ذات کي تڇ سمجهڻ ۽ ٻين موجب ’خدا ‘ جي نه هجڻ سبب هڪ خلا (void) آهي __ پر، انهن ٻنهي ڏسائن منزلن تائين پهچ صرف ’غم ۽ پيڙا‘ جو درياهه اڪري وڃڻ بعد حاصل ٿي سگهندي!

[b]ڪارل جيسپرز (1883) :
[/b]هي فيلسوف ۽ نفسيات دان ڪيرڪي گارڊ ۽ نطشي کان متاثر هو ۽ الهياتي سلسلي ۾ ويساهه هئس. جيسپرز ڪيرڪي گارڊ وانگر ’الهياتي وجوديت‘ جو علمبردار هو، سندس سوچ مطابق فيلسوف جو اصل ڪم منظم گيان ۽ ڌيان ذريعي وجوديت جي جوهر ۽ معنيٰ جي تلاش آهي هن جي ذات اندر داخليت خارجيت ۽ عقل پرستي کي اهم مقام حاصل آهي، ۽ هم عصر ٽيڪنالوجي ذريعي ڦهلجندڙ تهذيب کي سڀ کان وڏو سماجي روڳ سمجهي ٿو.

[b]ڪولن ولسن:
[/b]هي دانشور، مفڪر ايليٽ جي nostalgia کان گهڻو اتساهت آهي، هن مطابق نئين وجوديت رجائي (optimistic) سوچ رکي ٿي ۽ پراڻو وجودي فڪر (سارتر، ڪامو، ڪيرڪي، هائيڊيگر وارو) قنوطي مايوساڻو، دک ۽ ناڪاري ويچارن ۾ وڪوڙيل عدم ڏانهن لاڙو رکندڙ آهي. پر، ان جي باوجود اهو فلسفو آزادي ۽ حريت جي لهر سان ڇلڪندو رهي ٿو.
انسان جي شعوري دائري کان ٻاهر ڪو ’قدر‘ موجود ڪونهي.
نئين وجوديت فرائڊ، مارڪس، ۽ منطقي سوچ جهڙن ويچارن تي وار ڪرڻ جو نانءُ به آهي، ڇو جو هن چواڻي اهي انسان کي بي همٿائپ ڏانهن لاڙين ٿا ۽ ان سبب تخليقي جتن ۾ رڪاوٽ اچي ٿي!
دنيا کي وجودياتي فڪر جو گيان پهرين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ ئي حاصل ٿيو هو. پر نطشي کي ان فڪر جو گيان اڳ ۾ ئي حاصل ٿيو هو، سندس خيالن جي پيڙهه ۾ مهان انسان (superman) ۽ قوت ارادي (will to power) اهم جڳهه والارين ٿا. انهن ذريعي روائتي فيلسوفاڻا ويچار جهڙوڪ وطن پرستي، قوم پرستي، سماج واد، روائتي قدر وغيره جي نفي ڪندي عدميت کي واکاڻي وجوديت ڏانهن اشارو ڪندو ڏيکارجي ٿو.
وجوديت جو ’ابو‘ ڪيرڪي گارڊ الهايتي هو ۽ نطشي ٺپ ملحد! ڪيرڪي گارڊ کي زندهه خدا جي ڳولها مقصود ۽ نطشي کي زندهه انسان جي تلاش درڪار هئي، ٻئي فرد جي آزادي جا بيباڪ اڳواڻ هئا، ٻئي تجريدي خارجي، منطقي ۽ منظم فڪر جا ويري هئا. نطشي جي عدميت منجهان ئي سندس وجوديت جنم وٺندي ڏيکارجي ٿي.
انسان اتم هستي آهي ان ڪري سندس لاڳاپو شين (objects) جي ڀيٽ ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سان جڙيل رهي ٿو، ۽ ان اٽوٽ رشتي سبب هو زمان ۽ مڪان جي حدن ۾ قيد نٿو رکي سگهجي، اتم وجود رکڻ سبب هو ’شئي‘ ۽ ’هستي‘ جي وچ ۾ لاڳاپي جي واحد ڪڙي به ليکيو وڃي ٿو.

[b]سارتر (1905-1980) :
[/b]جدلياتي ماديت مارڪسواد جو چاهڪ رهيو هو __ سارتر ذهني ارتقائي دور ۾ هسيرل، هائيڊيگر جو شاگرد ۽ هيگل، مارڪس کان گهڻو متاثر رهيو هو. سندس فڪر ۽ فلسفو انساني تجربي جي اوليت تي زور ڏيندو نظر اچي ٿو؛ ۽ ادب ۽ فن به ان محوري ڪڙي جو حصو آهن. هڪ مظهري جي حيثيت ۾ سندس ڪرم صورتحال کان ’نهري ڪليت‘ (absolute solidity) ۾ مٺ اندر رکڻ چاهي ٿو. پر، هڪ وجودي طور پنهنجي شعوري نظرئي مطابق مخصوص ماڻهن ۽ ٻين بابت ان جي شعوري آگاهي جي اصطلاحن ۾ سوچڻ تي مجبور آهي.
شعور کي موجود واقعه (event) جي حيثيت ۾ مڃتا بخشي ٿو __ ۽ ان سان گڏ روح ۽ مادي، غيب، ۽ شهود جبر ۽ قدر جي روائتي اثباتيت جي خلاف آهي. سندس چواڻي ’خارجي شيون سدا قائم آهن، پر شعور پنهنجي وجود لاءِ ٻاهرين شين تي مدار رکي ٿو. هتڙي هائيڊيگر جي ’هستي هڪ اسرار آهي‘ جي نڪتي جي ترديد ڪندو ڏيکارجي ٿو. اڳتي سمجهاڻي ڏيندي اظهاري ٿو ته ’شعور هر پل ’مان‘ ۽ ’دنيا‘ ٻنهي کي معنوي روپ ۾ تخليق ڪندو رهي ٿو. ان ڪري ’معنيٰ ۽ انسان‘ گڏ اپجن ٿا، ۽ انسان کان ٻاهر موجود سموري سرشٽي معني کان محروميت سبب لا يعني (absurd) بڻجيو پوي ٿي. وجود جا ٻه مختلف انداز آهن: پاڻمرادو وجود (being in itself) يا en-soi ۽ پنهنجي لاءِ وجود (being for itself) يا pour-soi ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ’شعور‘ موجود رهي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته شعور ’مفاصلي‘ ۽ ’نفي‘ جو ٻيو نانءُ آهي __ ۽ مٿئين ٻنهي جي وچ ۾ ’جدائي‘ جو سبب به آهي، جنهن کي سارتر ’عدميت‘ (nothingness) ڪوٺي ٿو __ ان مان پڌرو ٿيو ته پولار شعور جي گهراين ۾ مخفي طور ڇلڪندو رهي ٿو.

[b]سارتر جي فڪري پيڙهه ۾ هسيرل جو حصو:
[/b]سن 1934ع م برلن اندر نامور فيلسوف هسيرل (Hasserl) مظهريت (Phenomenology ) جي شعبي ۾ سندس (سارتر) استاد رهيو هو. ان گيان کي فطرت جي ڪارسازي جو علم يا شعور جو اڀياس به چئي سگهجي ٿو، اهو نفسياتي علم جي يڪ ٽڪ سائنسي ۽ ويساهه جوڳي شاخ طور به ڄاتو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اهو ذهن جي جذباتي ۽ اثرائتي رخ سان به سلهاڙيل آهي.
سن 1926ع ۾ نطشي جي ’اڀياس‘ دوران سڀ کان اول هن جا ’اتفاقي صورت‘ ۽ ان جي ’لايانيت‘ (absurdity) ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ڌارائن بابت سندس فيلسوفياڻا سوچ ڦٽي نڪتي هئي.
هن جي آدرشي فڪر موجب هرانسان، بنيادي طور، لازماَ ۽ بنان رنڊڪ جي ’آزاد ‘ آهي، چاهي سندس حالتون، سماجي رتبو، سياسي ساڃاهه، معاشي مقام ڪهڙو به هجي. سندس فڪري سوچ موجب انسان جي آزادي کي سندس فرض ۽ ذميداري سان سلهاڙيو ويو آهي. ’آزادي‘ بابت سندس نڪتو انسان جي خواهش پٽاندڙ پنهنجي چونڊ (choice) سان لاڳاپيل آهي جيڪو شعور بابت سندس نظريي سان لازمي قرار ڏنو ويو آهي، يعنيٰ (being for itself) جي ’ نڪتي ‘ سان جڙيل ٿئي ٿو.
مٿي ڄاڻايل جرمن فيلسوف هسيرل جي نظريئي سندس ’ تصوراتي سوچ‘ کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هو. پنهنجي ڊگهي ادبي ۽ فيلسوفياڻا سفر ۾ فطري يا حياتياتي سائنس لاءِ ڪو اتساهه ڪو نه هئس، بقول سندس دوست ’سيموئن بوار‘ جي، ”هو سوچ جي سائنسي طريقي ۽ روايتي اخلاقيات جي حق ۾ ڪڏهن ڪين رهيو هو. “ سندس مطابق ”سائنس کينهونءَ جي مٿاڇري سطح آهي ۽ اخلاقيات ان جو اندريون ’خاليپڻو‘! “
وجوديت جي فڪري اڏاوت جي پيڙهه ۾ ’رجائيت‘ سان گڏوگڏ ’قنوطيت‘ جا عنصر به اڀ تي پکڙيل تارن جيان سامهون اچي بيٺا اٿم، سترهين صدي جو هاڪارو حساب دان ۽ ديني عالم بليس پاسڪل (BlaisPascal) به وجوديت ۾ وشواس رکندڙ هو پر، سندس ميدان سارتر وانگر ناستڪي هئڻ بجاءِ ڪيرڪي گارڊ وانگر آستڪي هو.
گراهم گرين، پاسڪل ۽ سارتر جي انسان بابت سوچ اندر ساڳيو ئي قنوطي رخ ڏيکاربو رهي ٿو. صرف روپ، رنگ ۽ موڙ جدا جدا آهن: ازلي گناهه، بدبختي، پنهنجي انساني سڃاڻپ جو فقدان __ ڪرڀ، بوريت، ۽ ذات کان نفرت تي ٻڌل ’وجود‘!
۽ اسين جيڪي هن وقت آهيون (روحاني يا مادي طور سٺا يا خراب) پنهنجي ماحول، خانداني وراثت، يا پنهنجي ’ذاتي پسند‘ (choice) جي پيداوار آهيون؟ جيئن مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته جرمني ۾ سن 1934 – 1935ع ڌاري هسيرل ۽ هائيڊيگر جي اڀياس کيس مظهريت ذريعي گيان بخشيو هو ته : ”خودي يا اهم واد (solipsism) هڪ فريب يا مايا (illusion) جو ڏيک آهي. “
هنن جي اثر هيٺ اها به سڌ پيس ته تصور يا ڪلپنا جو حاصل مطلب حقيقي دنيا جي نفي آهي. ان ڪارڻ هو بنيادي طور تصوراتي دنيا ۾ ٽٻيون هڻڻ بجاءِ فيلسوفاڻا ٻولي ۽ موضوعات جو تخليقڪار رهيو آهي. پنهنجي طريقي ڪار موجب پهريائين ويچار کي ڦاسائي ان کي صورت گري بخشي پوءِ ان اندران اپٽجندڙ ’تجربي‘ تي رسائي حاصل ڪري ٿو.
سارتر مظهريت ۽ علم موجودات (ontology) جي ساخت مفهوم ۽ گيان جي حصول لاءِ ڊيڪارٽ ، هسيرل، هائيڊيگر جي قبيلي جي مفڪرن مان خوب سرڪيون ڀريندي، تاثر وٺندي پنهنجو الڳ ۽ نئون دڳ ڳولهي لڌو، ۽ منطق جي دروازي تي رسائي لاءِ هيگل، مارڪس، ڪيرڪي گارڊ، ۽ ساڻن لاڳاپيل فيلسوفن مان چسڪيون ڀريندي انهن کي خيال طريقي ۽ سوچ جا نوان ويس اوڍائيندي هڪ نادر فيلسوفاڻا دڳ جي نشان دهي ڪئي.
نج شعوري لمحو جيڪو پاڻمرادو ۽ پاڻ تي انحصار رکي ٿو، اهو ئي فڪرِ ذات، گيان ۽ حقيقت جو اولين بڻياد يا پيڙهه جو پٿر هوندو آهي.
صرف ’حال‘ جي سچائي جي خاص پل وسيلي فطري ڪارسازي (مظهريت) کي وچور سان ورنن ڪري سگهجي ٿو. ان عمل ۾ ماضي غائب ۽ مستقبل ناموجود ٿئي ٿو.
هائيڊيگر ۽ سارتر پنهنجي فڪر اندر سچي ۽ انوکي آزادي جي تجربي جو احساس ڏيارين ٿا! هائيڊيگر موجب ’منهنجي محدودگي‘ ۽ ’موت‘ اندر’پڄاڻي‘؛ پر، سارتر ٻئي انداز ۾ اظهار ڪري ٿو. ” ’ناوجوديت ‘ يا ’عدميت ‘ يا ’ذات ‘ جو کوکلو ۽ خالي ٿيڻ! “ مطلب ته ڀوءَ ۽ ڀنواٽي ٻنهي مفڪرن جي خيالي تاڃي پيٽي ۾ موجود آهي.
صرف ۽ صرف جدلياتي ۽ تجزياتي دليل ئي سياسي ۽ سماجي ساڃاهه حاصل ڪرڻ جو ممڪن ذريعو آهي.
هتڙي سارتر ۽ سيمون بوار جا ٻه گفتا دخل در معقولات جيان آڏو اچي بيٺا اٿم: سارتر چواڻي ”پنهنجي زندگي جي شروعات ڪتابن جي اڀياس سان ڪيم ۽ شايد ان جو انت به ڪتابن جي قربت ۾ ئي ٿيندو! “ ۽ اڳتي هلي ڪري چوي ٿو، ”ڪتاب ۽ ڪيلا وڻ تان لاٿل تازا تازا کائڻ جڳائن!“ ۽ سندس چواڻي ’نظرياتي ادب جي سڀ کان وڏي خامي پنهنجي سٿ ۾ شامل ماڻهن کي واعظ ڏيڻ کان علاوهه بقول ورڊس ورٿ جي اها به ٿئي ٿي ته ”جهونيون، ڏورانهيون، وساريل شيون، ۽ قديم زمانن ۾ وڙهيل جنگين کي ذهن نشين ڪرائڻ ضروري عمل ليکيو ويندو آهي! “
سيمون بوار چوي ٿي ته ” شاگردي جي زماني ۾ ئي آءٌ ۽ سارتر ڊيڪارٽ جي ڪارٽيزئين (Cartesian) استدلالي طريقي کان متاثر هئاسون، ۽ اسان ٻنهي پنهنجي وجود کي سواءِ نج دليل ۽ نج قوت ارادي کان خالي رکيو هئوسين. “

[b]هستي ۽ نستي:
[/b]سارتر جي شاهڪار تصنيف”هستي ۽ عدميت“ (Being & Nothingness) (1943ع) کي لڳ ڀڳ ڪافي حلقن ۾ وجوديت (existentialism) جي بائيبل جهڙي اهميت ۽ حيثيت ڏني وڃي ٿي.
سارتر جي وجودي نظريئي جي بنياد ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ٻه اصطلاح چڱي پر لازمي طور پرجهي سگهجن ٿا: ’جيئن جو تيئن وجودي حيثيت‘__ پنهنجي چونڊ (choice) ذريعي ’وجودي حيثيت پنهنجي ڪارج لاءِ.‘
ڪجهه ناميارن مفڪرن جهڙوڪ ريني ڊيڪارٽ موجب جيڪو ’ڪجهه وجودي حالت‘ ۾ ڏسجي ٿو، جهڙوڪ ’ذهن، مادو ، خدا‘ اهو عام طور ۽ بنيادي ريت شروع کان موجود آهي.پر سارتر ان ڪلئي جي برعڪس چوي ٿو ته ’وجود پاڻ مرادو‘ پنهنجي بنياد تي موجود رهندو آيو آهي ۽ ڪنهن ٻئي قوت (خدا) يا شئي (ذهن) تي مدار ڪون رهيو اٿس، پهرين صورت ان نڪتي جي بلڪل برعڪس آهي!
ان حالت ۾ سارترائي سوچ موجب هستي (being) لاهستي (non-being) کان مختلف ۽ الڳ ڏيکارجي ٿي ان ڪري پهرين اصطلاح کي ’وجود‘ سان ۽ ٻئي کي ’عدم‘ سان تعبير ڪيو وڃي ٿو ان سبب پهرين صورت بنيادي آهي ۽ ٻي شڪل بلڪ ’ناشڪل‘، پهرين تي ۽ ان جي لاڳاپي سان هڪ قسم جو ناوجودي وجود رکي ٿي جنهن کي ’عدميت ‘ (nothingness) چيو وڃي ٿو، يا فيلسوفياڻا اصطلاح ۾ (being for itself) يعنيٰ پهرين صورت جو ’پاڇو ‘!
being for itself پهرين صورت کان ’انڪاري ‘ رهندي پاڻ کي به نفيس انداز ۾ ’ناڪاري‘ (negate) ٿي! يعنيٰ سندس پيڙهه ماضي ۾ آهي جيڪو حال ۾ ڪونهي، ۽ سندس آئينده مستقبل ۾ آهي __ ۽ اهو به بيوجود آهي ان ڪري کيس ’لاوجودي‘ ڪوٺيو وڃي ٿو __ ۽ پهرين حالت هينئر يعنيٰ حال ۾ پسجي ٿي ان ڪري اها ’وجودي ‘ قرار ڏني وڃي ٿي.
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران ۽ ان کان پوءِ سارتر جي فڪري ڌارائن ۾ نوان رنگ ۽ نيون شاخون شامل ٿيون هيون جن کي انسان دوست ترقي پسنداڻا ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ انهن ۾ تاريخ، سياست ۽ اخلاقيات جا ٻهه، ٻهه تارا ٽمڪندا پسي سگهجن ٿا جيڪي سندس وسيع تجربي، مطالعي ۽ نون ڌوتل پوتل نظرين جو ثمر به ڪوٺي سگهجن ٿا.
سندس هستي واد (existentialism) اهڙو نظريو آهي جيڪو سندس چواڻي ’بحراني دور‘ (crisis) ۾ رهنمائي ڪندو رهي ٿو. جڏهن اهڙي دور ۾ جهڪائي پيدا ٿيڻ لڳي ٿي ته اهڙيون تخليقون جيڪي ، قتل، تشدد، اذيت ۽ غداري جي مثالن ۽ فڪر سان لبريز هونديون آهن، پنهنجي اهميت گهٽائينديون رهن ٿيون. جنگي جنون وارين حالتن کان پوءِ امن جي صورت گري مهل سارتر اهڙين ليکتين کي ’بوريت ‘ پيدا ڪندو ڏسي، تلانجلي (رد) ڏئي ڇڏي هئي.

[b]وجوديت ۽ جبريت:
[/b]سارتر جي اسلوب ۾ طنز ۽ ابهام ۽ ذومعنويت ڄڻ اڀ تي تارن وانگر ڦهليل آهي. وجوديت (existentialism) جبريت (determinism) جي انڪار پسندي جو بهترين شاهڪاري ’ساهه کڻندڙ‘ بت آهي.
موت سندس پيدائش کي خلقيو هو ۽ سندس پيدائش موت کي جنميو هو! هن مصيبتن، رنج، دک ۽ پيڙا کي سهپ جو روپ بخشيندي هڪ نئون اسلوب قائم ڪيو هو __ ۽ پنهنجي زندگي جو ديدار پنهنجي موت جي ڪلپنا وسيلي چٽائي سان ڪندو رهيو هو. سندس ’شاندار پڄاڻي‘ لاءِ سندس موت ڏاڪڻ جي خوبصورت ڏاڪن جي جڙت ۾ سدا محو ڏيکاربو هو، کيس سدائين بدي جي وجود مان جرڪندڙ خير جون لاٽون نظر اينديون هيون. ’چارلس بادليئر‘ جي جيون ڪٿا ان حقيقت جو انمول مثال آهي. سنديس ابتدائي ناڪامين اندر سندس وفات کان پوءِ جون سڀيئي عظمتون جهلڪنديون پسجي رهيون هئس. هو وجودي هئڻ جي ناتي قسمت کي ڌڪاريندي ان تي پنهنجي راڄ ۽ حڪومت جو عملي اختيار هلائڻ پسند ڪندو رهيو هو، هو ’نالي ماتر روشن‘ ماضي کي ٿڏي ان جي رک مان ’پروميٿيسي جنم‘ وٺي رهيو هو.
هو پنهنجي اڻٿڪ آتما کي وچولي / هيئٺين طبقن لاءِ لاڳيتي ترقي جي ويچارن سان ٽمٽار ڪندو رهيو هو. هن حال جي ڀيٽ ۾ ماضي جي عمارت کي ڪيرائي پٽ ڪيو ۽ مستقبل جي ڀيٽ ۾ حال جا بخيه اکليندو رهيو. ارتقا مان انقلاب جي پالوٽ ڪندي پاڻ کي هڪ هاڪاري غدار جي روپ ۾ تخليق ڪيو هئائين. جنهن تي سدا قائم به رهيو. اهڙي فڪر کيس مارڪسواد جي ويجهو آڻيندي پنهنجي وجوديتي فلسفي کي ان جو فخريه انداز ۾ ٻانهن ٻيلي بڻائڻ تي زور ڏنو هو. ۽ ان طريقي کي اصطلاحن نرواڻ جو دڳ قرار ڏنائين!
وجوديت واري اخلاقيات ڪنهن اڳ بڻايل قانوني سرشتي ۾ ويساهه ڪونه رکي ٿي، ڇو ته اهڙي سوچ جبريت سان مشابهت رکندڙ آهي، ۽ وجودي فڪر جبريت کي سڌو سنئون رد ڪري ٿو. جبريت جو متو وجود ۽ هستي جي راهه ۾ ’مصدقه ذات‘ (authentic self) راهه جي ڳولها ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ شمار ڪيو وڃي ٿو؛ ان ڪري صرف حالتن (situations) پٽاندڙ اخلاقيات جي نيم ۾ وشواس اٿس __ جنهن کي انساني اخلاقيات به ڪوٺيو وڃي ٿو.
دين، وشواس، رواج، ٿوڦيل قانوني اخلاقيات کان الڳ ٿلڳ ’ترگنيفي‘ انحراف جي روپ ۾ جيڪا ’تصديق شدهه انسانيت‘ جي ضامن پسجي ٿي.
سارتر سان سنمک ٿيندي هن پنهنجي مترنم ۽ فيلسوفياڻي لهجي ۾ انڪشاف ڪندي ياد ڏياريو هئم ته جيڪي ماڻهو پنهنجي حيات جي جوت جهڪي ٿيڻ مهل پيرسن عورتن سان صرف ان لاءِ سنجوڳ ڪرڻ چاهيندا آهن جو هنن جواني جي ڪنهن ڏاڪي تي انهن سان ورو نهن ونڊي هئي! ‘ الائجي ڇا ڇا ياد ٿو اچيم.
تهذيب ڪنهن جو به بچاءُ ڪرڻ ۾ سڦل ڪونه ٿي: سگهي ٿي: فرد يا شئي جو! اها انسان جي ائين ايجاد آهي جيئن ديوتائون سندس خلقيل آهن. پر، اچرج ٿو لڳيم ته ان جي آئيني ۾ئي سندس سڃاڻپ ٿيندي رهي ٿي __ ۽ سندس عڪس پسجندو ڏيکاربو آهي؛ ان ڪري شهادت جو درجو بخشش، يا لافانيت ۽ انهن مٿان هما وانگر ويٺل ’ابدي هستي‘ (Eternal being) لاشيئت (nothingness) جي حيثيت رکن ٿيون. ظالم ’دهريت‘ کي ئي ’دوام ‘ حاصل آهي، سارتر ان جي شفافيت (transparency) مان ائين لانگهائو ٿيو هو جيئن ستارن جي روشني وقت ۽ مڪان جي پيماني ذريعي اسان تائين پهچندي رهي ٿي.
موت ۽ عظمت سندس ذات ۾ يڪ وجود بڻجي ’ارضي خدا‘ بڻجندا نظر آيا هئم __ ’جوهر ‘ کان گهڻو اڳڀرا، مقدم ۽ اوليت جي لباس ۾ اوڍيل!
موت جي وحشانيت کي نيچو نوائڻ لاءِ ’مرڻ‘ کي جيئڻ جو واحد وسيلو بڻايو هئائين؛ ان جي ابتڙ سندس گهاٽن دوستن پال نزان (Paul Nizan) ، مرليو پونٽي (Merleau Ponty) پاڻ کي ’فاني‘ تسليم ڪندي دنيا جي هر نعمت کي آدرشي هئڻ جي باوجود تيز رفتاري سان پنهنجي ذات اندر اوتڻ جي خواهش کي عملي روپ بخشڻ جي هر جتن کي اپنايو هو. حال جي ’قالب ‘ ۾ ڄڻ پاڻ کي سوگهو ڪري رکيو هو. پر، ان جي برعڪس هن (سارتر) پاڻ کي اڳ ئي ماري پنهنجي ذات سان محبت کان ڪوهين ڏور ڌڪي پري ڪري ڇڏيو هو، پنهنجي انفراديت کان الڳ ڄڻ ڪنهن ’شئي‘ ۾ تبديل ٿيندو ڏسي رهيو هو؟ يا ’ٻهروپي ‘ روپ جو لبادو پهري ايندڙ نسلن کي پاڻ سان محبت ڪرڻ، اطلسي عورتن، سندر اپسرائي جسمن کي پاڻ تي موهت ڪرڻ جو ڪوريئڙي وارو ڄار اڻي رهيو هو؟؟
يا لڪ ڇپ ۾ عياري ۽ حرفت سان ان ساڳي ٿڏيل زندگي جي ’راس ليلا‘ ۾ چور دروازي ذريعي داخل ٿيڻ جو جواز خلقي رهيو هو؟؟؟ ائين ئي سندس موت کان پوءِ جي ’پنرجنم‘ جو آغاز ٿي چڪو هو!
سندس چواڻي ”اهڙي رڃ اڄوڪي تهذيب جي ڪک مان ئي ته جنمي آهي. جڏهن ڪنهن مهان پرش جو موت ٿيندو آهي ۽ سندس شاهد الوپ ٿي ويندا آهن ته اهڙو موت ’عظيم واقعو‘ (event)مشڪل سان بڻجي سگهندو آهي، بلڪه وقت جو پيمانو ان کي هڪ ڪرداري وصف ۾ تبديل ڪريو ڇڏي ٿو. “ رڃ نما ڪوهيڙي ۾ وڪوڙي اهڙي حال ۾ صرف اڄاڻ ’مستقبل‘ ئي اهڙي پڄاڻي بعد ’روشن سچ‘ جو بنياد بڻجندو نظر ايندو آهي!
شر، خدا، رڃ ۽ اجڙيل دنيا هڪ ٻئي جي ذات اندر پاروتي ۽ شو (hermaphrodite)يا گنگا __جمني سنگم جيان سمايل ۽ يڪ وجود ٿيل آهن. انهن اڳيان پرارٿنا يا سجدو لاحاصل آهي. معصوم روحن جي اوچتي ۽ ڪمهلي عدم ڏانهن روانگي ۽ سندس پنهنجي ٻالڪپڻ جي سروم دکم دکم دنيا سارتر جي ذهن تي زندگي جي نماشام تائين تصويري عڪس جيان چهٽيل رهي هئي.

[b]هستي ۽ عدميت : ٻيو ۽ خودي:
[/b]سارتر جي اصطلاح ’خودي يا اهم واد‘ (Reef of solipsism) جو مهاڀاري ٻوجهه جنهن جي وزن هيٺان جسم سدائين پيڙجندو رهي ٿو، سندس اهم ترين تصنيف ’هستي ۽ عدميت‘ ۾ خاص اهميت ماڻي ٿو. حقيقت پسندي يا تصوريت ان کي ڇهڻ بنان اڳتي سُرڻ جي همٿ نٿا ساري سگهن. ’اهم واد‘ اندر ڇوليون هڻندڙ ’ٻيو ‘ (other) ايڏو طاقتور آهي جو سارتر موجب ريني ڊيڪارٽ جي حقيقت پسندي بابت ڪارٽيزن(Cartesian) اصطلاح ۽ ڪانٽ جي ’ تصوراتي ‘ موشگافي سندس آڏو بيوس نظر ٿا اچن ! يا اسپنوزا ۽ ليبنيز جهڙن مفڪرن جڏهن ان ٻئي (other) کي ڪنهن باطني رشتي سان جوڙڻ جو ادم ڪيو ته هنن کيس ’اڻ ڏٺل خدا‘ جي بڻياد ۾ وڃي اڇلايو ۽ اهو دڳ اختيار ڪرڻ سارتر يا هسيرل يا هائيڊيگر جهڙن منطق، دليل ۽ مادي حقيقت سان انسيت رکندڙ مفڪرن لاءِ اڻائو، ناممڪن ۽ غيرعقلي هو. هينئر اهو بي رحم سندن لاءِ آندري ييد (AndreGide) موجب ”شيطاني ڪردار ادا ڪندو ڏيکارجي ٿو. “ يا سارتر جي پنهنجي زباني ” ’ ٻيا ماڻهو‘ دوزخ ۾ ڌڪيندا رهن ٿا ! “ other بابت اهڙو گيان وجود جي آزادي کي تلف ڪندو پسجي ٿو.
هتڙي سندس اهم ناٽڪ ’ بندلنگهه ‘ (No Exit) ياد پيو اچيم جنهن جو اهم مڪالمو: ’ ٻيا ماڻهو دوزخ ڏانهن ڌڪيندا رهن ٿا “ ڌيان جوڳوآهي. ان کان سواءِ ساڳي اهم تصنيف اندر هي سوچ به ڌيان ڇڪائي ٿي: ” مان پنهنجي آزادي کي ڏاڍ، ڏمر ۽ رواج جي جڪڙ مان مڪت ڪرائڻ لاءِ ’ آزاد ‘ ڪونه آهيان __ ٻئي (other) جي دوزخي ’ خود غرضي ‘ جو نادر چٽ.“
منهنجي آزادي ’ ٻئي ذي روح ‘ جي آزادي سان جوڙي محدود ڪئي وئي آهي __ صرف وجود رکڻ جو اهل بڻايو ويو اٿم!
فرد پنهنجي انساني ذات ۽ پنهنجي انفرادي جامي ۾ ضروري ۽ لازمي طور چوگرد ڦهليل سنساري سماج جو زندهه ۽ ناطق اظهار آهي. پر، سارتر ان نڪتي ۽ ڪلئي کي رد ڏيندو cagito جي اوليت ۽ ’ اهم واد ‘ (solipism) جي خطري ۽ انهن سان لاڳاپيل عنصرن جهڙوڪ ’ٻي ‘ يا ’ٻاهرين ‘ کان سروناسي (annihilation) واري سوچ يا وقت ۽ آزادي جي ڪارٽيزن نظريئي تي اڏول بيٺل ڏيکارجي ٿو.
سارتر جي سنساري دنيا ۾ ٻئي (other) بابت ويچارن مان پتو پئي ٿو ته هو ارادي (intentionality) وسيلي پهرين ’نهري‘ (concrete) جسماني رخ کي نشانو بڻائيندي، جيڪو سندس فڪر جو بنيادي نڪتو آهي، ان جي توسيعي هيئت مان ٻئي جسماني رخ (شعور) کي جنم وٺرائي نابودي فنا ۽ نيستي (nihilation) جو بنياد وجهي ٿو __ being in itself ۽ ان نيستي کي صورت گري بخشڻ جي اهم احساسي (emotional) عنصرن مان ’ شرم ‘ (shame) ’ ڀؤ ‘ (fear) ۽ ’ اهم ‘ يا فخر (pride) بنيادي حيثت ماڻين ٿا __ ۽ انهن وسيلي جسم جو ٽيون رخ اتپن ٿئي ٿو جنهن کي (being for others) جو اصطلاحي نانءُ ڏنو ويو آهي __ ۽ ان ذريعي سندس نيستي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿي يا .......حضرت عيسيٰ وانگر کيس نيچو نوائڻ لاءِ ٻيهر (being for himself) جي روپ ۾ اڀري اچي ٿي.
سارتر جو فلسفو ڪوريئڙي جي ڄار وانگر انگڻ ونگڻ آهي، لکنو ۽ جئپور (امرقلعو) واريون ڀول ڀليان سندس آڏو تڇ آهن.
سارتر جي سوچ کي هابس (Hobbes) به ٽيڪو ڏيندي انسان کي ٽن (Passions) ۾ سدا وڪوڙيل پسايو آهي، جنهن سبب انهن جي وچ ۾، سندس چواڻي، عمراني معاهدو (Social Contract) لازمي بڻجيو وڃي ٿو: ڊپ (fear)، لاڀ (نفعو) (benefit) ۽ وقار (glory).
سارتر جي ’وجوديت ۽ عدميت‘ ۾ ’ٻئي ‘ (other) جي ذات ۾ ساڳين ٽنهي Passions جي ڌارا ڇوهي وهندي پسي سگهجي ٿي: يعني ڊپ، شرم ۽ فخر.
سندس شاهڪاري رچنا ’هستي ۽ نابوديت‘ اندر ٻين ڳوڙهن فڪري مسئلن کان سواءِ ٻن خاص نڪتن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، يعنيٰ.1 being in itself غير شعوري حقيقت (خارج شيءَ) ۽ 2. being for itself انساني ذات وارو ’وجود يا هستي‘ ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ موجود فرق کي واضح ڪيو ويو آهي؛ يعني ’شئي ‘ ۽ ’شعور ‘ جي وچ وارو فرق. مٿي ڄاڻايل گرنٿ اندر (اٽڪل روءِ 800 صفحن تي مشتمل) شعور جيڪو ’آزادي‘ جو نعم البدل ليکيو ويو آهي، اڳتي وڌندي ’پاڻ کي پيڙا، درد ياسيت‘ جي لبادي ۾ سڃاڻائڻ جو ڪانکي ڏيکارجي ٿو! بلڪه ’خواهش، چونڊ‘ به جيڪا ان (وجود) جو خاص عنصر آهي، ’سروم دکم دکم‘ بڻجندي پسجي ٿي.
پر، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ’وجوديتي فڪر‘ بنيادي طور انسان کي پنهنجي ’تلاش‘ ۽ ’آزادي ‘ جي ڏس ۾ سهائتا ڪري ٿو __ ۽ رهنائي به ڪري ٿو ته ان کي (آزادي) ڪيئن عملي صورت بخشي انسان لاءِ وڌيڪ اتم ۽ ڦلدائڪ بڻائي سگهجي ٿو.
ان ’فڪر‘ مطابق فرد جو شعور ڪنهن ٻنڌڻ جو پابند ڪونهي __ ۽ ’وحده لاشريڪ‘ وانگر ’اڪيلو ‘ ۽ ’پاڻ وهيڻو‘ آهي. ان فڪري ڌارا اندر ئي ’آزاد انسان‘ جي اتم ۽ بنيادي ۽ غير ترديدي حيثيت پهريون ڀيرو پڌري ٿي، کاٻي ۽ ساڄي ڌرين کي سندس آڏو ٽڪراءُ جي حالت ۾ بيهاريو هو. گذريل صدي جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سندس لاجواب ضخيم تخليق ”جدلياتي استدلال جي ڇنڊ ڇاڻ“ ( 755 صفحا) سندس مخالفن جي زبان بندي جو املهه شاهڪار بڻي هئي. جنهن اندر هن نهايت عرق ريزي سان سياسي ۽ سماجي فڪر ’نئين اخلاقيات‘ جي دائري ۾ رهندي ان جي وسيلي ’انسان، فرد‘ جو ڪائنات، سان پنهنجي فطري ۽ طبعي ماحول سان، قوم ڪڙم قبيلي ڪٽنب ۽ تاريخ سان سنٻنڌ جو تجزيو پيش ڪري دنيا ۾ سندس حيثيت تي مارڪسي نقطي نظر ذريعي وچور سان روشني وڌي آهي. ان اندر هن وجودي فڪر (extentialisim) ۽ مارڪسي سوچ (Marxisim) جي ناتي کي اٽل ڄاڻائيندي وجوديت کي ان فڪري ڌارا (مارڪسواد) جو ٻانهن ٻيلي ۽ اٽوٽ انگ سڏيو آهي.
سندس جدلياتي تقطيع ۾ ماڻهو خالق جو ٿڏو پٽيندڙ بلڪه ان جي نفي ڪندڙ ٿي اڀري ٿو. ’هيءُ ‘ (ماڻهو، فرد) اهو وجود آهي جنهن وجود مان ’انڪار‘ جون اجهل ڌارائون ڦٽي نڪرن ٿيون. پاڻ کي تڏهن سڃاڻڻ جو اهل بڻجي ٿو، جڏهن تاريخ ۽ وقت جي هر موڙ تي جدلياتي طريقه ڪار وسيلي انڪار کي تسلسل ڏيندو رهندو __۽ سندس نشانو سدا اڻ ڄاتل ’هو‘ رهندو جنهن کيس شروع کان ٻنڌڻن ۾ جڪڙي رکيو آهي، نطشي، هائيڊيگر، سارتر هن جي وجود کان سدائين انڪاري رهيا هئا.
وجوديتي فڪرمطابق هر ماڻهو پنهنجي الڳ دنيا بڻائڻ لاءِ ڪرم ڪندو رهي ٿو __۽ سارتر ان فڪر کي مارڪسواد سان سلهاڙي سماجي واڌاري لاءِ سرگرمي سان حصو وٺڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ سندس مطابق تاريخ جي جدليات انسان جي مادي سان هيڪڙائي واري عمل ذريعي وڌندي ويجهندي رهندي.
فلسفياتي فڪر جي تشريح هڪ ٻئي منفرد انداز ۾ به ڪئي وئي آهي: ان کي انسان جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ’گفتگو‘ يا ’مڪالماتي ‘ طريقو به چيو وڃي ٿو. جهڙوڪ افلاطون جا مڪالما وغيره. ان جو سلسلو يونان جي جهوني ڏاهي انسان ٿيلس (Thales) سان وڃي ملي ٿو. هر عظيم مفڪر بي نظير پيشڪش جي رچنا گفتگو جي آئيني ۾ ائين ڪندو رهيو آهي، جيئن ڪو فنڪار دنيا کي ڪشادگي بخشيندو تدبر ۽ بصيرت سان ڀرپور نقاشي ڪندو رهيو هجي.

[b]عيسائيت، فرائڊ ۽ سارتر:
[/b]سارتري فڪر موجب انسان ذات ۾ موجود ازلي تضاد ڪڏهن به حل ڪونه ٿي سگهندو، ان ڪري سندس هستي واد، عيسائيت ۽ فرائڊ جي وجودياتي فڪر کان وڌيڪ قنوطيت (pessimism)سان پر لڳندو اٿم. صرف عيسائيت جي ’آدي گناهه‘ (Original sin) ۽ فرائڊ جي ’اوڊي پس ڪامپليڪس‘ (Oedipus Complex) جي نظريئي کان پنهنجو پلاند بچائي رکيو اٿائين.
فقط پهرين حالت ۾ ’ڇوٽڪاري ‘ (Salvation) ۽ ٻي ۾ ’تحليل نفسي‘ جي تلقين ملي ٿي پر، سارتر چواڻي انسان جي ذات اندر ’خواهش‘ جو انگ سرسيرو ٿئي ٿو جنهن کي صورت گري ڏيڻ ناممڪن آهي __ ۽ ان کان سواءِ پنهنجي ذات ۾ تضادن سان به ٽمٽار رهي ٿي.

[b]هستي__نيستي جي ٽه رخي فڪري تاويل:
[/b]’هستي‘، پروڙ، جاچ جو ڄڻ ڍانچو آهي، ۽ ’عارضي پڻو‘ (contingency) سندس خاص وصف يا تت ۽ نيستي ’پڄاڻي‘ (nothingness) يعني موت جي دروازي تي پهچائي ٿي ۽ ’عارضي پڻي‘ کي ان جو رٿ (سواري) قرار ڏئي سگهجي ٿو.
’وجوديتي فڪر‘ جي متي جو پهريون وڏو علمبردار ڪيرڪي گارڊ هو ۽ سارتر کانئس پوءِ اڄوڪي يگ جو، ان متي سان لاڳاپيل سڀ کان وڏو علمبردار آهي.
انهن ٽنهي مفڪرن (ڪيرڪي گارڊ، هائيڊيگر ۽ سارتر) جي حالت ۾ پنهنجي الڳ الڳ نوعيت جا اڊڪا يا ڀوءَ (fears) پيدا ٿيندا نظر اچن ٿا.
ڪيرڪي گارڊ موجب ”مان پنهنجي خالق جي ابديت ڏسي ان جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نيستي پسي ڀوءَ ۾ گهيرجي وڃان ٿو،“ هائيڊيگر آکي ٿو ”مان پنهنجي موت اندر ابدي (eternal) نيستي پسي ڊپ ۾ مبتلا ٿيان ٿو! “ ۽ سارتر هن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ اظهاري ٿو، ”اها نيستي يا هستي جي ذميداري منهنجي پنهنجي اختيار ڪيل ذميداري آهي جيڪا آخري نتيجي ۾ ’فنا‘ يا ’نيستي‘ سان وڃي گڏجي ٿي!!“
انهن ٽنهي صورتن ۾ اڊڪو يا ڀوءَ نيستي جي سوچ ڌار مان اتپن ٿئي ٿو، هتي ’فرد ‘ (ڪيرڪي گارڊ، هائيڊيگر، سارتر) پنهنجي ذات جي تلاش ۾ پاڻ کي تلاش ڪري وٺي ٿو ۽ اهو به ’نيستي‘ جي بي تري واري ڌٻڻ جي ڪناري تي! اهائي اسان جي اڄوڪي يگ جي ياسيت ۾ ويڙهيل خاص خصوصيت آهي.
سارتر مطابق انساني ’فنا ‘ جو متو ان اندر موجود تضاد ۽ ان جي حقيقت انسان جي وجوديت کي مفهوم، معنيٰ ۽ مقصد بخشي ٿي. ان ذريعي پاڻ کي پرکي سگهجي ٿو __ ۽ گڏوگڏ پاڻ ۾ اڳتي وڌڻ واري ’تبديلي ‘ به آڻي سگهجي ٿي، ڇو جو ان طريقي سان ’دليل‘ سوڀارو ٿئي ٿو __ انساني ’جذبو‘ پڻ عمل جو روپ ڌاري وٺي ٿو.
پنهنجي ’فنا‘ جي پس منظر اندران ان ’ڀوءُ ‘ جي وسيلي ماڻهو کي هڪ قسم جي سڃاڻپ ۽ تجسيم ملي ٿي __ ۽ ان طريقي کي سارتري سوچ مطابق ’هاڪاري‘ چيو وڃي ٿو __ ان جي ’ناڪاري‘،’بدعهدي ‘ (bad faith) يا خراب وهنوار ۾ پوشيده آهي (جنهن جو اڳتي ذڪر ايندو). ماڻهو انهن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ ۾ خودمختار ۽ آزاد آهي.
سارتر جي ’وجوديت‘ بابت ’تحليل نفسي‘ جي ويچارن کي سندس اهم دستاويزي تصنيف ’وجوديت ۽ عدميت‘ اندر وچور سان ڇنڊ ڇاڻ ڪندي روشني وڌي وئي آهي. ان اندر ’فرد‘ جي ذهني اڻت جي بناوت ۾ سندس پنهنجي جتن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.
پنهنجي ٻي جڳ پرسڌ تصنيف ’جدلياتي استدلال جي ڇنڊ ڇاڻ‘ جي پهرين جلد ۾ مارڪسي فڪر کي ويهين صدي جو عظيم ’فڪري سرمايو‘ قرارڏيندي پنهنجي وجوديتي فلسفي کي ’فرد ‘ جو وجود کي دوام بخشڻ لاءِ مارڪسي سوچ جو سهائڪ چورائيندي ڪين ڪيٻايو آهي، بلڪه ان تي فڪر ڪندو نظر اچي ٿو. ان جلد ۾ فرد جي ’مشق‘ ڪرڻ واري حيثيت تان اڳتي وڌندي ۽ اهڙي ڪرم کي عملي عضوياتي بناوت قرارڏيندي سندس ’بدعملي ‘ ۽ مستي واري عادت (bad faith) جيڪا غير انساني سلوڪ کي دوام بخشي ٿي کي رد ڏيندي انساني ضرورت هيٺ سندس وڌندڙ قوت ڏانهن اشارو ڪندو ڏيکارجي ٿو.
سندس سوچ مطابق ”وجودياتي فڪر مارڪسي فڪر جي سماجي ۽ تاريخي نسن اندر ٻڌي ۽ ساڃاهه جو ترياق اوتي پاڻمرادو غائب ٿي ويندو __ ۽ ان جي صحت مند نتيجي ۾ مارڪسوادي ڄڻ نئون سئون ٿي جي اٿندو. “

[b]وجوديت، مارڪسواد ۽ سياست:
[/b]سارتر عام طور به ’عوام ۽ نظرين‘ ٻنهي سان هڪ جيتري چاهت رکندو هو. ٻي مهاڀاري لڙائي دوران سارتر نثري ادب ۽ فلسفياڻا تخليقي اپج دوران ٻين مارڪسي جدلياتي مفڪرن وانگر پاڻ کي سياسي سوچ جي ان رخ جي اپٽار ۾ رڌل رکيو جنهن کي ’مشقي‘ (praxis) نڪتي جو ’اصل يا جوهر‘ (totalisation) قرار ڏنو وڃي ٿو.
پنهنجي فڪر ۾ انسان جي پورڻتا ’تڪميل‘ (totality) تي زور ڏيندو نظر اچي ٿو. سندس مطابق اها هم آهنگ ۽ سنجوڳي (synthetic) حالت اختيار ڪري ٿي جنهن اندر عضوياتي (organic) ۽ ٻاهريان جوڙ جڪي عنصر هڪ قسم جي اڏاوتي صورت ۾ هڪ ٻئي ۾ سمائجي يڪجا ٿيون وڃن ٿا. اهو نڪتو هيگل جي (totality) واري فڪري ڪلئي مان اخذ ڪيو هئائين. ان ذريعي پاڻ کي پرجهي سڃاڻي مڪمل مڪتي آزادي حاصل ڪرڻ جو حقدار بڻجي وڃي ٿو.
هونءَ به هيگلي جدليات جو مقصد فلسفي کي ٻنڌڻن مان مڪتي ڏيارڻ هو. جدليات حالت (state) ڪونهي، بلڪه وهڪرو(process) آهي __ يعني سوچ (concept) جو نه رڪجندڙ اڳتي هلندڙ واڌارو (development).
مٿي بيان ڪيل اصطلاحي نڪتي ۾ هر شئي، سوچ سمائجي ان کي اصطلاحن هڪ نهري (concrete) ’مطلق ڪل‘ جي صورت بخشي ٿي جنهن اندر تاريخ کي هم آهنگي (synthetic) روپ اختيار ڪندو پسي سگهجي ٿو. جيڪا انهن اضافن جي باوجود هڪ اڻ ٽٽ ۽ لاڳيتو سنجوڳي (cohesive) شڪل ۾ بدلجيو وڃي ٿي. عام انساني ذهن لاءِ ’ان ڪل‘ جي ماهيت ۽ معني ڄاڻڻ مشڪل عمل هوندو آهي ڇو جو ’مذهبي حوالي‘ کان ٻاهر رهندي اهو ٻي معني بڻجي پوي ٿو. پر، مارڪسي مفڪرن جو ان ڏانهن لاڙي لاءِ اتساهه ڏسندي ان لڏي کان ٻاهر وارن ٽيڪاڪارن کي موقعو ڏئي ٿو __ ۽ ان نتيجي ۾ هو ان کي ’مذهبي اعتقاد‘ جو مخالف نعم البدل قرار ڏيڻ ۾ حق به جانب ڏيکاري ڏين ٿا. هتي اهو ڄاڻائڻ نامناسب ڪو نه ٿيندو ته ان ’مخصوص رخ‘ جو باني هيگل ڄاتو وڃي ٿو، پر، سارتر کائنس گهڻو اڳتي نڪرندو نظر اچي ٿو __ اها حقيقت سندس جدلياتي ٽيڪا مان پسجي سگهجي ٿي: تجزياتي استدلالي طريقو اتساهت ڪندو رهي ٿو ۽ جدلياتي استدلالي اصول ’ڪل ‘ جو روپ سنواريندو رهي ٿو.
سارتر ان تضادات سان پر صورت حال کي سياسي بصيرت سان پرکيندو رهي ٿو: ۽ آزاد روي (liberalism)، قطعيت (positivism) ۽ فاشي روئي (fascism) کي هڪ ئي نگاهه ۾ هم آهنگ قرار ڏيندي ۽ انهن جي مخالفت ڪندي صرف مارڪسواد کي وجوديت سان جوڙيندي نج، سچو ۽ انسان ذات جي انتي يا ڇوٽڪاري جو فلسفو قرار ڏئي ٿو.
سارتر جو وجوديت وادي فلسفو انسان ذات جي پنهنجي نجات ۽ واڌاري جي سلسلي ۾ ڪيل جتن ۾ ناڪامي جي بي مثل ’تشريح‘ آهي. هن مطابق صرف ۽ صرف مارڪسي تاريخي جدليات تي عمل پيرا ٿيڻ ذريعي ئي انسان کي ’آخري المئي‘ کان بچائي سگهجي ٿو.
سارتر انهن اڻاون ۽ ڏکين ڏينهن دوران قلم ۽ تلوار سان وڙهندي فخر محسوس ڪندو هو ڇو جو انهن جي تخم ۾ انتهائي ڳردار معني ۽ روشن کان روشن تر ٿيندڙ ’اميد ‘ ڇوليون هڻندي ڏيکاري ڏيندي هئس. انهن ڏهاڙن يا انهن کان ڪجهه وقت اڳ ۾ هن پنهنجي زندگي کي مفهوم ڏيڻ شروع ڪيو هو.
موت جي اکين ۾ اکيون وجهي تڪڻ کان سواءِ زندگي جي ڪا معنيٰ نٿي رهي ۽ ’اڪيلي ‘ موت کان وڌيڪ ’پنهنجن‘ سان گڏجي مرڻ جي معنيٰ ۽ فلسفو هر جڳ ۾ هاڪاري ۽ ’سولو ‘ رهيو آهي! اهڙو موت جنهن ۾ پنهنجن جي گڏيل ڀڻڪ ڪنين پوي ۽ ڌرتي تي مقتولن جا مڙه پکڙيل هجن، ان اندر مستقبل جا وارث پنهنجي ’شهيدن ‘ کي سولائي سان سڃاڻي سگهڻ جي اهليت رکندا __ ۽ رت سان رڱيل انهن ڏند ڪٿا جهڙين حقيقتن مان سون ورنا ليجنڊ ۽ شاعري اپجندي رهندي. موت سان مکا ميلو ’کيس ‘ انساني قرباني جي ساڃاهه ۽ ان اندر موجود نغمگي کان آگاهه ڪندو رهي ٿو __ ۽ آلاپيندو رهي ٿو ته زندهه زندگين سان گڏوگڏ موت سان همڪنار ’جيئرن ‘ لاءِ سنگين ساٿين جون زندهه دليون سدا شفيق پناهه گاهه جيان هونديون آهن __ ۽ هنن جا ذهن به ساڳيو مرتبو ماڻيندا رهن ٿا (هتڙي نواب اڪبر بگٽي جو فوجي جنتا خلاف ’هارا ڪيري‘ (Harakiri) جهڙو عظيم اجتماعي ڪارنامو ياد پيو اچيم جنهن کين پاڪستان جي تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي آهي).
مطلب ته ان بحراني دور ۾ سارتر ’دنيا جي ضمير‘ جي حيثيت ماڻي چڪو هو! زندگي کي سدا هاڪاري ۽ جهرڻي جهڙي مهم جوئي سمجهندو رهيو هو جيڪا سندس فڪر ۽ ادب مان ليا ڪا پائيندي رهي ٿي.

[b]بداعتقادي ۽ صالح اعتقاد:
[/b]سارتر جي اهم تصنيف جدلياتي استدلال جي ڇنڊ ڇاڻ بابت اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ان اندر هن انساني مونجهارن جي حل لاءِ ’نئون مارڪسوادي‘ نڪتو پيش ڪيو آهي ۽ ان جي حوالي سان ’عدميت‘ (nothingness) دنيا اندر براجمان ٿيندي نظر ايندي رهي ٿي.
سارتر ان بحث مان نتيجو ڪڍندي چوي ٿو ته ’انسان اهڙي هستي آهي جنهن جو وجود جوهر تي اوليت رکي ٿو ۽ ان ڪارڻ سندس ڪا طئه شدهه ’انساني فطرت‘ به ڪونهي ان نڪتي جي وضاحت سندس مشهور ليڪچر ’وجوديت ۽ انسان دوستي‘ (1945) ۾ چٽي طور ڄاڻائي وئي آهي. ان نڪتي مان سندس الحادي (atheistic) سوچ صاف جهلڪي ٿي ۽ نتيجي ۾ سندس ’اپار آزادي‘ ۽ ’خود مختاري‘ جو غير تڪراري نڪتو به اڀرندو ڏيکارجي ٿو جنهن جي آخري خارجي حد ’موت‘ آهي، ۽ موت کيس ماضي جو حصو بڻائي پاڻ مرادو وجود ۾ تبديل ڪريو ڇڏي ٿو. ٻي صورت ۾ هو هڪ خودمختار ۽ آزاد فاني جيو آهي. سارتر وڌيڪ چوي ٿو ته جيڪڏهن پاڻ مرادو وجود ( being in itself) ۽ پنهنجي لاءِ وجود (being for itself) جي سوچ کي ’بي انت‘ (infinite) ڏانهن ڇڪي وڃبو ته خدا جي هستي جو تصور پيدا ٿيندو ان سبب ’مذهبي ماڻهوءَ‘ آڏو عالم جو ’شعور ‘ ۽ ’خارج ۾ موجود فاعل‘ جي گڏيل اثباتيت کي خدا جي وصف قرار ڏنو وڃي ٿو! پر، سارترائي سوچ مطابق اها جدول اڻ ٿيڻي آهي، ڇو جو شعور اثباتيت کي ۽ اثباتيت شعور جي نفي ڪندي رهي ٿي __ ان ڪري ’خدا ‘ جي تصور ۾ نقص پيدا ٿيو وڃي ٿو! ان ليڪچر ۾ وجوديت جي اپٽار انسان دوستي جي صادق نظرئي جي حيثيت سان ڪئي وئي آهي.
آزادي جو شعور انسان لاءِ ’ڏهڪاءُ ‘ جو ڪارڻ به آهي __ ۽ ’اهو ‘ ان عدميت مان پيدا ٿئي ٿو جيڪا فرد جي جوهر ۽ چونڊ جي وچ ۾ موجود رهي ٿي. ڏهڪاءُ پاڻمرادو آزادي جي احساس کي صورت گري بخشيندو رهي ٿو. آزادي جو هڪ نقصان به آهي. اها پاڻ سان ’چونڊ ‘ (free choice) ۽ ذميداري جي ’پيڙا ‘ به پيدا ڪندي رهي ٿي ۽ کيس اهو احساس ستائيندو رهي ٿوته بيوسي ۾ ڪيڏي نه شانتي ٿئي ٿي! انسان جي اهڙي منفي ۽ ناڪاري سوچ کي سارتر ’بدعهدي ‘ يا ’بداعتقادي‘ جو نانءُ ڏنو آهي. حقيقت ۾ اهو رخ ڪوڙ ۽ دولاب سان مشابهت رکي ٿو. سندس مطابق تاريخي ماديت ئي تاريخ بابت صحيح ۽ نهري تشريح ۽ تاويل پيش ڪري سگهي ٿي __ ۽ وجوديت ان سان سلهاڙجي ’حقيقت ‘ ڏانهن سنجيده، مدلل ۽ نهري راهه ڏانهن گامزن ڪرڻ جو ذريعو آهي.
انسان خود حقيقت آهي __ ان کي (حقيقت) داخليت (subjectivity) يا شعور جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو جيئن ته شعور ڪنهن ’شئي‘ جو ٿئي ٿو ان ڪري شعور ۽ سندس خارج کي هڪ ٻئي جي برابري تي نٿو بيهاري سگهجي؛ ان سبب شعور شئي ڪونهي جنهن کي سارتري اصطلاح ۾ ’پنهنجي لاءِ وجود‘ (being for itself) چيو وڃي ٿو __ ۽ ٻئي طرف دنيا جون ٻيون ’شيون ‘ آهن جن لاءِ پاڻمرادو وجود (being in itself) جو اصطلاح رٿيو يا وضع ڪيو ويو آهي. جيڪا شئي شعور کي مٿي ڄاڻايل پهرين اصطلاح کان مٿڀرو ڪري ٿي ان کي سارتري انداز ۾ ’عدميت ‘ (nothingness) ڪوٺيو وڃي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته ’پنهنجي لاءِ وجود‘ يا ’ شعور‘ يا انسان جو ’وجود‘ عدميت تي انحصار رکي ٿو. ان ڪارڻ بقول سارتر شعور ناڪافي ۽ نامڪمل به آهي.
پر، ذميداري جي احساس وسيلي جڏهن ڪو فرد، هستي عمل جي تخليق ڪري سڄي انسان ذات لاءِ ڪو هاڪاري فيصلو ڪري ٿو __ قدر جي اپج ڪندو رهي ٿو __ ۽ ان طرح انساني وقار بلند ڪندو رهي ٿو ته سارتر اهڙي نوع يا روئي کي صالح عهد يا صالح اعتقاد (good faith) جو نالو ڏنو آهي.
تعميراتي منڪريت يا انحراف (constructive negativity) اهڙي صالح عمل جو بهترين مثال آهي جنهن ذريعي هڪ شئي جو انت, پڄاڻي آڻي ٻي کي تعمير يا اپج ڪئي ويندي آهي. جهڙڪ ’وڻ‘ کي ڪيرائي سندس پڄاڻي آڻي ان منجهان ڪامون، فرنيچر وغيره تيار ڪجي ٿو.

[b]سياست، انسان دوستي ۽ اخلاقيات:
[/b]ڪيرڪي گارڊ جدليات کي فرد جي باطني وجود ڏانهن لاڙيو هو پر هن جي برعڪس مارڪس ان (جدليات) کي سڄي پاسي لاڙيندي اوچو ڪيو __ ۽ سندس رخ کي خارج ڏانهن رکيو يعني زندگي جي ’مادي ‘ حالتن طرف محنت ۽ سرمائي ذريعي ان جو استحصال! مارڪس اهو مفڪر هو جنهن ساڳئي وقت ميلاپي انداز ۾ ٻئي ’چالون ‘ جاري رکيون يعنيٰ شعوري ’باطن‘ طرف ۽ طبقاتي جدوجهد جي ’خارج ‘ ڏانهن.
سارتر به ان طريقي کي ٿورڙي ڦير گهير سان اپنايو هو. حقيقت ۾ هو مارڪس جي ذريعي هيگل کان آگاهه ٿيو هو. جدلياتي ماديت وسيلي ’جدليات ‘ سان ڪلهي گس ٿيس؛ پر، ان اندر ڦير گهير ڪندي سڀني شين جو گيان وجودياتي جدليات ( (existential dialectics ذريعي ئي پلئه پيس.
مارڪسواد کي ويهين صدي جو مهان فلسفو قرار ڏيندي ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ پنهنجي سموري لکيتن خاص طور ’هستي ۽ عدميت‘ ۾ ’جدلياتي دليل تي ٽيڪا ٽپڻي‘ ۾ بنا جهجهڪ اهڙو اظهار ڪندو نظراچي ٿو. پر، منهنجي خيال موجب وجوديت (جنهن جي باطن ۾ زندگي جو المياتي شعور ڇلڪندو ڏيکارجي ٿو) ۽ مارڪسواد جي فڪر ڌارائن جي سنگم کي پيٽي جو بورجوازي دانشور جي فڪري بغاوت سان تعبير ڪي سگهجي ٿو ۽ ان اندر ’ڀوڳيندڙ عملي انسان‘ جو صرف پاڇو پسجي ٿو! سارتر پاڻ به ان طبقي جو هڪ نمائيندو فرد هو __ ۽ ان فڪر ۾ سندس خلوص ۽ نيڪ نيتي جي باوجود سوڀي گيانچنداڻي وانگر __ بدقسمتي سان، سندس طبقاتي (traits) بکندا نظر اچن ٿا.
شعور جي غير موجودگي ۾ عدميت (nothingness) جو تصور عبث آهي. شعور جي هستي لاءِ ’وجود ‘جي هستي (being in itself) لازمي آهي؛ ان بعد ئي ان جو جوهر (essence) ظاهر ٿيندو رهندو __ ۽ پوءِ شعور پنهنجو پاڻ پاڻمرادو اڀرندو، نسرندو رهي ٿو؛ ۽ سندس وجود جو سبب ’ عدميت ‘ آهي ! ۽ عدميت سنسار ۾ ماڻهو جي وسيلي ظاهر ٿي آهي __ ۽ اها انسان جي سڀ کان وڏي ’ حقيقت ‘ آهي. انسان جي هڪ ٻي به حقيقت آهي: ’ آزادي ‘! ۽ آزادي انسان جي ماضي کي ان راند کان ڏور رکندي سندس ’ عدميت ‘ کي تحفظ بخشي ٿي. فنا (nihilation) هڪ ڏار وانگر ماڻهوءَ جي نفسياتي ماضي قريب ۽ حال جي وچ ۾ اهو ڪرم آهي جيڪو کيس آزادي بخشي ٿو ۽ ان ڏار جو شعور ماڻهو جو سڀ کان وڏو اڊڪو ۽ ڀوءُ آهي.
ان سلسلي ۾ سندس اڪثر ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون جهڙوڪ مکيون، بندلنگهه، عزت دار وئشيا، ڪنا هٿ، هڪ رهنما جو ٻالڪپڻو، تروجن عهد جون عورتون، يا ڀت، گهرائپ، ڪمرو فلسفي، سياسيت ۽ ڳوُڙهن اخلاقي مسئلن __ آزادي، ذات جي سڃاڻپ، سماج ڏانهن عملي اظهار جي ضرورت وغيرهه جي گورک مها ڄار سان پنجه ڪشي ۾ الجهيل ۽ انهن مان گونجندڙ پڙاڏن سان سٿيل ڏيکارجن ٿيون.
اسان کي چڱي پر پروڙ آهي ته ’ ڏيکاوي ‘ منظر، ڳالهيون ۽ چهرا رڃ وانگر دولابي ٿين ٿا، پر ڪرم يا عمل جي اٻهرائپ ۽ وقت جي اڻاٺ سبب اسين ڀنڀلجي انهن کي ساڀيا سمجهي سندن شڪار ٿيندي ڀوڳڻا ڀوڳيندا رهون ٿا. خباثت ۾ لٿڙيل دئيت __ روپي هستي being جي being for itselfکان وٺي being in otherness جو کاڄ بڻجندا رهون ٿا. هتڙي ياد اچيم ٿو ته حقيقت ۾ خاص طور اڄوڪي يگ اندر، هر ماڻهو ٻيٽاري جو روپ اختيارڪندو رهي ٿو.
سندس اهم تصنيف __ جنهن جو ذڪر اڳ ۾ به ڪيو اٿم ’ جدلياتي استدلال جي ڇنڊ ڇاڻ ‘ اندر آشاوادي لاٽ جيڪا سندس ٽن ناڪاري روين :(concepts) شرم، ڀوءُ، ۽ فخر کي رد ڏيندي ٽن تڪراري نڪتن being in itself، being for itself،۽ itself for others being کي شفاعت، ٽياڪري يا ثالثي (mediation) وسيلي حل ڪرڻ جي رٿ ڏني آهي. مان اصولي طور پاڻ کي ساڻس سهمت سمجهان ٿو پر، زميني حقيقتون ان انسان دوستي واري ويچار جي خلاف ۽ برعڪس بڻجنديون ڏيکارجن ٿيون.
سارتر کي سماج کان ٽٽل، ڌار ٿيل ’ انفرادي __ وجودي ‘ (individual praxis) سوچ اندر ڇوليون هڻندڙ نراسائي تباهي ويڳاڻپ اجنبيت اداسائي ۽ غم سندس ’ وجودي استاد ‘ ڪيرڪي گارڊ جيان وڪوڙي قنوطي فلسفي جي ڪن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو؛ ۽ بدقسمتي سان سڀني وجوديت پسند مفڪرن جهڙوڪ هائيڊيگر، ايم مرليو پونٽي، جبرئيل مارسل، البرٽ ڪامو، ڪارل جيسپرز، ڪولن ولسن وغيره. جي سوچ جو دائرو ساڳئي ريت ’ شوپنهاروي ياسيت ‘ مان ڪُن وانگر ڀڙڪو کائي ظاهر ٿي ڪري، ان اندر ئي الوپ ٿيو وڃي ٿو. سارتر به ان سٿ جو ڌرو تارو هو ۽ سندس سڀ کان اتم تصنيف ’ هستي ۽ عدميت ‘ سندس اهڙي قنوطيت جو درخشان شاهڪار آهي. ان بعد ۽ ان وچ ۾، هوريان هوريان، سندس سنٻنڌ انسان پرست ترقي پسند ۽ مارڪسواد جي فڪر سان لبريز ’ سياست ‘ سان جڙي وڃي ٿو؛ جنهن اندر ٽه __ ياري (سارتر، مرليو پونٽي، پال نزان) ۽ رسالي ’ جديد دور ‘ ۽ ڪامو جي اخبار ’ ويڙهه ‘ جي مثبت ڪردار کي ساراهڻ بنا نٿو رهي سگهجي. ان دور ۾ اسپيني خانه جنگي جون تباهه ڪاريون ۽ هٽلري بدروح جو ڪارو پاڇو کيس ’ فرد ‘ جي طلسمي پنجوڙ مان جنهن جي جڙت being for itself جي ناڪاري ڪلئي تي بيٺل هئي، ٻاهر آڻڻ لاءِ اتساهيندا، مجبور ڪندا رهن ٿا.
ان بعد الجيريا ۽ ويٽنام جون عام ڪوس واريون حالتون سندس حساس طبيعت اندر وڳوڙ پيدا ڪنديون رهن ٿيون. ان کان سواءِ اڳتي پوئتي هلندي جمهوري عمل ۽ پارليامينٽري صورت جي لڳاتار بيشرمي واري ترڪ تالي، بزدلي ۽ دولابي عمل ڏسي سندس ان مان ويساهه ئي کڄي ويو هو. ان سبب ڊيگال جي ’ چوٿين ريپبلڪ ‘ يا ايڊور دلاديئر جي ’ ٽين ريپبلڪ ‘ يا جارجس بيڊال ۽ انتوئن پلي __ مطلب ته انهن سڀني لاءِ هڪ قسم جي ڪوڙي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندو رهيو هو.
ان کان اڳ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران نازي جرمني هٿان 9 مهينن جي قيد (1939-1940) جون پيڙيندڙ حالتون کيس نئين نڪور سياسي ۽ مارڪسي فڪر جي روپ سان روشناس ڪرائي سندس وجودياتي فلسفي کي هاڪاريت جي ’ ان فلسفي ‘ سان جوڙي منجهس انقلابي تبديلي آڻڻ جو سبب بڻجن ٿيون __ نتيجي طور کيس ذاتي اجنبيت ۽ اجتماعي ويڳاڻپ جي practico inert جي جدليات کان ڪنهن حد تائين روشن ۽ آڪسيجن سان ڀرپور وايو منڊل ۾ آڻين ٿيون.
ان ٻئي دور جي سندس خاص تصنيف ۾ ’ وجوديت ۽ انسان دوستي ‘ (existentialism and humanism) مٿي ڄاڻايل ٻن رچنائن سان اهم جڳهه والاري ٿي.
گذريل صدي جي چاليهن واري ڏهاڪي کان سارتر جي فڪر جي اخلاقيات وارو ڀاڳ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ هٽڪ جي مارڪسي فلسفي ڏانهن چڪمڪ جيان ڇڪجندو ڏيکارجي ٿو جنهن اندر سندس ’ وجوديتي فڪري ‘ ميراث به صاف صاف پسي سگهجي ٿي (ان ڏس ۾ پنهنجي مربي ۽ پياري دوست مرليو پانٽي جي رسالي less temps moderns اندر رهنمائي جي بيحد ساراهه به ڪئي اٿائين.) هتڙي مارڪس واد کي هن دور جي سڀ کان وڌيڪ صحت مند ۽ اثرائتي نظريئي طور مڃتا ڏيندي پنهنجي وجودياتي فڪر کي ان سان سلهاڙيندڙ غير طبقي واري سماج ۽ هڪ هم آهنگ انساني اڪائي جي جاکوڙ ۾ رڌل نظر ايندو رهي ٿو ۽ اهو روپ سندس اعليٰ تخليق ’جدلياتي دليل جي ڇنڊ ڇاڻ ‘ مان بکندو ڏسي سگهجي ٿو ۽ سن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ اعلان ڪندي اظهاريو هئائين ته ”مارڪسواد ۽ وجوديتي فڪري ڌارائون هڪ ٻئي خلاف تضاد رکڻ بجاءِ هڪ ٻئي جو ڀرپائو ڪندڙ آهن.(هتي هي حقيقت ياد رکڻ جوڳي آهي ته روس اندر سماجواد جي بي رحماڻا مرڪزيت (جنهن جو اڳواڻ اسٽالن هو) کي ڪڏهن هضم ڪين ڪري سگهيو هو جنهن سبب ’ جغادري ‘ ڪميونسٽ تحريڪ سندس نيڪ نيتي تي ٻڌل مارڪسواد ۽ وجوديتي فڪر جي ميلاپي رٿا کي شڪ سان ڏسندي ان جي سدائين مخالفت ڪندا رهيا هئا !).
سارتر جي ’ وجودياتي فلسفي موجب انساني لاڳاپا، سنٻنڌ هڪ ٻئي تي سوڀ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد اندر پوشيدهه ’ خواهش ‘ تي ٻڌل آهن، يعنيٰ سڀني تعلقات جو بنياد اٽل قسم جي چٽا ڀيٽي تي ٻڌل آهي ! ان لاءِ سندس وضاحتي اصطلاح being for others يا transcendence transcended وضع ڪيو ويو هو.
پر being for itself جي نقطي نظر کان انسان آزادي جي اتمتا ۾ سرس پسجي ٿو.
سارتر انساني آزادي جو وڏو علمبردار هو جيڪا سندس فيلسوفياڻا فڪر جو بنياد ليکي وڃي ٿي. خاص طور ٻي مهاڀاري لڙائي دوران __ ۽ ان کان پوءِ به فرد جي آزادي لاءِ سموري دنيا ۾ پاڻ پتوڙيندو رهيو، ۽ انڌڪار جي قوتن: بيٺڪيت، سرمائيداري، سامراجيت ۽ وچولي طبقي جي موقع پرستي جي خلاف رڪ جي ديوار وانگر، بنان ڪنهن ٺاهه جي، آخر تائين اڏول بيٺو رهيو. الجيريائي آزادي جي جدوجهد کان وٺي برٽرانڊرسيل واري جنگي ڏوهن واري ٽربيونل سندس اڏولتا جا املهه مثال آهن. هتڙي ياد اچيم ٿو ته الجيريائي آزادي جي ڀينڪر لڙائي دوران سارتر جو ’آزادي پسندن‘ ڏانهن عملي لاڙو پسي فرانس جي گپت ايجنسين صدر ڊيگال کان سارتر کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت گهُري هئي. ديگال کين وراڻي ڏيندي چيو هو، ”سارتر خود ’فرانس‘ آهي فرانس کي ڪير زنجيرن ۾ جڪڙي سگهندو؟!!“ سندس انيڪ منفرد لکيتون، نسل پرستي (نسل پرستي جي سخت نندا جي سلسلي ۾ سندس تحقيقي تصنيف ’ يهوديت واد ‘ Semetisism واکاڻ جوڳي آهي.) قوم پرستي، تنگ نظري، جن جو ڀيانڪ روپ ننڍي ڄمار کان پسيندو رهيو هو، جي خلاف نفرت جي گهڻ رخي عڪسن سان ڀريل آهن.

[b]جهوني يگ ۾ وجوديت واد جا آثار:
[/b]قديم يگ جي گپت بدعتي عيسائي فڪري ڌارائن (Gnosticism) جا پوئلڳ جديد وجوديتي فڪر جي وڌيڪ ويجهو هئا ۽ سندن سوچ موجب دنيا شيطاني چڪر ۾ ڦاٿل ۽ اجنبيت (alienation) جي اونڌهه ۾ ويڙهيل هئي، ان ڪري مايوسي نااميدي، دک، پيڙا، ڀوڳڻا، ’ وجود ‘ existence)) جو انگ بڻيل هئا. جيتوڻيڪ دويت واد، (Dualism) نئين عهدنامي ۽ ناسٽسزم جي بڻياد ۾ سمايل ضرور هئا؛ پر، ڪافي فرق سان. ان جهوني بدعتي فرقي جو دويت واد پختي ۽ مضبوط وشواس تي بيٺو هو، ۽ بائيبل جي تخليق ۽ پيدائش واري متي جي برخلاف هو ! ان متي مطابق وجودي ڇوٽڪارو پنهنجي ذات (فرد) جي سڃاڻپ ۽ مقدربابت صحيح گيان سان ڳنڍيل هو. ان کان سواءِ عيسائي صوفين جهڙوڪ سينٽ پال، سينٽ آگسٽائن، لوٿر، اراسمس، ميسٽرايڪهارٽ وغيره جي فڪري ڌارائن اندر به ابتدائي (مذهبي) نج وجوديتي اڻا جهڙوڪ ’ وجود ‘ ۽ ’ لاشئيت ‘ (nothingness) پسي سگهجن ٿا __ جنهن ۾ دليل جي سگهه ۾ عدم وشواس به ڏيکاريل آهي. هتڙي ٿورڙو گهرائي ۾ وڃبو ته ’ ايماني ‘ خدا جي ڀيٽ ۾ (يعنيٰ ابراهيم، اسحاق، يعقوب وغيره جو خدا) فيلسوفن، مفڪرن ۽ سائنسدانن جو خالق وڌيڪ پرٻل ڏيکارجي ٿو !
نطشي جو خدا جي موت وارو متو انسان کي آزادي ضرور بخشي ٿو پر کيس انحراف ۽ انڪاريت جي اونڌاهي يگ سان به سڃاڻپ ڪرائي ٿو يعنيٰ دنيا جي لايعنيت جي بار بار واپسي __ جيڪو ان جو ڄڻ اٽل قاعدو بڻيل آهي __ جيڪو اهڙي انسان کي چريائپ ۽ بربادي جي ڪناري ڀيڙو ڪري پهچايو ڇڏي ٿو. اتفاق سان نطشي جي پنهنجي پڄاڻي به اهڙي ئي ٿي هئي ! اها ڀوڳڻا ان دور جي ڀوڳڻا ليکي سگهجي ٿي __ ان کي وجوديت واد جي ڀوڳڻا سان به تعبير ڪري سگهجي ٿو.
هڪ ڪٿ موجب علم الانسان جي مشهور ڄاڻو ٿيوڊوسيِئس ڊوبزانسڪي مطابق انسان ذات جي قديم پرکن لڳ ڀڳ سترهن لک ورهيه اڳ جانور وارين خصوصيتن کي تلانجلي ڏيڻ شروع ڪئي هئي پر هاڻي به ..
سارتر چواڻي دنيا (en-soi or being in itself) کان سواءِ هستي، ذات، شعور (pour-soi or being for itself) بي معنيٰ آهن ۽ ساڳي ريت هستي، ذات، شعور جي ناموجودگي ۾ دنيا، وجود لغو آهي. انهن جي اٽوٽ ناتي مان ئي ’هستي ۽ وجود‘ جو اتحاد اُڀري ٿو.
ڪافي حد تائين هستي / ماڻهو (being) دنيا کي پنهنجي جڪڙ ۾ قابو ڪري رکيو آهي پر، اها پنهنجي آزادي ۽ اختيار کي ان جڪڙ کان ڏور به رکندي ڏيکارجي ٿي __ پر دنيا ماڻهو جي عمل جي خلاف ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾ پٺتي ڪو نه رهي آهي.
ماڻهو پنهنجي ئي تخليق (تيزي سان وڌندڙ صنعتي ترقي، ڪمپيوٽر ۽ اچرجدائڪ مشيني اوسر تي انحصار وغيره) جو غلام بڻجندو پسجي رهيو آهي. ان بي حس غلامي ۾ وقت جي رفتار سان واڌارو ٿيندو رهي ٿو. ان ترقي جي ابهام ۾ انسانيت لاءِ انيڪ لڪل خطرا پسجي رهيا آهن. انهن ۾ ڪيرڪي گارڊ ۽ نطشي چواڻي فرد، هستي ۽ وجود قهري ’ٻئي ‘ (other) جي انبوهه (crowd) ڌڻ (herd) ميڙ(mass) ۽ هنن جي گڏيل ظلمي قدرن، لغو ۽ لايعنيٰ (قدرن) حڪمن جو سدائين شڪار ٿيندو رهي ٿو. هر هڪ ’ٻيو ‘(other) ڏيکارجي ٿو پاڻ (himself) ڪونهي بلڪ (Dasein) جي ذات ڄڻ they selves ۾ بدلجي وئي آهي!
وجود (existence) بنيادي طور اڪيلو به ڪداچت جالي نٿو سگهي. اهو دنيا اندر ’ٻئي ‘ يا ’ٻين‘ سان گڏ مجبوري طور ’برادري‘ جي صورت ۾ ئي رهي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ اهو (وجود) ’فرد ‘ (individual) مٿان سندس چونڊ ۽ فيصلي بابت اڻ مٽ ۽ اڻ بدل ذميداريون به وجهندو رهي ٿو.
شعور جي هر جستجو ’ارادي ‘ (will) سان سنٻنڌ رکي ٿي ۽ کائنس ٻاهر موجود شئي object)) ڏانهن لاڙو هوندو اٿس.
ان ’دنيا‘ اندر پنهنجي ان ذات (selfhood) کي سدا ڳولهڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو ڇو جو ان جو خيالي انسان ۽ آدرشي انسان (authenticated self) ان اندر ٽڪر ٽڪر ٿي ويو آهي __ ۽ اهو نظارو خاص طور جديد شهري ۽ صنعتي علائقن ۾ وڌندو پيو وڃي. اهڙو ناڪاري منظر پسي وجوديت وادي مفڪر جهڙوڪ بردائيف (Berdaev) مجبور ٿي چوندو ٻڌجي ٿو، ”جديد دور جي سموري تاريخ، ان جو استدلالي قاعدو __ ۽ اثباتي فلسفو ۽ سائنس ۾ پڪو وشواس ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪا ٻاٽ اونداهي رات آهي جتي ’ڏينهن ‘ جو ڪو پرو ناهي. “ مارٽن بوبر (M.Buber) ان راءِ کي ٽيڪو ڏيندو آکي ٿو، ”I&Thou جي حيثيت لاڳيتوI&it جي اونهي کڏ طرف کسڪندي رهي ٿي. “ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سچو پڪو ذاتي سنٻنڌ تيزي سان ڪومائجندڙ گل جيان ڀاسندو رهي ٿو __ ان حالت کي بداعتقادي (bad faith) به ڪوٺجي ته وڌاءِ ڪين ٿيندو. ان پس منظر اندر وجوديت وادين جي سوچ __ فرديت (individualism) بابت گنڀير طور ڌيان جوڳي آهي.
ياد پويم ٿو ته پراڻي عهد نامي جا يهودي پيغمبر: اموس (Amos) هوسيئا (Hosea) ، اسائيها (Isaiah)، جيريمها (Jeremiah)،چيني ڏاها انسان ڪنفيوشس، لاوزي، ايراني پيغمبر زردشت، هندوستاني ڏاها پرش گوتم ٻڌ، مهاوير، ۽ يوناني ڪلاسيڪي ثقافت، مشرقي مذهبي فلسفو وغيره اندر به خاص طور Axial يگ (500 سال قبل مسيح) ۾ وجوديت واد جا ابتدائي موضوعات ۽ اڻا جهڙوڪ ’هستي ۽ عدميت‘ وغيره چٽي طور پسي سگهجن ٿا.

[b]وجوديت واد ۽ سيڪس:
[/b]وجوديتي اصطلاح ۽ مفهوم ۾ ’وجود‘ (existence) جي چوگرد ڦهليل وايو منڊل، فطري مظهريت (phenomenology) ، ڪائناتي (Kosmas) ڏُک وغيرهه، (جنهن اندر ’هو‘being for others يا being for one another يا being in the world جي حالت ۾ پسبو رهي ٿو) ۾ گذاريندي شهوت (sex) جو عمل به لازمي طور انساني رنگ ۾ رڱجي سندس وجودياتي انگ جي حياتياتي (biological) ۽ علم الانسان (anthropological) جي حصي کان علاوه هڪ ڪائناتي (cosmic)، مابعد الطبعياتي (metaphysical) صورت ۾ بدلجي چڪو آهي. هاڪاري مذهبي Gnostic عالم ۽ وجودياتي فيلسوف اين اي بردائيف موجب، ”ماڻهو جي شهواني خواهش ضرورت کي جسم جي ٻين عضوياتي عملن جهڙوڪ رت جي گردش وغيرهه سان ڀيٽي نٿو سگهجي. سندس شهواني عمل اندر هڪ قسم جو ’هستي واد‘ مابعد الطبيعات بڻياد پسبو آهي. جنسياتي عمل کي هستي (being) جو خاص منفرد عمل نٿو ڄاڻائي سگهجي. بلڪ اهو انسان جي مڪمل وجود ۾ رڳ رڳ ۾ سمائجي سندس سموري ۽ مڪمل وجودي حياتي لاءِ هڪ نمائنده حيثيت رکي ٿو. “ اڳتي هلي چوي ٿو ته، ”مرد ۽ عورت اندر جنسياتي ڪيفيتون صرف انساني ۽ حياتياتي ڪونهن بلڪه اهي آفاقي ۽ ازلي آهن. “ ڪجهه وجودياتي مفڪر شهواني صورت جيان ٻولي کي به اهم درجو ڏيندا پسبا آهن. ان ڪري سندن نظرن ۾ (being for oneself) جي ڀيٽ ۾ being with others واري صورت انساني وجودي بناوت اندر وڌيڪ وزني ۽ آدي (primordial) چئي وڃي ٿي. ڇو جو، خاص طور جنسي سنٻنڌ دوران ’فرد ‘ پنهنجي ذات مان ٻاهر نڪري ’ٻئي‘ جي وجود ۾ سمائجي يڪ وجودي صورت ۾ being with others بڻجي وڃي ٿو. انڪري ’شهواني عمل‘ کي ’وجدي بيخودي‘ کان سواءِ مڪمل (whole) حالت سان به تعبير ڪري سگهجي ٿو. جنسياتي اسرار (mystery) ’وجودن ‘ جي وچ ۾ هڪ قسم جو تڪميل ٿيل اسراري سنٻنڌ آهي! ماحولياتي (environmental) شهواني مستي اندر بائيبل جي اصطلاح ۾ ٻه وجود ڄڻ ’هڪ بدني گوشت‘ ۾ يڪجا ٿي هڪ وجود بڻجي ويندا آهن، ۽ پنهنجي پنهنجي وجود کي انيڪ طريقن سان اظهاريندا به رهن ٿا.
اڪثر وجوديتي مفڪر روايتي فلاسافي ۾ موجود ’مجرد‘ (abstract) صورت حال ۽ ان جي آڌار تي اڏيل ڍانچي جي سخت برخلاف آهن __ ۽ ماڻهو يا وجود جي دانشوراڻا رخ جي بجاءِ سندس احساس، عمل ۽ خواهش ڏانهن وڌيڪ سرگرمي سان لاڙيل هوندا آهن __ ۽ انهن جي وچ ۾ موجود ڪنهن قطعي فرق کي به رد ڪندا نظر اچن ٿا. سندن مطابق ڪنهن کي صرف مشاهدي ذريعي نٿو ڄاڻي سگهجي. صحيح ڄاڻ ان صورت ۾ حاصل ٿئي ٿي جڏهن هُو ’پاڻ‘ کي ڄاڻڻ جو خواهشمند هجي ۽ موٽ ۾ اسين به کيس ’پاڻ‘ ڄاڻائڻ جا طلب گار هجون. بائيبل اندر به ڄاڻ جي، لڳ ڀڳ، اهڙي ئي تشريح ٿيل آهي __ جيتوڻيڪ منفرد انداز ۾! يعنيٰ پراڻي عهد نامي ۾ ’ڄاڻ‘ جي فعل کي لڳ ڀڳ هڪ ٻئي سان گهرائپ ۾ ميلاپي صورت قرار ڏيندي شهواني عمل ذريعي تشريح ڪندي ڄاڻايو ويو آهي، ”هينئر آدم پنهنجي زال حوا کي چڱي ريت ڄاتو...“ (تخليق: پيدائش:4) هن حقيقت مان پڌرو ٿئي ٿو ته ’ڄاڻ ‘ جو مطلب آهي هڪ ٻئي(ڄاڻيندڙ ۽ ڄاتل) جي وچ ۾ ’گهرو سنٻنڌ‘ ان جو بنياد بڻجي ٿو __ يعنيٰ ان محاوري مان جسماني عنصر جو جنسياتي اظهار ٿيل آهي. ان مان ڀلي ڀت سُڌ پوي ٿي ته وجودياتي فڪر موجب مجرد طريقي سان ماڻهو اندر ’انساني‘ خصوصيت سڃاڻڻ ۽ پرکڻ ڦلڪدائڪ ثابت قطعي ڪين ٿي سگهندي __ ۽ ان جي حصول لاءِ صرف ۽ صرف اسان لاءِ انساني ’وجود ‘ اندر بهرو وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن جنسياتي (شهواني) عمل کي قديم وحشي ڪرم ڄاڻايو وڃي ٿو؛ پر سچو، نفيس جنسياتي انساني فعل صرف سڀاويڪ جسماني خواهش کي نٿو ڪوٺي سگهجي __ بلڪه ان اندر نهايت نفيس قسم جو ’وجوديتي ڏکُ‘ به سمايل ٿئي ٿو.
وجودياتي سوچ مطابق ’سچائي ‘ جو تصور به روائتي سوچ کي ٿڏيندي صرف ’وجود‘ جي نهري (solid) حقيقت سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي __ يعنيٰ وجود جي گهري باطن مان نڪري ان جي شفاف ’ظاهر ‘ ۾ پختگي سان بيٺل ڏيکارجي ٿو؛ ۽ آزادي، اڏولتا ۽ جدوجهد ان جي راهه جا ٻهڪندڙ عنصر ليکيا وڃن ٿا. جڏهن ڳجهن ۽ گپت عنصرن کي ٽوڙي ڦٽو ڪجي ٿو ته ’سچ ‘ سج جيان آڏو اچي پڌرو ٿئي ٿو.

[b]وجوديت واد ۽ گهڻ ڪنڊائتي فڪري دنيا ۾ تال ميل:
[/b]وجوديتي فلسفو پنهنجي ڪشادگي ڪارڻ ڪنهن به ’فڪر‘ جي نفي جي سخت خلاف آهي. ان جي مختلف صورتن کي به مڃتا ڏيڻ ۾ ڪا بخيلائپ ڪون ٿو ڏيکاري؛ صرف ان لڏي جا ڪجهه فيلسوف جهڙوڪ ڪيرڪي گارڊ، وغيره ’مجرد‘ (abstract) فڪر کي نندين ٿا ڇو جو اهو ’حقيقت ‘ مٿان اهڙا عجب، اڌڀت پردا چاڙهي ڇڏي ٿو جنهن سبب سچو نهرو وجود ڪوڙ جي ڌنڌ ۾ وڪوڙجيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اهڙو فڪر ’جدلياتي‘ به نٿو ٿئي __ ۽ مٿي ڄاڻايل لڏو ’جدلياتي ‘ طريقي ڪار ۾وشواس رکندڙ آهي.
وجوديتي سوچ سان سلهاڙيل ڪجهه غيرالحادي مفڪر (ڪيرڪي گارڊ ۽ ٻيا)ان ڪارڻ ’تضاد ‘ Paradoxکي اپجي ان کي ’رد ‘ contradictions سان جوڙي دليلِ ۽ تضاد جي عجيب ميلاپ وسيلي ايمان، وشواس (faith) جي اوسهندڙ راهه ڏانهن وٺي هلين ٿا!
بي پاسڪل (B.Pascal) سورهين صدي )فرانس( جو انسان دوست صوفي دانشور هو، سندس لاڙو ڪرئستي مذهب, فلسفي, روحانيت ۽ مضمون نويسي ڏانهن جهڪيل رهيو؛ پر، ان کان سواءِ وجوديتي فڪر جي غيرالحادي سوچ جي جڳ مڳ جهالرن کي ڇهندي بي حد خوشي به محسوس ٿيندي هئس. سندس مطابق ’دل ‘ جا دليل منطقي دليلن کان وڌيڪ سگهارا ڄاڻايا هئائين __ ۽ ڪڏهن ته اهي ذهانت سان جڙيل۽ ان ۾ کتل دليلن کي به وزني انداز ۾ ناڪاريندا نظر ايندا هئس! سندس سوچ موجب ’اعليٰ خيال‘ ڏانهن رسائي خشڪ منطق بجاءِ احساس ۽ جذبي جي تراوت ذريعي ممڪن ڄاتي وئي آهي!
هن کان سواءِ اوڻويهين ويهين صدي جي مشهور اسپيني وجوديتي مفڪر اوناموُنو (JM Unamuno) دليل ۽ ايمان، زندگي ۽ فڪر ، ڪلچر ۽ تهذيب __ ۽ ’ٻولي ‘ بابت مباحثو ڪندي ’فرد‘ جي حيثيت ۾ صرف انسان جي عظمت کي سڀ کان وڌيڪ اتم ڄاڻائيندي پاسڪل وانگر ’دل ۽ جذبي‘ جي جولاني کي اوليت بخشيندو ڏيکارجي ٿو؛ پر، سندس ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيده وجوديت وادي مفڪر سارتر، هائيڊيگر پال ريڪوير (PRecoeur)، جبرائيل مارسيل وغيره ’احساس ۽ جذبي‘ جي مظهريت کي انساني ’وجود ‘ جي جوڙ جڪ (being in the world) ۾ اوچو اسٿان بخشيندي ’باقي عنصرن‘ جي وچ ۾ توازن عطا ڪندا به ڏيکارجن ٿا.

[b]وجوديت واد ۽ موت:
[/b]الميو۽ محدودگي ۽ ڪنهن حد تائين عارضي پڻو انساني آزادي جو نڀاڳ ۽ خصوصيت ليکيا وڃن ٿا __ خاص طور وجوديت وادي فڪر جي نقطي نگاهه کان. آسٽن فيرر موجب، ”هن وسيع ڪائنات اندر’ذات، هستي‘ جي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ جو ڳاٽي ڀڳو وزن اسان مٿان سدائين موجود رهي ٿو ان بي ڪئتي حالت کي اچرج مان ڏسندي ائين لڳندو آهي. ۽ سوال اٿندو آهي ته ڇا اسين واقعي ’وجود‘ رکون ٿا؟ “ ان نڪتي مان ثابت ٿئي ٿو ته اسين امڪان ۽ حقيقي صورتحال اندر موجود ڇڪتاڻي ڪيفيت کان پنهنجو پاند آجو ڪري نٿا سگهون.
ڪوريئڙي جي ڄار جهڙن اهڙي قسم جي انيڪ نقطي نظر رکندڙ ويچارن تي سوچيندي اسين پنهنجي وجود کي وقت جي لامحدود سرڪرڻي تي لٽڪيل پسون ٿا. جڏهن وقت جي مهاساگر ۾ ڪجهه ڏهاڪن تائين پوئتي تڪيندي اسانجي يادداشت ڌنڌلي ٿيندي اوچتو ڪنهن جاءِ تي ٽٽي پوي ٿي __ ته اسين يادگيري کان پوءِ واري ان ’خال‘ کي پنهنجو ’جنم ‘ قرار ڏيون ٿا. يعنيٰ پنهنجي وجود يا هستي جو ظهور. ان کان اڳ واري وقت ۾ اسان وجودي حالت ۾ ڪونه هئاسون.
ان اسٽيج کان اڳتي وڌندي حيات اندر انيڪ واقعا گذرندا رهن ٿا __ ۽ اها به سڌ هوندي اٿئون ته ڪنهن هڪ اڻ ڄاتل مقام تي پهچي اسان لاءِ دنيا اندر انهن ’واقعن ‘ ۾ بهرو وٺڻ جو عمل ڪرندڙ تاري وانگر ٽٽي پوندو. ائين جيئن اسان جي تاريخ کي هڪ شروعات (ڄم) هئي تيئن ان جو هڪ انت: ’موت ‘ به ضرور ٿيندو! پر، موت جي (وقت تاريخ) جي اڳڪٿي ڪرڻ ناشدني عمل آهي.
وجوديتي مفڪرن جي سموري قطار اندر موت جو موضوع اهم جڳهه والاري ٿو ٿيوڊوسيئس ڊوبزنسڪي مطابق موت بابت اهڙي چتاءُ جي بنيادي خصوصيت انسان ذات جي حياتياتي نوع ۾ سدا رهندي رهي آهي، هائيڊيگر موجب ”’موت ‘ وجود سان لاڳو ٿيل سڀني ناممڪنات مان واحد ۽ اهم ’ممڪن‘ عمل يا ڪارنامو آهي جنهن آڏو هر ممڪن ٿيڻي ناممڪن بڻجيو وڃي ٿي! “ ان کي ممڪنات جي پڄاڻي به ڪوٺي سگهجي ٿو. هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته، ” ’موت ‘ جي ڄاڻ جو مطلب آهي زندگي جي ناپائيدار حقيقت (finitude)کان آگاهي جنهن اندر ’پڄاڻي‘ جو چهرو هردم آڏو رهندو ڏيکاربو آهي. “ هائيڊيگري اصطلاح موجب ماڻهو کي پنهنجو وجود سدائين being towards the end ڏيکاربو آهي.
وجوديتي فڪر موت بابت ڪنهن حد تائين رجائي نقطي نظر به رکي ٿو!
ان مطابق ڪنهن ’منزل ‘ يا ’مقصد ‘ جي حصول جي ڀيٽ ۾ موت کي پڄاڻي ڪون ليکيو وڃي ٿو بلڪه ان کي وجود جي ’حد ‘ (limit) ڪوٺجي ٿو ۽ ان حد وسيلي ڀلي ڀت سڌ پوي ٿي ته اها وجود جي ’محدود ‘ يا ’فاني ‘ ڪاملتا (wholeness) آهي.
هائيڊيگر اڳتي هلي فنڪارانا انداز ۾ ڏڍ ڏيندي آکي ٿو ته جيڪڏهن موت جي حقيقت کي ايمانداري سان قبول ڪري __ ۽ سندس آمد کي محسوس ڪبو ته اهو تصديق شده وجود (authenticated existence) جو اٽوٽ حصو بڻجي ويندو. سندس ڀيٽ ۾ ٻيا وجوديتي مفڪر کائنس ذرڙو اختلاف ڪندي چون ٿا ته ’موت‘ وجود جي سڀ کان وڏي غير ناطق (Surd) حالت آهي __ ڪائنات ۽ انسان جي لايانيعت ۽ لغويت جي وڏي شاهدي! ڪامو موجب ’اهو‘ نراسائي بجاءِ بغاوت جي جذبي پيدا ڪرڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. ”انساني بغاوت موت جي خلاف هڪ ڊگهي احتجاج جي حيثيت رکي ٿي. “ سارتر ان کي ڪا اهميت نٿو ڏئي. سندس نظرن ۾ اها آخري لغويت آهي، زندگي جي لايانيعت کان نه گهٽ ۽ نه ئي وڌيڪ، ۽ زندگي جي سودي بازي ۾ اهو (موت) جنم وٺي ٿو.
انسان بدقسمتي سان هر دور ۾ ’بي مهانڊي ابد‘ جي ذائقي ۽ احساس جي منڊ ۾ ورتل رهيو آهي جنهن سبب منجهنس غلاماڻا اوگڻ پيدا ٿيندا رهيا آهن. اهي اوگڻ ان ناڪاري احساس اندر نپجندا رهن ٿا ته ’هن کي سندس مرضي (will)کان سواءِ هتي اڇلايو ويو آهي‘__ ۽ آخر ۾ ان ’عارضي‘ ۽ ’لايعنيٰ‘ بسيري کان پوءِ سندس وجودي وجود ’موت ‘ اندر عدميت وڃي ماڻي ٿو. پر، ان عارضي پڻي (finitiveness) ۾ ’ابدي ذائقي جي چاهنا وارو سواد زميني ’فنا ‘ ۾ ئي مليس ٿو __ ۽ ان سان گڏ ’هستي ۽ وجود‘ جو گڏيل مڪمل (whole) احساس به حاصل ٿئيس ٿو. اصل ۾ سندس اهو ئي ’جوهر ‘ ۽ ’ميراث ‘ آهي باقي سڀ واهمو ۽ مايا (illusion) !
مذهب يا ابد__ دليل، منطق ۽ استدلال لاءِ ڪنهن ڏوهه يا گناهه کان گهٽ ڪونهي.
ان بحث مان پڌرو ٿئي ٿو ته ’موت ‘ انساني ناپائيداري(finitude) جي سڀ کان وڏي علامت آهي بلڪه انساني لغويت جي به . ان سموري اپٽار جي باوجود وجوديتي مفڪرن کي انڪاريت يا انحراف پسند ڪوٺي نٿو سگهجي. هائيڊيگر ’موت ‘ جي اصطلاح ذريعي ’تصديق شدهه وجود‘ جي راهه تي رسائي حاصل ڪري وٺي ٿو، ۽ ڪامو ان وسيلي ’مابعد الطبيعاتي بغاوت‘ جي نڪتي کي ڳولهي لهي ٿو. ماڻهو وقت جي ڪک مان اپجي ٿو __ ۽ ’وجود ‘ ۾ داخل ٿي__ ڪجهه وقت بعد ان مان نڪري هليو وڃي ٿو! ساڃاهه وند شاعرن ان موضوع تي آدکان وٺي طبع آزمائي پئي ڪئي آهي يعنيٰ ’وجود‘ سدا کان وقت جي حدن اندر ظاهر ۽ الوپ ٿيندو پئي رهيو آهي.

[b]وجوديت واد ۽ وقت:
[/b]’وقت‘ اندر ماڻهوءَ__ ۽ جانور شئي جي وچ ۾ لاڳاپي جي نقطي نظر کان وڏو فرق موجود ڏيکارجي ٿو __ جيتوڻيڪ وقت سڀني کي پاڻ ۾ سمائي رکيو آهي، اهي سڀئي وقت جي اکٽ ۽ اٽل ساعتن مان گذرندا رهن ٿا __ ۽ ان مناسبت سان سڀيئي ماضي، حال ۽ مستقبل جا ويس__ ڌاري به آهن. جانور ۽ شيون ساعتن جي ڊگهي لاڳيتي ڀوڳڻا مان لنگهن ته ضرور ٿيون پر، هر پل ۾ سندين ماضي ۽ مستقبل سندين حال جي ڀيٽ ۾ خارجي حيثيت رکي ٿو.
پر، ’وجود ‘ (existent or being) جي حالت ۾ ماضي ۽ مستقبل سندس حال جو باطني اصلوڪو ۽ لازمي انگ ليکيا وڃن ٿا. پنهنجي سدا موجود ماضي جي ’ياد ‘ ۽ آئيندي جي ’اڻت‘ ۾ اهي سندس حال اندر ڇلڪندا پسي سگهجن ٿا. اسان جي هستي ڪڏهن به وجود (existence) رهي ڪو نه سگهندي جيڪڏهن اسين ان دنوي پدار ٿي جوڙ جڪ ۾ پٺتي رهجي وينداسون ۽ صرف ان ذريعي ئي اسين حال ۾ ’اتمتا ‘ ماڻي ڪنهن حد تائين __ميلاپي عمل وسيلي ماضي، حال ۽ مستقبل کي يڪجا ڪري سگهون ٿا. جانور ۽ شئي لاءِ صرف ’حال‘ ئي حقيقت ٿئي ٿو.
وجوديت وادي فڪر موجب ماڻهو جي موجود (existent) ۾ مڃتا جو مطلب هر ’مقدري لکيت‘ blue print) ( يا پرالٻڌي ويچار ڌارا کي رد ڪرڻ آهي. تصديق شده وجود (authenticated evidence) جو مفهوم آهي ته موجود (existent) پنهنجي ذات (himself) کي ’ٻاهرين‘ ڪنهن دخل اندازي کان سواءِ پنهنجي اختيار ۾ رکي ٿو.
ان ڏس ۾ هر روائتي ’ايمان ‘’ڀڳوان جو ڀاڻو‘ يا ’اخلاقيات ‘ کي سختي سان رد ڏيندي صرف پنهنجي ’ذميداري ‘’چونڊ ‘ ۽ ’فيصلي ‘ جي حق کي اوليت ڏيندو ڏيکارجي ٿو. ’چونڊ ‘ سان سلهاڙيل ان سوچ ڌارا اندر نه صرف ’پنهنجي ذات‘ سان پوري طرح پابند آهي بلڪه وسيع تناظر ۾ ڪنهن حد تائين، انسان ذات ڏانهن به ذميداري محسوس ڪندو رهي ٿو. ڪامو موجب اهڙي قسم جي ’بغاوت‘ واري ويچار ڌارا جو مطلب آهي پاڻ کي، انسان کي ڪنهن به حالت ۾ بيحس ’شئي‘ (object)تصور ڪرڻ جي خيال جي نفي ڪرڻ. شئي سمجهڻ جي سوچ جي نفي جو مطلب آهي پنهنجي ذات جي ’هستي ‘ (being) جي تصديق! ۽ ان ڌارا اندر ئي هستي جو وقار، قدر ڇلڪندو پسجي ٿو__ ۽ اهڙي وجود اندر سماجي عمق جو اهڃاڻ به ملندو رهي ٿو.
وجوديت وادي فڪر موجب اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي__ تصديق شدهه وجود مطابق ڪنهن به آدرشي اخلاقي متي ۾ ويساهه جو مطلب ان ’سوچ ‘ جي نفي ڄاتو وڃي ٿو!

[b]وجوديت واد، ضمير ۽ تصديق شدهه ذات:
[/b]وجوديت وادي متي موجب ضمير جو مفهوم روائتي انداز کان گهڻو مختلف آهي.عام طور ائين ڄاتو وڃي ٿو ته سماج اندر واهپو رکندڙ اخلاقي نظام کان فرد جي آگاهي ۽ ان جي مڃتا کي ضمير جو آواز چئبو آهي. پر، ان اصطلاح کي ڪنهن فرد جي ذاتي متي جي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ٿو جنهن تحت هو سماجي طور لاڳو ٿيل اخلاقي ضابطي کي رد ڪندي پنهنجي اندر جي آواز کي وڌيڪ اهميت ڏيندو ڏيکارجي ٿو. وجوديتوادي مفڪر پهرين نڪتي جا سدائين ناقد رهيا آهن __ ۽ صرف ٻئي نڪتي کي اهميت ڏيندا نظر اچن ٿا.
ان سلسلي ۾ هائيڊيگر ضمير جي آواز جو ٽيون قسم به ڄاڻايو آهي جنهن کي هو ’خلق جي ضمير‘ سان تعبير ڪري ٿو __۽ سندس مطابق جيڪڏهن ان کي ’هنن‘ (they) جو آواز ڪوٺجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان ضمير مان صحيح ۽ غلط بابت عام طور مڃيل معيار پڌرا ٿيندا نظر اچن ٿا. پنهنجي نڪتي جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته سچو ضمير، يا من جي اونهاين ۾ موجود آواز صرف ۽ صرف اهو ٿئي ٿو جنهن ذريعي ’فرد‘ جي ذات ’هنن ‘(they) جي جڪڙ کان بلڪل آزاد هجي ۽ صرف ان حالت کي ئي ’تصديق شده ذات‘ چئي سگهجي ٿو.
سچي يا تصديق شده ذات جي حاصليت لاءِ الحادي ۽ غير الحادي مفڪرن جي وچ ۾ فرق جي وڏي کاهي موجود آهي. هائيڊيگر چواڻي ان کي صرف ’ذاتي آزادي‘ (autonomy) وسيلي حاصل ڪري سگهجي ٿو. پر، ڪيرڪي گارڊ ۽ مارسيل ان لاءِ ’ايمان‘ faith)) ۽ فضل (grace) کي لازمي عنصر قرار ڏيندا ڏيکارجن ٿا. پر ’چونڊ ‘ ۽ ’فيصلي‘ جو عنصر انهن ٻنهي ۽ الڳ الڳ وجوديت وادي آدرشن ۾ ’انساني تڪميل‘ يا ’اٽوٽ پڻي‘ تي زور ڏيندو نظر اچي ٿو جيڪو ’ذات‘ (self hood) کي ’امٽ ميلاپ‘ يا ’اتحاد ‘(unity) بخشيندو پسجي ٿو. ’انساني وجود‘ ۾ اٽل ويساهه جو اهڃاڻ ڏيندڙ نڪتي ذريعي ’ابديت‘ جو تصور ۽ ’آفاقيت‘ جي رنگ ۾ رڱيل سچائي يا ڪنهن فڪر جي ’امرتا‘ ۾ وشواس به ڀورا ڀورا ٿيندو پسجي ٿو.
جيڪڏهن ان نڪتي کي تاريخ جي پيماني ۾ پسبو ته ’ابدي واپسي‘ (eternal return) جي خوش ڪندڙ اهڃاڻ مان وجود جي ’ناپائيداري ‘ (finitude) صاف صاف بکندي نظر ايندي__ ۽ اها صورت نطشي جي ڪلئي: ’خدا زندهه ڪونهي‘ (God is dead) __ ۽ ’ماڻهوءَ ان جي جاءِ سنڀالي ورتي آهي‘ کي هٿي ڏيندي ڏيکارجندي رهندي! ان ڪارڻ تاريخ کي ’وجوديت وادي مظهريت‘existentialist) phenomenology) جي دائري ۾ رکيو وڃي ٿو. ان سبب ئي فرد جو وجودي چهرو هڪ قسم جي اسرار ۽ اذيت ۾ ٻڏل ڏِکَ سان تڪيندو نظر ايندو آهي. سينٽ آگسٽائن سچ چيو هو ته انسان ’فرد‘ سدائين ڌٻڻ (abyss) جهڙي حالت ۾ رهيو آهي. ان سبب ئي هم عصر دنيا ۾ ’وجوديت واد‘ کي اهڙي اجنبي ۽ ويڳاڻي ٽولي (alienated group) (نوجوان، شاگرد، دانشور، فنڪار، محروم طبقو وغيره) جو آواز ڪوٺيو وڃي ٿو. ان سبب اهو هڪ پيغمبراڻا آواز آهي جيڪو فرد جي انساني حق کي حفاظت بخشي وڌائڻ کان سواءِ ان کي مزيد نابودي کان پڻ بچائيندو رهي ٿو. ’وجوديت وادي‘ سوچ جيڪا ’سچي وجودي‘ متي ۾ وشواس رکي ٿي اها ڪنهن به خاص آدرشي اخلاقيات ۾ ويساهه کي رد ڪندي ڏيکاربي آهي. خاص طور تجريدي يا مجرد سياسي فلسفي ۽ فڪر جي ٻين انيڪ شاخن ۾ به وجوديت واد کي سدائين هاڃيڪار مجرد پڻي يا تجريديت خلاف جهادي حالت ۾ ڏٺو ويو آهي __ انهن مان رياست جي خود حڪومتي تشخص ۽ سماج کي به ’مجرد ‘ ليکيو وڃي ٿو. سياسي تنقيد وسيلي ’انساني وقار‘ کي سياسي ارهه زورائي کان بچائڻ ۾ به سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. پر وجوديت واد سان لاڳاپو رکندڙ مفڪرن جا دڳ الڳ الڳ ضرور ٿين ٿا پر، ڪڏهن ڪڏهن اهي شاعرن، اديبن ۽ صوفين جي واٽن تي به وڃي رسائي حاصل ڪري نڪرندا آهن جهڙوڪ سارتر، ڪامو، شاهه لطيف، دوستو وسڪي، هرزن، ڪافڪا، انامُونو، هولڊر لين، ترگنيف، ٽالسٽائي، جبريل مارسيل وغيرهه.
ان ڪارڻ وجوديت واد کي سدا ’ايمان ۽ تشڪيڪ‘ جي وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ اندر پساهه کڻبو پسبو رهجي ٿو ، سندين اغلب سٿ موجب هي ڪائنات لغو ۽ لايعنيٰ (absured) آهي جنهن اندر ڪنهن خالق جي موجودگي جو تصور بي بنياد ۽ ماياوي ڪوٺي سگهجي ٿو.
ان ڪري ’فرد‘ جي آخري ڇوٽڪاري (جنهن ڏانهن گوتم ٻڌ، انا مُونو، ڪارل جيسپرز، جبرئيل مارسيل، پينسبرگ، ۽ ڪيرڪي گارڊ (جنهن ان ڪارڻ پنهنجي محبوبه رجينا اولسين سان مڱڻي به ٽوڙي ڇڏي هئي) اشارو ڪندا ڏسجن ٿا.) جو ڪو دڳ موجود ڪونهي. سارتر، ڪامو هائيڊيگر جي سٿ جا وجوديت وادي مفڪر ان لاڙي جا مبلغ آهن.
وجوديت واد اسان جي پراسرار وجود اندر ادراڪ ۽ گيان جون انيڪ نيون راهون ۽ دڳ کوليا آهن __ ۽ ان ذريعي اڄوڪي قهري يگ ۾ انسان جي هستي کي درپيش ڪيئي خطرن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ انسايت جي واڌ ۽ ارتقا ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ روشن فڪري سوچ جي ناتي اهڙو اتم جاندار ڍانچو پيش ڪيو آهي جنهن وسيلي اسين موجودهه ور وڪڙ ۽ ڀلائيندڙ دنيا جي بي شمار واقعن ۽ حادثن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جي هاڪاري ساڃاهه وند ڄاڻ سان مالامال ٿيندا رهون ٿا.
وجوديت واد وسيلي اسين انهن سچاين کي به ڳولهي لهڻ جي قابل بڻيا آهيون جيڪي اسان جي وجود لاءِ نه صرف اڻ سرنديون آهن بلڪه مستقبل جي هر روشن ۽ انساني فلسفي جي واڌاري لاءِ به نهايت يڪ ٽڪ ۽ ضروري سمجهيون وينديون آهن.
دنيا اندر ذهن، شعور ۽ سرت سان لاڳاپيل انيڪ اڻاوا منجهيل ۽ بي حد ڏکيا ڪرم ليکيا وڃن ٿا، انهن مان هڪ فلسفي جي ٺوٺ ۽ خشڪ ميدان ۾ قدم رکي ان مان پار اڪرڻ جو عمل اوليت ماڻي ٿو. منهنجي خيال ۽ سوچ مطابق يوناني ديومالائي پاتال (Hades) جي پيچ دار، ڀول ڀلين سان پر خوفائتي سڃ __ پور ۽ ان اندر انگڻ ونگڻ وهندڙ ويسر (Lathe) جي ساهه ٻوساٽيندڙ ندي مان جيئرو جاڳندو سالم حالت ۾ واپس ورڻ ايڏو اهنجو مسئلو ڪو نه بڻبو جيڏو مغربي ۽ مشرقي فڪر جي سنگلاخ وادي ۾ داخل ٿي سالم حواسن سان واپس موٽڻ جو عمل ٿيندو __ ۽ اهو به زان پال سارتر جي cob-web جهڙي فڪر کي سمجهي، پروڙي، پرکي ان کي پنهنجي ڪافي حد تائين سادي سلوڻي ٻولي ۾ ترجمي ڪرڻ جو ’پروميٿسي‘ ڪارج خوش اسلوبي سان نڀائڻ!
اهو هرڪيولسي عمل منهنجي خيال مطابق ڊاڪٽر بدراڄڻ هن ڳٽڪي ذريعي ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن لاءِ کيس جس جو ڀاڳي سمجهان ٿو.
هن مايه دار ڳٽڪي ۾ سارتر جي جڳ پرسڌ ادبي شاهڪار (non fiction) ’ادب ڇا آهي؟‘ مان ٽي مضمون(1) ادب ڇا آهي؟ (2) اسان لکون ڇو ٿا؟ (3) ڪنهن جي لاءِ ٿا لکون؟ فهميدي ۽ سرل سنڌي ۾ آزاد ترجمي جي صورت اندر پيش ڪيا آهن، انهن کان سواءِ سارتر شناسي سان واسطو رکندڙ مغرب جي جڳ پرسڌ دانشور ۽ سارتر جي مداح نارمن اين گرين جي تخليقي ۽ گهڻ پاسائين شاهڪار ’وجوديتي اخلاق‘ مان ڇهن فڪر انگيز مقالن کي به ساڳي رنگ ڍنگ سان سيبائتي ۽ سلوڻي انداز ۽ اسلوب ۾ اوهان آڏو آڻي پاڻ ملهائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪون اختيار ڪئي اٿس.
نارمن گرين مطابق ويهين صدي جي انوکي منفرد ۽ بحراني دانشوراڻا فضا ۾ ’فرد‘ جي گونا گون مسئلن سان سندس ممدوح (سارتر) پاڻ سدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. سندس سوچ مطابق اهي مسئلا گهڻو ڪري عيسائيت، ازادي، سرمائيداري __ ۽ مارڪسواد جي اجتماعي سوچ جي پيداوار هئا جن ’فرد‘ جي ذاتي حيثيت ختم ڪري کيس ’انساني ڌڻ‘ جو حصو بڻائي ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ هن ’فرد‘ ۽ سماج جي الڳ الڳ __ ۽ هڪ ٻئي سان سهڪاري حيثيتن کي چٽائي سان واضح ڪري انهن جي __ممڪن حل طرف نشان دهي ڪئي آهي.
سارتر جي فڪر کي پرجهڻ __ ۽ پرک لاءِ ڪجهه سماجي علمن جهڙوڪ نفسيات، تحليل نفسي، علم الانسان، سماجيات، سياست __ ۽ فلسفي ۾ نوَن__ لاڙن جي ڄاڻ ۽ گيان به ضروري بڻجي ٿو.

مٿي ڄاڻايل مقالن جا عنوان به نهايت ڇرڪائيندڙ __۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، جهڙوڪ:
(1) سارتر ۽ وجوديت واد
(2) وجود ۽ عدم وجود (سندس شاهڪار تخليق Being and Nothingness جي تجزيي جي روشني ۾)
(3) انسان جي فطرت (وجوديتواد جي حوالي سان)
(4) آزادي ۽ اخلاقيات (سارتري وجوديت واد جي روشني ۾)
(5) اڻ لڀ خدا (وجوديت واد جي ناستڪي رخ جي آئيني ۾)
(6) هڪ وجوديت پرست جا سياست بابت ويچار (سارتر جي انسان دوست، ترقي پسند ۽ آزاد منش رخ جي روشني ۾ سندس نظرئي ۽ عمل جو جائزو)
علم سان اتساهه ۽ دانش سان چاهه رکندڙن جي موٽ جو اوسيئڙو رهندو.