شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ماکيءَ منڌ

  سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.

  • 4.5/5.0
  • 45
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sajjan Makhi'a Mandh

منفرد عالم ۽ استاد سائين حيدر علي لغاري

آگسٽ جو مھينو تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف واقعن جي ڪري مشھور هوندو آهي پر سنڌ ۾ آگسٽ جي مھيني ۾ ئي هڪ اهڙو منفرد عالم ۽ استاد پيدا ٿيو، جنھن پنھنجي سڀاء ۽ علم سان ڪيترن ئي علم جي اڃارن جي اُڃ لاٿي ۽ انھن کي سڦلائتو ماڻھو ٺاهيو. اُهو استاد ۽ عالم محترم سائين حيدر علي لغاري صاحب آهي. جيڪو اسان کان جسماني طور وڇڙيو بہ آگسٽ جي ئي مھيني ۾!
هڪ اهڙو سماج جنھن ۾ وقت گذرڻ سان گڏ اِها ڳالھہ شدت اختيار ڪندي وڃي ۽ هن طرح جا اصطلاح عام ٻُڌڻ لاءِ ملندا رهن تہ ماڻھو استاد ٿي ڇا ڪندو؟ استاد جي ڪھڙي عزت آهي؟ استاد کي تہ ڪير ليکي ۾ ئي نٿو آڻي...! هاڻي تہ علم ڪتابن ۾ پيو آهي، انٽرنيٽ تي پيو آهي، هر ڪو اُتان پڙهي سگهي ٿو ۽ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. سو، هروڀرو استاد پويان هلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟! هاڻي اهڙن ماڻھن کي ڪير سمجهائي تہ حقيقي استاد ۽ نام نھاد استاد ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ معلومات ۽ ڄاڻ ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ عقل، فھم، فضيلت ۽ ڏاهپ ڇا کي چئبو آهي؟ ماڻھو استاد ٿي ڇا ٿيندو؟ هونئن بہ جيڪو ٻيو ڪجهہ نٿو ٿي سگهي تہ پوءِ استاد ٿئي ٿو. سو انھن ۽ اهڙن ٻين انيڪ سوالن جو جواب سائين حيدر علي لغاري صاحب جن آدرشي استادن جو فڪر آهي. ’استاد‘ لفظ کي تہ ڪارين رڍن لڄايو آهي. استاد ٿيڻ ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. جنھن ماڻھو جي نالي ۾ عزت ۽ احترام مان ’سائين‘ لکڻ لازمي ٿي پوي، سو ماڻھو واقعي تہ باڪمال هوندو نہ! جيئن اسان جي ايم سيد صاحب کي سائين جي ايم سيد چئون ۽ لکون ٿا يا وري ابراهيم جويي صاحب کي سائين ابراهيم جويو صاحب چئون ۽ لکون ٿا، اهڙي طرح سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب، تيئن ئي حيدر علي لغاري صاحب کي بہ سائين حيدر علي لغاري چئون ۽ لکون ٿا.
اهڙن آدرشي استادن ۽ حساس ماڻھن ايڏو اعلي مقام ايئن تہ حاصل ناهي ڪيو نہ؟! انھي لاءِ هنن کي وڏين آزمائشن ۽ تپسيائن مان گذرڻو پيو هوندو. ڪنھن بہ عظيم انسان جي شخصيت جي خوبصورتي اِها هوندي آهي جو جيئن وقت گذرندو آهي، تيئن ئي سندن شخصيت جا نوان رنگ، نوان پاسا دريافت ۽ نروار ٿيندا رهندا آهن. سائين حيدر علي لغاري گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هُو استاد هجڻ سان گڏ نقاد ۽ لطيف جو پارکو بہ هو. سندس ڳالھين، لکڻين ۽ فڪر ۾ تعليم ۽ تاريخ سان گڏ فلسفو بہ آهي. سندس هر هڪ ڳالھہ ۾ وڏي گهرائي ۽ وڏو فڪر آهي. سندن هر جملو گهڻو ڪجهہ سوچڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو. سندس شاعريءَ وارو پاسو ۽ شاعراڻي نثر وارو پاسو بہ هڪ وسيع موضوع آهي.
اڄ هن مختصر ليک ۾ سائين حيدر علي لغاري صاحب کي پيار ۽ احترام مان ساريندي، اسان سندن شخصيت جي رڳو هڪ پاسي جو ذڪر ڪريون ٿا، سو پاسو آهي، استاد هجڻ وارو.
استادن بابت حيدر علي لغاري صاحب پنھنجي هڪ ليک ۾ ڪيڏي نہ اهم ڳالھہ ڪئي آهي تہ ”پڙهڻ، لکڻ، سوچڻ ۽ لوچڻ جيڪي هڪ استاد جون ذميواريون آهن، گهڻو تڻو اڄڪلھہ جو استاد پنھنجي ان منصبي فرض کان وانجهيل ۽ غافل آهي، جنھن ڪري هُن جو نقطءِ نظر بنھہ محدود ۽ فڪر جمود جو شڪار آهي. هن وٽ ڪائنات، سماج ۽ انساني مزاج متعلق پنھنجي ڪا بہ سنجيدہ مُستند علمي راءِ ڪانھي_ ڏاڍي عبرتناڪ صورتحال آهي.“
سائين حيدر علي لغاري صاحب شاگردن بابت ڪجهہ هن طرح فرمائي ٿو تہ ”شاگردن جو حال تھائين ڏکوئيندڙ آهي، ڏاڍي سطحيت ۽ ويراني آهي. افراتفري ۽ ذهني انتشار ويرون وير وڌ آهي. وقت، وسيلا، قوتون ۽ قابليتون بي درديءَ سان ضايع ٿينديون رهن ٿيون. مگر جوڳي تربيت ۽ تنبيھہ جو ڪو سلسلو ۽ نظام موجود نہ آهي. ڏاڍي هاڃيڪار هيئت آهي، ادارن ۽ انھن جي ’اجاريدارن‘ جي!“
استادن ۽ شاگردن بابت سائين وڌيڪ لکي ٿو تہ ”اسان استادن ۽ شاگردن مان ڪيترا آهن جيڪي ديانتداري سان پڙهن ۽ پروڙين ٿا. اهو تہ ڇڏيو، اهو چوندي مون کي لڄ ٿي ٿئي تہ اسان استادن مان ڪيترن کي ۽ اسان جي شاگردن جي چڱي موچاري اڪثريت کي رڳو تعليمي ماحول ۽ تعليمي اداري جي آداب جو ڀرم رکڻ نٿو اچي.
جڏهن درسگاھہ ۾ ڪلاس هلندي شاگردن کي ڪلاسن جي بلڪل ڀرسان، دروازن وٽ ٻي قابو ٿي، قادر قلندر مست جا نعرا هڻندي ٿو ڏسجي، بلڪل جهنگلين وانگر واڪا ڪري هڪٻئي کي سڏيندي ٿو ٻُڌجي ۽ اهڙي طرح تميز ۽ تھذيب کان آزاد ٻين بہ ڪيترن ئي حرڪتن جو مشاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿو ٿجي تہ سخت ڪوفت ٿئي ٿي. اسان پاڻ ئي پھرين پنھنجي علمي ادارن جي تقدس کي پامال ٿا ڪريون، جنھن جاءِ ۽ احاطي اندر، دراصل وڏي احتياط سان پٻن تي هلڻ گهرجي، جيئن بوٽ جي کڙين جو غير ضروري آواز ڪلاسن ۾ ڪم ڪندڙ استادن ۽ شاگردن جي فھم ۾ رخنہ انداز نہ ٿئي، اتي اسان ڊوڙن ٿا پايون، عجيب غريب اداڪاري ۽ صداڪاري جي نمائش ٿا ڪيون.“
هاڻي هن طرح جو مشاهدو هڪ حساس ذهن ئي ڪري سگهي ٿو. گهڻن جي تہ نوٽيس ۾ ئي اها ڳالھہ نہ ايندي هوندي. انھن لاءِ اِهي رخنو وجهندڙ آواز ڪا ڳالھہ ناهن. اجايو شور ڪرڻ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ هنن لاءِ زندہ دلي ۽ خوش مزاجي آهي. جڏهن تہ هڪ استاد ئي اهو سمجهي سگهي ٿو تہ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ هڪ پُرسڪون ماحول جو هجڻ تمام ضروري آهي. غير ضروري آواز ۽ شور ذهن ۽ سوچ جي سفر ۾ انيڪ رنڊڪون پيدا ڪن ٿا.
استادن ۽ شاگردن بابت مٿيون اظھار سائين حيدر علي لغاري صاحب ڪافي سال اڳ ڪيو هوندو، مطلب تہ سائين ويھين صديءَ جي استاد ۽ شاگرد جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو بالڪل ڏکوئيندڙ آهي پر جيڪڏهن اسان پنھنجي چوڌاري ايڪيھين صديءَ جي استاد ۽ شاگرد جي حالت ڏسون ٿا، سا ويتر مايوس ڪندڙ آهي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي تہ ٺڙڪ ٺڳي ڪندڙ، لٻاڙ هڻندڙ، علم کان عاري، تنگ نظر ۽ انتھا پسند، استاد بڻيو ويٺو آهي ۽ ادارن ۾ نوجوان ذهنن سان ظلم جاري رکيو اچي. چند استادن کي ڇڏي اڪثر استادن جا ٻيا سڀ موضوع هوندا آهن پر تعليم ۽ فضيلت سندن موضوع ناهي هوندو. توهان ڪڏهن بہ کين علمي، ادبي ۽ فڪري بحث يا گفتگو ڪندي نہ ڏسندا ۽ نہ ئي وري ٻُڌندا. سندن موضوع ڇسا، بي بنياد، سطحي ۽ واحيات قسم جا هوندا آهن. ظاهر آهي تہ اهڙا استاد، شاگرد بہ پاڻ جھڙا ئي پيدا ڪندا نہ! اُهي بہ سنجيدہ ٿيڻ بدران ڇڇورپائي کي ترجيح ڏين ٿا. وڌيڪ ڏک تہ تڏهن ٿو ٿئي جو اسانجي هن مدي خارج سماج ۾ ڪاميابي ۽ ترقي جي پيمانا بہ سطحي ۽ ڇسا ٿي پيا آهن. فضول مٿاڪٽ ڪندڙ، وقت جو وڃاڻ ڪندڙ، علمي ۽ ادبي طور صفا هيٺين درجي جا ماڻھو ڪامياب ۽ چالاڪ سمجهيا ٿا وڃن. جڏهن تہ علم ۽ فضيلت وارو ماڻھو هن سماج ۾ ناڪام ۽ فضول ماڻھو آهي. ”پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!“
سائين حيدر علي لغاري تہ روايتي تعليمي نظام جي بہ سخت خلاف هو. هُو تہ اهڙي تعليم جي ڳالھہ ڪندو هو، جيڪا انسان جي ذهن جون دريون کولي ۽ شعوري ۽ فڪري طور کيس هڪ روشن خيال ۽ خوددار انسان بڻائي. پاڻ هڪ هنڌ لکي تہ ”شاگردن جو تعليمي گهرجن جو پورائو فقط مدرسن ۽ مڪتبن جي نصابي ۽ ڪتابي سلسلي سان ڪونہ ٿيندو، ان لاءِ مختلف موضوعن تي باضابطہ ۽ لڳاتار مطالعي جي ضرورت آهي، جنھن کان اسان جو شاگرد اڄڪلھہ بنھہ لاپرواھ ۽ بي خبر آهي.“
هاڻي ڏسجي ته؛ اسان وٽ نصابي ۽ ڪتابي سلسلو ڪھڙي طرح جو هلي رهيو آهي؟ ان ۾ ڪيتري جدت آهي، ڪيتري روشن خيالي آهي؟ ڪيترو ٻولي ۽ ثقافت جو خيال رکيل آهي؟ ڪيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي شامل آهي؟ ڪيترو فھم ۽ فضيلت شامل آهي؟ منھنجي خيال ۾ اڄ ايڪيھين صديءَ ۾ بہ اسان پنھنجي شاگردن کي مدي خارج شيون پڙهائي ۽ رٽائي رهيا آهيون. انھن ڳالھين جي اڄوڪي دنيا ۾ ڪا بہ اهميت ناهي. جيستائين مطالعي جي ڳالھہ آهي تہ شاگردن سان گڏ استادن جي بہ حالت خراب آهي. گهڻو تعداد اهڙن استادن جو هوندو جيڪي سال ۾ نصابي ڪتاب کانسواءِ ٻئي ڪنھن بہ ڪتاب کي نٿا پڙهن. مون تہ گهڻن کي اهو چوندي بہ ٻُڌو آهي تہ اسان وٽ وقت ناهي، ڪير ڪتاب پڙهي؟ اوهان تہ آهيو واندا، ڪم ڪار اٿئو ڪونه، سو پيا ڪتاب پڙهو ۽ لکو....! هاڻي جتي تعليم ڏيندڙ فردن جي اڪثريت جي سوچ اِها هجي تہ پوءِ ڪھڙي چڱائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.
اهڙن ماڻھن لاءِ ئي سائين حيدر علي لغاري لکي ٿو تہ ”حيرت آهي تہ ماڻھو نہ سوچين ٿا ۽ نہ ئي وري ڪو ڪم ئي ٿا ڪن، رڳو پيا وقت وڃائين ۽ قوتون ضايع ڪن! هنن کي ايڏي وڏي زيان جو احساس ڪڏهن ٿيندو؟“ سائين صحيح ٿو چوي تہ اهڙن ماڻھن کي رڳو کائڻ، ننڊون ڪرڻ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ کانسواءِ ڪو ڪم نٿو اچي. مجموعي طور اسانجو ماڻھو بيڪمو، بي چيو ۽ بيڪار ٿي پيو آهي.
سائين حيدر علي لغاري نئين نسل تي ضابطن جي نالي ۾ لڳندڙ غير انساني پابندين جي بہ خلاف هو. سائين چوندو هو تہ اهڙيون پابنديون ذهني اپاهجن کي پيدا ڪنديون. ”جي حضوري“ جو غير اخلاقي مرض وڌي ويندو ۽ نوجوان شعوري ۽ عقلي طور تباھہ ٿي ويندا. هاڻي ڏسجي تہ اها ڳالھہ بلڪل درست آهي. استاد ۽ والدين هميشہ اهو چاهيندا آهن تہ سندن اولاد ۽ شاگرد سندن طابع هجي، مطلب جيئن اسان چئون، تيئن ڪري....! پنھنجي ڪابہ راءِ نہ رکي. ڪو بہ سوال نہ ڪري. ڪو بہ اختلاف نہ ڪري. اسان انھي کي فرمانبرداري سڏيندا آهيون پر اهو ناهيون سوچيندا تہ اسان جا اهي رويا اڳيان هلي ڪھڙا ذهن پيدا ڪندا؟ اُهي نوجوان اسانجي دل سان عزت نہ ڪندا پر ڊپ مان عزت ڪندا ۽ ڊپ مان عزت ٿي سگهي ئي نٿي. عزت ۽ احترام جو واسطو پيار سان آهي. پيار جو واسطو آزادي سان آهي. ۽ اسان جڏهن پنھنجي نئين نسل جي درست رهنمائي ڪندي کين ذهني ۽ فڪري طور آزادي ڏينداسين تہ پوءِ هو هن سماج جا سجاڳ ذهن پيدا ڪري سگهنداسين. باقي نہ تہ سائين پاڻ لکي ٿو تہ ”ورنہ اسان جا هاڻوڪا توڙي مستقبل جا نسل رڍن ٻڪرين يا سوئرن ۽ بگهڙن جا ڌڻ بڻجي اسرندا، بلڪہ هو انسان ٿي پنھنجي بشريت جي لذت ۽ خيريت ڪونہ ماڻي سگهندا!“
ھي سڀ ڳالھيون اسانجو سماجي آئينو آهن. منھنجي خيال ۾ هي ڪا مايوسي پکيڙڻ ناهي پر حقيقت پسند ٿيڻ آهي. سو جيڪڏهن اسانجي حقيقت ڏکوئيندڙ آهي تہ اُها تسليم ڪرڻي پوندي. اسانکي انڌي تقليد کان بچڻو پوندو. سماج ۾ تحقيق ۽ تنقيد کي جڳھہ ڏيڻي پوندي ۽ تنقيدي شعور کي هٿي وٺائڻي پوندي.
سائين حيدر علي لغاري صاحب جهڙن عالمن اسانکي اهي روشن راهون ۽ پنڌ ڏسيا آهن. جن تي هلي اسان پنھنجي سماج کي سنواري سگهون ٿا. اڄ اسان سائين حيدر علي لغاري صاحب کي پيار مان ياد ڪندي نوجوانن کي اِها صلاح بہ ڏيون ٿا تہ هُو سائين حيدر علي لغاري صاحب جا ٻہ شاندار فڪري ڪتاب ”اندر مُلھہ اَمُلھہ“ ۽ ”ڪُڇان ڪُڄاڙو“ ضرور پڙهن تہ جيئن سندن ذهن ۽ ضمير روشن ٿي سگهن.

(28 نومبر 2023ع)