مٺل سائين جنم ڏينھن جون واڌايون!
اِهو گهڻي وقت کان ٻُڌندا اچون تہ، ماڻھو جي شخصيت تي سندس نالي جو اثر ٿيندو آهي. ڪجهہ مثالن ۾ تہ قصو ئي اُبتو آهي پر مٺل جھڙن ماڻھن کي ڏسي، اِها ڳالھہ ڪنھن حد تائين درست بہ لڳي ٿي. سو جھڙو نالو اٿس، اِهڙو ئي مٺل آهي. مون کي هن وقت تائين ٻہ مٺل مليا آهن. هڪ مٺل حيدري ۽ ٻيو مٺل جسڪاڻي، ٻنھي جون شخصيتون هڪٻئي کان بلڪل مختلف، نراليون ۽ منفرد آهن. سو اِهي ٻئي مٺل اسان کي مِٺا آهن.
اڄ ڳالھہ پيا ڪريون مٺل جسڪاڻي جي، سو مٺل حيدري بابت وري ٻئي ڀيري لکبو. مٺل جسڪاڻي صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات فيس بڪ تي ئي ٿي، ڪڏهن ٿي سا خبر ناهي. اُن کان پوءِ اسان جون روبرو ٽي ملاقاتون ٿيون آهن. اِهي ملاقاتون مختصر هيون پر پوءِ بہ سائين جي شخصيت پياري لڳي. انھن ملاقاتن دوران سائين وڏي پيار ۽ پنھنجائپ سان مليو. سائين جي ڪجهہ نيازمندن سان منھنجي بہ واقفيت آهي، سو اُنھن پاران بہ سائين جو ذڪر خير ٻُڌو آهي.
سائين جي علمي ادبي ڪم تي نظر وجهبي تہ، اُهو بہ منفرد آهي. مون کي تہ سائين جو فيس بڪ تي رکيل روز جو مواد ۽ تصويرون تہ، ڊائري بہ لڳنديون آهن، آتم ڪٿا جو حصو بہ لڳنديون آهن تہ سفرناما بہ لڳنديون آهن. سائين پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد/ يونيورسٽي جو پروفيسر آهي پر هن شخص ۾ ڪا بہ وڏائي ناهي. نہ تہ اڪثر پروفيسر اِهڙا آهن جو توبھہ زاري! روايتي پروفيسرن بجاءِ مٺل جسڪاڻي صاحب هر ڪنھن سان اُن جھڙو آهي. ٻار سان ٻار، وڏن سان وڏو، ڪٿي ٻارن لاءِ وڏو، ڪٿي وڏن لاءِ ننڍو، هاري سان هاري، آبادگار سان آبادگار، اديب سان اديب ۽ عام ماڻھو سان عام ماڻھو! سائين جي شخصيت جي هي بہ حُسناڪي آهي جو پاڻ ڪڏهن بہ پنھنجو پاڻ کي پڏايو نہ اٿن. نہ تہ گهڻا اديب تہ انھيءَ بيماري ۾ ورتل آهن. مون اِهو بہ نوٽ ڪيو آهي تہ، سائين ڪوشش ڪري هر ڪنھن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو آهي. اڪثر اديب ۽ پروفيسر تہ اسٽيجن جا بُکيا آهن پر سائين انھيءَ بيماري کان بہ بچيل آهي. دعا آهي تہ، سدائين اهڙي قسم جي سمورين بيمارين کان بچيل هُجي.
اسان وٽ اتساھہ ڏيڻ، ساراهڻ، همٿائڻ، حوصلو ڏيڻ جھڙيون روايتون بہ اڻلڀ ٿينديون وڃن پر مٺل جسڪاڻي انھن روايتن کي جيئرو رکيو اچي. اسان جھڙن کي پيو همٿائيندو آهي، جيڪا سندس وڏائي آهي. اِن قسم جا ماڻھو ٻين لاءِ هڪ ڏڍ هوندا آهن، جن مان رڳو محبتون ئي ملن ٿيون. مون ڪجهہ ماڻھن مان اِهو بہ سِکيو آهي تہ، ڏُکن کي سيني ۾ لِڪائي ڪيئن مُسڪرائجي. اُنھن ماڻھن ۾ سائين مٺل جسڪاڻي صاحب بہ آهي. اهڙا بھادر، زندہ دل ۽ زندگي سان ڀرپور ماڻھو تمام ٿورا آهن. آئون فيس بڪ تي ڪڏهن ڪا اُداسي واري ڳالھہ لکندو آهيان تہ، سائين جو اُن تي ڪمينٽ اتساھہ ڏيندڙ ۽ اداسي ختم ڪندڙ هوندو آهي. پوءِ آئون سوچيندو آهيان تہ، سائين صحيح ٿو چوي. سو، سائين جھڙا ماڻھو اسان جھڙن گهڻن ماڻھن جا استاد آهن.
مون سائين جي شخصيت ۾ اِها ڳالھہ بہ نوٽ ڪئي آهي تہ، سائين پنھنجي خاندان جي سمورن ننڍن توڙي وڏن سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو. نہ رڳو پيار ڪري ٿو پر کين مان بہ ڏئي ٿو. اُن جو مثال پنھنجي نوجوانن جي تعليمي ترقي تي سُٺا سُٺا نوٽ لکي کين اتساهيندو ۽ ساراهيندو آهي. اِن طرح سائين جي شخصيت جو اِهو بہ نرالو پاسو آهي.
ڪجهہ مھينا اڳ سائين جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڇپيو هو، سو سائين پيار مان موڪلي ڏنو هو. مون اُن تي رايو لکندي هڪ هنڌ اِهو لکيو هو تہ، اڄ مٺل جي ڪتاب تي ٿا لکون، مٺل جي شخصيت وري ڪنھن ٻئي ڀيري! سو اڄ سائين جي جنم ڏينھن ذريعي اِهو موقعو ملي ويو. انھن لفظن ۽ پُر خلوص جذبن سان سائين مٺل جسڪاڻي صاحب کي جنم ڏينھن جون واڌايون.
(19 جنوري 2021ع)
