وڙائتو انسان - غفار کوسو
غفار صاحب سان ڪچھري مون کي اُن ڪري بہ وڻندي آهي جو اُن ۾ ڪتابن ۽ پڙهڻ لکڻ جو ذڪر ئي هوندو آهي. پاڻ نوڪري جي لحاظ کان آفيسر آهي پر مون هن شخص ۾ آفيسري واري آڪڙ ڪڏهن بہ ناهي ڏٺي. نہ تہ وڏن عھدن تي ويھڻ وارا عھدي کان اڳ ٻين کي وڏا انسانيت ۽ انقلاب جا درس ڏيندا آهن پر جڏهن ڪنھن ڪُرسي تي ويھندا آهن تہ سندن هاضمو خراب ٿي پوندو آهي ۽ دنيا کي پنھنجي اصليت ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن. پر غفار صاحب انھن سمورين ڳالھين کان پري آهي، اُن ڪري تہ هن جي آفيس ۾ وڃڻ، ويھڻ ۽ ساڻن گڏجي چانھہ پيئڻ تي دل چوندي آهي.
غفار صاحب جنھن شعبي ۾ نوڪري ڪري ٿو، اُن جو واسطو اين جي اوز وارن سان بہ هوندو آهي. پر سائين اُنھن کي سُٺي نموني ڊيل ڪري ويندو آهي. باقي نہ تہ اين جي اوز جتي هن سماج کي تباھہ ڪيو آهي، اُتي هن سماج جي ڪجهہ چڱن ماڻھن کي بہ ڪم جو ناهي ڇڏيو. پر مون غفار صاحب کي انھن اين جي اوز وارن جون هوائي ڳالھيون ۽ رڳو پروجيڪٽ وٺڻ واري لوڙ کي بہ وڏي صبر سان ٻُڌندي ۽ برداشت ڪندي ڏٺو آهي.
غفار صاحب مون کي اُن ڪري بہ وڻندو آهي جو پاڻ مستقل مطالعو ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. لکڻ جو انداز بہ ڏاڍو ڀلو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪو ليک اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ بہ ملندو آهي. سياست بہ سندن دلچسپ موضوع آهي. جڏهن سماجيات ۽ سياست تي ڳالھيندا آهن تہ اسان پارن کي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو آهي. سو، آئون بہ سندن حاضري ڀرڻ ايتري لاءِ ئي ويندو آهيان جو ڪجهہ نہ ڪجهہ سِکي پنھنجي تربيت پاڻ ڪري سگهان.
غفار صاحب جي شخصيت جو هڪ شاندار پاسو هي بہ آهي تہ پاڻ سامھون واري کي ڳالھائڻ جو ڀرپور موقعو ڏيندا آهن ۽ انھي جي ڳالھہ کي وڏي ڌيان سان ٻُڌندا آهن. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اها ڳالھہ تمام ٿورن ماڻھن ۾ ڏٺي آهي. نہ تہ اسان وٽ عام طور تي هر ماڻھو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندو آهي ۽ هر ڪم جو ڪريڊٽ پاڻ کڻندو آهي. اڪثر ماڻھن جو انھي ڳالھہ تي بہ زور هوندو آهي تہ ماڻھو رڳو سندن ڳالھہ ٻُڌن. سو، مون کي اِها ون وي ٽريفڪ بہ ناهي وڻندي. ڪوشش هوندي اٿم تہ، اهڙن کان پاسو ڪريان ۽ ساڻن ڪو بہ بحث نہ ڪريان. خير بحث تہ ڇا پر ڳالھيان بہ نہ.
غفار صاحب پنھنجيون يادگيريون بہ لکندو رهندو آهي. منھنجي دل چوندي آهي تہ ان قسم جي دوستن کي پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ گهرجي، جيڪا ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساھہ جو سبب هوندي. ڇو تہ هي ئي اُهي ماڻھو آهن، جن پنھنجي ننڍپڻ ۾ غريباڻي حال تي محنتون ۽ مزدوريون ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ آفيسر بہ ٿي ويا.
(14 مارچ 2020ع)
