شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ماکيءَ منڌ

  سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.

  • 4.5/5.0
  • 46
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sajjan Makhi'a Mandh

وڙائتو انسان - غفار کوسو

غفار کوسو اُهو وڙائتو انسان آهي، جنھن جي شخصيت تي اسان کي ضرور لکڻ گهُرجي. مون کي صحيح طرح تہ ياد ناهي پر منھنجي خيال ۾ منھنجي غفار صاحب سان پھرين ملاقات سندن اوطاق تي ٿي هُئي، جتي پاڻ هر آچر تي نوجوانن سان هڪ گڏجاڻي جو بندوبست ڪندا هُئا. جنھن ۾ نوجوانن جون ڳالھيون بہ ٻُڌندا هُئا ۽ سندن تربيت بہ ڪندا هُئا پر مون کي انھن گڏجاڻين ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ سُٺي ڳالھہ لڳي هُئي، سا اِها هُئي تہ، هر هفتي هر نوجوان کي ڪو نہ ڪو پنھنجي پسند جو ڪتاب يا ان جو ڪجهہ حصو پڙهي اچڻو هوندو هو ۽ اُن تي اُن نوجوان کي پنج ڇھہ منٽ ڳالھائڻو هوندو هو تہ، هن انھي ڪتاب مان ڇا حاصل ڪيو؟ سو، اهڙي طرح منھنجي غفار صاحب سان نيازمندي ٿي. انھي کان پوءِ ساڻن ڪچھري ڪرڻ لاءِ سندن آفيس بہ هليو ويندو هُئس. هونئن تہ عام طور تي مون ۾ ماڻھن سان ملڻ، ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪچھريون ڪرڻ جي عادت ناهي يا دل نٿي چوي. بھرحال غفار صاحب ڏانھن دل ئي وٺي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن گهڻا ڏينھن ٿي ويندا آهن تہ پاڻ بہ فون ڪري چوندو آهي تہ، سرمد گهڻا ڏينھن ٿي ويا آهن، ڪچھري ٿيڻ گهرجي.
غفار صاحب سان ڪچھري مون کي اُن ڪري بہ وڻندي آهي جو اُن ۾ ڪتابن ۽ پڙهڻ لکڻ جو ذڪر ئي هوندو آهي. پاڻ نوڪري جي لحاظ کان آفيسر آهي پر مون هن شخص ۾ آفيسري واري آڪڙ ڪڏهن بہ ناهي ڏٺي. نہ تہ وڏن عھدن تي ويھڻ وارا عھدي کان اڳ ٻين کي وڏا انسانيت ۽ انقلاب جا درس ڏيندا آهن پر جڏهن ڪنھن ڪُرسي تي ويھندا آهن تہ سندن هاضمو خراب ٿي پوندو آهي ۽ دنيا کي پنھنجي اصليت ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن. پر غفار صاحب انھن سمورين ڳالھين کان پري آهي، اُن ڪري تہ هن جي آفيس ۾ وڃڻ، ويھڻ ۽ ساڻن گڏجي چانھہ پيئڻ تي دل چوندي آهي.
غفار صاحب جنھن شعبي ۾ نوڪري ڪري ٿو، اُن جو واسطو اين جي اوز وارن سان بہ هوندو آهي. پر سائين اُنھن کي سُٺي نموني ڊيل ڪري ويندو آهي. باقي نہ تہ اين جي اوز جتي هن سماج کي تباھہ ڪيو آهي، اُتي هن سماج جي ڪجهہ چڱن ماڻھن کي بہ ڪم جو ناهي ڇڏيو. پر مون غفار صاحب کي انھن اين جي اوز وارن جون هوائي ڳالھيون ۽ رڳو پروجيڪٽ وٺڻ واري لوڙ کي بہ وڏي صبر سان ٻُڌندي ۽ برداشت ڪندي ڏٺو آهي.
غفار صاحب مون کي اُن ڪري بہ وڻندو آهي جو پاڻ مستقل مطالعو ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. لکڻ جو انداز بہ ڏاڍو ڀلو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪو ليک اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ بہ ملندو آهي. سياست بہ سندن دلچسپ موضوع آهي. جڏهن سماجيات ۽ سياست تي ڳالھيندا آهن تہ اسان پارن کي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو آهي. سو، آئون بہ سندن حاضري ڀرڻ ايتري لاءِ ئي ويندو آهيان جو ڪجهہ نہ ڪجهہ سِکي پنھنجي تربيت پاڻ ڪري سگهان.
غفار صاحب جي شخصيت جو هڪ شاندار پاسو هي بہ آهي تہ پاڻ سامھون واري کي ڳالھائڻ جو ڀرپور موقعو ڏيندا آهن ۽ انھي جي ڳالھہ کي وڏي ڌيان سان ٻُڌندا آهن. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اها ڳالھہ تمام ٿورن ماڻھن ۾ ڏٺي آهي. نہ تہ اسان وٽ عام طور تي هر ماڻھو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندو آهي ۽ هر ڪم جو ڪريڊٽ پاڻ کڻندو آهي. اڪثر ماڻھن جو انھي ڳالھہ تي بہ زور هوندو آهي تہ ماڻھو رڳو سندن ڳالھہ ٻُڌن. سو، مون کي اِها ون وي ٽريفڪ بہ ناهي وڻندي. ڪوشش هوندي اٿم تہ، اهڙن کان پاسو ڪريان ۽ ساڻن ڪو بہ بحث نہ ڪريان. خير بحث تہ ڇا پر ڳالھيان بہ نہ.
غفار صاحب پنھنجيون يادگيريون بہ لکندو رهندو آهي. منھنجي دل چوندي آهي تہ ان قسم جي دوستن کي پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ گهرجي، جيڪا ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساھہ جو سبب هوندي. ڇو تہ هي ئي اُهي ماڻھو آهن، جن پنھنجي ننڍپڻ ۾ غريباڻي حال تي محنتون ۽ مزدوريون ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ آفيسر بہ ٿي ويا.

(14 مارچ 2020ع)