سِيءُ، دونھين ۽ آلاپ (راڳي: امام بخش زرداري)
تڪڙو ڀڳو هُئس. وڃين هوٽل واري کان ڪئسٽ جو دٻو گهريم ۽ ڀڳل دٻي ۾ لڳل سندس سنڌي ٽوپيءَ وارو فوٽو ڄڻ جيءَ ۾ جاءِ ٺاهي ويو. اهو امام بخش زرداريءَ جي عروج جو دؤر هو. ڪئسٽن جي جھان ۾ سندس بيتاج بادشاهي هُئي. مٿان وري سون تي سھاڳو، مرحوم راهي چانگ سان راھہ و رسم وڌي جيڪو اسان جو پاڙيسري هو ۽ تنھن زماني جي هڪ مشھور ميوزڪ ڪمپنيءَ ”آر سيءَ“ جنھن کي ’RC‘ لکبو هو، جو مالڪ هو. هُو صاحب تنھن زماني ۾ پنھنجي ڪمپنيءَ کي عروج تي وٺي ويو هو ۽ سندس اوج ۾، امام بخش جي آواز جو اوج بہ شامل هو. ڌڙا ڌڙ ڪئسٽون اينديون هيون ۽ ٽريڪٽر، لاريون، بسون، هوٽلون سڀ ان هڪ آواز کي ڀاڪر ۾ ڀري جهومنديون رهنديون هيون.
راهي چانگ کي منٿ ڪئي هُئيسين تہ امام بخش سائين اچن تہ ديدار جي توفيق ڏياريو. هڪ ڏينھن اوچتو هُن ٻُڌايو تہ امام بخش ڄامشوري آيل آهي ۽ جمعي نماز تي ”بلال مسجد“ ۾ ايندو. عجيب زمانو هو. ٻاهر نڪري اسان جون نگاهون مسجد جي در ۾ ئي اٽڪيل رهيون. سندس وجود ڏاڍو نفيس هو. سنھين هاٺيءَ واري راڳيءَ جي بدن ۽ آواز ۾ وڏي طاقت هُئي. اسان ڪجهہ دوستن سان، ٻن ڪلاڪن جي ڪچھريءَ دوران سندس سِڪ ڏسڻ وٽان هُئي. هُو ڏاڍو سادو سودو انسان هو. ايڏي وڏي شھرت سندس دماغ تي ڪوبہ اثر نہ ڇڏيو هو. سندس آواز جو درد سندس اندر جي نھٺائي هو.
امام بخش زرداريءَ جو جنم 1960ع ڌاري، دولتپور ويجهو هڪ ڳوٺ ”ٻاڪي زرداري“ ۾ مير متاري زرداريءَ جي گهر ٿيو، جنھن جو هُو ٽيون نمبر فرزند هو. مير متارو ستن پُٽن محمد قاسم، ڪيھر خان، امام بخش، نظام الدين، محمد لائق، محمد بخش ۽ محمد اسلم جو پيءُ هو. ننڍڙي امام بخش کي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”مير محمد راهو يونين ڪائونسل سيد ڪنڊو“ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، پر ڪتابي علم سان سندس نينھن جو ناتو نہ جُڙيو. هُن صرف پنج درجا پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ راڳ ويراڳ جي جھان ۾ اُستاد محمد مٺل مڱڻھار کان سکيا حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين. اُستاد منجهس درد جي ڪڻ ڏسي ورتي هُئي. بس پوءِ ڦوھہ جوانيءَ ۾، اسيءَ جي ڏهاڪي کان، امام بخش زرداريءَ جي راڳداريءَ جي ساراھہ جهر جهنگ ۾ پکڙجي وئي. ڪھڙي رڪارڊنگ ڪمپني هُئي جنھن سندس آواز مان لاڀ نہ ورتو هُجي. دؤر سادو هو، ماڻھوءَ يو ايس بيز تي نہ هريا هُئا. ڪئسٽ هر هنڌ وڄندي هُئي ۽ اُهو ئي سبب هو جو امام بخش زرداريءَ جا ٻہ هزار کان مٿي واليمز جاري ٿي چُڪا آهن. سندس هزارين گيت مقبول ٿيا. هُن ريڊيو ۽ ٽيليوزن تي انيڪ ڀيرا پرفارم ڪيو ۽ فلم ”جلال چانڊيو“ ۽ ”جيئي لطيف“ ۾ پلي بيڪ بہ ڏنو. هُو پنھنجي رمز وارو راڳي هو. شروعاتي دؤر کان ئي لڳندو هو تہ پنھنجي مرضيءَ مطابق پرفارم ٿو ڪري. ناڻي جي ڇِڪ وٽس ناهي. ويراڳ جو درد کيس نھوڙي ٿو. کيس سنڌي ڪافي رنگ ۽ لوڪ رنگ ۾ ڪمال حاصل هو. جيتوڻيڪ هُن ٻين گانن جي طرزن تي بہ ڳايو پر سندس اصلوڪين رڪارڊنگز جو بہ ڪو جواب ناهي. ”رهي سال گڏجي ڇِني اڄ ڇڏيائون“، ”ياد مون کي تون بہ ڪري روئندو تہ هوندين“، ”وڃين پيو پرديس او يار“ ۽ ”وئي يار ياري رهيو ڪجهہ نہ آ“، ان زماني جا هر هنڌ گونجندڙ گيت هوندا هُئا.
امام بخش جي جوڙي ”فتح محمد راهي چانگ“ سان ڏاڍي سُونھندي هُئي ۽ شايد اهو ئي سبب بڻيو جو هوڏانھن راهي، مُلڪِ عدم جو راهي بڻيو ۽ هيڏانھن امام بخش شھرتن جي بادبانن جا رسا ويڙهي ڇڏيا. هُو اوچتو ماٺ جي هڪ جھان ۾ هليو ويو. جيتوڻيڪ ڪئسٽن جي دُنيا ۾ هاڻي جلال چانڊيو حاڪم هو پر تہ بہ ائين تڪڙو گم ٿيڻ تعجب جي ڳالھہ هُئي. بھرحال ٿيو ائين ئي ۽ امام بخش زرداري هڪ باڪمال عروج کانپوءِ يادگيرين جي ڌُنڌ ۾ غائب ٿي ويو. مھربان وجودَ، ”نياز حُسين اُنڙ“ ۽ ”محمد عظيم انڙ“ فون وسيلي سندس تڏي تان تفصيل معلوم ڪري پيا ڏين ”چار فرزند غلام حيدر، غلام سرور، زاهد حُسين ۽ سليم زرداري، پيءُ جي ياد سھيڙين ٿا، جن مان سليم پيءُ جي خوشبوءَ وانگر ئي راڳ جي جھان ۾ ڪوشش ڪري ٿو“. تقريبن 56 سالن جو راڳي، ڳوٺ ٻاڪي زرداريءَ جي ”ملير فقير قبرستان“ ۾ آرامي آهي. سندس آواز هاڻي صرف سماعتن جي نذر ٿي سگهي ٿو. سندس من موهڻي شخصيت هاڻي سنڌي موسيقيءَ کي وري نصيب نہ ٿيندي. وقت تيزيءَ سان ڪرَ موڙي پيو پر جڏهن بہ سنڌي گائڪيءَ ۾ عوامي پذيرائيءَ جي ڳالھہ هلندي تہ امام بخش زرداري، ڪنھن کان بہ وسرڻ جھڙو ناهي. پروردگار کيس بھتر جاءِ عنايت ڪري. آمين.
موسم سياري جي آهي، هوٽلون صبح جو ڪرَ کڻن ٿيون، نون راڳين جو آواز بُلند ٿئي ٿو ۽ شايد اُنھن مان گهڻن کي اها خبر ناهي تہ اِنھن آوازن جو اصلوڪو، بُنياد وجهندڙ هاڻي آرامي ٿي چُڪو آهي.
ڇپيل: اربع 17 فيبروري 2016ع