شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

پوپٽ جھڙا پَلَ (براڊڪاسٽر ۽ ڪمپيئر: طاهرہ حسن)

طاهرہ حسن بہ رخصت ٿي، اناﷲ وانااليہ راجعون. ڪالھہ جڏهن، ميت بس ۾، جنھن در کان سندس ڏولي رکي هئائون، مان ان در کان، سندس پيرانديءَ بيٺل هئس. سندس آخري سفر جاري هو. نماز ٿي چڪي هئي، هاڻي مٽيءَ جي پِنوڙي کي پنھنجيءَ جاءِ تي پھچڻو هو. الاءِ ڪيترا ٽھڪ، نگاهون، اندازَ، اسلوبَ، هاڻي هن ڏوليءَ ۾ روانا ٿي رهيا هئا. طاهرہ جو وڃي چڪي هئي. ڌڻيءَ جي ڪائنات بہ عجيب آهي. هتي رفاقتن جو ساٿُ بہ عجيب انداز ۾ نصيب ٿئي ٿو. ڪن سان سڄي ڄمار گذريو وڃي، پر رهجي ٿو اوڏڙو ئي اوڏڙو. ۽ ڪي چِتَ تي چڙهن تہ کين ڄڻ وسارجڻ جو هُنر ايندو ئي ناهي. هُو پنھنجي پُوري حساب ڪتاب سان ذهنن ۾ اچي ويندا آهن. ساٿُ، لمحي جو هجي يا عمر جو، هوندو تہ ساٿ ئي آهي نہ...۽ طاهرہ حسن، اسان جي ڪليگ، ساٿي انائونسر، ڪمپيئر، صداڪارہ ساٿَ جي ساعتن کان سدا بھار نموني واقف هئي.
رات جو ”تارن ڀرِي رات“ ڪندي، جڏهن کيس ياد پئي ڪيم تہ پاسي ۾ مشھور براڊڪاسٽر ڀاءُ اعجاز علي ميمڻ بہ ويٺل هو. طاهرہ جو ذڪر هلندي، جڏهن اسان تعزيتي پروگرام نشر ڪيو تہ اعجاز جي اکين جا بندَ ڀڄِي پيا. وڏي پاٻوھہ مان هُو مون سان ملڻ آيو هو، پر اهو سڀ ٻُڌندي بيحد ملول ٿي ويو، ڳوڙها بيھنس نہ پيا. هُو گهڻو وقت ويھي نہ سگهيو، واپس هليو ويو. سندس اکين جو پاڻي، اندر کي وڌيڪ پوسرائي ويو. الاءِ ڪيترن موقعن تي گڏ رهياسين، هاڻي تہ انھن جي ڳڻپ بہ ناهي. اسٽيج، ريڊيو، محفلون، قومي ۽ صوبائي نشرياتي رابطي جا پروگرامَ. قدرت هن فقير تي عنايت ڪئي تہ خاص خاص موقعن تي، خاص محفلن ۾ ميزبانيءَ جو شرف مليو ۽ انھن ۾ جڏهن بہ ڪو اردو پروگرام هوندو هو تہ مان ۽ طاهرہ گڏ هوندا هئاسون. هُوءَ پنھنجو اسڪرپٽ پاڻ لکندي هئي، شاعريءَ جي چونڊ ڪندي هئي ۽ برمھل هر موقعي تي ڪَتب آڻيندي هئي. طاهرہ کي پنھنجي لکئي تي ڀروسو هوندو هو. هُوءَ باقاعدي پنھنجي لکيل اسڪرپٽس ۽ شعرن کي هر هر پئي ورجائيندي هئي، باوجود پختہ ڪار براڊڪاسٽر هئڻ جي، منجهس هوم ورڪ ڪرڻ جو جنون سدائين موجود رهيو. پنھنجي 36 سالن جي براڊڪاسٽنگ جي ڪئريئر ۾ مون اهڙا ميزبان گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي هر موقعي تي، هر دفعي، نئين تياريءَ سان اچن. نہ تہ عام طور هڪ ٻہ پروگرام ڪيو ناهي ۽ پاڻ کي ”سُپر اسٽار“ سمجهو ناهي...پوءِ ڪيڏانھن ويو اسڪرپٽ ۽ ڪيڏانھن وئي تياري! نراڙ تي لڳل عينڪ هيٺ ٿيڻ جي زحمت بہ نہ ڪندي آهي. همراھہ/سانئڻ وٽ وقت ئي ناهي هوندو، جو پروگرام جي معيار بابت ڪجهہ سوچِين يا ڌيان ڌرِينِ، معيار تہ بس هُو ”پاڻ“ ٿي ويندا آهن.
طاهرہ ۾ ٻي سٺي ڳالھہ، ٻئي کي موقعو ڏيڻ جي هوندي هئي. هُوءَ ساٿي ميزبانَ، مھمانَ ۽ شريڪ کي ڳالھائڻ جو پورو موقعو ڏيندي هئي، بلڪِ ڪٿي ڪٿي تہ وڌيڪ ڳالھائڻ لاءِ جاءِ ڇڏي ڏيندي هئي. اِها ڳالھہ ٻُڌندڙن يا پڙهندڙن کي شايد عجيب لڳي، پر نشريات جي جھان ۾، اهو عمل ڏاڍو ”محبوب“ هوندو آهي تہ ماڻھو ٻئي لاءِ لکيل لائينون کائي وڃي يا پاڻ ادا ڪري.
قومي نشرياتي رابطي تي هڪ پروگرام هيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان آن ايئر هئاسين. ڪُل ڏھہ ڪمپيئر هئا ۽ هي فقير، ان ۾ لِيڊ ڪمپيئر هيو. مھربان پروڊيوسر صاحب، هر چنڪ تي ميزبان جو نالو ٽائپ ڪرائي ڇڏيو هو. ڪل ستاويھہ چنڪس هئا يعني 27 ڀيرا اسٽيج اچڻو هو، جن مان پھريون، آخري ۽ وچ ۾ 14 چنڪس منھنجا هئا. باقي ڏھہ ٻين ۾ ورهايل هئا. جن ۾ هڪ جڳ مشھور ميزبان بہ شامل هئي. اتفاق اِهو هيو، جو سندس انائونسمينٽ ٻيو نمبر چنڪ جي هئي. شروعات ۾ اسٽيج تي وياسين تہ الاءِ ڇو مان سڀني کي ساڻ وٺي ويس، جيتوڻيڪ مان اڪيلو بہ وڃي سگهيس پئي. هاڻي سڀ هئاسين تہ مھربان پروڊيوسر صاحب ڏاڍا اشارا ڪيا، پر ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. سمجهہ ۾ آئي تہ ان وقت جڏهن پروگرام ختم ٿيو، ڇاڪاڻ تہ مان رڳو ابتدائيي ۾ سلام ڪري سگهيس ۽ گڏيل ساٿين جو تعارف ڪرائي سگهيس، باقي سڀ ڪجهہ هُن محترمہ ايڏي تہ اطمينان سان ڪيو، جو لڳو پئي تہ سڄي اسڪرپٽ تي، هر چنڪ تي صرف سندس نالو لکيل هجي. حد تہ اها هئي تہ موڪلاڻيءَ وارو چنڪ بہ هُن ئي ڪيو. لائيوِ پروگرام ۾ مان کيس ڇا پئي ڪري سگهيس.
شايد اهڙا ئي تجربا هئا، جو مان طاهرہ سان گڏ ميزباني ڪندي لھرائيندو هئس، پر هُن سدائين مون کي سھوليت ڏني ۽ اعتبار ۽ اعتماد ڏنو. جڏهن پروگرام ڊگهو ٿي ويندو هو ۽ ڄامشوري وڃڻ جي ڪري مان پُڄاڻيءَ کان پھرين نڪرندو هئس تہ هُوءَ سدائين، پروگرام جو بقايا حصو سنڀالي وٺندي هئي. الاءِ ڇو کيس مون تي ڏاڍو اعتبار هيو. تقريبن ٻہ ورهيہ اڳ، جڏهن هُن مون سان پنھنجي بيماريءَ جي ڳالھہ ڪئي هئي تہ مان ڏڪي ويو هئس. ايڊيٽر نيوز جي آفيس ۾ ويٺي، هن کِلندي کِلندي احوال اوريو هو ۽ مون کيس سمجهايو هو تہ ان مرض کي سَوَلو نہ وٺي، تہ هُوءَ کِلندي کِلندي چُپ ٿي وئي هئي ۽ اوچتو چئي ڏنو هئائين، ”ماڻھن کي لڳندو آهي تہ مان شين کي سَوَلو وٺندي آهيان، پر سچ اهو ٿَوَ محمود صاحب تہ مان هر معاملي کي بيحد سنجيدہ وٺندي آهيان، ها بس الاءِ ڇو اها سنجيدگي ظاهر نہ ڪري سگهندي آهيان.“
سندس لاءِ ڪيل تعزيتي پروگرام ٻُڌندي، ڳوڙها ڳاڙيندڙ اعجاز ميمڻ ٻُڌايو، ”پنھنجي اندر کي هُوءَ صداڪاريءَ ۾ کڻي ايندي هئي. ڊرامن ۾ اداسيءَ جا منظرَ، الميا لمحا، هُوءَ بي انتھا ڪمال سان آواز معرفت گذاريندي هئي ۽ ٻُڌندڙن جو سِينو وٺجي ويندو هو. هڪ اردو ڊرامي ”آزمائش“ ۾ سندس ڪردار هڪ اهڙي عورت جو هوندو آهي، جنھن کي اولاد جي شديد خواهش آهي ۽ کيس ٿئي نٿو. ان ڪردار کي آواز معرفت ادا ڪرڻ جي سونھن، صرف طاهرہ وٽ هئي.“
هڪ مقامي ٽي وي چينل سان بہ سندس لاڳاپو رهيو ۽ اتي پروفائل پروگرام ۾ هُن مون کي ريڪارڊ ڪيو هو. مان ۽ فاطمہ چينل جي آفيس پھتاسين. هُن گفتگو شروع ڪرڻ کان اڳ حسبِ روايت، وارن جي ڪرندڙ ڇُڳي کي جهٽڪو ڏيئي پري ڪندي، فاطمہ کان پڇيو هو، ”اجازت هَي؟“ الاءِ ڇو ان مھل ٽھڪ نڪري ويا هئا. جيتوڻيڪ جملي ۾ ڪجهہ بہ نہ هو. 28 مارچ 2017ع تي، اجل کيس بنا اجازت جي وٺي ويو ۽ اسان جي اکين ۾ منظرَ ڌُنڌلا ٿي ويا آهن. ريڊيو اسٽيشن تي اچڻ کان پھرين هُوءَ ڪليگس کان پڇندي هئي، ”ڇا کائيندئو؟“ پوءِ گڏيل فرمائش تي ڪجهہ نہ ڪجهہ گهران ٺاهي ايندي هئي. سڀ گڏجي کائيندا هئا. ٽھڪ ٻُرندا هئا، جن ۾ سندس آواز بلند ترين هوندو هيو ۽ تن گهڙين کي هُوءَ پوپٽ جھڙا پَلَ سڏيندي هئي.
ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ هاڻي بہ ٿئي. ڪونہ ڪو، ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان ڪجهہ نہ ڪجهہ ٺاهي اچي. سڀ گڏجي کائينِ، کِلن ڳالھائين، ٽھڪ بہ گُونجن، پر انھن جي گونج ۾ طاهرہ حسن جو آواز شامل نہ هوندو. هُوءَ پنھنجي اندر جي تمام تر سنجيدگين ساڻ، جِي او آر جي قبرستان ۾ آرامي آهي ۽ هاڻي هُوءَ بظاهر وڌيڪ نٿي کِلڻ گهري. ڌڻي کيس بھتر کان بھتر جاءِ ڏئي- آمين. طاهرہ! انھن سڀني مھربانين لاءِ مھرباني، جيڪي تو اسان ڪليگس تي ڪيون ۽ انھن سڀني سان ڪيون، جن سان تو پنھنجي حياتيءَ جا پوپٽ جھڙا پَلَ ونڊيا.

ڇپيل: آچر، 02 اپريل، 2017ع