ياد جي تارَ (ملازم ساٿي: بشير ڇڄڙو ۽ مجيب قريشي)
هن تر ۾ اسان کي ايڪونجاھہ سالَ ٿيا آهن. سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڀرپاسي جو، تقريبن هر فرد اسانجي ڪھول کي سڃاڻي ٿو، ان جو هڪ اهم سبب اهو بہ آهي تہ اسان جڏهن بہ ڪنھن جاءِ تي لڏي ويا آهيون تہ پروردگار اسان کي اتي جي اهم ترين مسجد جي چاٻي عنايت فرمائي آهي. يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ رهندا هُئاسين تہ ”بلال مسجد“، هاڻي سوسائٽيءَ ۾ ”جامع مسجد قبہ“...مُنھنجي وڏڙن جي ڊائرين موجب قبلہ ڏاڏا سائين ۽ ان جو والدِ محترم ۽ شايد ان کان بہ اڳ جي پيڙهي، ان عنايت سان سرفراز رهي آهي. سيوهڻ شريف، ٽلٽي، دادو، مطلب تہ عنايتن جو سلسلو جڙندو رهيو آهي. مٿان وري گهر ۾ مدرسو هلي ٿو، جتي نياڻين لاءِ خاص انتظام هوندو آهي. تنھن کان سواءِ ڪفن دفن، قبر کوٽائي ۽ تدفين، اهو سڀ، ڪرت ۾ اچي ٿو ۽ شايد اهي سڀ عمل آهن جو ڄاڻ جو سلسلو پروردگار دراز ڪري ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماڻھن جي آمد عجيب هُئي. جيئن وڻ وڻ جي ڪاٺي هوندي آهي، ائين اچي سڀ ڪٺا ٿيا ۽ هڪ عجيب خاندان جُڙي ويو. 1965ع کان 1971ع تائين، انھن ڇھن سالن ۾ بنيادي طور تي جيڪي نوڪريءَ سانگي آيا، انھن جو خاندان، بس هڪ ٿي ويو. مغلَ، ڪاظمي، ابڙا، قريشي، ڇڄڙا، پٺاڻ، رند بلوچ، عارباڻي، رتناڻي، مطلب ڪھڙي ذات جي خوشبو نہ هُئي. جيڪا هڪ ذات ۾ نہ مَٽي هجي. سڀ هڪٻئي کي سڃاڻندا هُئا. ٻچي ٻچي کان واقفيت رکيل هُئي. سڀني کي هڪٻئي جي دردَ، خوشيءَ، ڄم، فوتيءَ جي احوال جي ڄاڻ هوندي هُئي، ذري پُرزي تي سڀ اچي گڏ ٿيندا هُئا، محبتون ڪي محبتون هيون ڇا.
سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾، ڪجهہ ڪوارٽر ۽ بنگلا، مھراڻ ڪاليج ۽ پوءِ ٿيندڙ مھراڻ يونيورسٽِيءَ جي ملازمن جا بہ هوندا هُئا. پر سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ گڏ رهندي اهو احساس ئي ڪونہ ٿيندو هو تہ ڪير ڪھڙي اداري جو آهي، اڃان ڀتيون کڄيون ڪونہ هيون، زمينون ورهايون ڪونہ ويون هيون. ان ئي ماحول ۾ مجيب ۽ بشير بہ ڄڻ نگينن جيان جُڙيل هُئا. مجيب کي ڪجهہ وقت ڪرڪيٽ جو شوق رهيو. وڏو ڀاءُ شبُو ۽ پاڻ، ٿورو وقت راند سان سلھاڙيل رهيا ۽ حيرت انگيز ساٿ وري سندن والدِ محترم چاچا قريشيءَ جو هوندو هو، پنھنجي پُٽن کي ساھہ جي اوڏو رکندو هو. پُٽ نہ هُئس دوست هُئس. وڏو ڀاءُ شبُو پنھنجي جاءِ تي، ننڍو ڀاءُ مُجو سدائين ماڻھن لاءِ فڪرمند هوندو هو. ”ادا محمود، هنئين ڪجي، ڪو ويٽنگ روم ٺھرائجي...بس اسٽاپ تي ڪا سبيل....ڪو اسڪول کولجي.“ سدائين عام جي فڪر ۾ ورتل هوندو هو.
ادا بشير ڇڄڙو وري، سائين امير احمد ڇڄڙي جو ننڍو ڀاءُ هو. ادا امير احمد سينٽرل لائبريريءَ ۾ لائبريرين هو ۽ اتان رٽائر ڪيائين. فنِ موسيقيءَ جو حسين ڄاڻو ۽ جنوني سھيڙيندڙ. جيڪي آئٽمز، ادا امير وٽ هوندا هُئا، اهي ورلي لڀندا هُئا. کيس ساز ۽ راڳ سان عشق آهي. هُنن ٻنھين خاندانن ۾ شرافت غضب جي هُئي. سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي اوائلي دؤر ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن جي، ڪنھن بہ ٻڙڪ ٻولڻ جي خبر نہ اٿي، پر ان ماحول ۾ بہ، هنن جي سلوڪ، ميٺ محبت ۽ اٿڻي ويھڻيءَ کي مثالي سمجهيو ويندو هو. بشير احمد، قد جو جسماني لحاظ کان ننڍو هو، سندس ڪردار جو قد بُلند هو. مٽياريءَ جي ڌيءَ مھر النساءِ، سدائين هن فقير تي بگڙيل هوندي آهي. ”اوهان رڳو وڏن ماڻھن جي ڳالھين کي اڳتي ڪندا آهيو، ڪنھن عام ماڻھوءَ، غريب غربي جي ڳالھہ ڇو ڪونہ ڪندا آهيو اوهين؟...جڏهن بہ ڪالمن ۾ ذڪر ڪندا آهيو تہ بس وڏن ماڻھن جو....انھن کي تہ هر ڪو سڃاڻي ٿو....ڪڏهن ڪڏهن انھن جي بہ تہ ڳالھہ ڪيو نہ، جن کي ڪوبہ نہ سڃاڻندو آهي...“
نياڻيءَ جي محبت کي مان کلي ٽاريندو آهيان....سندس والدَ جھان ڇڏيو، تازو، سندس ڀيڻيويي رحلت ڪئي. الاءِ ڪيترا آواز ايندا رهيا....فقير، ڇا ڪري!...هتي ذاتي نسبتن جو ڪو جھان تہ آباد ناهي...ريڊيو تي بہ سڀ ٻُڌندڙ ان حوالي سان ناراض ٿيندا آهن تہ موبائيل تي ڪال ۽ مئسيج ڪن ٿا تہ اهي نالا شامل ڇو نہ ٿو ڪيان....۽ مان سدائين عرض ڪندو آهيان. ”اوهان وٽ جي ذاتي نمبر آهي تہ انھن جو ڇا ڪيان، جن وٽ نمبر ناهي ۽ جيڪي مون کي سنئين سڌي ڪال نہ ٿا ڪري سگهن...! اها ويساھہ گهاتي آ....سھوليت سڀني کي برابر هُئڻ گهرجي....“ اها ڳالھہ گهڻن کي سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي...هتي بہ ڪو اهڙو مامرو آهي خواب نگر، حڪايتِ دل گهٽ آهي. حڪايتِ فڪر وڌيڪ....اتي دوستيون، ياريون ملھائڻ ويٺاسين تہ سڄو چَسُ نڪري ويندو. هي سٽون امانت آهن، انھن ۾ خيانت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي.
اڱاري جي ڪاوش جي مختصر خبرن ۾ سٽ پڙهي هُئم، ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رات دير سان، بشير احمد ڇڄڙو وفات ڪري ويو، سندس جنازي نماز اڄ صبح جو ٿيندي...“ ۽ ڪنن ۾ مھرالنساءِ جا لفظَ تري آيا هُئا...اڙي!....هي بشير آهي...ادا بشير....اسانجو پنھنجو....ائين مختصر خبرن ۾....! ضروري تہ ناهي تہ ڪو چار ڪالمي خبر هُجي...پر ائين....اهو سڀ...۽ اتي بار بار....اهي سٽون گونجنديون رهيون...”ڪڏهن عام ماڻھن تي بہ لکو....“ هي جيڪي ”عام ماڻھو“ هوندا آهن نہ عزيزانِ من....اهي ئي دراصل خاص هوندا آهن. انھن وٽ ئي دردَ جي دري کُلندي آهي، انھن کي ئي قرب جي شدت جي خبر هوندي آهي. ٺيڪ آهي، اهي نامہ چاريءَ جي جھان ۾ ڪي گهڻا اڳ اڳرا نہ هوندا آهن، پر بھرحال هوندا تہ آهن نہ...انھن کان انڪار ڪير ٿو ڪري سگهي. هلڻو سڀ ڪنھن کي آهي. هن هفتي ڪجهہ خاص ماڻھو، ڪو وڏو ليکڪ رخصت ٿيو آهي، تہ ڪيترا عام ماڻھو بہ روانا ٿيا آهن، انھن لاءِ هٿَ کڻڻ جو عرض ڪجي ٿو، جي عنايت ڪندؤ تہ فقير ازحد شاڪر رهندو. ندا فاضلي صاحب لکيو ”هر قبر ۾ ڪنھن جو نہ ڪنھن جو محبوب آرامي آهي، اوهان ڪنھن بہ قبر تي دُعا گهري سگهو ٿا...“ هنن سڀني لاءِ مغفرت جي دُعا گهرجو...رب سائين انھن جا ۽ اوهانجا درجات بُلند ڪري. آمين. ياد جي تار تي، مرحوم مجيب قريشيءَ ۽ بشير ڇڄڙي جي جُدائيءَ جو آلو ڪپڙو ٽنگجي ويو آهي. محبتن جي سمنڊ ڪناري جي نمي، انھيءَ کي ڪڏهن بہ سُڪڻ ڪونہ ڏيندي.
ڇپيل: آچر 17 اپريل 2016ع