هِن سومر تي هُوءَ آفيس ڪونہ ايندي (تعليمدان: ڊاڪٽر عابدہ طاهراڻي)
هُوءَ اسان ساڻ روح سان هوندي هُئي. رڳو جسم سان نہ هوندي هُئي، هن واري الاءِ ڇو هن ائين ڪيو آهي. شايد ناراض ٿي وئي آهي. ناراض ٿيڻ جھڙي اسان جي آپا هُئي تہ ڪانہ...پندرنھن کن سالن کان مٿي تہ مان بہ سندس ويجهو رهيس...هُوءَ کن پل لاءِ ناراضگيءَ جو دٻڪو ڏيندي هُئي ۽ وري کلي پوندي هُئي. سندس وقار، ڏيل، ڏيک، کيس سامھون واري جي ڊپ کان آگاهي ڏيندو هو ۽ شايد تنھن ڪري هُوءَ پنھنجو موڊ هڪدم ٺيڪ ڪري وٺندي هُئي. آپا عابدہ طاهراڻي رڳو اسان جي وائيس چانسلر نہ هُئي. هُوءَ اسان مان هُئي. استاد، پوءِ ڊائريڪٽر، پوءِ ڊين...پوءِ وائيس چانسلر، کائنس اڳ جيڪي بہ آيا اهي ٻاهران آيل هُئا. جيڪو وائيس چانسلر کائنس اڳ ۾ هو سو بہ فئڪلٽيءَ مان تہ هو پر رهيو هتي ڪي ٻہ سال بہ ڪونہ هو. عابدہ آپا پنھنجي سڄي ڄمار هن اداري کي ڏني، هُوءَ هر ڪنھن کي سڃاڻندي هُئي ۽ هر ڪنھن کي سندس سڃاڻ هُئي.
حسين ناتو رهيو اسانجو...ڪو زمانو هو، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استادن جا نالا، شھرتن جا حسين اسلوَب سانڍيندا هُئا. سائين آصف قاضي، سائين اسد لاڙڪ، سائين راجا الياس، سائين عبدالحسين شاھہ، آپا مسرت مرزا، آپا مرحب قاسمي، سائين سعيد سومرو، آپا پروين شاھہ، آپا خالده جمالي، آپا مراد خاتون پنھور، آپا پروين عثماني، سڄي ڪئمپس، پنھنجو مَٽ پاڻ هوندي هُئي ۽ اتي ئي آپا عابدہ جو وري هڪ الڳ انداز هوندو هو. کلڻو ملڻو، رلڻو ملڻو...شڌ انگريزي سندس زبان تي بيحد ٺھندي هُئي...هُوءَ باقاعدي ڳالھائيندي هُئي ۽ ماڻھو باقائدہ ٻڌندا هُئا ۽ تنھن ڪري ئي سندس باوقار هجڻ جو اهڃاڻ رڳو سندس وائيس چانسلرشپ نہ هو، هوُءَ شروع کان ئي اهڙي هُئي، تڏهن تہ بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ کيس مليو هو ۽ تازو ئي 23 مارچ تي هن صدرِ پاڪستان جي هٿان، وڏي ۾ وڏو اعزاز ماڻيو هو.
هاڻي، هنن جي عروج جي ان دؤر ۾، ڪنھن کي ڳالھائڻ جي تہ ڇا، ويجهو وڃڻ جي همٿ نہ ٿيندي هُئي. سندن ٽولو نڪرندو هو تہ وڏي تزڪ و احتشام سان...اسين جونيئرز پريان ڏسي، کسڪڻ ۾ ئي عافيت محسوس ڪندا هُئاسين. عجيب حياءَ جو ماحول هو...اهي ڏينھن يونيورسٽيءَ ۾ وري نہ موٽيا. کيس وڻن، ٻوٽن، جانورن، مطلب ساهوارن سان ڏاڍو پيار هو. سندس پالتو ٻليءَ سان تہ سندس جيءَ جڙي هُئي. خدا، آپا کي مالي حوالي سان بيحد نوازيو هو ۽ سندس محلات جھڙو گهر ۽ سندس لائف اسٽائل سدائين يگانا رهيا. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اهو سندس دماغ تي ڪڏهن نہ چڙهيو. هُوءَ سدائين هڪ ڪَرِي رهي، زندگيءَ کيس شايد اهو ئي سيکاريو هو.
سندس اڪيلي ڀاءُ جي وفات کان پوءِ، اسين ڪجهہ وڌيڪ ويجهو اچي ويا هُئاسين، ڏک جي گهڙين ۾ شايد مُنھنجي آٿت، سندس اندر ۾ مون لاءِ ڪا دري کولي هُئي. هُوءَ مون کي ويجهو رکڻ لڳي هُئي. ڪڏهن ڪا دعا، ڪا ڳالھہ. ڪجهہ پڇڻ، هن ڄڻ ڀروسو ڪرڻ شروع ڪيو هو. تنھن زماني ۾ هُوءَ سينٽر جي ڊائريڪٽر هُئي. عھدن جا فاصلہ وڌيا ڪونہ هُئا...پر مان غلط ڇو چوان...هن عھدي جو فاصلو ڪڏهن وچ ۾ آندو ئي ڪونہ هو. آپا اصولن جي ڏاڍي سخت هُئي، ڪنھن بہ ائپرُووَل لاءِ وڃبو هو تہ هُوءَ سولائي سان صحيح نہ ڪندي هُئي. مان پنھنجي مالڪ جو بيحد شڪر گُذار آهيان، جو هن عزت عنايت ڪئي آهي...سڀ چوندا هُئا تہ هُوءَ مون کي هڪدم ڪاغذ صحيح ڪري ٿي ڏئي، پر سندس جيڪي سوالَ هوندا هُئا ۽ وضاحتن جي طلبَ هوندي هُئي، اهو تہ مان ئي ڄاڻان ٿو. خاص طور تي مالي معاملات تي، سندس نظرَ بيحد گھري هوندي هُئي.
هُوءَ بلڪل ٻارڙن جيان خوش ٿيندي هُئي. ننڍيون ننڍيون خوشيون، هن وڏي خاتون کي بيحد عزيز هيون، سنڌالاجيءَ ۾ فلمي ميلي جي اختتامي تقريب ۾ اسٽيج تي چڙهڻو آهي تہ سعيد منگيءَ جي پُٽ جو هٿ جهلي وٺي وڃڻو آهي...جي ماڊل اسڪول ۾ سرٽيفڪيٽ تقريب آهي تہ ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ ننڍڙيءَ سان زوريءَ ڳالھہ ٻولھہ ڪري، ساڻ هلائڻو آهي، مطلب، کيس ڪُنڊائتا ماڻھو گهڻا وڻندا هُئا، شايد هن هجوم ۾ ڪُنڊائتو رهڻ سکيو هو. اسين، الاءِ ڪيترن موقعن تي گڏ رهياسين...سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽري ٽيسٽ جي ڪَنڊڪٽ ڪرڻ لاءِ، پھرين، سنڌي ۽ انگريزي اعلان مان ڪندو هُئس ۽ هدايتون بہ مان پڙهندو هُئس، اردو حصو مرحب آپا جي حوالي هو. ڪجهہ سال پھرين عابدہ آپا، اسان جي ساٿي ٿي، انگريزي هدايتون پڙهڻ لاءِ، ٽيم ۾ شامل ٿي. سندس ڪمپني ڪمال هوندي هُئي. انگريزي لطيفا کيس ازبر هُئا. هُوءَ سنڌي پڙهي نہ سگهندي هُئي، جنھن جو کيس بيحد ارمان هو. پر ذهانتن جي هن ڪالَ ۾ سندس انگريزي ۽ لب و لھجو، سندس سرڪاري حيثيت جي حوالي سان ازحد ضروري هو.
آگسٽ 2014ع ۾ وائيس چانسلرشپ سنڀالڻ جي ڪجهہ مھينن کان پوءِ کيس ڪينسر ڊائگناسس ٿيو هو. هن ٻاهران علاج ڪرايو هو، واٽس ائپ تي، جواب جي عنايت ڪندي هُئي ۽ جنھن ڳالھہ سڀني کي حيران ڪيو اهو سندس صبر هو. هُوءَ بي انتھا بھادر ۽ صابرين هُئي. بيماريءَ جا مرحلا ۽ انھن جو علاج، جيڏي همٿ سان هن برداشت ڪيو هو، سو يقينن عابدہ آپا جي ذاتي ڪردار جو ڪمال هو. هي فقير ڪئنسر جي مريضن ساڻ هوندو آهي...ٿوري گهڻي خبر مڙئي پويس ٿي. ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي لکبو تہ کيس وڏو حوصلو هو، جيڪو عام طور تي، هن مرض ۾ مبتلا ماڻھن کي نہ هوندو آهي. هن تہ پنھنجي مؤت بابت هلايل ايس ايم ايس تي بہ مون سان لطيفو شيئر ڪيو هو.
سنڌ يونيورسٽي، هڪ عجيب جھان آهي...مرڪندڙ مُک، ڪنھن مھل خنجر هڻي ڪڍي، چئي نہ ٿو سگهجي. اسين علم و ادب جون ڳالھيون ڪندا آهيون، رَوئين ۽ سلوڪَ جو درس ڏيندا آهيون ۽ الاءِ ڇو ڪا علمي، ادبي، سياسي سوچ جي مخالفت برداشت ڪري نہ سگهندا آهيون. ذهني سطح کي مٿي ٿيڻ ۾ الاءِ تہ ڪيترو وقت لڳندو!...علامہ قاضيءَ جي مزار جي پاسي ۾ دفن ٿجي نہ ٿجي تي بحث هلي ٿو. عالم، اديب فتوائون جاري ڪن ٿا، اظھارِ راءِ جو موقعو هٿان نہ ٿا وڃائڻ ڏيَن....صاحبانِ علم و فضل کي ڇا ان ڳالھہ جي خبر ناهي تہ پِنَوڙو جتان جو کنيل آهي، اتي ئي رسندو... ڪنھن جي مرضي ۽ ڪنھن جو حڪم هلڻ جو ناهي...اهو فيصلو تہ مٿان جو آهي. بيماريءَ جي باوجود بہ هُن يونيورسٽيءَ جا معاملات هلائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. سندس تڏي تي ويٺلن مان هڪڙي سرٻاٽ ڪيو، ”جي وقت مليس ها تہ اڃان بہ الاءِ ڇا ڪري ها.“ ۽ ٻيو آوازآيو،”وائيس چانسلرشپ کيس کائي وئي...نظرکائي ويس.“
سومر جو ڏينھن هو...ڪئمپ آفيس ۾ بيٺل هُئس. سندس گاڏي گهران نڪتي، چڪر ڪاٽي اتي اچي بيٺي. هوءَ لٿي ۽ سلام جي جواب ۾ مون سان هٿ ملائي اندر اچڻ لاءِ چيائين، سيڪريٽيريئيٽ جو عملو ۽ مان اندر داخل ٿياسين تہ ٽيبل تي پھچندي هن مون ڏانھن ڏسندي انگريزيءَ ۾ چيو، ”وري سومر اچي ويو آهي...مون کي سومرن کان هاڻي الاءِ ڇو چڙ ٿي اچي...“ مون عرض ڪيو... ”آپا...وري بہ سومر تي توهان آيا تہ آهيو..“ نانڪ، حفيظ، مرتضيٰ سڀ بيٺل هُئا. هن چيو، ”خبر ٿوَ....اڄ صبح جو سويل کان الاءِ ڇو جاڳيس پئي....۽ خبر ٿوَ ڇا پئي ڪيم... ڊگريون پئي سائِينِ ڪيم...جام...هاڻي ٿڪي پيس.“ سڀ مرڪياسين پئي...پلَ پوپٽَ ۽ پلَ جگنو هُئا. سندس وجود جو پوپٽ بہ ڪو شايد جلدي اڏرڻو هو. انسان جڏهن وڏي عھدي تي اچي ٿو تہ پڪَ سان ڏھہ دوست آهن تہ ڏھہ ناراض بہ آهن...آپا جي وئي تي ۽ اڃان سندس خاڪِي جسم اچڻ تائين انتظار ۾ وائيس چانسلر هائوس جي لان تي، ائڊمنسٽريشن ۽ ٽيچنگ کان وٺي، عام عملي تائين الاءِ ڪيترا ماڻھو ويٺل آهن. جي هن ڪجهہ پوکيو نہ هو تہ هي سڀ ڇو ويٺل آهن؟ هاڻي تہ هُوءَ وي سي ناهي...وڃي چُڪي آهي...انتظار ڪنھن جو آهي!...هاڻي ان صورتحال ۾ بہ، ڪي مھربان جي سندس وڃڻ تي خوش آهن تہ اتي پنجابي زبان جي هڪ سٽ ياد اچي ٿي...”دشمن مرَي تي خوشي نان ڪرئي...ڪه سڄڻان وي مرجاڻان...“ ڪالھہ سندس ڏينھن هو...اڳيان ڪنھن ٻئي جو بہ ٿي سگهي ٿو.
سجاول جي مٽي لنڊن مان ڄامشوري اچي رهي آهي. پروردگار کيس بھتر کان بھتر جاءِ عنايت فرمائي. (آمين)
هن پنھنجي حصي جون سڀ ڊگريون صحيح ڪري ڇڏيون آهن ۽ جام ٿڪجي پئي آهي...کيس هاڻي آرام ئي ڪرڻو آهي...هن واري هُوءَ سومر تي آفيس نہ ايندي...اهو ڪيترن جي اطمينان لاءِ ڪافي آهي.
ڇپيل: آچر 05 جون 2016ع