ايڪتا جو پروانو (صحافي ۽ براڊڪاسٽر: سائين ميوو خان ’پروانو ڀٽي‘)
قبلہ سائين وقار حسين شاھہ جن کي سجادہ نشين جي پڳ ٻڌائي وئي هُئي تہ تقريب مان موٽندي مان، تاج جويو ۽ سائين پروانو ڀٽي گڏجي واپس ٿيا هُئاسين. گاڏي تاج ڀاءُ جي هُئي ۽ هن پھرين مون کي ڊراپ ڏيڻ پئي گهريو، سو ڪچھريءَ جي بھاني، سائين پروانو ڀٽي صاحب کي بہ ساڻ وٺيو آيو تہ محمود کي گهر ڇڏي وري واپس حيدرآباد موٽون ٿا. گهر ڇڏڻ آيا تہ غنيمت ڀانيم. اندر وٺي ويومانِ، جيڪا تڪڙي خدمت ٿي سگهي سا ڪيم، ۽ کين وڃڻ کان پھرين روايتي انداز ۾ اجرڪن جو تحفو پيش ڪيم. اڱڻ تي آيل هُئا. اسان جي عزت وڌي هُئي. اجرڪ پائڻ سان ئي پاڻ آبديدہ ٿي ويو هو. روايتي، قدردان مُڙس هو. ڀاڪر پائي رخصت ٿيو پر ٻئي ڏينھن فون تي چيائين، ”ابا محمودَ، جيڪا تو ڪالھہ روايت وڌائي، ان کي هاڻي گهٽ ماڻھو سلامت پيا رکن. شابس هُجئي، جس هُجئي، پنھنجو تڏو ملھايئي. پنھنجي راڄ رسم کي کڻي هلئين، ٻيلي اهو ڪندو رهج ۽ ڪڏهن نہ وسارج.“ سندس آواز ۾ نمي هُئي ۽ ڳالھہ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تہ ڄڻ ڇڄي پيو هو. اڳيان جيڪو بہ ڳالھايو هُئائين، اهي صرف ڳوڙها هُئا. ڄڻ سيني تي ڪري رهيا هُئا، هن روايتي رسمن ۽ خاص طور تي سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جو ذڪر ڪيو پئي. جيڪي ٻُڌايائين، سو ڪمال هو، ”پروانو“ سڏائڻ هر ڪنھن جو وس ٿورئي هو. 16 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ پيارو آرائين ۾ گل محمد ڀٽيءَ جي گهر پيدا ٿيل ميوو خانَ، 1957ع ۾ تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيو، تپيدار ٿيو پر کيس ڄڻ ان ڪم جي سمجهہ نہ آئي. 1958ع ۾ هن نوڪري ڇڏي ۽ صحافت جي جھان سان سلھاڙجي ويو. لطيف سرڪار تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ساڻ، ادبي قافلي جي سٿ ۾ شامل ٿيندي، پڙ ۾ پير ڌريائين. اخبار، اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم سندس حياتيءَ جو خاص محور رهيا. فلم ”محبوب مٺا“ ۾ تہ ڪردار بہ ادا ڪيائين. ڪيترين ئي ادبي تنظيمن ۽ ادارن جو ميمبر رهيو ۽ اٺونجاھہ سال، لکڻ پڙهڻ ساڻ سندس ساٿ رهيو، ايڪتا رهي.
هي جيڪا ايڪتا هوندي آهي نہ خواتين و حضرات، ان جي خوشبو ڪمال هوندي آهي. اها تہ اندر جو آواز هوندي آهي، سرمستي هوندي آهي، ڪيف هوندي آهي. ماڻھو ڪنھن موضوع، ڪنھن سبب ڪنھن چاھہ، ڪنھن محور سان سلھاڙجَي تہ اڻ پيتيءَ جا نشا چڙهي ويندا آهن. اسان ڏٺو آهي نہ....رڳو سڏ ٿيو علي قاضي صاحب جو...جنھن پنھنجي روح جي گھرائيءَ سان رڳو پنھنجي نيتَ ۽ ايمانَ کي سڏ ڏنو، ان سان ايڪتا ۾ ٿِي بيٺو ۽ ڪروڙين عوام، سندس آواز سان آواز ملايو آهي...پنھنجي جُوءِ سان جِندُ جي جوڙَ جي ”تجنيس“ ڇا تہ رنگ ڏيکاري رهي آهي. هزارين سالن جي روايتن کي سيني ۾ سانڍي، سنڌ جدت جو سفر طئي ڪري رهي آهي. جتي نوجوان نسل، پنھنجي روايتن کي ڄاڻي رهيو آهي، اتي اسان جا وڏڙا، انھن سبقن کي اسان وٽ امانت طور رکندا وڃن ٿا. مسافر کي اڳيان وڌڻو ئي آهي. پويِن کي سواريون ڪتب آڻڻيون ئي آهن. خوشيءَ ساڻ ڳوڙهن جو ميلاپ تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن ٿئي ئي ٿو. اڄ هن خوشيءَ ۾ اهڙو ئي هڪڙو ڳوڙهو اَٽڪي پيو آهي. وقت جي ڪاغذ تي ڪِرڻ کان پھرين، اک جو وزني ٿيڻ ضروري آهي.
پروانو صاحب، هر نسل سان سندس سوچ مطابق هليو. هن تقريبن ٽن نسلن جي ذهني آبياريءَ ۾ ساٿ ڏنو. ريڊيو تي پروگرام ڪندي ڪا بہ چڱائي ٿيندي هُئي تہ هڪدم سندس فون اچي ويندو هو. هُو ايڏي پاٻوھہ مان تعريف ڪندو هو، جو سينو ويڪرو ٿي ويندو هو...قدرت کيس بي انتھا حسين حافظو عنايت ڪيو هو. هُو يادگيرين جا واهڙ وهائيندو هو تہ ٻُڌندڙ دنگ رهجي ويندا هُئا.
کيس پنھنجي دؤر بلڪہ دؤرن جو هڪ هڪ واقعو ياد هو. تقريبن هر اهم شخصيت سان سندس نجي سلام دُعا هوندي هُئي ۽ اها هُو پاڻ تائين رکندو هو. پروانو صاحب، مُنھنجي خيال ۾ تہ ڪڏهن بہ ڪنھن جي درَ تي ڪنھن ڪم سان نہ ويو هوندو. هُو بيحد خوددار انسان هو. ڪنھن کان ڪجهہ گهرڻ سندس سرشت ۾ نہ هو ۽ تنھن ڪري ئي هُو سدائين سفيد پوش رهيو. وٽس ذاتي گهر نہ هو، جنھن جو ڏک کيس سدائين رهيو. هاڻي جڏهن هن پنھنجو پلاٽ وسايو آهي تہ اميد آهي تہ سندس اهو ڏک ڏور ٿي ويو هوندو.
”ٽڙندڙ مُکڙيون“ ۽ ”سرهاڻ“ نالي ڪتابن جو ليکڪ، هڪ شاعر، هڪ پيشڪار، هڪ اداڪار، هڪ نثر نويس، پنھنجي ذات ۾ بي انتھا گُڻ رکندڙ ۽ اُنھن سڀني گُڻن کي ايڪتا سان سلھاڙيندڙ پروانو ڀٽي صاحب، روايتن ۽ وضعداريءَ سان ايڪتا جو هڪ خوبصورت استعارو هو. اڄ هن ساٿَ، هن رنگَ، هن هجومِ ۾ اسين کيس ساريون ٿا. سرڪار لطيف جي هن فقير، آخر تائين ڀيرو نہ ڀڳو. هن سال هُو نہ وڃي سگهيو تہ سائين وقار شاھہ پاڻ کيس ملڻ آيا. معنيٰ سرڪار بہ هن سان تعلق کي برقرار رکيو. رمتو روانو ٿي ويو آهي ۽ پويان، ڄڻ اسان لاءِ ايڪتا جي ڏينھن تي هڪ مثال ڇڏي ويو آهي تہ ”حُبَ ۽ سِڪَ جي ايڪتا هُجي تہ محبوبَ بہ خيال رکڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن.“ پروردگار سندس پورهيو قبول ڪري ۽ کيس بھتر کان بھتر جاءِ سان نوازي- آمين
ڇپيل: آچر، 04 ڊسمبر، 2016ع