هاءِ دل ناشاد آ... (راڳي: دين محمد شيخ)
اُن کان اڳ 27 مارچ تي عجيب قصو ٿيو هو. ٽيليوزن تي سنڌي فلم سنسار جي قسط رڪارڊ ڪرڻ جي سوچ هُئي. فلم هُئي ”رنگ محل“ جنھن لاءِ دين محمد شيخ صاحب جي شموليت لازم و ملزوم هُئي. هتان هُتان پُڇا ڪرائيسين تہ خبر پئي تہ دين محمد شيخ تہ گُذاري ويو آهي...اري...اهو ڪيئن ٿيو...ڏُک جي حالت ۾ هٿ پير هنياسين. جنھن اها خبر ٻُڌائي سو بہ پنھنجي جاءِ تي بايقين هو...اُتي نواب مھدي صاحب جن چيو تہ ترسو، پُڇا ٿا ڪري وٺون. هُنن حيلا وسيلا هلايا ۽ تقريبن ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ نيٺ نمبر مليو ۽ رابطو ٿي ويو. شيخ صاحب پاڻ ڳالھايو، سڀني کي ساھہ ۾ ساھہ پيو. رات جو دير سان مون کي ڪال ڪيائون ۽ نمبر ڪنفرم ڪري چيائون تہ هاڻي ئي سيوَ ٿو ڪيان ۽ پوءِ تفصيلي ڪچھري ضرور ڪنداسين. پنھنجو نمبر مَٽايو هُئائون، اُن تي بہ معذرت ڪيائون تہ ڇو نہ مون کي اُهو نمبر ٻُڌايو هئائون. اندر کي اطمينان ٿيو هو، پر اُن اطمينان کي اُها خبر نہ هُئي تہ اهو بالحاظ، بامروت، سداملوڪ آواز ڪو آخري ڀيرو ڪَنائجي پيو. عجيب مھربان شخصيت هُئي دين محمد شيخ صاحب جي. قدرت جھڙو لھجو ۽ آواز عنايت ڪيو هُئن، اهڙي ئي مٺڙي سلوڪ جا مالڪ بہ هُئا. جڏهن بہ ملبو هو تہ ڄڻ روح ۾ تراوٽ اچي ويندي هُئي. هڪ سنڌي نجي چئنل تي ’ جھڙا گُل گلاب جا ود محمود مغل‘ رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ مون کين ذاتي طور زحمت ڏني هُئي. ڪنھن حيلي وسيلي سان سندن نمبر هٿ ڪيو هُئم. پھرين تہ هُنن لنوايو پئي پر پوءِ عرض گُذاشت تي حيدرآباد تائين هليا آيا ۽ پنجاھہ منٽن جو خوبصورت انٽرويو رڪارڊ ڪرايائون.
اُن ڏينھن قدرت پاران ڪا عجيب حُسناڪي عنايت ٿيل هُئي. سندن حياتيءَ جي ابتدا کان وٺي پرورش، وري نوڪرين، موسيقيءَ جي جھان ۽ آخر ۾ نجي حياتيءَ جي حوالي سان، جيڪو احوال هُنن کولي ڪيو، اهڙو شايد اڳ ۾ ڪٿي ڪونہ ڪيو هُئائون. ٽيپ تي پنجاھہ منٽ ڇا رڪارڊ ڪياسين، ڄڻ حياتيءَ جي بقايا منٽن لاءِ گڏجي وياسين.
هُو ڏاڍي سادي طبيعت جو انسان هو. رک رکاءُ، ملڻ ملائڻ ۾ احتياط، وضعداري ڄڻ سندس عادتن ۾ شامل هُئا. هر ڪنھن کان ويجهو هوندي بہ الاءِ ڇو پري هوندو هو ۽ هر ڪنھن سان پري هوندي بہ سندس آواز هر ڪنھن جي ويجهو هوندو هو. سندس گيتن جا ٻول مون کي برزبان ياد هُئا، جيڪا ڳالھہ هُن لاءِ ڇِرڪائيندڙ هُئي. وچ وچ ۾ لُقمو ڏيندي الاءِ ڇو مون بہ جهونگاريو پئي ۽ اُهي لمحا، بس ڇا تہ لمحا ٿيندا ويا. ڳالھہ ٻولھہ ۾ سڀ کان نازڪ پَل اُهو آيو هو جڏهن هُن ”رنگ محل“ جي گيت ”زندگي ويران ٿي، هاءِ دل ناشاد آ“ کي جهونگاريو هو...گيت جيئن جيئن بُلند ڪندو ويو، سندس اکين ۾ پاڻي ائين ئي ڀرجندو ويو هو. هُن ڪمال خوبيءَ سان ڳوڙهن تي ضبط ڪندي، گيت مُڪمل ڪيو هو ڪئميرا ڏاڍي ظالم شئي آ، عڪسَ تہ بھرحال جهٽجي ويا هُئا. سائين دين محمد شيخ جو آواز، شگفتگيءَ جو عجيب تاثر ڏيندو هو. جنھن زماني ۾ اُستاد محمد يوسف ”يوسف فقير“ جي نالي سان پلي بئڪ ڏيندو هو تہ اُن ئي دؤر جي شروعاتي لمحن ۾، دين محمد شيخ ”رنگ محل“ لاءِ رڪارڊنگ ڪرائي، پنھنجي آواز جي اثر کي وائکو ڪيو هو. اُن کان پوءِ بہ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳايل سندس گيتَ ڄڻ تہ سماعتن کي سدابھار ڪري ڇڏيندا هُئا. گيت تہ ڏسو نہ...
. ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏي لنگهي ويون ڪالھہ قطارون
(سچل سرمست)
. چئج صبا سڄڻن کي، ڪا مُنھنجي تہ لھجو سار.
(مخدوم امين محمد امين)
. تو سان سدائين سانول هُجان مان، جا دل وسائين سا دل هُجان مان.
(ثُريا حيدرآباديءَ ساڻ)
. گيت گُلن جا هار ڪٿي، اهڙا لال ليار ڪٿي.
(لڪي ناز ساڻ)
. تُنھنجا مُنھنجا سپنا ٿي ويا پورا
(عابدہ پروين ساڻ)
. ڇا لاءِ بھارن ۾ اڄ ڀُونءِ ڀنل ناهي
(قمر شھباز)
. زماني ۾ ناهي نشان ڪو وفا جو.
1960ع جي ڏهاڪي کان وٺي هُن شھرتن جو سفر طئہ ڪيو هو پر هئو پنھنجي حساب جو گُڻي وجود... پبلڪ رليشننگ جي جھان ۾ شايد سندس گهڻي هلت چلت ڪانہ هُئي، مٿان وري نوڪريءَ جي حوالي جي الڳ ڪھاڻي هُئي. کيس جيڪا مڃتا ملڻ گهرجي ها، سا يقينن سندس پلئہ نہ پئي. کيس اُن ڳالھہ جو ڪو ڏُک ڪونہ هو. هُو پنھنجي حال تي راضي رهڻ وارو وجود هو. سندس سانوري مُک تي، سانوري مُرڪ، گهڻو ڪجهہ ڏَسي ويندي هُئي، هُن دنيا ڏٺي هُئي ۽ دنيا جي حرفتن کان بہ چڱي طرح آگاھہ هو، تنھنڪري تہ هُن ڪُنڊ پاسو اختيار ڪيو.
وڌندڙ عُمر، سائين دين محمد شيخ جي جسم تي تہ اثر وجهندي رهي پر سندس آواز سدائين هشاش بشاش هوندو هو. سال 2015ع ۾ هُن تازيون رڪارڊنگس ڪرايون ۽ گيت مون ڏي موڪليا خاص طور فلم ”مان عاشق تُنھنجو آهيان“ لاءِ ڳايل سندس گيت ”هي پاڳل پکيئڙو، آڪاش اُڏامي ٿو، هوائن ۾، فضائن ۾“ تہ ڄڻ سُرن جي جُڙت جو خوبصورت آهنگ آهي جيڪو هُن ڇا تہ خوبصورتيءَ سان اظھاريو آهي ۽ اُن کان سواءِ ان ئي فلم ۾ ٽي ٻيا گيت سندس آواز جو جادو هُئا. کيس الاءِ ڇو پاڻ بابت ڳالھائڻ نہ وڻندو هو. پنھنجي نجي، ذاتي حوالي کي هُو گهڻو پاسيرو رکندو هو. اُن انٽرويوءَ ۾ الاءِ ڪيئن ايترو ڪجهہ ڳالھائي ويو هو. جڏهن مون رڪارڊيڊ سي ڊي خدمت ۾ پيش ڪئي هُئيمانس تہ کِليو هو، ”هِن جي ڪاپي تہ ڪٿي ڪانھي نہ؟“ ۽ مون بہ کِلندي وراڻيو هو، ”آن ايئر ٿي چُڪو آهي...هڪڙي ڪاپي باقي مون وٽ آهي، ٻيو ادارو ڄاڻي، اداري جو ڪم ڄاڻي.“ هُنن مُرڪندي چيو هو، ”ڏسجو، رڳو توهان وٽ ئي هُجي.“
سندس وفات جي خبر ٻُڌم تہ هڪدم ميوزڪ لائبريريءَ ڏانھن ڊوڙيس تہ جيئن اُهو انٽرويو ٽرانسڪرائيب ڪيان پر حيرت جي ڳالھہ آهي...جنھن ماسٽر سي ڊيءَ ۾ ٻہ انٽرويوز محفوظ ٿيل هُئا، اُن ۾ پھريون نمبر هڪ ٻئي صاحب جو هو ۽ ٻيو نمبر رڪارڊنگ سائين دين محمد شيخ جي هُئي...هاڻي پھريون انٽرويو تہ آهي، ٻيو ناهي...شايد مون کيس ڪاپي ڪري نہ ڏنو هو...پاڻ وٽان ڪَٽ ڪري ڏنو هو. ڪمپيوٽر جي کيل ۾، سندس رازداري، رازداري ئي رهجي وئي.
سنڌي موسيقيءَ جو هڪ وڏو آواز رُخصت ٿيو آهي. 5 جنوري 1941ع ۾ شهدادپور جي ڳوٺ ’جادم جوڻيجو‘ ۾ پيدا ٿيل دين محمد شيخ، هاڻي ڪراچيءَ جي هڪ قبرستان ۾ آرامي آهي. سندس وجود جو پاڳل پکيئڙو، هوائن ۾ اُڏامي چُڪو آهي. فلم ’رنگ محل‘ ۽ ’مٺڙا شال ملن‘ ۾ سندس گائڪي اسان وٽ رهجي وئي آهي. جڏهن تہ هڪ اردو فلم ’نئين انداز‘ لاءِ ڳايل سندس گيت بہ هاڻي ”هاءِ دل ناشاد آ“ جهونگاري رهيا آهن.
پروردگار کيس بھتر جاءِ عنايت ڪري. (آمين)
اڱارو 24 مئي 2016ع