پلستر (ننڍپڻ جو دوست: محمد عيسيٰ خشڪ)
الاءِ ڇاهي سڀ!... اکيون جن لاءِ واجهائينديون آهن، انھن جي جهلڪَ بہ پسي نہ سگهبي آهي ۽ جن ڏي ديدَ محور نہ ڪرڻ گهرندي آهي، اهي هر هر سامھون اچي ويندا آهن. عجب کيل تماشو آهي. ڪٿي ڳولي ڳولي ڄمار لنگهيو وڃي ۽ جي هُجي نصيب تہ هڪ پلَ ۾ سڄو مانڊاڻ مَٽجيو وڃي.
ٽلٽي جيءَ جَڙي آهي. امڙ سانئڻ جو ڳوٺ آهي جتي اسانجو اٺن ڏهن گهرن جو ويڙهو ڪمال هُوندو هو. هڪ وڏي ڪاٺ جي درَ معرفت اندر وڃڻ ٿيندو هو ۽ پوءِ گهرن ۾ درن کي ڪُلف نہ هوندا هُئا. ڇپرن ۽ ڪچن گهرن ۾ ٻہ پڪا گهر بہ ڪنڌ کنيو بيٺا هوندا هُئا. انھن جي وچ ۾ هڪ وسيع آڳر، جنھن تي سائيڪل هلائي سگهبي هُئي، هوندو هو. جنھن جي اتر ڏکڻ ڪنارن تي پَپرَ جا وڏا وڏا وڻ هوندا هُئا، جن جا ٿُڙَ، فليٽن جي جھان ۾ آباد ڪنھن ڊرائنگ روم کان ويڪرا هوندا هُئا، ٽاڪَ منجهند جو انھن وڻن هيٺان رکيل کٽون ڄڻ تہ بهشت ۾ رکيل هونديون هيون. لائيٽ ڪانہ هوندي هُئي ۽ رات جو هٿ بتين جي روشنيءَ ۾ انھن وڻن جو پنھنجو آسمان هوندو هو. اصلي آسمان کي ڏسڻ لاءِ وڻن جي پاڇن مان نڪرڻو پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هو تہ چنڊ بہ ڄڻ انھن جي پنن ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿو، يا ڪنھن ڏارَ تي ٽپ ڏئي ويھي ٿو رهي...تنھن زماني ۾ مان سمجهندو هُئس تہ ٽپ ڏيڻ ۽ ڏارن تي چڙهڻ صرف ٻن کي ايندو آهي... هڪ چنڊ کي.... ٻيو عيسي کي.
عيسو حياتيءَ ۾ ڪيئن آيو. ان جي خبر نہ پئي.... اسان جي حياتين ۾ الاءِ ڪيترا اهڙا وجود هوندا آهن، جن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي اسان کي خبر ناهي پوندي... ها.... جن جي اچڻ جي خبر نہ پئي انھن جو وڃڻ ياد رهجي ويندو آهي... ۽ جن جي وڃڻ جي خبر پئي، تنھنجي اچڻ جي خبر رکڻ مان ڪھڙو فائدو آهي.
عيسو بہ بس ائين ئي آيو هو... ويڙهي جي ڪاٺئين در کان بلڪل سڌي هڪ گهٽي، ٽلٽيءَ جي بازار ڏانھن ويندي هُئي. سفر اولھہ کان اوڀر طرف هوندو هُئو ۽ ان ۾ عيسي جو گهر کاٻي هٿ تي پوندو هو. ڏاڍا ننڍا هُئاسين... شايد ستن اٺن سالن جا... ٻہ آنا خرچي ملندي هُئي تنھن مان آنو مان کڻندو هُئس معنيٰ ڇھہ پئسا مُنھنجا هوندا هُئا ۽ ڇھہ پئسا هن جا... تنھن زماني ۾ اهو احساس قطعي ڪونہ هوندو هو تہ ڪنھن وٽ پئسا ’نه‘ بہ ٿي سگهن ٿا. امان روز خرچي ڏيندي هُئي، نوان نوان، چِلڪندڙ سڪا... مان هُن کان عيسي لاءِ تہ ضرور وٺي ايندو هُئس.
پوءِ تُوتَ سُڪل، مٺا ڀڳڙا، بيسڻ جي ٺھيل مِٺائي، جنھن مٿان چاش ٻُرڪيل هوندي هُئي، پَن تي رکيل ڏڌڙي، مَٽَ ۾ اوٻاريل بھہ... يا وري اوٻاريل ڦوٽا، ٿورن پئسن ۾ جامَ شيون ملنديون هيون... وڻن جي ڇانوَ ۾ ويھي کائيندا هُئاسين تہ هُو وري بہ ٽپ ڏئي ڏار تي چڙهي ويندو هو. مون کي ننڍڙي هوندي کان ئي اوچائيءَ کان خوف ايندو آهي. مٿي کي ڦيري ايندي اٿم، تنھن ڪري چڙهي نہ سگهندو آهيان... کيس پيو منٿون ڪندو هُئس ۽ هُو مٿان پيو شيون اڇلائيندو هو.
ٽلٽيءَ جو ٻيو مطلب عيسو هو، سترنھينءَ جي ميلي جي ڪا ڌمال هُجي... يا وري سائين گنبل شاھہ جو ميلو..... ڊاڳ ڀريل رستن تي اسان جا پيرا ضرور ٺھندا هُئا. مون لاءِ هڪ اهم ڳالھہ اها بہ هُئي تہ امان ڪڏهن بہ مون کي هن جي ساٿ کان نہ روڪيو هو.... هُو مُنھنجو ’ائپرُوِوڊ‘ دوست هو. ٽلٽيءَ ۾ ٽانگو گهڙيو ناهي ۽ عيسو سامھون نظر نہ آيو آ... ۽ اتان نڪتو ناهي جو سندس سُڏڪو، مون کي بہ روئاري ٿو ڇڏي. اسانجو ساٿ بہ جھڙوڪر فلمي هوندو هو... مان شھري بابُو سُوٽيڊ بوٽيڊ ۽ هُو رَڄُ ڳوٺاڻو. ڪڏهن ڪڏهن فلمي انداز ۾ اُن جو احساس بہ ٿيندو هو ۽ عجيب ڦڪت محسوس ٿيندي هُئي.... کيس لڳندو هو تہ شايد مان کيس شھر ۾ سڃاڻان ئي نہ.... ۽ مان کيس ان پڪَ ڏيارڻ جي چڪر ۾ هوندو هُئس تہ هُو شھر اچي تہ ڏسي.... اها ٻي ڳالھہ هُئي جو هُو ڪڏهن شھر آيو ئي ڪونہ....
”ماڻھو وڏا پِلَستر ٿئي....“ سندس ٽيپَ جو جملو هوندو هُئس.... پَلَستر کي ”پِلَستر“ وڏي لئي سان چوندو هو. مزي وٺڻ لاءِ مان هر هر پيو چورائيندو هوسانس.... هُو چوندو هو ۽ پوءِ ٻئي کِلي پوندا هُئاسين.
”شھر وڃي تون پِلَستر نہ ٿجانءِ....“ هُو کِلندو هو... مان وڌيڪ کِلندو هُئس. چڱي عُمر ٿيڻ لڳي هُئي، پر حال اهڙو ئي رهيو جو هڪ ڏينھن اوچتو ڪجهہ عجيب ٿي ويو.
ٻن ڏينھن جي وقفي کان پوءِ ڳوٺ ويو هُئس تہ سندس گهر بند هو. خبر پئي، رات پيٽ ۾ ڪيڏانھن هليا ويا هُئا... اندر ايوان ڀڙڀانگ هُئا. ڪچيون ڀتيون وڌيڪ ڪچيون لڳي رهيون هيون. پنھنجي وتَ آهر هر پڇا ڪيم، ڪابہ خبر نہ پئي... هُو ڪٿي هو.... ڪھڙي حال ۾ هو... ڪنھن چيو، ڪشمور ويو هليو، ڪنھن ميرپورخاص.... ڪنھن وري جهمپير ٻُڌايو... ڪنھن ٽنڊو الھيار.... حياتي تيزيءَ سان سفر طئي ڪندي رهي... 1974ع کان کيس ڳولڻ شروع ڪيم... ۽ 1988ع ۾ ان مھل، ان ۾ تيزي آئي، جڏهن مون کيس شاهي بازار ۾ ڪنھن دُڪان تي ڏٺو هو. پنھنجي هڪ دوست ساڻ، موٽر سائيڪل تي هُئس. سَٽَ ڏئي لٿس پر دير ٿي چُڪي هُئي. اهو ڏينھن ساندھہ الاءِ ڪيترا ڪلاڪ چرين جيان، مان مارڪيٽ ٽاور کان ريشم گليءَ جي موڙ تائين، هر ڪُلھي تي رومال رکيل همراھہ کي جانچيندو رهيس.... خوشي اها ٿي هُئم تہ دوست حيات آهي... پر بس، ان هڪ جهلڪ کان پوءِ ڪجهہ نصيب ئي نہ ٿيو هُئم. سوچيم، چريو آهيان ڇا... الاءِ هُو اهو ئي هُو الاءِ نہ.... چوڏنھن سالن ۾ ساروپا مَٽجي سگهن ٿا. پر دل چريءَ کي ڪير سمجهائي. ان جو ضد هو تہ نہ اهو عيسو ئي هو.
گذريل سالَ کان اڏيرو لال وڃڻ شروع ٿيس. ڀائرن جو ساٿ نصيب ٿيو تہ خبر پئي اتي ٽلٽيءَ جو بہ هڪ همراھہ آهي، مُنھنجي عادت هوندي هُئي، هر ٽلٽيءَ واري جو نالو ٻُڌي، ملي کائنس پڇندو هُئس، ”عيسي کي سڃاڻين ٿو؟“ ۽ جواب نھڪار ۾ ملندو هو. هن ڀاءُ جو نالو فقير بلاول هو ۽ اهو اڪيلو ماڻھو هو، جنھن کان مون الاءِ ڇو نہ عيسي جو پُڇيو.
پاڇا لڙندا هُئا تہ هُو مون کي ڏاڍو ياد ايندو هو. اسين ڦُلن جي مٿان ڳُڙ جي وَٽِ کائيندي بي ساختہ کلندا هُئاسين، ۽ اهو سڀ سياري ۾ الاءِ ڇو گهڻو هو. هِن واري سيارو آيو تہ الاءِ ڇو هڪ ٿڌي اُس واري صبح جو، مون بلاول کي فون ڪئي، ۽ پڇي ورتو مانس تہ جي هُو ٽلٽيءَ ۾ رهيو آهي تہ عيسي کي سڃاڻي ٿو. پريان، ماٺ کان پوءِ،. هُن ڪجهہ پار پتا پڇيا.... والد جو نالو.... ڀاءُ جو نالو... ذهن ورندو ويو، جواب ڏنم تہ چيائين، ”مُنھنجو سئوٽ هو... گُذريل سال موڪلايو اٿائين، اُتي ئي آرامي آهي جتان اوهان هاڻي لنگهندا آهيو. اها هوٽل سندس هوندي هُئي جتي اوهان ڪڏهن ڪڏهن چانھہ پيئندا آهيو.“
سڀ ڪجهہ هڪ جاءِ تي بيھجي ويو هو. معرفت ساڻ، جڏهن سندس مرقد تي پھتس تہ سڀ ڪجهہ موٽي آيو. چِلڪندڙ پئسا، وڻن جا ڏار، اُنھن منجهہ لِڪل چنڊ، ڳُڙ جي لائي... پَنَ تي رکيل ڏڌڙي... عيسيٰ... ير نيٺ ڳولي لڌو مانءِ نہ.... وڻ تي چڙهي پري نھاري نٿو سگهان تہ ڇا ٿيو... مُنھنجي دل تہ تُنھنجي ڳولا ۾ پري نھاري سگهي ٿي نہ.... تقريبن ٻائيتاليھہ سالن جي ڳولا نيٺ تہ توکي سامھون آندو.... جا ڀُونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿان سڄڻين جو حال هو. ڪٿي احمد خان مدهوش سائين فرمايو پئي، ’دوست ڪنھن کان جُدا خدا نہ ڪري، ڪنھن کي هي غم عطا خُدا نہ ڪري.‘ اٺيتاليھہ سال.... معنيٰ هڪ ڪڍجي تہ ستيتاليھہ سال نہ ملي سگهياسين، حڪم ٿيو تہ ڪلاڪ کَن ۾ اچي ٺڪاءُ ڪيم. امر بہ ڇا شئي آهي.
ڪٿي ڪا شرناءِ وڳي پئي، ميلي ۾ وڄندي هُئي تہ ٻئي ڪَن سرا هُئاسين. وڃي، مڱڻھارن جي مٿان ٽُٽندا هُئاسين. هوا جي رُخ تي سُر جو لھرو واھہ جو پَڪڙ ۾ ايندو هو. هِتي بہ ٻُڌم تہ پئي پر بس.... دل نہ چيو تہ سُر جي لھر کي ويجهو کان وٺجي... اڪيلو هُئس نہ.... عيسو جو ڪونہ هو.
آهستڙي چيومانس، ”عيسيٰ، پِلستر ٿي ويو آهيان.... اُها ٻي ڳالھہ آهي جو هاڻي اِن لفظ تي کِلڻ نہ ٿو اچيم.... کِل تہ ٻائيتاليھہ سال اڳ، پاڻ ٽلٽيءَ ۾ ڇڏي آيا آهيون نہ ادا...“
ڇپيل: آچر پھرين مئي 2016ع