سائينءَ جي هُٻڪارَ (اُستادِ محترم: سَر عبدالفتاح مغل صاحب)
ڇا تہ نظم و ضبط هوندو هو! اسيمبلي ۾ سڀ حاضر، تہ وري هر خميس تي ڪلاسن ۾ وڃڻ مھل، انٽري پوائنٽس تي وارن، نھن ۽ ڪپڙن، بوٽن جي چڪاس لاءِ الڳ الڳ استاد مقرر هوندا هئا. هر شاگرد تريون اونڌيون ڪري، آنڱريون سڌيون ڪري، ٽيچر وٽان لنگهندو هو، جيڪو نھن تي نظر وجهندو هو. جنھن جا نھن ميرا هوندا هئا، انھن کي هلڪي ڏنڊي لڳندي هئي، ۽ وڏن نھن وارن جا، نھن ڪٽڻ لاءِ، نيل ڪٽر جو انتظام هوندو هو. وارن جي ڪٽنگ جو بہ خاص حڪم هو. گهڻو ڪري پوليس واري ڪٽ يا ”ڪريُو ڪٽ“ وار هوندا هئا ۽ مٿان ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جو چلڪو بہ خاص اهميت رکندا هئا. عمارت ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ، ڏاڪڻ وٽ، اهو الرٽ عملو موجود هوندو هو، جنھن ۾ محترم پرنسپال جي هر هنڌ موجودگي جھڙي لازم هوندي هئي. هو ڪنھن نہ ڪنھن پوائنٽ تي بيٺل هوندو هو. جتي نہ هوندو هو، اتان لنگهندي سک سان ساھہ کڻبو هو. نھن ڏيکاري، ڪنڌ تي وارن جي ”ڪريو ڪٽ“ محسوس ڪرائيندي، مون اڃا ڏاڪي تي پير مس رکيو هو، جو لڳو هئم تہ ساڄي پير ۾ ڄڻ ڪا هلڪائي ٿي وئي هجي. ڌڪ لڳو هو پر نہ لڳڻ جهڙو، مڙي ڏٺم تہ احساس ٿيو، بوٽ جي کڙي اڏامي چڪي هئي، معنيٰ کاٻي پير جي بوٽ ۾ کڙي هئي ۽ ساڄو پير خالي هو. ڏنڊيءَ جي چوٽيءَ تي لڳل لوھہ، کڙي کي کڻي ويو هو، ٿورو مٿي لڳي ها تہ شايد پير جي کڙي بہ ضربي ها، ڏٺم...سائين عبدالفتاح صاحب، پاڻ ڏي اشاري سان سڏي رهيا آهن. اتي پھتس تہ هڪدم ڪن ۾ هٿ وڌائون، ”بوٽ ميرو ڇو آهي؟“بوٽ تہ ميرو نہ هو...چلڪيو پئي، وراڻيءَ جي همت نہ هئي. پاڻ ڪن کي مھٽو ڏيندي چيائون، ”بابا...بوٽ جي اصل چمڪ، ان جي کڙي ۾ هوندي آهي...اڳيان تہ هر ڪنھن جو بوٽ چمڪندو آهي. ٻاهر وڃ...وڃي کڙي لڳرائي اچ...۽ ها آئيندي اها بہ صاف هئڻ گهرجي.“
اهي زمانا هئا، جڏهن چھرن تي رعب لکيل هوندو هو، ڇاڪاڻ تہ اندر ۾ لالچ جي دري بند هوندي هئي. استاد، ٻارن جي کيسي تي نہ، عملن تي نگاھہ وجهندو هو ۽ سر عبدالفتاح صاحب انھيءَ لڏي ۾ هڪ اهم نالو هو. سائين جيتوڻيڪ ڪلاس گهٽ وٺندا هئا پر سندن چرپر تمام گهڻي هوندي هئي. سڀ الرٽ هوندا هئاسين، تہ پرنسيپل الائي ڪٿان اچي نڪري!...ڪڏهن ڪڏهن تہ رسيس ۾، اسان جي وچ ۾ گهمندا رهندا هئا. سر مغل کي جيڪا اون هئي، ان جو احساس، هن عمر ۾ شدت سان ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ صحت صفائيءَ جو مضمون پڙهائڻ ايندا هئا ۽ ڇا تہ پڙهائي ويندا هئا. اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ بہ، ساڻن ملاقات جو شرف ملندو رهيو هو. مختلف ادارن ۾ پڙهائيندي، ڪم واسطي، جڏهن رابطي ۾ ايندا هئا تہ سندن لھجو ڪجهہ لڄارو هوندو هو. مون محسوس ڪيو هو تہ سائين ڪنھن کي ڪو ڪم چوڻ، مناسب نہ ڀائيندا هئا، ۽ خاص طور تي، پنھنجي ڪنھن شاگرد کي چوڻ تہ ڄڻ هنن لاءِ بي حد ڏکيو هو. مان ٻہ دفعا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جو ميمبر رهيو آهيان. پنھنجي ايمان سان لکان ٿو تہ سر جڏهن بہ مون کي ڪنھن ٻئي جي ڪم لاءِ چيو هوندو تہ سندن لھجو اهو ئي کڙڪيدار هوندو هو، جنھن پرنسپل جي لھجي مان اسان جو ساھہ ويندو هو، ۽ جڏهن بہ پنھنجي لاءِ ڪو ڪم چيائون تہ مان محسوس ڪندو هئس تہ ڪجهہ بہ چوڻ مھل ڄڻ سندن اندر تي بار جا تھہ چڙهي ويندا هئا. هڪ وضعدار، وچٿري، سکيا ڏيندڙ وجود جي مھڪ، سندن وجود ۾ سدا موجود رهي.
سر، سدائين پنھنجي انداز ۾ سادا رهيا. اسان جي بئچ 1979ع ۾ نڪتل هئي. 38 سال ڀريا، سندن ڪڏهن ڪڏهن جي ديدار نصيب ٿيو تہ سائين سدائين پنڌ هلندا نظر آيا. مون کين ڪڏهن بہ ڪنھن وڏي گاڏي، ڪنھن ٺٺ ٺانگر ۾ نہ ڏٺو. سادو اٿڻ ويھڻ سندن معمول هو، جيڪو سندن عام رواجي روين ۾ بہ پيو بکندو هو. ڄامشوري ٻہ دفعا مليا، خبر پئي، بس ۾ آيا هئا ۽ بس ۾ واپسيءَ لاءِ بيٺل هئا. هن دور ۾ نگاھہ وجهبي تہ اساتذہ ڪرام جي ٽنگ گهٽ ۾ گهٽ اسڪوٽر کان تہ هٽيءَ ئي نٿي. اهي شخصيتون الائي ڪيئن وقت گذاري ويون. آخري ڀيرو مليا هئا تہ الائي ڇو ڳپل دير بيٺا هئا. هدايتون ڪندا رهيا...وڻن جي گهاٽي ڇانوَ هيٺ، هڪ ٻي ڇانوَ نصيب ٿي رهي هئي، ”غريب غربي تان هٿ نہ کڻجائين بابا...چڱن جو اولاد آهين...چڱائي ڄاڻين ٿو...هونئن بہ اسين ان پيشي سان لاڳاپيل آهيون، جنھن ۾ مال جو فڪر نہ هوندو آهي...مون گهڻو ڪجهہ حياتيءَ ۾ ناهي ڪيو...ڪري ناهيان سگهيو....هن پراڻي جاءِ ۾ رڳو ٻہ فلور وڌائي سگهيو آهيان. گهر جو در اهو ئي ننڍڙو آهي...اڃا اهو بہ وڏو ڪونہ ڪرايو اٿم...پر جي ڪجهہ ڪري سگهيو آهيان تہ مون خيال ضرور ڪيو آهي....خيال ضرور رکيو آهي تہ ڪنھن جو اهنج، ايذاءُ گهٽ ٿي سگهي...ڏنو جيڪڏهن نہ بہ هوندم تہ ڏکايو بہ نہ هوندم بابا.....“
هيرن جواهرن جو نسل تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، اهڙا استاد، جيڪي پنھنجي شاگردن لاءِ نجا پجا دعا جا در هجن، جن کي خبر هجي تہ ڪنھن جو ڪھڙو حال آهي، ڪيئن گذاري ٿو. رڳو پڙهائڻو ناهي، پالڻو تاتڻو بہ آهي، هاڻي تمام گهٽ نظر اچن ٿا. ياد اچي ٿو تہ، ڏنڊي لڳڻ جي ٻئي هفتي، واپس لنگهي رهيو هئس تہ پاڻ بيھاريو هئائون. بوٽ جي کڙيءَ تي نگاھہ وڌي هئائون. پڇيائون، ”گهڻو خرچ آئيي؟“ تڪڙو وات مان نڪري ويو هئم ”اٺ آنا سر...“ کيسي مان ٻہ پاوليون ڪڍي هٿ تي رکندي چيو هئائون ”آءِ ايم سوري، مون کي ايئن تيز ڏنڊي نہ هڻڻ کپي ها.“ پئسا وٺڻ، نہ وٺڻ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. ڪنھن زماني ۾ هڪڙو پيٽيس 20 پئسا ۽ هڪڙو سموسو ٻہ آنا يعني 12 پئسن ۾ ملندو هو. امان روز مون کي خرچي جا 52 پئسا ڏيندي هئي، جن مان ڀڄي ڀڄي ڪئنٽين تي هڪ سموسو، 2 پيٽيس کائيندو هئس. سڀ کلندا هئا ۽ هنن مون تي نالو ئي ”ايڪ سموسا دو پيٽيس“ رکيو هو. مون سمجهيو اهو راز لڪل آهي، پر 50 پئسا ڏيندي مرڪيو هئائون ”وٺ وٺ...ٻہ پئسا پاڻ وجهي ڇڏجائين ۽ هڪ سموسو ٻہ پيٽيس کائي ڇڏجان.“
اها مرڪ، اڄ شدت سان ياد آئي آهي، جنھن جو مرڪندڙ، ڏهين محرم جي رات، لحد ۾ لھي چڪو آهي. جنازي تي، اسين ڪجهہ پراڻا شاگرد گڏ هئاسين، جن ان ننڍڙي دروازي مان پنھنجي پرنسپل جو جنازو ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪئي. دل کي محسوس ٿيو تہ هڪ وڏو ماڻھو، دل جي وقار سان رخصت ٿيو. هڪ محترم استاد، شفيق وجود، خوددار، وچٿرو، باوقار انسان سر عبدالفتاح مغل، هاڻي آرامي آهي، ۽ اسان جھڙا هزارين شاگرد، سندس بخشش لاءِ عرضدار آهن. هن وڏي ڏينھن تي هٿ ضرور کڻجو. مالڪ کيس درجا عنايت ڪري، سندس پورهيو قبول ڪري. آمين. اهڙن وجودن جي هٻڪار، سدائين رهڻ لاءِ موجود هوندي آهي.
ڇپيل: آچر، پھرين آڪٽوبر، 2017ع