هٽڙيءَ جو گلاب ۽ ٿَرٽِي فائِيوِ ايم ايم (فلمي هدايتڪار: سائين حيات علي شاھہ بخاري)
الائي ڪيترا ڀيرا دل من هڻندا هئاسين... 20 هزار خرچ ايندا؟ نہ نہ... 15 ۾ ڪم ٿي ويندو... ايندا ڪٿان؟... بس اجهو هڪ وِيسي ٿو رکان... ڏسان ٿو. ان مان ڪجهہ نڪري اچي تہ اهو ٿو اوهان کي ڏيان... هٿ هٿ ٿا ڪري وٺون.
پل پوپٽ، پل جُگنون هوندا هئا. کلندا هئاسين تہ اسٽوڊيو گونجي اٿندو هو. سندس کل بيحد سادي ۽ سچي هوندي هئي. هُن حياتيءَ ۾ ڪا لاڳ لپٽ تہ رکي ئي ڪانہ... سائين حيات علي شاھہ بخاري جھڙو هو، تھڙو ئي رهيو ۽ تھڙو ئي رخصت ٿي ويو.
اناﷲ و انا عليہ راجعون
شام جو پنھنجي پبليڪيشن هائوس ۾ ڪم ڪندي، مون ننڍڙي راز لغاريءَ کان پڇيو هو ”ڪيستائين پھتو آهين؟“.... ”صفحي 38 تائين سائين“ هُن هڪدم ورندي ڏني هئي. سڄو عڪس اکين ۾ تري آيو هو. شاھہ صاحب کي اوچتو سندس ڪتاب هٿن ۾ ملندو تہ ڪيترو نہ خوش ٿيندو، ڪيڏو نہ سرپرائيزڊ ٿيندو.... ’ٿرٽي فائيو ايم ايم‘ جي اسڪرين تحرير کي ڏسندي عجيب سرهائي محسوس ڪئي هئم، جيڪا صرف 40 منٽن ۾ الم ۾ مٽجي وئي، ڇو جو جبران زيب جو فيس بوڪ اسٽيٽس ڏٺم، جنھن ۾ شاھہ صاحب جي وفات جي خبر آيل هئي. پنھنجي عام رواجي طبيعت جيان هو، هتي بہ سرپرائيز ڏئي ويو هو. سرپرائيزڊ مان ٿيو هئس ۽ هُن جا وڏا وڏا ٽھڪ محسوس ڪيا هئم.
عجيب وقت گذريو، لڳ ڀڳ 40 سال.... جيتوڻيڪ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندا هئاسين پر الائي ڪيئن جڙت ٿي وئي. مالڪ ملائي تہ ڪو بھانو گهرجي ٿو ڇا... مٿان وري ريڊيو تي گڏ پروگرام ڪرڻ جي ساعت نصيب ٿي. اسين ٽي دوست ’صبح مھراڻ‘ ۾ گڏ هونداسين. اعجاز ميمڻ، ڊيوٽي آفيسر هوندو هو. مان پروگرام جو ڪمپيئر ۽ سائين، ڪنھن نہ ڪنھن سلسلي جو رواي هوندو هو. مٿان وري هُن پنھنجي مٿان هڪ اضافي ذميواري اها بہ کنئين هئي تہ صبح ساڻ ريڊيو ايندي. پٺاڻ جي هوٽل تان ’انڊا پراٺا‘ جو ناشتو وٺيو ايندو هو، جيڪو اسان ٽنھي بلڪہ ٻئي اسٽاف لاءِ بہ ڪافي هوندو هو.
وقت پُور وڇوٽ تي هلندو هو. هڪ ٻئي جو احوال اوريندا هئاسين، جو بس اهو خيال اچي ويو تہ ڇو نہ سندس حياتيءَ جي تجربن کي سھيڙجي ۽ ڪتاب ترتيب ڏجي. نالو ’ٿرٽِي فائيوِ ايم ايم‘ مون رکيو، جيڪو هُن دل سان قبول ڪيو ۽ اسڪرپٽ منھنجي حوالي ڪيائين. مٿان وري سندس حياتيءَ جي ٻي اهم ڳالھہ سندس جڳ مشھور اداڪار محبوب عالم سان ساٿ هو، جيڪو واقعي ’يڪ جان دو قالب‘ مثل هيو. هُو گهڻو ڪري تہ گڏ هوندا هئا ۽ جي پيشي جي حوالي سان الڳ بہ ٿيندا هئا، تہ هجر جو هڪ هڪ لمحو ’خطن ۾ رقم‘ ٿيندو هيو. جيڪي باقاعدگيءَ سان لکيا، پڙهيا ۽ ورنايا ويندا هئا. محبوب عالم گهڻو ڪري خط جي پڄاڻيءَ ۾ ’محبوب بخاري‘ لکندو هو ۽ هو واقعي بہ ياعمر محبوب بخاري رهيا.
شاھہ صاحب پنھنجي سڄي حياتيءَ جي اها مُوڙي، منھنجي ۽ فقير (فقير محمد ڍول) جي حوالي ڪئي. اسان ان کي ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪيو، ڪمپوز ڪري مڪمل ڪيو. مٿان وري اهم ’مالي معاملن‘ وارو اشو اچي بيٺو ۽ ڳالھہ اُتي ئي رهجي وئي. اهو بہ شڪر ٿيو جو مون اها ڊمي ڪڍرائي ورتي هئي ڇاڪاڻ جو بي ترتيب باب مليا هئا، جن کي سائينءَ ۽ اسان ترتيب ڏنو هو. ٽائيٽل تي ڊائريڪٽر جي ڪُرسيءَ جو عڪس ڏنو هيوسين، جيڪو کيس بيحد پسند آيو. مُرڪي چيو هيائين، ”اهڙيءَ تي ڪڏهن ويٺس ڪونہ پر ويھبو ضرور“
اوچتو ڪمپيوٽر ۾ وائرس جي ڪري سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويو. ساھہ کي مونجهہ ورائي ورتو جو ڊمي هٿ بہ نہ پئي آئي. ساندھہ ٽي سال ڳولڻ کان پوءِ اوچتو گذريل مھيني ملي تہ ان کي هڪدم ئي ڪمپوز ڪرڻ لاءِ ڏئي، اسان ٻنھي ڀائرن، مون ۽ فقير اهو سوچيو هو تہ سڀ ڪم ليٽ ڪري، اهو ڪتاب ڇپرائي سڌو وٽس هلنداسين. قصو مختصر ٿي ويو، صفر هاڻ ڊگهو ٿي ويو آهي.
يگانو انسان هيو شاھہ صاحب، جنھن کي قدرت عجيب نوازيو هيو. فلم انڊسٽريءَ جي وچ ۾ پھچي، پنھنجو ڌاڪو ڄمائڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ هئي. ٿورو سندس حياتيءَ جي مختصر احوال کي بہ ڏسو.
پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊراما نگاريءَ سان ڪيائين ۽ اعليٰ درجي جا ڊراما، فيچر ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکيائين. 1968ع ۾ سنڌي فلمن جي ٻئي دؤر ۾ بخاري صاحب فلمي دنيا ۾ پير رکيو ۽ ڪھاڻيڪاريءَ سان گڏوگڏ هدايتڪاريءَ ۾ بہ پاڻ ملھائڻ لڳو. اَي ڪيُو پيرزادہ، ايس واءِ احمد ۽ اي ايڇ صديقي جھڙن هدايتڪارن وٽ ڪم سکيو ۽ سڀ کان پھرين ’محبوب مٺا‘ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين. تنھن کان پوءِ ’پيار تان صدقي‘، ’جيجل ماءُ‘، ’رت جي راند‘ ۽ ’رت جا رشتا‘ بہ اسسٽ بہ ڪيائين. ’جيجل ماءُ‘ جي ڪھاڻي بہ هُن لکي ۽ ’رت جي راند‘ ۾ وِلِن جو ڪردار بہ ادا ڪيائين. انھيءَ عرصي ۾ سندس ملاقات عنايت حسين ڀٽيءَ سان ٿي، جنھن جي چوڻ تي هُو وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور وڃي پھتو. ’دلدار سڄڻ‘ ۽ ’غريبن جو يار‘ نالي ٻن سنڌي فلمن جون ڪھاڻيون لکيائين پر ڪم ڪاغذي ڪارواين کان اڳتي نہ وڌيو. لاهور ۾ ئي هن ’پوتي ۽ پڳ‘ ٺاهي، جيڪا پنجاب ۾ ٺھندڙ پھرين سنڌي فلم هئي اُتي ئي هن ’دوغلا‘ جي بہ هدايتڪاري ڪئي. هن ٻن سنڌي فلمن ’سنڌؤ جو قسم‘ ۽ ’دونالي‘ ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪيون، پر انھن کي مڪمل ڪري نہ سگهيو. هن سڄي عمر ريڊيو، ٽيليويزن، فلم ۽ اخبار سان پنھنجو تعلق جوڙي رکيو.
شاھہ صاحب سڄي عمر محنت ۾ گذاري. سادگي ڪمال جي هيس، ٽيليويزن تي ’سنڌي فلم سنسار‘ جي رڪارڊنگ ۾ سڀ کان سادو وجود، لباس کان وٺي گفتگوءَ تائين سائين ئي هوندو هو. هن ڪڏهن بہ اها سوچ نہ رکي تہ زندگي ڪھڙو عروج ۽ زوال ڏسندي رهي آهي. هُو هر حال ۾ خوش رهندو هو ۽ سندس ڪوشش هوندي هئي تہ رزقِ حَلال جي حصول ۾ بس گهٽ کان گهٽ ڏکيايون پيش اچن.
اخبار جي بينچ تي هاڻي ڪو ٻيو اچي ويھندو، مائڪرو فون ائين ئي پيو نوان آواز جهٽيندو. ’اسٽارٽ سائونڊ‘ جو آواز پيو هلندو پر حيات علي شاھہ جو آواز ماٺ ٿي چڪو آهي. هٽڙيءَ جو گلاب سومر 2 نومبر 2020ع بمطابق 15 ربيع الاول 1442 هجري تي پنھنجي مٽيءَ ۾ وڃي خوشبو وکيرڻ لڳو آهي.
هڪ ڀيري اُداسيءَ وچان ذڪر ڪيو هيائين، ’سڄي عمر گڏ رهياسين... محبوب عالم وفات ڪئي تہ ڀاڀيءَ ڄاڻ بہ نہ ڪيو... سندس قبر تي بہ الاءِ ڪيتري وقت کان پوءِ پھتو هئس... يار کي ڪُلھو بہ نہ ڏئي سگهيس.‘
وقت عجيب آهي. سٽون ڪنن ۾ ٻُري رهيون آهن. جنھن مھل خبر پئي، تنھن مھل تائين هُو آسودہءِ خاڪ بہ ٿي چڪو هو. اسان جو ساٿ ’محمود بخاري‘ تہ نہ هو، پر اندر ۾ اُجڙيل سندس محبت جو بنياد بہ ڪو هلڪو سلڪو تہ ناهي.
پنھنجي پورهئي جي خبر رکندڙ ۽ پنھنجي وجود ۾ سڀ احساس سمائيندڙ سائين حيات علي شاھہ بخاري، پنھنجو سفر مڪمل ڪري ويو ۽ گلابن جي ڀر ۾ هڪ گلاب بڻجي ويو آهي.
ڌڻي کيس خوشبوئن سان نوازي، شال سندس مرقد مھڪندو رهي. سنڌي فلمون نٿيون ٺھن ۽ شايد ٺھنديون بہ ڪونہ، پر جي اهڙو ڪجهہ ٿيو تہ ڊائريڪٽر جي ڪرسيءَ کي پنھنجو اهو يگانو دوست سدائين ياد رهندو، جيڪو مٿس ويٺو تہ نہ پر پنھنجي پورهئي سان سندس قد وڌائي ويو.
ڇپيل: ڪاوش دنيا...