آباد سلامت هجو (سماج سُڌارڪ: سائين محمد نعيم شاھہ)
تقريبن 47 سال پھرين، ماڊل اسڪول ۾، ڇھين ڪلاس ۾ داخلا جي پھرئين ڏينھن پنھنجو همعمر ٽڪرايو هو...نالو هئس سيد غالب مراد شاھہ. تنھن زماني ۾ سڀ اسڪول بس ۾ سفر ڪندا هئاسون. ڄامشوري ۾ ايندڙ بس، مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽ اسپتال وارو روڊ مڙندي هئي تہ ڪنڊ تي ”حُسيني منزل“ جي سامھون غالب بيٺو هوندو هو. ذهانتن جي حوالي سان اسان جو ٽڪر هلندو هو. غالب بھرحال مٽياريءَ جي مِٽي هيو، ذهانت تہ کيس ورثي ۾ ملي هئي. حياتيءَ اڳيان ڪَرُ کنيو تہ سيد علي گوهر شاھہ صاحب ايل ايم سي ۾ مليا. پھرين سينيئر شاگرد طور ۽ پوءِ ايناٽاميءَ جي شعبي ۾ ڊمانسٽريٽر جي حيثيت سان سينيئر ڪليگ طور- ڳالھين ڳالھين ۾ ذڪر ٿيو تہ غالب سندن ڀاءُ آهي ۽ ائين ئي خاندان جو ذڪر هلندي ڪنن تي پھريون ڀيرو سائين نعيم شاھہ جو نانءُ پھتو. اسين ازل ابد کان سِکيا جي ڀاڪر ۾ رهيا آهيون، وڏو ڀاءُ معنيٰ ادا وڏو...بس ان هڪ گهڙيءَ ۾ ئي ڄڻ سائين نعيم شاھہ ادا وڏو بڻجي ويو. يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي تہ آپا پروين شاھہ جي ماءُ جھڙي شخصيت ملي، جنھن وڏي ڀيڻ ۽ ماءُ جي ڪردارن ۾ اصلوڪو رنگ ڀري ڇڏيو. امان سانئڻ، انھن سڀني عھدن کان پھرين محبت جي عھدي تي ويٺل هئي ۽ مٿان وري سائين نعيم شاھہ صاحب، سندس وَرَ جي محبت نصيب ٿي تہ ڄڻ سونھن تي سھاڳئي وارو جھان بڻجي ويو. مان ڪڏهن بہ اهو سمجهي ڪو نہ سگهيس تہ ڪنھن جَي وڌيڪ ويجهو آهيان جي آپا ڇپر ڇانوءَ آهي تہ سائين گهاٽو ميويدار وڻ...تفاوت سوچڻ جي جرئت دل ڪري بہ نٿي سگهي.
عجيب مست انسان هو...فقير تن، صفا درويش...هاڻي هاڻي لينڊ ڪروزر مان لھي پيو، اجهو شام جو ڪنھن سان اسڪوٽر تي ٻيلھہ پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ان همراھہ جي ڪم سان، ڪنھن کي ڪجهہ چوڻو آهي. جي ڪنھن جي ڪا واهر ڪرڻي آهي تہ فون جي تہ ڪن تان لھڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي...ياد اچي ٿو، تر جي علائقي ۾ جتي بہ ڪا فوتگي هجي سائين تڏي تي پھرين پھتل هوندو. گهڻو ڪري سياح پوش يا وري آسماني رنگ جا ڪپڙا...حسين هاٺِي، سونھاريءَ تي حسين شهپرن جو امتزاج، ڳالھائي تہ اک ٽڪائي ڳالھائي ۽ ٻڌندڙ سندس نگاھہ جي سحر ۾ جڪڙجيو وڃي. هٿن جي آڱرين ۾ منڊين جي حسناڪي...مرڪ اهڙي ڪشادي جو ڪشادگيءَ جي معنيٰ سمجهہ ۾ اچيو وڃي. سائين نعيم شاھہ اسان سڀني ملندڙن کي ملڻ جو طريقو سيکاري ويو. مون کي لڳندو آهي تہ سنگت مان الائي ڪيترا سائينءَ وانگر هڪ ٻئي سان ملندا آهيون. وڏو ڀاڪر پائي هٿ جوڙي چوندو هو ”آباد هجو...سلامت هجو.“ هٿ ۾ تسبيح جي مڻين تي بہ ڄڻ اهو ئي ڀڻڪو اُڪريل هوندو هو ”آباد هجو...سلامت هجو.“ مٽياريءَ جي سياسي ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان مشھور خاندان جي وڏي سيد محمد مراد شاھہ جي گهر پھرين مئي 1951ع تي فرزند جي پيدائش ٿي جنھن جو نالو محمد نعيم شاھہ رکيو ويو. سائين محمد مراد شاھہ کي پروردگار ستن پٽن محمد نعيم شاھہ، علي گوهر شاھہ، سليم مراد شاھہ، حسين مراد شاھہ، غلام مرتضيٰ شاھہ، سيد خالد مراد شاھہ ۽ غالب علي شاھہ ۽ هڪ نياڻيءَ جي اولاد سان نوازيو. سندن وڏي پٽ اتي ئي نور محمد هاءِ اسڪول مٽياريءَ مان علم جي حاصلات شروع ڪئي ۽ آخرڪار سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين. هُن شروعاتي دور ۾ ڪجهہ وقت سياست کي ڏنو پر پوءِ اتان پاسيرو ٿي ڪُل وقتي زمينن جي سنڀال ڪرڻ لڳو. هُن زندگي گذارڻ لاءِ ڪڏهن بہ نوڪري ڪرڻ نہ سوچيو ۽ شايد اهو سبب هو جو هو ”عام“ جي، ”جيءَ جڙت“ ڄاڻندو هو، اک ٽِڪائي ٻُڌندو هو تہ سماعتون ٽِڪيل هونديون هيس.“
هڪ ڀيري ائين ئي سرسري طور دعا جي ڳالھہ هلي. مون الائي ڪيئن چئي ڇڏيو تہ سائين ڪو موقعو مليَو تہ فقير کي بہ ياد ڪجو. ڪجهہ عرصو ترسي واٽس اپ تي سندن ڪال آئي فرمايائون ”سائين، واعدي جي پورائي حاضر آهي...ذريح مبارڪ جي سامھون آهيان...جيڪو وڻي سو گهري وٺو.“ حيرت ٿي هئي تہ هڪ ننڍڙي ڳالھہ ۽ اهڙي يادگيري! موٽيا تہ عرض ڪيم ”قبلا ڪمال ڪيوَ“ فرمايائون ”ڪمال اهو هوندو اٿوَ سائين جو اوهان ڪنھن جي خواهش کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو...مون ڪمال ناهي ڪيو...مون تہ خواهشن جو جمال ڪيو آهي...ڪنھن جي حسرت ڏسجي تہ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي سائين.“ مون گهر اچي اهي جملا لکي ورتا هئا ۽ الائي ڪيترا ڏينھن ان تي سوچيندو رهيو هئس. اها ئي گهڙي هئي جو زندگيءَ ۾ احساس ٿيو هيو تہ ڪردار جا صاحب ڪيئن هوندا آهن. شاھہ صاحب کي پنھنجي اندر جي ڪمٽمينٽ جي خبر هئي، تنھن ڪري تہ هو هر ماڻھوءَ سان ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس حياتيءَ ۾ اهم ترين ڏک پنھنجي ڀائرن جو وڇوڙو بہ هيو ۽ شايد اهو ئي درد هو، جنھن سندس دل کي درد ڏئي ڇڏيو هو. ان هوندي بہ هو پنھنجي حسناڪ مرڪ ۾، سڀني دردن کي لڪائي زماني جي گردشن کي منھن ڏيندو هو. ياد اچي ٿو هڪ واري ڀاڪرن تي بحث ڪيوسين پي تہ هنن يڪ ٽڪ هڪ جملو چيو هو ”محمود سائين...ڀاڪر معنيٰ گرمي، گرمي معنيٰ سينو...جي سينو گرم نہ هوندو تہ ڀاڪر ڀاڪر نہ هوندو...اهو ڪڏهن نہ وسارجو.“ شاھہ صاحب جي اها خصوصيت ڪڏهن بہ نہ وسرندي تہ هو ڪڏهن بہ ڪنھن کان مرعوب نہ ٿيا...گهر واري وائيس چانسلر آهي، ڀلي هجي...نعيم شاھہ جو اهو ئي عوامي انداز هوندو...ڪنھن جي نوڪري لاءِ پيو ڊوڙي تہ ڪنھن لاءِ فونون پيو گهمائي...جتي ”سائينءَ سان گڏ وارا“ سائينءَ کان وڌيڪ هوندا آهن، اتي سندس طبيعت جي سادگي ۽ ڪردار جي اورچائي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هڪ يگانو، پرخلوص، محبتي ماڻھو مٽياريءَ جي ”شھيد شھمير قبرستان“ ۾ پنھنجي مرڪ ساڻ ليٽيل آهي. ڄاڻان ٿو ڀاڪر جي اها گرمي هاڻي نہ ملندي، ڇاڪاڻ تہ پنھنجي گرم سيني جي گرمي، هُو ساڻ کڻي ويو آهي. هاڻي پنھنجي منفرد انداز ۾ ”آباد سلامت هجو“ جو جملو ڪو نہ ڪنائي سگهبو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو اُچار صرف سائين نعيم شاھہ کي ئي نصيب هيو، پر بھرحال، حياتي آهي، اڳيان جو سفر بہ طئي ڪرڻو آهي. اکين جا ڇپر ڳرا آهن. محبت جي احسان جي ادائگي ممڪن نہ آهي جھڙا بہ آهيون، جيئن بہ آهيون بس دل چوي ٿي تہ چئجي ”قبلا...آباد سلامت هجو...دعائن جي ڀاڪرن ۾ هجو.“ پروردگار سندن درجات بلند ڪري ۽ بھتر مقام عطا ڪري. آمين.
ڇپيل: آچر، 11 جون، 2017ع