شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

هِيرآباد جي هِيرَ (تعليمدان: دادِي لِيلاوتي هرچنداڻي)

دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جھان ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻھپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر 1993ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، تہ ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ 24 سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جھان ڪو گهڻو آباد نہ رهيو، پر بھرحال اهو ڏَڍُ تہ ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساھہ بہ اتي پورا ڪيائين. کيس پنھنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. 20 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد شھر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنھن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنھہ ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساھہ سانڍيو. 8 سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا بہ حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ بہ ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت بہ ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. 1940ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنھنجي حياتيءَ جي پھرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنھنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو.
”منھنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر 1993ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مھمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو تہ ماڻھو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ تہ اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالھہ مون کي نہ وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري بہ ڪونہ ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنھن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنھن زماني ۾، ريڊيو تي منھنجا مھيني ۾ 4 پروگرام هوندا هئا ۽ تنھن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منھنجا چار لانگ پلي رڪارڊز بہ ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مھڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ تہ انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ان زماني ۾ نياڻين ۾ انھن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انھن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر بہ رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي بہ وڏو زور رکيو.“
ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪھاڻيڪاره، شاعرہ، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظھار، سندس سِٽُن ۾ بہ واضح نظر اچي ٿو.
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون تہ ڏاڍي آهين مون کي پياري
تنھنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنھنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نہ ڏسُ آ
تنھنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنھنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ
تنھنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنھن هوندي بہ مُنھن ڇو لٿل آ
تنھنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونھن آ، تنھنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ
تنھنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سھاڳُ آ، تنھنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون تہ ڏاڍي آهين مون کي پياري
دادي لِيلان، پنھنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمہ حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جھڙو ساھہ سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پھرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، تہ تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنھي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نہ هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي تہ ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي بہ سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي بہ مدد ڪئي، جيڪا بہ نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنھن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نہ ڇڏيو.“
”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منھنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالھائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چھري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نہ ڪئي آ...“ تعليم کي پنھنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مھربان وجود تقريبن 24 سال اڳ بہ اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مھربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لھجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس 14 سيپٽمبر 2017ع تي حيدرآباد شھر سان بيپناھہ محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شھر سان والھانہ محبت ڪئي هئي ۽ جنھن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي.
دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنھن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچھري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منھنجو رڳو بُت ناهي، ساھہ بہ آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منھنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نہ هونديَس تہ اها پئي منھنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنھنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي تہ هيرآباد جي هيرَ، ڪنھن کان بہ ڪجهہ پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي تہ جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جھڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو.

ڇپيل: آچر، 17 سيپٽمبر، 2017ع