شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

ادا عارب (سماج سُڌارڪ: سائين عارب ملاح)

جياپي جا الائي ڪيترا رنگ سمجهہ ۾ نہ ايندا آهن! انيڪ ڀيرا پنھنجي روش تي ڪاوڙ آئي هوندي. پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي شدت سان ڪوشش ڪئي هوندم، پر شايد پنھنجو پاڻ کي سمجهائڻ، دنيا جي ڏکين ڪمن مان هڪڙو هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن تہ بنھہ ناممڪن لڳندو آهي. عجيب حياتي گذاريندو آهيان مان، الائي ڪيترا واسطا آهن الائي ڪيترا واسطا نہ آهن، سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ اهو سڄو اندازو، اها سڄي ڪٿ مان ڪري ئي ناهيان سگهيو. شايد اها ڪيفيت ئي آهي جو خاموشي سوال پڇڻ جو وجھہ ناهي ڏيندي. ”ڪير آهيو؟ ڪٿان جا آهيو، ڇو آهيو، ڇا آهيو؟“ کان فقير سدائين پرتي رهيو آهي، يار جي ياريءَ سان ڪم آهي ڪرت تہ هرڪو پاڻ ڄاڻي. ڪوڙ ڇو ڳالھائجي، پنھنجي اها عادت مون کي پاڻ پسند نہ آهي. ان عادت جي ڪري ننڍا نيٽا نقصان بہ ٿيندا آهن. جن کي لنوائيندو رهندو آهيان پر گذريل هفتي ڪجهہ اهڙو ٿي ويو جو سڄي اندر ۾ لرزش ڀرجي وئي. اکين جا گهٽ بند لڳم، پنھنجو پاڻ کان جھڙوڪر وحشت ٿي لڳم.
سيوهڻ شريف جي مٽي آهيون اسين. تنھن زماني ۾ ماڻھو، ماڻھوءَ جو ڀاڪر هوندو هو. منھنجو وڏي ۾ وڏو ڀاءُ ادا عبدالرحمان مرحوم جتي بہ پڙهيو، پنھنجي هم جماعتن سان سدائين سلھاڙيل رهيو ۽ هو بہ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. سيوهڻ مان لڏي آياسين تہ بہ محبتن جا اهي سلسلا قائم ۽ دائم رهيا. سڪ اُڪير سدائين وڌ کان وڌ ملي. 80ع جي ڏهاڪي ۾، ادڙين سلمه ۽ نغمه ملاح سان گڏ ريڊيو تي صبح مھراڻ ۾ ميزباني جو موقعو مليو. گڏجي تہ گهٽ پروگرام ڪياسين، پر بھرحال اسان جو هڪ مضبوط ساٿ هيو. سندن ڪردار جي مضبوطي ڪمال آهي ۽ مٿان ٻنھي ڀينرن کي اعتماد جي جيڪا دولت هئي، سا سندن پرورش کي ظاهر ڪندي هئي. اوچتو خبر پئي هئي تہ ٻئي ادا عارب جون نياڻيون آهن ۽ ادا عارب ادا عبدالرحمان جو هم جماعتي رهيو، ڳوٺائي رهيو. ڪن ڪن ماڻھن ۾ عجيب ڏيا هوندي آهي. پنھنجي وڏين اکين ۾ ديد سان گڏوگڏ ادا عارب، پنھنجائپ جو عجيب احساس سدائين سٿيل هوندو هو. سندس ٻانھن کان وڌ سندس اکيون ڄڻ ڀاڪر پائينديون هيون. ادا کي ”عابد“ سڏيندي، هُو مون کي بلڪل پنھنجي ننڍڙي ڀاءَ جيان سمجهندو هو. پوءِ خبر پئي تہ قدرت کيس ڪيڏو نہ نوازيو هو، کليل اوطاق، ڪُشادي دل ۽ محبت جي سامان سان ٽمٽار ادا عارب، واقعي بہ ادا لڳندو هو. ٽيليفون تي گفتگو ٿيندي هئي تہ هو سدائين منھنجي نہ اچڻ جي شڪايت ڪندو هو. مان هتان هُتان لنوائي، اجايا سجايا بھانا هڻي مڙئي پيو نڪري ويندو هوس. دل بہ چوندي هئي پر غمِ دوران شايد غمِ جانان کان سگهارو پئي رهيو. هڪ واري بيحد ڏک مان چيو هئائين ”ادا ڀلا جنازي تي تہ ايندين نہ؟“ جملا ننڍڙا هوندا آهن. الائي ننڍڙا هوندا آهن الائي اسين انھن کي ٻڌڻ ۾ ننڍڙو سمجهندا آهيون. لڄي ٿيندي، معافي وٺندي ويجهي فرصت ۾ وٽس وڃڻ جو واعدو ڪيو هئم پر پوءِ وري اهو چرخو هلي پيو. سڌرڻ جي شايد مون وٽ ڪا گنجائش نہ رهي آهي.
ڪجهہ وقت پھرين، آفيس پھتس تہ خبر پئي سليم ملاح جو والد جھان ڇڏي ويو آهي. سليم کي ڪير نہ سڃاڻي!؟ ڪي ٽي اين حيدرآباد سان سلھاڙيل اسان جو هي نوجوان ڪارڪن پنھنجي سڃاڻپ رکي ٿو، ڪجهہ ڏينھن خبر پئي هئي تہ سندس والد بيمار آهي. ٻہ ٽي دفعا کانئس احوال بہ ورتم، ٻڌايائين پئي تہ هاڻي بھتر آهي...هاڻي مزي ۾ نہ آهي. ان ڏينھن اوچتو خبر پئي تہ وصال ڪري ويو تہ جنازي ۾ شرڪت لاءِ نڪري پيس. رات گَهري هئي ڪوٽڙيءَ جي پل جي اورئين پاسي، مٽي مٽيءَ سان ملي رهي هئي. حاضري مڪمل ڪري نڪري آيس. وقت ڪو بيھندو ٿورئي آهي. گذريل هفتي، ڀاءُ نور گهلُو ڪنھن ڪم سان آفيس آيو. ڪم سليم ۾ هو. نياپو جو ڪيم تہ سليم پاڻ هليو آيو. ادا نُورَ سان مليو. ڳالھہ ٻولھہ مڪمل ٿي تہ روانو ٿي ويو. مون نُورَ کي چيو ”ڏاڍو سلڇڻو نينگر آهي...ڪم وارو ماڻھو آهي.“ هن ٺھہ پھہ وراڻيو ”سڃاڻانس...عارب جو پٽ آهي نہ...پنھنجي عارب ملاح جو.“ ﷲ اڪبر...سليم، ادا عارب ملاح جو پٽ آهي! معنيٰ اهو جنازو سليم جي والد جو تہ هو، پر ادا عارب جو هو، جنھن تي خبر ٻڌي مان هڪدم حاضريءَ لاءِ هليو ويس اهو ادا عارب هو، ان ڏوليءَ ۾! ادا عارب...جنھن چيو هو ”ڀلا جنازي تي تہ ايندين نہ.“ ساھہ ۾ ڳنڍ اچي وئي آهي. هڪ وڏي ڪردار جي انسان بابت مان ڇا عرض ڪيان. پنھنجي قوم، پنھنجي ماڻھن ۾، وڏي ڳالھہ تہ پنھنجو پاڻ سان سچي رهندڙ ادا عارب لاءِ مان ڇا لکان!؟ مونکي تہ پنھنجو پاڻ ئي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي...ڇا ٿئي ها جو ايترا ڀيرا سليم کان سندس والد جي صحت بابت پڇندي مان کڻي سندس نالو پڇي وٺان ها! شرمساري مٿان کلندي رهي ٿي.
محمد عارب ملاح ولد قادر بخش ملاح جو جنم پھرين رمضان المبارڪ جمع جي ڏينھن، 5 مارچ 1944ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس والد صاحب سيوهڻ کان دولتپور پتڻ تائين ٻيڙي هلائيندو هيو. جيڪا ڪرت، تنھن زماني ۾ اهم ترين حيثيت رکندي هئي. پنھنجي شروعاتي تعليم هن سيوهڻ شريف ۾ حاصل ڪئي ۽ اسڪولي تعليم سان گڏو گڏ درگاھہ حضرت لال شھباز رحہ سان سندس خاص عقيدت ۽ ماڻھن جي حوالي سان وابستگي رهي. ننڍپڻ جو هن زمانو بيحد جفاڪشي سان گذاريو پنھنجي والد سان گڏوگڏ امان سانئڻ حاجاڻيءَ جو بيحد خيال رکندو هو ۽ پنھنجي ڀاءُ امڙ ۽ ابي جا ڪپڙا درياھہ جي ڪپ تي پاڻ وڃي ڌوئي ايندو هو. والدہ ضعيف هئي تہ ان سبب گهر جو سڄو ڪم ڪار ٻار، ٿانَوَ، رڌ پچاءَ سندس حوالي هوندا هئا. ننڍپڻ ۾ کيس حضرت لال شھباز قلندر جي درگاھہ تي لڳل عَلَم پاڪ جي خدمت جو بيحد شوق هوندو هو. تنھن زماني ۾ سيوهڻ شھر ۾ بجلي نہ هوندي هئي ۽ درگاھہ وٽ هڪ وڏو جنريٽر لڳل هوندو هو. محمد عارب ٽئين درجي ۾ پڙهندو هيو تہ هڪ ڏينھن هڪ مستري کانئس سندس والد بابت پڇا ڪئي، جيڪو موجود نہ هو. مستريءَ ٻڌايو تہ درگاھہ تي عَلَم جو مٿيون بلب فيوز ٿي ويو آ جيڪو بدلائڻو آهي. تنھن زماني ۾ عَلَم جي بيهڪ پنج فوٽ ٿلھي تي هوندي جنھن کان پوءِ 86 فوٽ لوهي ڏاڪڻ هوندي هئي جنھن کانپوءِ پنج فوٽن جي اونچائي وارو گول پڃرو هوندو جنھن تي مٿي بيھي بلب بدلائڻو پوندو هو. عَلَم پاڪ جي بتيءَ جو ڪم محمد عارب جا وڏڙا ڪندا هئا. عارب ملاح ننڍڙي عمر ۾ ان مستريءَ سان گڏ چڙهي اهو بلب بدلايو جنھن کانپوءِ کيس عَلَم جي بتيءَ جو ڪم سنڀالڻ لاءِ چيو ويو. پنھنجي ياد ڪٿا ۾ هو لکي ٿو ”تنھن زماني ۾ عيدن جي ڏينھن تي يا ڪنھن وڏن ڏينھن تي عَلَم ۾ 32 شمع دان لڳايا ويندا هئا. مٿي گول پڃري 8 مٿي 8 هيٺ چوڌاري ۽ لوهي ڏاڪڻ تي 8 هڪ پاسي ۽ 8 ٻئي پاسي ٽوٽل 32 شمع دان، جنھن ۾ هر هڪ شمع دان جي گلاس ۾ سٺو گيھہ ٻاريو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کوپري جو تيل بہ استعمال ڪندا هئاسين. مطلب تہ روزانو شام جو هوڏانھن نغاري تي ڏونڪو لڳندو هو هيڏانھن منھنجي هٿ ۾ ٻريل تيلي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ ٽي راتيون چراغان ڪرڻو هوندو تہ صبح جو فقط شمع دان مان گلاس ڪڍي هيٺ لال داس کي ڏبا هئا، جيڪو صاف ڪري وٽ ٺاهي تيل يا گيھہ ۾ وجهي گلاس تيار ڪري ڏيندو هو، جنھن کان پوءِ اهي گلاس هر هڪ شمع دان ۾ پھچائڻ ۽ ٻارڻ منھنجو ڪم هوندو هو. عَلَم جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم هوندو هو نيل ڪڍڻ ۽ واپس لڳائڻ. جنھن پائيپ تي نيل لڳل هوندي هئي، انھيءَ جو مٿيون ڇٽ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي مڻ جو وزني هوندو هو. اهو وزن پڃري تي ويھي مٿي کڻي مضبوطيءَ سان هٿن ۾ جهلي، انھي مان نيل ڪڍي پوءِ اهو ڇت وارو پائيپ آهستي آهستي ڪري عَلَم ۾ مٿي رکڻو هوندو هو ۽ واپس نيل وجهڻ وقت انھي پائيپ کي ڇٽ سوڌو مٿي کڻي انھي ۾ نيل وجهي واپس پنھنجي جاءِ تي بيھارڻو هوندو هو.“ مٿانھينءَ تي عَلَم کي روشن ڪندڙ ادا عارب پنھنجي حياتيءَ ۾ بہ مٿانھينءَ تي ئي رهيو. هن 1966ع ۾ حسين آباد ۾ لڏي اچڻ کانپوءِ ملاحن جي حياتين کي سامھون رکندي ”سنڌ ترقي پسند ملاح تنظيم“ ٺاهي. 1968ع کان پنھنجي وفات جي ڏينھن تائين هو ان تنظيم جو سربراھہ رهيو، جنھن جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو سنڌ اسيمبليءَ مان ملاحن لاءِ ”لائسنس سسٽم“ پاس ڪرائڻو هو. هو شخص، هر غريب غربي لاءِ اٿي بيھندو هو. پنھنجي وتَ آهر هن ڪوشش ڪئي تہ ڪنھن ايوان ۾ حاضر ٿيڻ جي لائق بڻجي جتي آواز اٿاري سگهي. 1976ع ۾ ايم پي اي جي سيٽ لاءِ ۽ 1988ع ۾ ايم اين جي سيٽ لاءِ مقابلو ڪيو هئائين. مسلم ڪاليج مان ماسٽرس ۽ سنڌ لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري ماڻيندڙ ادا عارب، سڄي عمر پنھنجي ماڻھن لاءِ جاکوڙيندو رهيو، جيڪا جاکوڙ سندس وڃڻ کان پوءِ هاڻي سڀني کي محسوس ٿي رهي آهي. 22 نومبر 2016ع تي هو آرامي ٿيو آهي. هڪ ڊگهو سفر پنھنجي پڄاڻي تي پھتو آهي. تعزيت نامي ۾ دير ٿي آهي، پر بھرحال سندس ڪردار اسان سڀني کان ڪڏهن بہ وسري نہ ٿو سگهي. ان کي ياد رکڻ ۾ اسين ڪڏهن بہ دير نٿا ڪري سگهون. رب پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ بھتر کان بھتر جاءِ عنايت ڪري. آمين.

ڇپيل: آچر، 04 جون، 2017ع