شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

تن ريءَ سال ٿيام... (قبلا امان سانئڻ جِيجِي)

نبض بِيھجي چُڪي هُئي، ساھہ جو هلڪو خرقو جاري هو. ڊاڪٽر مٿان بيٺل هو ۽ هن اکين ۽ هٿن جي اِشاري سان مُون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي تہ پکي پرواز ڪري چُڪو آهي. اديءَ جي تلاوت جو آواز ۽ ڳوڙها بُلند هُئا... مُون سندس هٿ جهليو هو، چيو هُئم ”امان...“ مٺي مالڪ جل شانہ جو قسم، هن وراڻيو، ”ها... محمود آهين.“ ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو هومانس ”امان... وقت اچي ويو آهي... اوهان هلو... اسين پويان اچون ٿا...“ سڄي عُمر هن مُنھنجي ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالھہ نہ ٽاري هُئي... ڄڻ مون کي نِگاهن ۾ ڀريندي هُجي... ڏٺائين ۽ اکيون پُوري ڇڏيائين... مُنھنجو چيو نہ ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هو، سندس چئي کي ڇڏڻ هاڻي مُنھنجي وس کان ٻاهر آهي.
هر ماءُ ’انت‘ هوندي آهي. قدرت کيس الاءِ ڇا ڪري خلقي ٿي. عورت جي سڄي جسم ۾، ڄڻ ماءُ بڻجڻ کان پوءِ عجيب ’سينسرز‘ اچي وڃن ٿا. سندس سڄو جسم اک بڻجي پوي ٿو، هَٿَ بڻجي پوي ٿو، لمس بڻجي پوي ٿو، رُڳو اوهان کي ڏسندي رهي ٿي، رُڳو زخمن تي هٿن سان پها رکندي رهي ٿي، رُڳو ڇھاءَ سان، سڀني رنج و المن کي ڇُو منتر ڪري ڇڏي ٿي.
ابي جا رُڳو عڪس اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هُو مُنھنجي ننڍڙي عُمر ۾ ئي، جھان مان روانو ٿي ويو هو، اها امان ئي هُئي، جنھن ابي وارو ڪردار بہ سنڀالي ورتو. ادا وارن جيتوڻيڪ پنھنجي ننڍي ۽ آخري ڀاءُ جي لاڏ کڻڻ ۾ ڪا ڪسرَ نہ ڇڏي، پر الاءِ ڇو هُجتن جو جھان جيڪو امڙ سان آباد ٿيو هو، وري ڪنھن سان جُڙي نہ سگهيو.
هُوءَ ڏاڍي پڙهيل لکيل عورت هُئي، ٽلٽيءَ جي اُنھن چند خواتين مان هُئي، جيڪي شمس العماءَ، عُمر بن محمد دائودپوٽي جون سيون سڌيون شاگردياڻيون هُيون. ابي سان شاديءَ کان پھرين امان، سَن جي اسڪول ۾ 1939ع ۾ ماسترياڻي هُئي ۽ مُنھنجو وڏو مامو محمد صديق، سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ هو. اُتان ئي اندازو ٿئي ٿو تہ اهو ڪُٽنب ڪھڙو هو. ابي سان شاديءَ کان پوءِ امان نوڪري ڇڏي ڏني هُئي ۽ سيوهڻ شريف ۾، پنھنجي بيلف مُڙس ميان نور محمد ساڻ، غُربت واري حياتي گهارڻ شروع ڪئي هُئائين.
ابو ۽ امان ٻئي عجيب هُئا. سادي زندگيءَ جي گُذارڻ ۾ کين ڪمال حاصل هو ۽ شايد سندن اهو ئي اعتماد هو، جيڪو اسان ٻارن ۾ بہ ڄڻ اوتجي آيو. قاضي محلہ سيوهڻ واري گهر ۾ اسان وٽ پِينگهو، ڪجهہ کٽون ۽ منجيون هُيون. ٻيو سڀ خير هو ۽ انھيءَ گهر ۾، تنھن وقت جو ڏاهو ۽ جج، جسٽس فيروز نانا ۽ ايوب خان جي دؤر ۾ وزير سائين حاجي مولا بخش سومرو صاحب، ابي جي دوستن جي حيثيت سان ايندا هُئا. انھن لاءِ ڪوبہ ڪمفرٽيبل سامان نہ هوندو هو. اهو اعتماد جو تحفو هو، جو جھڙو حال هو حاضر هو ۽ ان حال تي ڪابہ شرمندگي نہ هُئي ۽ اها ئي سؤچ آهي جو لائيم لائيٽس ۽ سُپر اسٽاريءَ جا هيترا سال گُذارڻ کان پوءِ بہ جي، هن فقير تي ڪوبہ مرتبو، ڪو فرق نہ ٿو وجهي تہ اهو سندس تربيت جو ئي ڪمال آهي.
اسان چئن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن ۾ کيس مون سان ڄڻ عِشق هوندو هو ۽ مان بہ سندس لاءِ ڄڻ هڪ عاشقِ ناشاد دلمراد کان گهٽ ڪونہ هُئس. حياتيءَ جا چوٽيھہ سال گڏ رهيوسانس ۽ سواءِ 1976ع ۾ سورنھن ڏينھن لاهور، اسلام آباد ۽ مري وڃڻ جي ۽ اڍائي مھينا 1980ع ۾ چانڊڪا ۾ پڙهڻ جي، مان کائنس ڪڏهن بہ پري نہ ويس، کيس ڏسي، مُنھنجي دل کي قرار ايندو هو. الاءِ ڇو هر گهڙيءَ اهو خوف حاوي هوندو هو تہ جي هلي وئي تہ جھان ۾ باقي ڇا رهندو.
مان سندس ڪڇ ۾ ليٽندو هُئس، جُتيءَ جو ترو چٽيندو هُئس، پيرن جي پٻن کي چُميون ڏيندو هُئس. عجيب خوشبوءَ هوندي هُئي، تنھن جُتيءَ ۾، تن پيرن جي آڱرين ۾ جيڪا صرف امان وٽ ئي هوندي هُئي. مُنھنجي ديوانگيءَ تي هُوءَ مُرڪندي هُئي. ”سڀ سم جھان ٿي کوٻلا... پر تون بہ سمجهي وٺ... مائٽ ڪيستائين اولاد سان گڏ هوندو ابا... نيٺ تہ هلڻو آهي نہ“ ۽ مان اُهو ئي بيڪار، مجھول انسان، روئڻ ويھندو هُئس تہ هُوءَ مٿي تي هٿ ڦيريندي چوندي هُئي، ”هينئر تہ نٿي وڃان نہ... ڇو ٿو ائين ڪرين...؟“ کيس هڪ لحظي ۾ پرچائڻ ايندو هو. ڳوڙها بيھندا هُئا تہ مان بہ سٽڪو ڏئي چوندو هُئس، ”وڃين تہ ڪونہ ٿي... پوءِ تُون ڇو ٿي ائين چوين؟“
”چوان ان ڪري ٿي جو ڪجهہ سخت ٿيءُ... دُنيا جي سردي گرمي سمجهہ... مائٽ سدائين گڏ نہ هوندو آ.“ وري اُها ڪھاڻي شروع ٿي ويندي هُئي، وري پيا هڪ ٻئي کي مُنھن ڏيندا هُئاسين.
کيس زندگيءَ ۾ ٻہ شيون پسند هيون. چڪن جو چولو ۽ انرجي بسڪوٽ. ابي جي وفات کان پوءِ هُن سدائين اڇو رئو ۽ اڇي شلوار پھري، ها چولو ڪنھن نہ ڪنھن رنگ جو هوندو هُئس جنھن ۾ امان کي چڪنَي جو ڪپڙو ڏاڍو وڻندو هو. مٿان وري سکر جي يعقوب بسڪٽ فيڪٽريءَ جا ٺھيل ’انرجي بسڪوٽ‘ هُن لاءِ ڄڻ ڪو وڏو خزانو هوندا هُئا. مان کيس بسڪوٽ کارائڻ گُهرندو هُئس پر دٻي جا اٺ رُپيا مُشڪل سان ڪَٺا ٿيندا هُئا. جڏهن اُهي پئسا جوڙي، هُن لاءِ بسڪوٽن جو دٻو وٺي ايندو هُئس تہ ڪُلھن تان الاءِ ڪيترا بار لھي ويندا هُئا.
هُن سڄي عُمر پڙهايو. ڄامشوري اچي، ’تعليمِ بالغان‘ شروع ڪيائين ۽ الاءِ ڪيتريون خواتين اسان وٽان گهران پڙهي نڪتيون. هڪ ننڍڙي ديني مدرسي جو گهر ۾ قيام ٿي ويو، جنھن مان هيل تائين الاءِ ڪيترا ٻار فيضياب ٿي چُڪا آهن ۽ جيڪو سندس وفات کان پوءِ، ننڍي ادي سنڀاليندي ٿي اچي.
کيس موسيقيءَ جي بہ وڏي ڄاڻ هُئي. جيوڻي ٻائي، ڪريمان ٻائيءَ جا ڳايل گيت... مناجاتون، حمد.... سندس لھجو، علمي ادبي رعب، ويٺلن تي ڪمال اثر ڪندو هو. هُوءَ ڏاڍي سُٺي تارُو هوندي هُئي ۽ جڏهن اسين ٽلٽيءَ ويندا هُئاسين تہ امان جي مقبوليت جي اسان سڀني کي خبر پئجي ويندي هُئي. جڏهن شام جو اڱڻ ۾، کٽن تي، آيل مھمان خواتين جا هجوم هوندا هُئا.
پنھنجي حياتيءَ ۾، جي ڪجهہ فخرمند لمحن کي، مان ياد جي تار تي سُڪائڻ گهران تہ اُهي، اُنھن عاليشان فنڪشنز جا ناهن جن ۾ مون اهم ترين ايوارڊز ماڻيا آهن پر مون لاءِ اهم ترين گهڙي اُها آهي جڏهن بيورو آف ڪيريڪيُولم ۾، ڪنھن ڪم سان ويس ۽ اُتي هڪ صاحب اُٿي مُنھنجو آڌرڀاءُ ڪندي چيو تہ، ”سائين، توهان ڀلي محمود مغل صاحب هُجو پر هتي اهم ترين ڳالھہ اها آهي جو اوهان جي والدہ جو نالو، اسان وٽ اندراج ۾ آهي جيڪا پنھنجي وقت جي هڪ عظيم اُستاد هُئي.“ اهو لمحو، عزيزانِ من، مُنھنجو ذاتي افتخار آهي. جڏهن ڪير مون کي مُنھنجي والدِ گراميءَ مرتبت فقير ميان نور محمد مغل جي بيلفيءَ ۽ امڙ سانئڻ جي پيشي اُستاديءَ جي حوالي سان ياد ڪندو آ تہ مون کي پنھنجو قد بيحد اوچو لڳندو آهي، جيتوڻيڪ ذاتي حوالي سان پنھنجي قد جي مون کي خبر آهي.
جيجان، مائرن جي هِن ڏينھن تي، الاءِ ڇو هيءَ چوٿين تحرير آهي. مان جيڪو پنھنجو هڪڙو حرف بہ ڪٽڻ ناهيان گهرندو، الاءِ ڇا پيو لکان، ڇا پيو ڪٽيان، حياتيءَ ۾ ائين ڪڏهن ٿيو ناهي، چڱو ٿيو، اڄ ٿي بہ ويو ڇاڪاڻ تہ توتي ۽ بابا تي لکڻ لاءِ، مان لفظ ڪٿان آڻيان ۽ ڪھڙا آڻيان.
ايڪيھن سالن کان مٿي وقت گُذريو آهي، تُنھنجي جسماني وڇوڙي جي گهڙي نہ وسري آهي، نہ ئي مان وسارڻ ٿو گُهران. جھان مان موڪلائڻ مھل بہ تو آخري ڳالھہ مُنھنجي مڃي هُئي، تُنھنجي چيل هڪ هڪ ڳالھہ مان ڪيئن ٿو وساري سگهان!. تو چيو هو نہ، ”سُٺو ماڻھو ٿجانءِ، ڇانوَ ڏجانءِ تہ اُس بہ... رڳو ماڻھن جي موسمن کي سڃاڻجانءِ تہ کين ڇا جي ضرورت آهي.“ الاءِ سُٺو ماڻھو ٿيو آهيان الاءِ نہ، الاءِ ماڻھن جي موسمن جي خبر پئي ٿي الاءِ نہ... بس ڪنھن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ڪرڻ کان پوءِ هڪ عجيب خُوشبوءِ لھي ايندي آهي. اهڙي، جھڙي تُنھنجي پيرن جي پٻن ۾ هُوندي هُئي ۽ اُن مھل مون کي لڳندو آهي، مان تُنھنجي ڳالھين جي ياد جي وراڻين ۾ جي رهيو آهيان ۽ مُنھنجو اندر جهونگاري رهيو آهي. ’تن ريءَ سال ٿيام، جن ريءَ ساعت نہ سري هيڪڙي.‘
پروردگار، تو کي بھترين کان بھترين جاءِ تي رکي. (آمين)

ڇپيل: آچر 08 مئي 2016ع