شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

پرويز هليو ويو آهي (تعليمدان: پروفيسر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ)

اکين ۾ پوسر وڌي وئي آهي. الاءِ ڪيترا ڪلاڪ ٿيا آهن، وقفي وقفي سان وسندڙ مينھن جيان آب اچي ٿو. ڳوڙها وهن ٿا، وري بيھجي ٿا وڃن. سندس ياد جي جل ٿلَ، اندر جا رستا پُسائي ڇڏيا آهن. هر اهڙي حادثي جي پوئيواريءَ جيان، دل هر هر چئي ٿي، ڄاڻ اک کُلي...اهو سڀ خواب پيو ٿو هلي، ڄاڻ ٽُٽو...۽ ڌڻي ڪندو تہ اهو سڀ ائين نہ هوندو...پر اهو خواب ناهي...اکيون کليل ئي آهن، پرويز وڃي چُڪو آهي.
اربع ۽ خميس جي وچ واري رات، يعني 27 جولاءِ 2016ع بمطابق 23 شوال المڪرم 1437 هجريءَ جي ڊاڪٽر پروفيسر احمد پٺاڻ، ڏھہ لڳي ڪجهہ منٽن تي، اوچتو هي جھان ڇڏي ويو.
انا للهِ وانااليہ راجعون.
هڪ پکيءَ ڀڙڪو کاڌو ۽ اڏارَ ڀريائين. هڪڙي ٻارڙي پنھنجي مُرڪ کي زندگيءَ جي فريم ۾ فريز ڪيو ۽ مُنھن ڦيري ڇڏيائين. هُو اسان سڀني جي وچ مان اُٿيو ۽ هيڏانھن هوڏانھن نھارڻ کان سواءِ، اوپرن جيان روانو ٿي ويو.
ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي معزز خواتين و حضرات، ڪڏهن ڪڏهن، ڪي ڪي ماڻھو ڀريل ڀڪيل ڪائنات ۾ سڀني جي وچ ۾ ويٺي، يا سڀني ساڻ هلندي، کل مسخريءَ جون سوغاتون ورهائيندي، اوچتو مُنھن موڙي وٺندا آهن. ڀريل محفل مان ائين اٿي ويندا آهن، ڄڻ اتي ڪڏهن ويٺا ئي ڪو نہ هُئا. ويٺل، وائڙن وانگر کين ڏسندا ئي رهجي ويندا آهن. ستم تہ اهو بہ هوندو آهي تہ سوال پڇڻ جھڙو وقت بہ نہ ملندو آهي، حيرتن جو ڄار ائين جڪڙي وٺندو آهي، جو جيستائين پاڻ ڇڏائجي، تيستائين وڃڻ وارو الاءِ ڪٿي وڃي پھچندو آهي ۽ هن سفر تي نڪتل کان کڻي جي سوال ڪرڻ جو وقت بہ ملي تہ کين وري ڪھڙو جواب ڏيڻو هوندو آهي.
ننڍپڻ جون دوستيون ڏاڍيون حسين لڳنديون آهن. وڏي ٻاجهہ، وڏي رحمت ڀاسجنديون آهن، پر عُمر جي هنن ڏهاڪن ۾ اهي زحمتون بڻجن شروع ٿينديون آهن، جڏهن رخصتيءَ جو عمل شروع ٿيندو آهي، ورهين جا رفيق موڪلائين تہ خزائن جي پڪ تہ ٿئي ئي ٿئي ٿي.
1970ع يا 71 هو...اسان کي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ آئي، ست سال کن ٿيا هُئا. ٽڙيل پکڙيل گهرن جا رهواسي شاھہ، رندَ، پنھورَ، ابڙا، مغلَ، ڪاظمي، پٺاڻَ ۽ ڪجهہ ٻيون ذاتيون هُئا. هر ڪو الاءِ ڪٿان ڪٿان آيو هو....پر جيترو دير سان مليو هو، اوترو جلدي سندس وجود جو داڻو محبتن جي سڳي ۾ پوئجي ويو هو. امڙيون، پاڻ ۾ ساهيڙيون بڻجي ويون هيون ۽ پيئرَ دوستَ...يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ مقرر عملو، سڀ هڪٻئي جا شناسا، هڏ ڏوکي ۽ بس ڀائر بڻجي ويا. ڪالوني، هڪ ننڍڙو ڪٽنب بڻجي وئي.
وڏڙن کي ڏسندي نئين نسل وري دوستي ڌاري...ذوالفقار پنھور، پرويز پٺاڻ، محمود الحسن مغل، مولا بخش ۽ اميد علي رند، زبير ڪاظمي، طارق عالم ابڙو، پاڻ ۾ گڏيا ۽ مٿان وري عبدالرحمان سيال ۽ عبدالرحمان شيخ اچي اُن گروپ جا ساٿاري بڻيا. وقت پنھنجيون واڳون ڇنايون ۽ سواءِ رات جو پنھنجن پنھنجن گهرن ۾ وڃي ننڊ ڪرڻ جي سڀئي ’سڀ جان هڪ قالب‘ بڻجي ويا. هڪٻئي جي گهران ماني آڻبي هُئي، رات جو سِرُن جي سگري ٺاهي چانھن ڪاڙهبي هُئي، وسندڙ مينھن جي شدت ۾ ٽينس ڪورٽ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿيندا هُئا. فلم ڏسڻ لاءِ گڏجي ڪاليج مان بَنڪ ڪبو هو. رولاڪيون، حسناڪيءَ سان هونديون هيون. ۽ مٿان مائٽن جي بہ اک هوندي هُئي. اک هُئي، تڏهن تہ هر امتحان، امتيازي نموني سان پاس ٿيو ۽ وقت اسان سڀني کي ڪنھن نہ ڪنھن مقام تي آڻي بيھاريو.
ذوالفقار عليءَ، نياز پنھور جي جاءِ والاري، عبدالرحمان سيال، سنڌ جو هڪ مشھور ٻارن جي علاج جو ماهر ڊاڪٽر آهي. عبدالرحمان شيخ، ٽيليفونن جي کاتي ۾ بالا عملدار آهي. مولا بخش ۽ اميد علي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ درجن تي رهيا آهن. فقير اوهان جي سامھون آهي...۽ پرويز پٺاڻ وري، اقتصاديات، سماجيات ۽ معاشيات جي حوالي سان ميدان سنڀاليو ۽ چئي سگهجي ٿو تہ وقت جي ڄاڻو ماڻھن کيس پنھنجي دؤر جو اهم ترين ’سوشل سائنٽسٽ‘ تسليم ڪيو. تعليم جي ونڊ ورڇ کان سواءِ ٻين سڀني ميدانن ۾ اهم خدمتن سرانجام ڏيڻ کان سواءِ هن صاحب، مانيٽرنگ اينڊ اواليُوئيشن، پروجيڪٽ فائِنَنس ۽ مئنجمينٽ، رُورَل ڊولپمينٽ، فارمر پارٽيسپيشن ان ايريگيشن ائنڊ ڊرينيج، ايريگيشن ٽرن اوَور، انوائرنمينٽ اينڊ ايگريڪلچرل اڪانامڪس جھڙن عالمي شعبن ۾ پاڻ مڃايو. سندس تيار ڪيل اسڪيمون عالمي معيار رکنديون هيون ۽ شعبي ۾ سندس مھارت حيران ڪندڙ هُئي.
پرويز جي ذاتي حوالي سان تعليمي ميدان ۾ ترقيءَ جي رفتار بہ حيران ڪندڙ هُئي. هن اسٽاف اڪانامسٽ جي حيثيت سان 1989ع کان پنھنجو ڪئريئر شروع ڪيو. 1992ع ۾ هُو ’سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر‘ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، 2007ع کان سندس ترقي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ٿي. سال 2005ع ۾ کيس مڪمل پروفيسر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. معنيٰ محض ٻائيتالھہ سالن جي ڄمار ۾ هن ان پدَ کي ڇھيو هو. اهو سفر اتي ئي ختم نہ ٿيو، اٺ سال پوءِ هن يونيورسٽي ٽيچنگ جي شعبي ۾ آخري حد کي بہ هٿ لاٿو ۽ ’پروفيسر ائميرَيٽَس‘ بڻجي ويو.
تدريسي حوالي کان سواءِ انتظامي عھدن تي بہ کيس قدرت واھہ جي قابليت ڏني ۽ نوازيو. مارچ 1989ع کان فيبروري 2004ع تائين هُو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪرمنالوجيءَ جي شعبي جو سربراھہ رهيو. مارچ 2004ع کان جنوري 2010ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحاني شعبي جو ڪنٽرولر رهيو. سال 2010ع کان 2012ع تائين تحقيق سان لاڳاپيل اداري، ’اورِڪ‘ جو ڊائريڪٽر رهيو. سال 2012ع کان 2013ع تائين ريسرچ گرئجوئيٽ اسٽيڊيز جو ڊائريڪٽر رهيو، سال 2013ع ۾ ’فئڪلٽي آف سوشل سائنسز‘ جو ڊين بڻيو ۽ سال 2005ع ۾ کيس ’پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس‘ بڻايو ويو ۽ ان ئي عھدي تي هُن 27 جولاءِ 2016ع تي وفات ڪئي.
سندس تعليمي حاصلات بہ ڪمال هُئي. هُن 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان MBA ڪئي هُئي. 1991ع ۾ انگلينڊ جي واءِ ڪاليج يونيورسٽيءَ مان ايگريڪلچرل اڪانومڪس ۾ ايم ايس سي ڪيائين. 1998ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان ايگريڪلچرل اڪانامڪس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. پروفيسر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ کي سندس ڪارڪردگيءَ پٽاندڙ حڪومتِ پاڪستان جي هائر ايجوڪيشن ڪميشن سال 2007ع جو ’بيسٽ ٽيچر ايوارڊ‘ ڏنو هو ۽ 2013ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کيس گولڊ ميڊل عطا ڪيو هو.
پنجن ڪتابن جي مدير ۽ ليکڪ، تقريبن 60 پيپرز مختلف ڪانفرنسن ۽ سئمينارن ۾ پيش ڪيا ۽ سندس 37 آرٽيڪلز ڇپيا ۽ 11 ريسرچ رپورٽس شايع ٿيون. سندس تحقيق جو شعبو ايترو سگهارو هو، جو وفات مھل تائين هن 18 پي ايڇ ڊي اسڪالرز پيدا ڪيا هُئا، جڏهن تہ 22 اڃان سندس تدريس هيٺ هُئا. ساڳي ريت هن 44 ايم فل اسڪالرن کي ڊگريون ڏياريون هيون ۽ اڃان 52 ڄڻا سندس گائيڊينس هيٺ هُئا، رڳو اهي انگَ اکرَ ئي سندس درس و تدريسي حوالي سان حيثيت کي واضح ڪن ٿا.
هن يونيورسٽيءَ کي ڀريا 27 سال ڏنا. انھن ستاويھن سالن جون مُرڪون، کِلَ، رُساما ۽ رنجَ، پرچڻ ۽ پرچائڻ، هاڻي وقت جي تار تي ٽنگجي ويو آهي. اکين جو پاڻي ان کي سڪڻ ئي ڪٿي ٿو ڏئي.
هڪڙو علم جو اڪابر رخصت ٿيو آهي. جنھن جي علمي قدَ بُتَ کان ڪو بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تدريسي ۽ انتظامي شعبي کي هڪ وڏو ڌڪ رسيو آهي. هي سٽون ان ڪري نہ پيون لکجن تہ هُو ڪو مُنھنجو ڀاءُ ۽ اسان جو دوست هو، پر سچائي اها ئي آهي تہ پنھنجي ميدان ۾ هن مھل، ساڻس بَرُ مئچڻ لاءِ هر سطح تي ڪو بہ ماڻھو نہ هو...هي سڀ سندس حق ٺھي ٿو، جيڪي ڪجهہ لکيو ويو آهي.
هي فقير، اوهان کي سندس مغفرت جي دعا لاءِ عرض ٿو ڪري، اهڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن. دعا ڪجوس، پروردگار سندس پورهئي کي قبول ڪري ۽ بھتر کان بھتر جاءِ عنايت فرمائيس. (آمين)
تقريبن ڇائيتاليھن سالن جو ساٿ ٽُٽو آهي...پاڻ سنڀالجي پيو الاءِ نہ...اکر گڊمَڊ ٿي رهيا آهن ۽ بصارتن تي خراش لاءِ هي فقير اوهان کان معذرت طلبي ٿو. ڀائر، رڳو رت ڄاوا نہ هوندا آهن، ڀائر اهڙا بہ هوندا آهن، تڏهن تہ نظر جي ڌنڌلاڻ وٺُ نہ ٿي ڏئي، کيس حياتيءَ ۾ سدائين تڪڙ هُئي. شايد ڄاتائين پئي تہ هو هليو بہ ايترو ئي تڪڙو ويندو.

ڇپيل: ڇنڇر، 30 جولاءِ، 2016ع