ادا وڏو..! (وڏو ڀاءُ: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل)
جيتوڻيڪ سندس عمر جي آخري حصي کان سواءِ، مان ڪڏهن بہ هُن سان گهڻو ويجهو نہ رهيس، پر تہ بہ ’ادا وڏي‘ جي حيثيت، رعب، دٻدٻو ۽ عام رواجي سلوڪ، سدائين منھنجي اندر ۾ دُودُ دُکائيندا رهيا. سندس فراخ ٽھڪ، کُليل ڀاڪُرَ، ڏسڻ جو مخصوص انداز، نَڪَ جي چوٽيءَ تي رکيل ويجهي نظر وارو فريم، لباس ۽ بُوٽن جي چُونڊ... ڇا ڇا نہ پويان رهجي ويو آهي. ۽ ها، سندس سنڀال بہ تہ اڃا تائين اسان وٽ آهي، جيڪا ابَي مرحوم جي وفات کان پوءِ، هُن پنھنجي ڪُلھن تي رکيل رُومال جيان ويڙهي رکي ۽ ڪڏهن بہ نہ لاٿي. حياتي هُن مٿان سدائين گرميءَ جي موسم جيان رهي ۽ ادا وڏي، ان سنڀال جي ٽوال ساڻ، سدائين پنھنجي فرض جي ادائيگيءَ جو پگهر اُگهيو.
والدِگراميءِ مرتبت فقير ميان نُور محمد مغل جي وفات جو ڏيھاڙو ياد ٿو اچيم. جيتوڻيڪ عمرِ عزيز ڇھہ سال ۽ ٽي مھينا هئي، پر ياد جي حاشيي ۾، جيڪو پاسن کان لکيل آهي، اهو امڙ سانئڻ جي ڪرايُن تان چُوڙين جو رات جي وقت لھڻ ۽ ٻنپھرن ڌاري، وهندڙ اکين سان، ادا وڏي جو ’ﷲ جي رضا بابا... ﷲ جي رضا‘ چوڻ آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جي ڪوارٽر نمبر A-16 ۾ ابَي جھان ڇڏيو هو. ٽن ڪمرن، ورانڊي ۽ ٻن اڱڻن وارو اهو گهر پِيليُن ڀتين ساڻ، منھنجي اندر ۾ پِيلو رنگُ ڇڏي ويو.
بابا جي وفات کان پوءِ سڄو جھان ادا عبدالرحمان ۽ ادا خليل الرحمان سنڀالي ورتو هو. ادا گل محمد تي صدمي جو پاڇو گهِرو هو. اسان چئني پُٽن مان، هُو بابا سائينءَ سان وڌيڪ ويجهو رهيو هو. حضرت لال شھباز قلندر رحمتہ ﷲ عليہ جي روضي جي خدمت ساڻ، اسان سڀني جو واسطو رهيو آهي. اسين ’جاروب ڪش‘ رهيا آهيون. قبلا ڏاڏا سائين فقير ميان گل محمد مغل ۽ سندن والد ميان نُور محمد مغل ۽ انھن جا وڏا، ان تسبيح جا موتي بڻجندا رهيا. اهو بہ عجيب جھان آهي، جو ’نُور محمد - گُل محمد‘ جو سلسلو هلندو ٿو اچي. پڙ ڏاڏو سائين نُور محمد هيو تہ ڏاڏا سائين گُل محمد، بابا قبلا نُور محمد هئا تہ ادا ٽيون نمبر گُل محمد، اُن جو وڏو پُٽ نُور محمد آهي، جنھن کي سڀ وسيم سڏيندا آهن، هُن پنھنجي ٻنھي پُٽن مان ڪنھن تي بہ اهو نالو نہ رکيو، معنيٰ هاڻي لڳي ٿو تہ اَٺن پيڙهين جو اهو سلسلو بہ معدوم ٿي ويندو.
ادا عبدالرحمان ۽ ادا خليل، شروع کان ئي سيوهڻ ۾ گهٽ رهيا. تعليمي حوالي سان، ادا عبدالرحمان دادوءَ ۾ پڙهيو ۽ پوءِ ٻنھي ڀائرن کي بابا سائين حيدرآباد پڙهڻ لاءِ موڪليو، جتي ’ٺاٺارا لئن‘ ۾ اسان جي ڏاڏي محترمہ پنھنجن ٽن پُٽن سان رهندي هئي. ’پيئنگ گيسٽ‘ جي حوالي سان ٻئي ڄڻا اُتي رهيا ۽ ڏاڏاڻ جي عنايت سان ڇِت تي ڪمرو نصيب ٿيو. جيڪو بنا ڇت جي هو. فلمي انداز ۾ محبتن جو سفر شروع ٿيو. جيڪي محبتون ۽ عنايتون، ياعمر نٿيون وسري سگهن. عنايتن جي حد اها ٿي، جو ڊسمبر جي هڪ سرد رات جو، ڪڙاڪيدار سيءَ کي، ڪڙڪيدار بارش ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. ڪمرو خير سان ٽاپ تي هو ۽ ٽاپ ليس هو. هيٺ لھڻ جي اجازت نہ هئي. ڪجهہ ڪلاڪ ڀائر، ڪنبڻين جي حوالي، روئندا رهيا. نيٺ اُتان نڪتا، ڇاڪاڻ تہ بارش جي بيھڻ جي ڪا سوچ نہ هئي. سامھون هڪ مسجد هئي. ٻئي ڄڻا مسجد ۾ اچي لڪا تہ ماڻھن کين چور سمجهيو. اتي ئي ’مفتي عبدالمتين صاحب‘ پيش امام هيو. ان انھن ٻنھي کي پنھنجي ڀاڪُر ۾ ڀري ورتو ۽ هڪ هڪ کي ذاتي خاطري ڪرايائين تہ ستم جا ماريل آهن، ٿڌ ماري وجهندن. مٿان وري توهان تہ ٿڌا ٿيو. مولوي صاحب جي ڀاڪُر، حياتي موٽائي ڏني. پراڻي وحدت ڪالونيءَ ۾ جيڪا جامع مسجد آهي. اُتي سائين عبدالمتين مرحوم هڪ وڏو عالم رهيو آهي. سندن جھان ڇڏڻ کان پوءِ سندن فرزند ميان جميل ان مسند تي فائز آهي.
سياري جي ان سرد رات گهڻو ڪجهہ پَلٽَي ڇڏيو. ادا خليل پاڻ نوڪري ڪري، وڏي ڀاءُ کي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڪلارڪ مقرر ٿي، هُن شام جي شفٽ ۾ سچل ڪاليج ۾ ڪامرس پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ادا عبدالرحمان گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ سان لنئون لڳائي. غربت پنھنجي جاءِ تي هئي پر نفاست بہ خانداني هئي.
تنھن زماني ۾ حيدرآباد جي مشھور شيخ خاندان جو مشھور ترين ڊاڪٽر ’سائين ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ‘ جنھن کي سڀ ’ڊاڪٽر ڪاڪا‘ سڏيندا هئا ۽ جنھن پوءِ اڳيان هلي، صدر ۾ مشھور ’بيليئر هاسپيٽل‘ ٺھرائي، صبح ساڻ واڪ ڪندو هو ۽ هن نوجوان کي تڪڙو تڪڙو هڪ رُخ ۾ ويندو ڏسندو هو. ادا مرحوم سدائين تِکو هلندو هو. ڊاڪٽر شيخ صاحب، هڪ ڏينھن کانئس روڪي احوال ورتو، خبر پيس تہ ٺاٺارا لئن کان گورنمينٽ ڪاليج تائين هي سيبتو ٻار، پنڌ ايندو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڀاڙو افورڊ نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر صاحب ٻئي ڏيھاڙي تي ئي، هڪ سائيڪل وٺي، ادا عابد جي حوالي ڪئي تہ اڄ کان تون سواريءَ جي تنگيءَ ۾ نہ رهندي. اهو وقت بہ پنھنجي پڙهائيءَ کي ڏج ۽ پوءِ وقت اهو ڏيکاريو تہ فزڪس جھڙي ڏکئي شعبي ۾، ان وقت ادا عبدالرحمان سوا ٻن سالن جي وقت ۾ گلاسگو ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي، جنھن زماني ۾ ڪوبہ ڪلچر، سواءِ علم شناسيءَ جي روشناس ٿيل نہ هو. هُن انھن ٻنھي مھربانن ۽ پنھنجي اداري جي اعتبار کي مٿانھون ڪيو ۽ ڏسو تہ ڇا تہ خوبصورت ڪيريئر ماڻيائين.
’عبدالرحمان ولد فقير ميان نُور محمد مغل، 27 مارچ 1942ع تي سيوهڻ شريف ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سيوهڻ شريف ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان 1959ع ۾ سائنس گروپ ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ انٽميڊيئيٽ ڪيائين. فزڪس جي مضمون ۾ آنرس سائيڊ کان بي ايس سي سيڪنڊ ڊويزن ۾ 1964ع ۾ ڪيائين ۽ حيدرآباد اچي، گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ ۾ ڄڻ تہ سندس ساھہ اٽڪي پيو. 1965ع ۾ هُن نيوڪليئر فزڪس ۾ سيڪنڊ ڊويزن ۾ ايم ايس سي ڪئي. 1968ع ۾ ايجوڪيشن جي شعبي ۾ ايم ايڊ ڪيائين. 1977ع ۾ گلاسگو يونيورسٽي برطانيا مان سائنس ايجوڪيشن ’ٽيچنگ آف فزڪس‘ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. ليڪچرر جي حيثيت سان 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪيائين. 1970ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1977ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1983ع ۾ پروفيسر بڻيو. 1984ع ۾ کيس پھريون ڀيرو فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جو ڊين مقرر ڪيو ويو. جتان وري هن 1989ع ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي اداري IPSET جي ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي لاءِ سڄي دنيا جي سوين اميدوارن مان پھريون نمبر ماڻيو. ان عھدي تي هُو گهڻو وقت ڪم نہ ڪري سگهيو ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏيئي واپس سنڌ يونيورسٽي هليو آيو، جتي وري کيس فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جو ڊين بڻايو ويو ۽ ان عھدي تي ئي نوڪري ڪندي، هُن 27 نومبر 1995ع تي وفات ڪئي. سندس 36 آرٽيڪلس، ڏيھي پرڏيھي جرنلس ۾ ڇپيا. 9 آرٽيڪلس هن سائنس ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا. 7 منصوبن تي ڪم ڪيائين ۽ 75 کان مٿي، ڪانفرنسون، ورڪشاپ ۽ ڪورسز اٽينڊ ڪيائين ۽ ڪنڊڪٽ بہ ڪيائين. هُن RCD پروگرام هيٺ ايران جي شھر تبريز ۾ ملڪي سطح تي نامزدگي ماڻيندي، 1972ع ۾ ٽريننگ ڪورس ڪيو. 1980ع ۾ جاپان ۾ ’گهٽ خرچ واري سِکيا بابت ٽئين ريجنل ورڪشاپ‘ ۾ پاڪستان پاران شرڪت ڪئي. 1986ع ۾ سئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ’عالمي تعليمي ڪانفرنس جي 40هين سيشن‘ ۾ مندوب جي حيثيت سان شريڪ ٿيو ۽ 1989ع ۾ هڪ ڀيرو وري جاپان ۾، ’ايشيا پيسفڪ ريجن بابت عالمي تعليمي ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪيائين. پنھنجي دور جو هڪ عالم، استاد، سماجي خدمتگار، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان قبرستان ۾، پنھنجي والدہ جي دل واري پاسي آسودہءِ خاڪ آهي.‘
سندس ذات ۾ عجيب رعب هوندو هو. هُو سڀني ۾ وڏو هو ۽ سندس جوڙِي ادا خليل سان هئي. مٿان وري ادا گل ۽ مون کي هُن ننڍن پُٽن جيان پاليو هو. پنھنجي تعليم جي شروعات ڏينھن ۾ مان بيحد روئڻو ۽ ڏڪڻو ٻار هئس. ڊاڪٽرن چيو هو تہ هن جي حالت ڪڏهن هارٽ فيل ڏي نہ وٺي وڃيس، سو پھريان پنج درجا مان گهر ۾ ئي پڙهيس. ڇھين درجي کان ماڊل اسڪول ۾ داخلا ٿي ۽ اتي ادا عبدالرحمان جي نوڪري هجڻ ڪري، سندس ويجهو هجڻ جي پڪ هئي تہ وڃي ڪجهہ سانڀر ۾ آيو هئس. رهندو تہ گڏ هئس، پر الاءِ ڇو کانئس پري ٿيندو ويس. هڪ عجيب خوف منھنجي اندر ۾ اچي ويو هو. مٿان وري کيس منھنجا افعال نہ وڻندا هئا. سو مان ڪوشش ڪري سندس سامھون نہ ايندو هئس. مان جدت پسند ۽ فيشني هئس ۽ هُو روايتي ۽ سادو... نتيجي طور اسان ٻئي هڪ ٻئي کان پري ٿيندا وياسين. هُو هڪ در کان داخل ٿيندو هو تہ مان ٻئي کان کسڪي ويندو هئس. جيتوڻيڪ کيس منھنجي سڀني دوستن جي ڄاڻ هوندي هئي پر الاءِ ڇو اسان سڀني کي لڳندو هو تہ هُو اسان کي پسند نٿو ڪري. انھن مان گهڻا تہ سندس دوستن جا ٻار يا ڀائر هئا. منھنجا دوست بہ هن کان ڪَن ڪندا هئا ۽ ائين هڪ اڻ ڏٺل ديوار کڄندي وئي. هُو امان کي منھنجيون شڪايتون ڪندو هو. جن جو مون کي شديد ڏک ٿيندو هو. منھنجي وارن رکڻ جو اسٽائل، ڪپڙا، مٿان گِٽار وڄائڻ، ميوزڪ ڪلب جوائن ڪرڻ، جنوني طور ڪرڪيٽ کيڏڻ... اهي سڀ عمل، اسان ٻنھي جي وچ ۾ ديوار جون سرون بڻجندا ويا. ڌڻيءَ معاف ڪيو، ڪڏهن ڪا تلخي وچ ۾ نہ آئي، پر مراسم، بيحد قريب بہ نہ هئا. اسين بس ريل جي پٽڙين جيان گڏوگڏ هلندا رهياسين.
اهو سڀ هوندي بہ سندس روَيو بيحد شفيق هيو. هُو منھنجيون ڪھاڻيون، پنھنجن دوستن کي پڙهي ٻُڌائيندو هو ۽ خاص خاص ٽُڪرا تہ ڄڻ ازبر هوندا هئس. عاشقيءَ جي هڪ معاملي جي خبر پيس تہ هڪدم هائو ڪيائين تہ جي محمود جي خواهش آهي تہ مون کي ڪوبہ اعتراض ناهي. جيتوڻيڪ مون اتي شادي نہ ڪئي پر هُن طرفان ڪابہ روڪ ٽوڪ ڪانہ هئي.
عجيب طبيعت جو انسان هو. جنھن کي مذهب سان بيحد چاھہ هو ۽ هُو راڳداريءَ جي جھان جو بہ وڏو شوقين هيو. ڪرائون ڪارڊر، فلپس، سوني، مطلب ان دور جي وڏين ڪمپنين جا ٽئپ رڪارڊرس، اسپُول پليئرس، ڪيسٽ پليئرس ۽ ريڊيا وٽس جام هوندا هئا. کيس رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ انھن کي سھيڙڻ جو جھڙوڪر جنون هوندو هو. هُو پنھنجيون رڪارڊنگس پاڻ بہ شوق سان ٻُڌندو هو ۽ ٻين کي ٻُڌرائڻ ۾ بہ جھڙوڪر بي انتھا لطف محسوس ڪندو هو. خاص طور ادا مرحُوم اظھار علي شيخ تہ هر موڪل واري ڏينھن اسان جي D-5 بنگلي جي سرونٽ ڪوارٽر ۾ ٺھيل اوطاق ۾ اچي ديرو ڄمائيندو هو ۽ ٻئي دوست ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقيءَ جي هڪ هڪ انگ تي بحث ڪندا هئا. مان سم جھان ٿو تہ جي مون کي راڳداريءَ جي جھان ۾ ڪا ٿوري گهڻي سُڌ ٻُڌ آهي تہ اها ادا عابد جي ڪري بہ ممڪن ٿي سگهي ٿي.
ادا مرحوم جو ٻيو شوق فوٽوگرافي هيو. دنيا جي جنھن ملڪ ۾ ويو، تصوير ڪشي سندس خاص عادت رهي. سندس اک جو شٽر ڪمال جو هيو. تنھن زماني ۾ اهو هڪ مھانگو شوق هوندو هو. ادا وڏو ڪوشش ڪري هٿ هلڪو رکندو هو. گهڻا فوٽو نہ ڪڍندو هو، پر بھرحال سندس اهو شوق بہ راڳداريءَ جي جھان جي ڄاڻ کان گهٽ ڪونہ هو.
سندس علمي قابليت ڪمال جي هئي. پنھنجي مضمون تي جيڪا دسترس کيس حاصل هوندي هئي اهڙو ملڪو ورلي استادن کي نصيب ٿيندو هو. سندس قابليت الاءِ ڪيترا حاسد ماڻھو پيدا ڪيا. جن کيس فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ ڪڏهن بہ سک جو ساھہ کڻڻ نہ ڏنو ۽ مٿان وري هُو جڏهن سڄي پاڪستان ۾ قابليت جي بنياد تي ’اپسٽڪ‘ جو ڊائريڪٽر جنرل چونڊيو تہ ’حسد واري محبت‘ جو رنگ اڃا وڌيڪ چوکو ٿي ويو. پنھنجي حساسيت کان مجبور ٿي ۽ دوستن جي ڪرم نوازين کي محسوس ڪندي، هن پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ هتي موٽي آيو هو. مون سندس وجود ۾ ڪڏهن بہ ان ڳالھہ تي ڪو ڏک محسوس نہ ڪيو تہ هُو ڪو ايڏو وڏو عھدو ڇڏي آيو هو. هڪ ڀيري دل جي شديد دوري جو شڪار ٿيل ڊاڪٽر عبدالرحمان، فقير ماڻھو هو، فقير جو اولاد هو ۽ فقرائي رنگ ۾ مست هو.
ادا عابد کي ’الھہ وارن‘ سان خاص نسبت هئي. درگاھہ قلندر رحمتہ ﷲ عليہ کان سواءِ هُو سڀني بزرگن کي سلام ڪندڙ هو. سائين ’مڪان شريف‘ واري بزرگ سان تہ خاص سلسلو هئس. هر مھيني جي هڪ خاص ڏينھن تي پاڻ ڪجهہ دوست، ڪرائي جي سوزڪيءَ ۾ مڪان شريف ملاقات لاءِ ضرور ويندو هئا. جن ۾ سائين مرحوم نجف علي شاھہ صاحب جن کي سڀ ’سائين ٻُڍل شاھہ‘ سڏيندا هئا. مرحوم الياس مغل ۽ ٻيا ڪالونيءَ جا ساٿي خاص طور شامل ٿيندا هئا. ماڊل اسڪول جي احاطي ۾ رهندڙ سائين غلام مصطفيٰ خان صاحب، ادا کي پنھنجي پُٽن جيان ڀائيندو هو. ادا سائينءَ مٿان اهم راز، مرحوم قبلا علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو بہ هو، مون ذاتي طور محسوس ڪيو تہ رمضان شريف ۾ تہ خاص طور قاسمي صاحب ’ختم القرآن‘ جي تقريب کي خطاب ڪرڻ ايندا هئا ۽ اسان جي گهر ۾ ڪجهہ وقت گذارڻ جي عنايت ڪندي، ادا تي خاص شفقت جو اظھار ڪندا هئا. تنھن کان سواءِ بہ انيڪ موقعن تي قاسمي صاحب اچڻ جي مھر ڪئي هئي. ادا تہ سدائين وٽن حاضر هوندا هئا.
ادا وڏي جي خاص دوستي، ’استاد منظور علي خان صاحب‘ ۽ ’استاد صادق علي صاحب‘ سان بہ هوندي هئي. مون گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا خانصاحب کي پنھنجي اوطاق ۾ بہ ڏٺو. خدمت جو ذمو منھنجو هوندو هو. استاد ۽ ادا جي گفتگوءَ ۾ ڪجهہ لمحا جيڪي مون کي سماعتن جي حوالي سان مليا، مون لاءِ املھہ آهن. ڪوهياري جڏهن بہ ڪنايان، اهي لمحا موٽي ايندا آهن.
پنھنجي سڀاءَ ۾ هُو هڪ بيحد سادو انسان هو. لَٽي ڪپڙي، اُٿي ويٺَي، هُو هر جاءِ تي ڪفايت ڪندو هو تہ جيئن اسان جو گهر ٺھي سگهي. هينئر جنھن گهر ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ A-74 سندس نانءَ ۽ A-73 ادا خليل جي نانءُ الٽ ٿيا هئا ۽ هن پلاٽ تي گهر، هن وڏي محنت سان ٺھرايو. 1990ع ۾ اسان هتي آياسين ۽ ادا عابد کي هتي رڳو 5 سال زندگي گذارڻ نصيب ٿي.
هنن ٽنھي ڀائرن جي محبت مثالي هئي. آفيس، گهر، مسجد... ان ٽڪنڊي جي ٽنھي ڪُنڊن ۾ سندن ائپروچ گڏ هوندي هئي. ڪالونيءَ واري ’مسجد بلال‘ ۽ سوسائٽيءَ واري ’مسجد قبيٰ‘ جي تعمير ۽ سنڀال ۾ هنن ٽنھي کي رب مٺڙي بيحد نوازيو. هُو گڏ نماز تي ويندا هئا. گڏ موٽندا هئا. سواءِ ظهر جي سندن پاڇولا گڏ ٺھندا هئا. ڇاڪاڻ تہ اهو وقت هر ڪو پنھنجي آفيس ۾ پڙهندو هو.
هنن جي اندر جي سادگي بہ ڪمال هئي. يونيورسٽي اٿارٽيز پاران پلاٽن جي قرعه اندازي ٿي، ادا عابد، ادا خليل ۽ ادا گل کي هڪ هڪ پلاٽ مليو ۽ ڄڻ مصيبت ٿي وئي. ٽئي ڀائر مٿو جوڙي ويٺا تہ ڀائر چار... پلاٽ ٽي! ڪم ڪيئن ٿيندو! آخر عقل ڪم ڪيو ۽ اهو فيصلو ٿيو تہ ٻہ پلاٽ رکجن ٿا، ڇاڪاڻ تہ چار ڄڻا ٻہ ٻہ ماڙ گهرن ۾ رهندا. A-72, A-73 ۽ A-74 مان ٻہ پلاٽ رکي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميہ کي خط لکيو ويو تہ ’مھرباني ڪري A-72 واپس وٺو... اسان لاءِ ٻہ پلاٽ ئي ڪافي آهن.‘ اندازو لڳايو سادگيءَ جي حسناڪيءَ جو. اڄ ٻُڌجي ٿو تہ اهو هڪڙو پلاٽ، هڪ ڪروڙ روپئي کان مٿي جي آڇ کي بہ موٽائي ٿو. هُنن مال متاع لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ڪونہ. جيڪي مليُن پئي، ان ۾ بہ جيڪو حق هئن سو بہ ڄڻ تہ وٺڻ کان لھرائيندا رهيا، ان ۾ بہ سوچيائون پئي تہ ڇا اضافي آهي، ڇا لازم آهي.
ادا عابد جي هڪ خاص عادت، مُنھن تي چوڻ جي بہ هئي. هُو ڪابہ لاڳ لپٽ ڪونہ ڪندو هو ۽ شايد ان ڪري گهڻن کي ڪونہ وڻندو هو. ماڻھن وٽ سندس تاثر عجيب جُڙندو هو، پر هُو ڪُپت کان چڙندو هو. سِڌي ڳالھہ ڪرڻ جو کيس ابَي مرحوم کان ورثو مليو هو ۽ هُو نہ آسرو ڏيڻ ۾ اعتبار رکندڙ هو نہ لنوائڻ ۾. سندس لھجو تيز هوندو هو. لڳندو هو تہ ڪاڻ ڪڍندڙ ناهي نہ ئي ڪاڻ ڪڍائڻ ٿو گهري.
2 ڊسمبر 1993ع تي ادا خليل جي اوچتي وفات ڄڻ کيس ٽوڙي وڌو. ادا گل محمد ۽ امڙ سانئڻ تہ جُهري ويا. ادا عابد، بظاهر پنھنجو پاڻ کي سنڀاليو، پر سندس وجود جي رونق ماند پوڻ لڳي هئي. ننڍو ڀاءُ، حياتيءَ جي شاهراهن تي ڏکن ڏاکڙن ۾ ٻِٽُ... ائين اوچتو هليو وڃي تہ پاڻ سنڀالڻ بيحد ڏکيو بڻجي ويندو آهي ۽ شايد اهي ئي گهڙيون هيون، جو اسين هڪ ٻئي کي ويجهو آياسين. هاڻي مان هن ساڻ وقت گذارڻ لڳو هوس. گڏ موسيقي ٻُڌندا هئاسين. مختلف موضوعن تي ڳالھائيندا هئاسين. ڪو گهڻو وقت نہ هوندو هو، پر بھرحال، اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هو.
26 نومبر 1995ع جي رات هئي. پروفيسر عبدالحسين شاھہ جي امڙ وفات ڪري وئي. ادا عبدالرحمان ايجوڪيشن جو ڊين هو ۽ شاھہ صاحب جو ذاتي دوست هو. سوزڪي ڪيريءَ ۾ اسين شاھہ صاحب وٽ عذرخواهيءَ لاءِ وياسين. جتي وڃي ادا جيڪِي ڳالھايو سو مون کي اڄ بہ رٽيَل آهي. ”دعا جا در بند نٿا ٿين شاھہ صاحب... بس اهو آهي تہ ماڻھوءَ جو مرتبو ڪِري ٿو. تڏهن تہ حضرت موسيٰ عليہ سلام کي ﷲ پاڪ فرمايو تہ طورسينا تي اچين تہ هاڻي جُتِي لاهي اچجانءِ... اڳي جُتِي پائي ان ڪري ايندو هئين، جو تنھنجي والدہ جيئري هئي، جيڪا اڄ ڪانھي.“ يا وري ”بس... اڄ آهيون سڀاڻ ناهيون... ڪنھن کي ڪھڙي خبر آهي تہ اڄوڪي رات منھنجي حياتيءَ جي آخري رات آهي. بس، سفر جي سدائين تياري ڪجي ادا...“
عجيب لڳو هو. ادا ڳالھائي پيو، سڀ کِلن پيا. مُئي جو تہ ڪو تڏو لڳو ئي نہ پئي. گهر آياسين، مون ڊرائيوِ پئي ڪيو. گاڏيءَ مان لھي، هُو الاءِ ڇو مون واري پاسي ڦرِي آيو.
”مون ڪجهہ غلط ڳالھايو محمود؟“
مان سندس سوال تي وائڙو ٿي ويو هئس، ”نہ سائين... بلڪل نہ... ڪنھن چيو؟“
”تہ پوءِ هُو سڀ کِليا ڇو پئي!“ سندس آواز ۾ عجيب ڏک هو، ”ڪابہ رات آخري تہ ٿي سگهي ٿي نہ.“
مون ڄڻ کيس سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. ”خير آهي سر... هوندا آهن اهڙا ماڻھو.“
کيس ڄڻ منھنجو جواب مطمعن نہ ڪري سگهيو. پنھنجي ڪمري ڏانھن وڃڻ لاءِ مُڙيو ۽ وري واپس پَلٽيو. منھنجي ڪُلھي تي هٿ رکندي چيائين، ”خليل جي وفات کان پوءِ تو مون سان جيڪو ساٿُ ڏنو آهي، جيڪي ڀلايون ڪيون اٿئي، تن جا ڀاڙا توکي ربُ ڏيندو.“
مان پريشان ٿي ويو هئس. هن هي ڇا پئي ڳالھايو!؟ چيم، ”اِٽس اوڪي سر... منھنجو فرض هيو اهو.“ ادا وڏي وڌيڪ ڪجهہ بہ ڪونہ ڪُڇيو. ڪُلھي تي وري ٿڦڪي ڏنائين ۽ اندر هليو ويو.
27 نومبر تي، شام جو چئين وڳي آفيس مان موٽيو تہ مون لائونج ۾ ويٺي وڊيو تي گانا شفٽ ڪيا. منھنجي ڀرپاسي کان لنگهندي، هن سلام ڪيو، اديُن جي ڪمري مان حال احوال ورتائين ۽ پنھنجي ڪمري ۾ موٽي ويو.
وچينءَ کان مغرب تائين اسان اڱڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين. ان مھل بہ کيڏون پيا. ٽي ويءَ تي ’پرک‘ پئي هليو، جنھن ۾ اسلم آزاد صاحب محمد يوسف جو ڳايل گيت ’راحت ملي ٿي درد ۾‘ مختلف ماڻھن کان ڳارايو پئي. جنھن باٿ روم ۾ ادا مُنھن واش ڪيو پئي، ان جو در اڱڻ ڏانھن کُليو پئي. اسين سڀ ڇوڪرا راند بہ کيڏون پيا ۽ کِلون بہ پيا. ڇو تہ ادا جو مُوڊ ڏاڍو سٺو هيو ۽ هن پاڻ اهو گيت وڏي آواز ڳايو پئي.
مغرب جي نماز کان ڪجهہ گهڙيون پھرين، مان بائيڪ تي امان سانئڻ جي قبر تي سلام ڪرڻ لاءِ نڪتس پئي. بائيڪ اسٽارٽ نہ پئي ٿئي. ادا اوچتو اندران نڪتو. تنھن زماني ۾ پاڻ مسجدِ قُبيٰ ۾ نماز بہ پڙهائيندو هو. وچين پڙهائي آيو هو ۽ مغرب تي ويو پئي. شلوار قميص، واسڪٽ، ٽوپي، ڪلھي تي رومال... هُو سدائين مون کي مغرب مھل قبرستان وڃڻ کان روڪيندو هو. سمجهم ناراض ٿيندو، پر هُن اکر بہ نہ اُڪليو. اڳيان وڃي، گهٽيءَ جو موڙ مُڙڻ کان پھرين، الاءِ ڇو هُن مون کي مُڙي ڏٺو. الاءِ ڇو منھنجي نھار بہ ڏانھس هئي. سندس مون ڏانھن نھارڻ، ان گهٽيءَ جي موڙ وٽ سدائين لاءِ رهجي ويو، اتان مُڙي نہ سگهيو.
قبرستان پھچڻ ۾ ڇھہ منٽ لڳا. اتي پھچڻ ساڻ مون کي هوا جو هڪ عجيب دٻاءُ محسوس ٿيو، جيڪو گلاب جي تيز خوشبوءَ سان سٿيَل هو. مون کي گلاب پريشان ڪندو آهي. ڏٺم چوڌاري ڪا تازي قبر بہ نہ هئي، پوءِ ايڏي تيز خوشبو؟! مان امان جي قبر تي ويس ۽ اها خوشبوءِ قبر کي گهيرو ڪيو بيٺي هئي، پوءِ مون کي محسوس ٿيو تہ اها خوشبوءِ بابا سائينءَ جي قبر جي رُخ ۾ وڃي پئي. هي سڀ، مان پنھنجي هوش و حواس سان، بقلم خود لکي رهيو آهيان. الاءِ ڇا محسوس ٿيم، اتان ئي موٽيُس. هاءِ وي تي بائيڪ چاڙهيم تہ پريان ماسات جو پُٽ پيرل ڀڄندو پئي آيو، ”چاچا کي اسپتال کڻائي ويا آهن... سوسائٽيءَ واري گهر جي ٻي گهٽيءَ ۾ هلندي هلندي ڪِرِي پيو...“ مون اتي ئي سمجهيو، هُو خالي ڪريو ناهي... سندس وجود جو گلاب، سندس محبوب امڙ ۽ ابَي کي سلام ڪرڻ لاءِ وٽن پھچي چڪو هو.
موسيقيءَ تي ڳالھائيندا هئاسين تہ کِلندا هئاسين، ”اداڪار اشوڪ ڪمار ۽ ڪشور ڪمار سڳا ڀائر هئا. ستم ظريفي ڏس محمود... ڪشور ان ڏينھن مُئو، جنھن ڏينھن اشوڪ جو جنم ڏينھن هو... سالگره هئي.“ هُن هلڪي مرڪ سان مون کي هڪ وار چيو هو. اهو سڀ مون سان ٿيڻو هو. اهو سڀ مون ائين ڄاتو هو ڇا!؟ ان ڏينھن منھنجو جنم ڏينھن هو، سندس ميت کي لاهي، گهر ۾ آندم تہ مبارڪن جا الاءِ ڪيترا فون رسيوِ ڪيم. بس مھربانيون پيو مڃان... ڇا چوان ها... مون کي ڪال نہ ڪيو.
هڪ پيشہ ور ليکڪ جي حيثيت سان، مون کي اهو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ مون هي سڀ ائين ڇو لکيو آهي. گورنميٽ ڪاليج جي ’صد سالہ‘ حياتيءَ جي حوالي سان، هن مئگزين ۾ اهو سڀ لکڻ جي ضرورت ڪھڙي آهي... اتي ڪٿي، پريان ڪو آواز اچي ٿو، ’ادا مرحوم، زندگيءَ ۾ شين سان دنياداريءَ سان ۽ دنيا جي معاملن سان لنئون نہ لڳائي، پر پنھنجي گورنمينٽ ڪاليج سان الاءِ ڇو لڳل لنئونءَ تي سندس اکيون ڀرجنديون هيون. پنھنجي هن اداري سان کيس عشق هو. هڪ ماهرِ تعليم هئڻ سان گڏوگڏ هُو اعليٰ درجي جو دانشور، منظم، مدرس ۽ مقرر هو. اها ٻي ڳالھہ آهي جو سندس ڪابہ پبلڪ رليشننگ نہ هئي. ڪابہ پذيرائي ان ڪري ڪونہ هئي، جو هُو پاڻ کي اڳيان نہ رکندو هو. گورنمينٽ ڪاليج جا مشھور وجودَ، شايد کيس سُڃاڻندا بہ نہ هوندا. ڇا گورنمينٽ ڪاليج کي اها خبر آ تہ سندس هڪ عاشق شاگرد، وطنِ عزيز جي هڪ منفرد اعليٰ پَدَ تي پھتو ۽ پنھنجي اداري جي قد وڌائڻ ۾ سرخرو ٿيو!‘
ڪجهہ سِٽُن جي هيءَ عاشقي شال اوهان جي خدمتن ۾ قبول پوي. وڏي عنايت، گورنمينٽ ڪاليج جي جنھن ادا وڏي کي علم و ادب جو هڪ بھترين بنياد ڏنو. وڏي ڪرم نوازي، سائين عبدالمتين صاحب جي، جنھن سرد رات جي سرد بارش ۾، محبت جي گرمي ڏيئي جياپو ڏنو. مھر و عنايت قبلا ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ صاحب جن جي، جن سائيڪل وٺي ڏيڻ کان علم جي حاصلات ۾ هر مرحلي ۾ ڀاڪر ڀريو ۽ احسان ۽ شڪرانا، انھن سڀني جا، جن منھنجي پيءَ جي جاءِ تي ’ادَي وڏَي‘ کي عزت، تعظيم، تڪريم، محبت ۽ مانُ ڏنو.
مان ازحد شاڪر آهيان ڀاءُ نظير قاسمي صاحب جو، جنھن جي اڻ کُٽ محبت جو پنھنجو انداز آهي. رب ڪريم جل شانہ کيس اڃا بہ وڌائيندو ۽ محبتن جو ’دستِ شفقت‘ مٿس وڌيڪ دراز ٿيندو - آمين.
مان ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏاڍو ساريندو آهيان... جڏهن بہ وسطڙي جي جُهونگار، ’نھاري نيڻ ٿڪجي پيا.‘ بلند ٿيندي آهي، گهر ۾ ڪا سٺي ماني چڙهندي آهي. جڏهن مان سندس جاءِ تي گهر جو وڏڙو ٿي فيصلا ڪندو آهيان ۽ ڪنھن کي ڀاڪر ۾ ڀريندو آهيان تہ لڳندو اٿم تہ منھنجي سيني ۾، منھنجي ڀاڪُر ۾، ادا وڏَي جي خوشبوءِ اچي وئي آهي. مان هن جھڙو تہ ٿي نٿو سگهان، ڇو جو ڪردار جي ايڏي بلندي منھنجي وس ۾ ناهي. سندس مزار جي پيرن کان بيھان تہ دل چوندي آهي، منٿ ڪيانس، ’ادا... معافي گهران ٿو... انھن سڀني ڪردہ ناڪردہ ڏوهن جي، جيڪي منھنجي ذات جي ڪري تنھنجي اندر کي ڏُکوئي ويا. مان جي گهڻو نہ سھي، ٿورو سھي، پر خراب تہ آهيان نہ ادا... تون ڏاڍو سٺو آهين...پنھنجي سُٺائيءَ جي صدقي، مون کي معاف ڪجانءِ.‘
سندس فراخ چھري تي پکڙيل مُرڪ ۽ سندس ڪلھي تي رکيل رومال وارو آخري ڏيک سامھون ايندو آهي. هُو منھنجين ڪوتاهين کي درگذر ڪري ڄاڻي ٿو... هُو منھنجو ’ادا وڏو‘ جو آهي.
پروردگار مٺو جل شانہ، کيس بھتر کان بھتر جاءِ سان نوازي ۽ سندس درجات بلند ڪري - آمين.
(ڇپيل: گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري مئگزين،
بشڪريہ پروفيسر نظير قاسمي 05 مئي، 2017ع)