شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

ادا نُور (ليکڪ: نُور نبي گهلُو)

مير حسن آباد، حسين آباد جي B-89 انڊس بنگلوز ۾، ڊرائينگ روم مان کٽ کڄي وئي آهي. کٽ کڄي وئي آهي ڇاڪاڻ تہ ان تي راتين جون راتيون ليٽي، چانھن جي ڪوپ ۽ سگريٽ جي دونھين سان ساٿ نڀائيندي، ادا نور، فڪر ۽ فھم جي منزلن جا سفر طئي ڪندو هو. هاڻي ادا نور روانو ٿي ويو آهي تہ پوءِ ڊرائينگ روم ۾ کٽ جي ڪھڙي ضرورت آهي.
جمعو، 14 جون 2019 بمطابق 10 شوال المڪرم 1440 هجري تي محترم نور نبي گهلو ولد محمد عالم گهلو، المعروف ”نور گهلو“ صبح جو 4 لڳي 20 منٽن تي اسان کان موڪلائي ويو. ساھہ جي ڏور ٽٽي ۽ اُهي سڀ گھڻ گھرا، خير خواھہ، پاٺڪ، بظاهر دوست هن جھان ۾ پوئتي رهجي ويا ۽ هڪ با اصول، با وقار ليکڪ پنھنجو فني صفر پورو ڪري روانو ٿي ويو.
حياتي الائي ڪيئن آهي. عمر جي حساب سان، هن مھل جڏهن شام لٿل آهي ۽ اکين ۾ لٿل ڌنڌ، ٿورو ٿورو پريشان ڪندو رهي ٿو تہ خيال اچي ٿو تہ ڪڙي منجهہ ڪڙو ڪينءِ ملي ٿو. ڪٿان ابتدا ٿئي ٿي ۽ ڪٿي وڃي انتھا جي دري کلي ٿي. اُن سڄي سفر ۾ ، نہ اڳ جو پتو پوي ٿو نہ ئي پوءِ جي خبر ملي ٿي. بس... اهو بہ شڪر آهي تہ بشرطِ حيات خبر تہ پوي ٿي.
1978ع ۾ پھريون ڀيرو مليا هئاسين. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني شاخ جو عروج هو ۽ هڪ کان هڪ ليکڪ اتي اچڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندو هو. نور گهلو سان ملاقات اهڙي ٿي جو بس ڄڻ تہ جيءَ جڙي ڪم ٿي ويو. فڪرِ معاش جي سلسلي ۾ جڪڙياسين تہ ملاقاتون گھٽيون پر وري بہ محبتن جا سلسلا برقرار رهيا. ياد اچي ٿو تہ سندس لطيف آباد واري گھر تي وڃي بہ ڪچھري ڪبي هئي. وري هڪ طويل عرصو ماٺ رهي ۽ اتفاق سان سندس هيڪلي نياڻي، منھنجي شاگردياڻي بڻجي وئي. زندگيءَ ڪرَ تہ اُها قرعت العين، اسان جي گهر جي عيني بڻجي وئي. جڏهن ادا خليل مرحوم جي ٻي نمبر فرزند احمد عليم پاشا سان سندس نڪاح ٿيو. حياتيءَ کي ڪجهہ ٻيو بہ منظور هو جو منھنجي نياڻي ڪشف جو رشتو، نور جي فرزند سعد اعظم سان ٿيو ۽ ائين 1981ع کان شروع ٿيل اهو سفر ، ڊسمبر 2017 ۾ 36 سالن جي بھارن کي ميڙي آيو.
عيني جي رشتي ڏيڻ کان پوءِ، جڏهن ويجهڙائپ ماڻيندي، ڪچھريون وري شروع ڪيون هيوسين تہ چيوهئائين ”يار ، وري لکڻ جو اتساھہ جاگيو آهي.“ مٿان وري ڪشف جي سندس گھر اچڻ کان پوءِ تہ هن بي انتھا تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”مان زندھہ رهندس“ ڏاڍو مشھور ٿيو ۽ مٿان هُن ”ڪاوش گيلري“، ”ڪاوش ميگزين“، ”همسري“ ۽ ٻين رسالن لاءِ لکڻ شروع ڪيو. هاڻي سندس زور ”فليش ڪھاڻين“ تي هو ۽ اها بہ عجيب ماجرا آهي جو 13 مئي 2019ع تي ڊائگنوز ٿيڻ کان پھرين هن پنھنجي لکيل فليش ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”درد ڪيون دانھون“ کي بہ ترتيب ڏئي ڇڏيو هو ۽ هن جا فائينل پروف بہ ڏسي ڇڏيا هئائين.
نور پنھنجي سباه ۾، ڊيڪورم جو بيحد قائل هو. هو بنا ٻڌائڻ جي ڪنھن وٽ بہ وڃڻ سٺو نہ سمجهندو هو. روايتي حوالي سان، هو هڪ بي باڪ، پنھنجو چٽو موقف آڏو رکندڙ ۽ مضبوط فيصلن جي قوت ظاهر ڪندڙ وجود هو. کيس زماني کان گھٽ شڪايتون هيون. پنھنجي حال تي بيحد خوش گذاريندو هو، بس علمي ادبي ڏجها کيس پريشان ڪندا هئا. منھنجي ذاتي خيال ۾ هو ڌرتيءَ سان واڳيل اديب هو. کيس ادب سان شدت سان محبت هئي، ان ڪري ئي هو سنڌي ادبي سنگت جي معاملن تي ٻارڙن وانگر پريشان ٿيندو هو. هن رڻ جي سفر ۾، هن فقير بہ 44 سال گذاريا آهن. مون انيڪ ڀيرا کيس روڪيو هوندو تہ ”يار ، هن پڙ ۾ پير نہ ڌر“ پر هو نہ مڙندو هو ۽ نتيجي ۾ سندس سيني تي بار وڌي ويندو هو. هڪ مظبوط ڪردار واري شخص کي مان اُن مھل بيچين ڏسندو هئس ۽ اها بيچيني سندس اختيار ۾ نہ هوندي هئي. هو پاڻ بہ عھديدار رهيو هو گھڻو ڪري ائين بہ ٿيو تہ ٽياڪڙيءَ لاءِ ٺھندڙ ٽيم ۾ هن جو نالو ضرور ايندو هو، جنھن جو اچڻ اسان خاندان وارن کي پريشان ڪندو هو.
نور، ساندھہ محنت ۾ اعتبار رکندڙ هو. جيتوڻيڪ، وچ ۾ وقفو بہ ايندو هو تہ بہ سندس علمي ادبي ڪرت لاڳيتو سفر ڪندي هئي. پھرين جنوري 1949ع تي دادوءَ ۾ ڄايل نور نبي، بي ايس سي، بي ايڊ ۽ ايم اي ڪئي هئي ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري ايجوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان 2008ع ۾ رٽائر ڪيو هئائين.
علم ادب جي ميدان ۾ هن 1973 کان شاعري ، ڪھاڻي ڪاري ۽ ڊراما نگاريءَ سان ابتدا ڪئي هئي. 1981ع ۾ سندس ڪھاڻين جو پھريون ڳٽڪو ”ٽٽل شيشا ۽ آنڱريون“ سانھو آيو هو جنھن ڪھاڻي کيتر ۾ ڏاڌي مڃتا ماڻي هئي. 1984ع ۾ هن روسي ليکڪ چنگيز آرماتوف جو ناول ”جميلا “ ترجمو ڪيو هو. 2002ع ۾ هن سنڌي زبان ۾ راندين جي حوالي سان پھريون ڪتاب ”والي بال کان شوٽنگ بال تائين“ شايع ڪيو. 2011ع ۾ هن جڳ مشھور چترڪار ”فتاح هاليپوٽو صاحب“ ڏانھن لکيل دوستن جي خطن جي سھيڙ ”پيارا فتاح“ ترتيب ڏئي شايع ڪيو.
2013ع ۾ قاسم فاني جي آتم ڪٿا ”پرين جا پاڙا“ ترتيب ڏئي شايع ڪيائين. 2016ع ۾ سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”مان زندھہ رهندس“ شايع ٿيو. تنھن کان سواءِ هن فلم ۽ شوبز جي حوالي سان ”اسٽار يار“ نالي رسالي جو اجراءِ بہ ڪيو جنھن جو پھريون شمارو 1999ع ۾ آيو هو.
ادا نور کي پنھنجي لکڻ جي عمل سان بيحد پيار هوندو هو ۽ ان ڪري ئي هو راتين جون راتيون بہ جاڳندو هو. هن ڊرائينگ روم ۾ هڪ پلنگ الڳ لڳرائي ڇڏيو هو. رات وڳڙي، يا ڏينھن جي ڪنھن ساعت ۾ هو ڪنھن جو بہ آرام خراب ڪرڻ نہ گهرندو هو. کيس چانھن ٺاهڻ تي ملڪو هو. بس هڪ دم چانھن جو اڌڙ ٺھي ويندو هو ۽ خيالَ، ڪوپ مان نڪرندڙ سڳنڌ کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪاغزن تي لھي ايندا هئا. سندس تحرير واضح ۽ ڪاٽا پيٽيءَ کان خالي هوندي هئي. هو گھڻو ڪري تہ فيئر لکندو هو.
جي سندس لکيل ڪھاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪردارن تي نگاھہ وجهجي تہ اُهي ڪردار عام حياتيءِ جي هر رخ کي، هر اُن طريقي سان ظاهر ڪن ٿا جيئن زندگي ظاهر ڪرائيندي آهي. ڀلي اهو سندس لکيل ناٽڪ هجي يا ڪھاڻي، طنز و مزاح جو هلڪو ٽچ ۽ زندگيءَ جي گھرائي مان ڀريل ڪو ڏول، پڙهندڙ کي ضرور پنھنجو وزن محسوس ڪرائي ٿو.
مئي جي 13 تاريخ تي اوچتو کيس ڦڦڙن جو ڪينسر ڊائگنوز ٿيو. بيحد متانت سان هن سڀني رپورٽن کي ڏٺو، ڊاڪٽرن سان ڳالھايو ۽ مون کي چيائين ”بس تون آهين نہ... توکي ئي خبر هُئڻ گھرجي.“
صرف سعد، ڪشف، پاشا ۽ مان سندس بيماريءَ جي شدت کان واقف هئاسين. حد تہ اها هئي جو باقي ڪنھن بہ گهر واري کي ڪا بہ خبر نہ هئي. کيس پاڻ تي ضبط هو. ماٺ ڪري اسپتالن جا چڪر لڳائيندا هئاسين. گهر وارن کي بہ مئي جي آخري هفتي ۾ خبر پئي. تيستائين حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وڏين اسپتالن جا چڪر لڳي چڪا هئا. 13 جون تي بلڊ پريشر وڌڻ ڪري کيس اسپتال وٺي ويو هئس. آءِ سي يو ۾ رات جو 7 بجي جھڙو ڪري موٽي آيو هو پر اَجل کي کيس صبع جو 4 وڳي کان پوءِ ڀاڪر ۾ ڀرڻو هو ۽ هو ماٺ ميٺ ۾ روانو ٿي ويو.
هڪ بيحد خطرناڪ بيماري هوندي بہ، هن ڪڏهن بہ ڪا مايوسيءَ جي ڳھالھہ نہ ڪئي. بس ماٺ هوندو هو يا علاج بابت گفتگو ڪندو هو. هو عام زندگيءَ ۾ بہ گهٽ ڳالھائو هو سو اهو سڀ اسان لاءِ عام هو. هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مون کي حيرت ٿيندي هئي تہ ماڻھون تہ رڳو مٿي جي سور تي آسمان مٿي تي کڻندا آهن، هن جو صبر ڪمال آهي. بس درد وڌي ٿو تہ سندس اکين جي چمڪ گھري ٿي وڃي ٿي.
مان سندس علمي ادبي قد ڪاٺ بابت گھڻو لکڻ نہ ٿو گهران ڇاڪاڻ تہ سڀ سمجهندا تہ مان شايد عزازت ٿو نڀايان پر اهي سڀ جن 80 جي ڏهاڪي ۾ پي ٽي وي ڏٺي هوندي سي ڪيھر شوڪت، رزاق مھر، فاروق سولنگي ۽ نور گهلوءَ جي ڊرامن کي ڪيئن وساري سگهن ٿا. نور، ڊراما نگاري، شاعري، سھيڙَ ۽ ڪھاڻيڪاريءَ ۾ هڪ ڊگهو عرصو ڪم ڪيو آهي جنھن جي کٿ اوهان جي سوچ پاڻ ڪري سگهي ٿي.
حسين آباد جي ”نانگو شاه قبرستان“ ۾ ليٽيل ادا نور، پنھنجي کٽ خالي ڪري ويو آهي. هاڻي اهڙا سنجيدہ ڪھاڻيڪار شايد پيدا نہ ٿين جن کي پنھنجي لکڻ جي اون هجي، جن کي سنگت جي عروج جي خوشي ۽ زوال جي ڳڻتي هجي. جيڪي ڳنڍي ڄاڻندا هجن ۽ جيڪي ڇنڻ مور نہ سکيا هجن.
مالڪ مھربان جل شانّ هو سندس درجات بلند ڪري ۽ کيس بھتر کان بھتر جاءِ سان نوازي. آمين.

ڇپيل: ڪاوش دنيا: 23 جون 2019ع