شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 111
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

اديون خبردار جو هونديون آهن (تعليمدان: پروفيسر آپا زيب شاھہ)

ڀينرون بہ عجيب هونديون آهن. الائي ڪھڙو جادو هوندو آهي سندن نيڻن ۾. جي وڏيون هجن پاڻ کان تہ شفقتَ، پاٻوھہ ۽ حِلم سان ڀريل اکيون، ماڻھوءَ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون آهن، صفا مائرون لڳنديون آهن ۽ جي عُمر ۾ ننڍڙيون هُجن تہ سندن نازَ، ناز کڻائڻ جو يقين، اها پڪَ تہ ”ادل ضرور مڃيندو، ٻيو ڪير مڃي نہ مڃي.“ هانءَ ۽ ڳڙکيون کولي ڇڏيندو آهي، ڀيڻَ، مالڪ جي ڪمال مھر هوندي آهي. ان رشتي ۾ رت جو هجڻ ضروري ناهي. بس رشتي جي ڏور ڳنڍجي وڃي تہ ڀيڻ پئي ساھہ وارِي ڪندي. ڪا جاءِ نہ ملندس جتي ڀاءُ کي ويھاري، بس جيءَ ۾ جاءِ هوندي اٿس، جيڪا پنھنجي پوري حضور ساڻ ارپيندي رهندي آهي. هڪ ڀاءُ کي محسوس ڪرڻ ڀيڻ جو ڪمال هوندو آهي. ڀائرن کي الاءِ ڇو ڀينرون ايتريون گهڻيون محسوس نہ ٿينديون آهن، جيترو هُو کين محسوس ڪنديون آهن. گذريل ڪجهہ ڏينھن ۾ رشتي جو ڪجهہ اديون جھان ڇڏي ويون آهن. رت جورشتو نہ هو، پر سندن ٻاجهہ جو رشتو ڪمال هو، هٿ رکڻ جي فنَ کان واقف هيون، پنھنجي وجود ۾ اهو سڀ ڀري رکنديون هيون، جيڪي وڏي ڀيڻ وٽ، سامان ۾ سٿيل هوندو آهي ۽ جنھن کي هُو وڏي لاڏ سان پنھنجن ننڍن ڀائرن ڀينرن ۾ ورهائينديون آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ‘ ۾ هوندي هُئي ادي زيب النساءِ شاھہ...استاد، چيئرپرسن...جنھن کي اسين سڀ ’ادي زيب شاھہ‘ يا ’آپا زيب شاھہ‘ سڏيندا آهيون....آهيون...هُئاسين نہ...مٿي تي سدائين رؤ...ان هيٺ شالَ، باوقار لباس....مُرڪَ اهڙي جھڙي سون....سِڌي اندر ۾ لھندڙ....سينيئر ڪليگ ڀلي هُجي، پر جيڪو رشتو، هن اسان ننڍن ڀائرن سان رکيو، سو بہ ڪمال هو. سمجهائڻ، سيکارڻ، گڏ هلڻ...يونيورسٽيءَ ۾ هيٺانھين مٿانھين....پرائي پُٽ کي ڪير ٿو سيکاري!...پر آپا زيب انھن سڀني رنگن سان سٿيل هُئي جنھن کي محبت چئبو آهي.
پنھنجي چيئرپرسنشپ واري زماني ۾ آپا، لاڳيتو مختلف ڪيفيتن جو شڪار رهي. پنھنجي ارادي جي اڏولتا کي اول ۽ عھدي کي سيڪنڊري سمجهندڙ آپا، پنھنجي اصول جي حوالي سان هڪ پڪو پختو ڪردار هُئي. هن جيترو وقت بہ پنھنجي سيٽَ تي گذاريو، پنھنجي باوقار وجود جيان ئي باوقار گذاريو. ڪرسيءَ تي هوندَي ۽ ان کان سواءِ، اسان آپا ۾ ڪو فرق نہ ڏٺو. هوءَ ڪنھن جھان دِگر جي مسافر هُئي. عھدن کان سواءِ بہ سندس ذات جو عھدو وڏو هو. 8 آگسٽ 1945ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ آپا زيب جو تعلق حيدرآباد جي شيخ گهراڻي سان هيو، جنھن جا پکا، ٽنڊو ڄام ۾ بہ اڏيل هُئا. شروعاتي تعليم هنن ٽنڊي ڄام ۾ ورتي هُئي. جنھن کان پوءِ ميرا اسڪول حيدرآباد مان 1975ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ زبيده ڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علم پرائيندي عملي حياتي شروع ڪئي هُئي. پھرين حڪومتِ سنڌ جي سوشل ويلفيئر جي اداري ۾ ”ليڊي سوشل ويلفيئر آفيسر“ طور ڪم ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ سان رشتي ۾ جو جڙي تہ رٽائرمينٽ تائين پنھنجي پورهئي ۾ خلوص جو رنگ ڀريندي رهي. 1975ع ۾ هن سوشل ورڪ جي شعبي ۾ ليڪچرارشپ سان پنھنجو سفر شروع ڪيو هو. آپا کي سوشل ورڪ جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو ديوانگيءَ جي حد تائين جنون هو. هوءَ سنڌ جي مڙني ادارن پاران سوشل ورڪ جي فيلڊ وزٽس لاءِ ”نگران“ مقرر ٿيل هُئي، ان زماني ۾ نياڻين جي ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هوندي هئي، هاسٽلز ۾ رهندڙ نياڻين کي، آپا، پنھنجي نگرانيءَ ۾ پاڻ وزٽس تي وٺي ويندي هُئي. هن سدائين ان ڳالھہ تي زور ڏنو هو تہ نياڻين جي اعتماد، اعتقادَ کي هٿِي ڏني وڃي ۽ انھن ۾ حوصلي وڌائڻ لاءِ، هوءَ پاڻ انھن ساڻ هر سفر ۾ ساڻ هوندي هُئي.
آپا جي ڏاهپ کي ڏسندي، گورنر هائوس ۾ ”دانشورن جي جٿي“ کي موڪليندي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر رشيد احمد شاھہ، آپا کي ئي اڳواڻ ڪري موڪليو هو. سماجي ادارن جي حوالي سان ۽ انھن جي ڪارڪردگيءَ جي مدَ ۾، آپا کي جيڪا ڄاڻ هُئي سا، پنھنجو مَٽ پاڻ هئي. پنھنجي خاندان ۾ هوءَ چئن ئي ڀائرن، ادا امداد، ادا اعجاز، افتخار ۽ غلام عليءَ جي لاڏلي هُئي ۽ مٿن ساھہ ڇڏيندي هُئي. ڊاڪٽر غلام عليءَ جي بيگاھہ شھادت کيس جهوري وڌو تہ مٿان وري ساھہ سيباڻي افتخار جي سيوهڻ شريف جي لال باغ ۾ مليل ميتَ، کيس نستو ڪري ڇڏيو. ادا امداد بہ راهي ٿيو ۽ آپا، ڄڻ پاڻ کي وڌيڪ ميڙي نہ سگهي. جيءَ جي جهوريءَ کيس بستري تي آڻي ڇڏيو.
11 جولاءِ 1978ع تي سندس هٿ جهلي، حياتي گذارڻ واري ساک جي ورَ، سائين ولي محمد شاھہ کيس هر ساٿ مھيا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر ”اَدن“ جي وصال جي جيءَ جهريل ادي، پوئتي ٿيندي وئي. اسانجي گهرَ سان شدت سان محبت ڪندڙ ۽ مُنھنجي وڏي ادي منور جھان سان، بي انتھا پيار سبب، هوءَ اسان سڀني جي وڏي ادي بڻجي وئي هُئي ۽ هن اهو مان شان وڏي حساب سان ملھايو. اها ڪھڙي گهڙي هُئي جتي ادي وڏي، ادي وڏي نہ هُجي؟ قدرت کيس پنھنجي قدَ جي خبر ڏني هُئي ۽ آپا، هن فقير کي بہ افتخار جھڙو ئي سمجهيو ۽ اهو افتخار، مون کان ڀلا ڪيئن وسري سگهي ٿو!؟
ڪڏهن ڪڏهن ماڻھوءَ جي زبانَ بند هوندي آهي پر سندس سڄو وجود ڳالھائيندو آهي. آپا جو مامرو بہ اهڙو هو. هوءَ جتي هوندي هُئي ڄڻ سندس سڄو وجود پيو ڳالھائيندو هو. هٿَ پيار جي ٿڦڪي پيا ڏين، تہ اکيون محبت ۾ شُم آهن. دعا هلندي ٿي رهي تہ چادرپيل سرايو، وقار پيو اوتي. سندس مُرڪ ايتري گهري هوندي هُئي جو الاءِ اندر ۾ ڪيترا ڀاڪر ڀرجي ويندا هئا. بي انتھا ٿورو کائيندڙ آپا، ٻين جي پليٽن کي ڀري خوش ٿيندي هُئي ۽ اهي اکيون وري پيون جادو هلائينديون هيون. هن نياڻين جي هڪ وڏل نسل جي آبياري ڪئي. سوشل ورڪ کي سوشل ورڪ ڪري کنيو ۽ 24 جنوري 2017ع تي، اڄ کان ٻارنھن ڏينھن پھرين، ٽنڊي آغا ۾ پنھنجي مرقد ۾ ليٽڻ کان پھرين بہ هن، ان ڏينھن تائين بہ ٻين جي اُڻ تُڻ ڪئي هُئي.
ڊاڪٽر غلام قادر بليديءَ ۽ عبدالقادر جي وڏي اديءَ بہ جھان ڇڏيو. پاڙي ۾ سالن جا سالَ گڏ رهياسين. ننڍپڻ، سندس دعائن جي پاڇي ۾ گذريو. ائمبولينس ۾ روانو ڪندي، اکين جا بند ڀڳا تہ بيٺيلن مان هڪ پُڇيو ”اوهان جو ڪھڙو رشتو هو؟“ ڏڪندڙ لھجي ۾ وراڻيو هُئم، ”ادي هُئي مُنھنجي...پاليو هُئائين...امڙ هُئي.
هي وڏيون اديون، هي اسانجون امڙيون، هي گلاب جا سدابھار گُلَ...جن هلڻ سيکاريو، چَلڻُ سيکاريو. محبت اوتي ۽ محبت سيکاري، شل پنھنجن مرقدن ۾ آباد هُجن. شاد هُجن. شل مٿن بہ ربُ ڪريم جي نگاھہ اهڙي ئي محبت ڀريل هُجي، جھڙي هنن جي نگاھہ اسان تي پوندي هُئي. آمين. ادي، هِن محبت جا ٿورا ادا ٿي ڪونہ ٿا سگهن، مون جھڙا لکين ڀائرَ، اوهان جهڙين ڀينرن جا سدائين احسانمند رهندا. اوهان جو سفر بخير ٿيو. ڌڻي اسان کي توفيق ڏئي تہ اوهان جهڙيون محبتون، جتان بہ عنايت ٿين ٿيون، اُنھن ادڙين، امڙين جو قدر ڪري سگهون. هوائون سرد ٿي ويون آهن. جتي ڀينرن جو پيار سينو ڀري ڇڏي ٿو، اُتي وري اُنھن جي جُدائي بہ، جيءُ جهورڻ ۾ پوئتي نٿي رهي. اها سڀني اديُن کي خبر هوندي آهي. اديُون خبردار جو هونديون آهن.

ڇپيل: آچر، 05 فيبروري، 2017ع