ناول

عڪرا مان مليل مسودو

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
Title Cover of book عڪرا مان مليل مسودو

سنڌيڪار جو نوٽ

هن ڀيري به ائين ئي ٿيو، جيئن هميشهه ٿيندو ٿي آيو. پائلو ڪوئلهو جو هڪ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس ٻئي ڪتاب جو انتظار. اهو ساڳيو انتظار جيڪو ننڍڙو ٻار پيءُ جي رانديڪي وٺي ڏيڻ واري واعدي کانپوءِ ڪندو آهي. سندس پوئين ڪتاب “الف - Aleph” جو انتظار به ائين ئي ڪيو هئم. “الف” ۾ پائلو ڪوئلهو پنهنجي وجود جي ڳولا (Self Discovery) لاء ڪيل دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ريل جي پٽڙيءَ (Trans-Siberian Railway) تي سفر دوران سفري وارتائن بابت پنهنجي ئي خاص انداز ۾ اهڙي ته نموني بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ واري کي پيو لڳندو ته هو ڪو ساڻس گڏ هجي. “الف” پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ نئين ڪتاب جي اچڻ تائين پاڻ کي پائلو ڪوئلهو جي دنيا ۾ غرق رکڻ لاءِ سندس ئي هڪ ڪتاب “ڪيماگر” The Alchemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شروع ڪري ڏنم. (جيڪو پڻ ڪتابي صورت ۾ ترت پڌرو ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو ڪجهه وقت اڳ دل گھرين دوستن جي مدد سان اِي-بُڪ انٽرنيٽ تي موجود آهي.) جيئن ئي اهو ترجمو پورو ٿيو ته خبر پئي ته سندس هڪ نئون ڪتاب “عڪرا مان هٿ آيل مسودو” Manuscript found in Accra اصل پُرتگالي ٻوليءَ ۾ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. آٿت ٿيو ته بس اِجھو ئي ٿو ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڇپجي. ان ڳالهه کي ڪجهه ئي مهينا گذريا ته ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو، جيڪو “مارگريٽ جل ڪوسٽا” Margaret Jull Costa ڪيو، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پڌرو ٿي ويو. اچي مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتو ته بس ٻي گھڙي نه ٿئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ هجي. گھڻائي هٿ پير هنيم پر ڪتاب نه مليو، جڏهن ته اهو ڪتاب اميزن Amazon تي ته دستياب هو پر شپمينٽ ڪتاب جي قيمت کان تقريبن پنجوڻ تي هئي.
آخرڪار، هارپر ڪولن وارن اهو ڪتاب برطانيه ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو. برطانيه ۾ ڪو به ڪتاب هارپر وارا اڃا مَسَ رِليز ڪن ۽ انڊيا نه پهچي، ائين ٿي ئي نه ٿو سگھي. هفتي کن ۾ هي ڪتاب انڊيا به پهچي ويو، جتان وري “يُو رِيڊ ڊاٽ ڪام uread.com تان آن لائن آرڊر ڪيم. انڊيا کان شپمينٽ سستي ٿي پئي سو بس هفتي کن ۾ ڪتاب مون وٽ دمام اچي پهتو، تڏهن وڃي ڪا اندر جي باھ جھڪي ٿي.
حقيقت ۾ مصنف جي مهاڳ ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل مان اها ڳالهه چٽي پئي آهي ته هي ڪتاب مصنف جو پنهنجو لکيل ناهي. هي ڪتاب قبطيءَ (Copt - قديم مصري عيسائين کي Copts سڏيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ لفظ Copt هڪ شخص جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪتاب ۾ صرف هڪ تاريخدان ڪري ڄاڻايو ويو آهي، باقي Copt عقيدي ڏانهن سندس ڪو لاڙو نظر نه ٿو اچي، يا ڪنهن دور ۾ رهيو به هجي جنهن ڪري شايد کيس Copt يا قبطيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي.) جي خُطبي جي مُسَوِدي جو ڇاپو آهي جيڪو 1974ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرَ سَر والٽر وِلڪنسن کي Sir Walter Wilkinson مصر کان ڀر واري هڪ شهر عڪرا مان مليو هو. اهو مسودو اصل عربي، عبراني ۽ لاطيني ٻولين ۾ لکيل هو، جيڪو دنيا گُهمندو اچي پائلو ڪوئلهو جي هٿ لڳو. سَر والٽر ولڪنسن جي پُٽَ جي پائلو ڪوئلهو سان ياري دوستي هجڻ سبب هن ان مُسودي جو هڪ نسخو 2011ع ڌاري سندس حوالي ڪيو. پوءِ ظاهر آهي ته پائلوڪوئلهو کي ان مسودي جي لفظ لفظ تي تحقيق ڪندي، ترجما ڪندي، ڇپرائڻ لاءِ اجازتناما ۽ قانوني ڪارروايون ڪندي ٻه کن سال لڳي ويا ۽ آخرڪار ڪتابي صورت ۾ 2013ع پهريان پُرتگالي زبان ۾ ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. پهرئين ئي باب ۾ پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ويا. اها پَڪَ ٿي ويم ته ان ڪتاب جو انتظار ۽ ڀڄ ڊُڪ اجائي نه هئي. “ڪيماگر” جي ٽَڪَرَ جو ڪتاب مونکي هٿ لڳي ويو هو. بس پوءِ ته فيصلو ڪري ڇڏيم ته هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪبو هلبو.
خير سان ترجمو به شروع ٿيو. هر ورق کي پڙهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دماغ ۽ روح تي جيڪا ورهين جي دَزُ چڙهيل هئي سان هاڻ صاف ٿيندي پئي وڃي. جيئن جيئن اڳتي وڌندو ٿي ويس تيئن ئي اهو گمان يقين ۾ بدلجندو ٿي ويو ته واقعي ڪٿي هي ڪتاب “ڪيمانگر” جي جاءِ نه وٺي وڃي.
هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. مٿي بيان ڪيل اهي سڀ سماجي پهلو اسانجي جي روزمرھ جي زندگيءَ تي ڪڏهن ناڪاري ته ڪڏهن هاڪاري انداز ۾ اثرانداز ٿيندا رهن ٿا. جن کي منهن ڏيڻ دوران انهن جي شدت سبب يا ته اسين سنئين راھ ڀُلجيو پئون يا وري همت هاري هر شئي کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيندا آهيون. پر هن ڪتاب ۾ انهن مڙني پهلوئن سان گڏ زندگي گھارڻ جو اهڙو ته درس ڏنو ويو آهي جو پڙهڻ واري جا چارئي طبق روشن ٿيو پون. زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ننڍڙين ننڍڙين اوکائين کي منهن ڏيڻ به هڪ فَنُ آهي. اهو فن انهن کي هٿ اچي ٿو جيڪي ان جا طلبگار آهن. ۽ اهو فن جيئن ته ڪتابن ۾ ڪو نه ملي تنهنڪري اسانکي ساڃهه وندن جي ڀر وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪي اڄڪلهه ورلي ملن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ساڃهه وند شخص جون سمجھاڻيون موجود آهن جنهن پنهنجي ساڃهه کي اڳتي وڌائڻ پنهنجو فرض سمجھيو. پوءِ ڪير ان مان سبق پرائي ٿو يا نه اهو سندس نصيب آهي. جيئن آءٌ هميشهه اهو چوندو آهيان ته “پڙهڻ وارا ته جام آهن پر سمجھڻ وارو ڪو ڪو آهي.”
آخر ۾ هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته، ڪجهه پڙهندڙن کي هي ڪتاب پڙهندي شايد اهو وهم ٿي پوي ته هي ڪتاب ته قبطيءَ جي پنهنجي عقيدن تي ٻڌل آهي ۽ ڪٿي ان کي پڙهڻ سان اسانجي عقيدي کي ڪو ڇيهو نه رَسي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي، هن ڪتاب جو مذهب يا عقيدي سان ڪو تعلق ئي ناهي. جيئن ڪتاب جي پهرئين ئي باب ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته، قبطيءَ جي ان خُطبي کي ٽنهي وڏن مذهبن جا عالم به دل وجان سان ٻُڌي رهيا هئا ۽ قبطي پاڻ اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو ان علم بابت ڳالهائي رهيو آهي جيڪو ڪتابن ۾ نه پر ساڃهه وندن جي دلين ۾ موجود آهي. جيئن هن ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي اهو لکيل آهي ته، “اهو علم زندگي ۽ موت جي حقيقت بابت نه پر روز مرھ جي مامرن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي علم اهو ناهي جيڪو اسين ڪتابن مان پرائيندا آهيون، جنهن جو مقصد صرف حال ۽ مستقبل ۾ ٿيڻين ۽ اڻ ٿيڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ آهي، پر هي علم اهو آهي جيڪو ساڃهه وندن جي دلين ۾ موجود هوندو آهي.”
تنهنڪري ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.

فهيم اختر ميمڻ