ناول

عڪرا مان مليل مسودو

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
Title Cover of book عڪرا مان مليل مسودو

باب 22

رات ٿي چڪي هئي. قبطي اُتي ويٺل ٽنهي مذهبي پيشوائن ڏانهن مُڙيو جيڪي سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻُڌي رهيا هئا، هُنَ کين سندن راءِ ڏيڻ لاء چيو.
ٽِنهي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

ربيءَ (يهودين جو مذهبي رهنما) هڪ قصي سان شروعات ڪئي:
جڏهن رَبيُن جي سردار يهودين سان ٿيندڙ ويڌن ڏٺي ته هو هڪ ٻيلي ۾ هليو ويو، جتي هن پوتر باھ ٻاري خدا کان ماڻهن جي تحفظ لاءِ هڪ خاص دعا ڪئي. پوءِ خدا وٽن هڪ معجزو موڪليو.
پوءِ سندس هڪ شاگرد ان ساڳئي ئي ٻيلي ۾ ساڳي جاءِ تي ويو ۽ چيائين ته، “اي ڪائنات جا مالڪ، مونکي خبر ناهي ته اها پوتر باھ ڪيئن ٻرندي، پر آءٌ اها خاص دعا ڄاڻان ٿو؛ ان جي صدقي منهنجي التجا ٻُڌُ.” ۽ اُهو ئي معجزو ٻيهر ٿيو.
هڪ پيڙهي گذرڻ کانپوءِ هڪ ٻيو ربي پنهنجي ماڻهن جي مٿان ٿيندڙ ظلم ڏسي ان ئي ٻيلي ۾ ويو ۽ چيائين،”مونکي اها پوتر باھ به ٻارڻ نه ٿي اچي نه ئي وري مونکي اها خاص دعا ياد آهي، پر هيءَ جاءِ ته مونکي ياد آهي، تنهنڪري اي اسانجا رب اسانجي واهر ڪر!” ۽ سندن واهر ٿي.
پنجاھ سالن کانپوءِ هڪ ٻيو ربي جيڪو معذور هو، تنهن خدا کان التجا ڪئي ته، “مونکي اها پوتر باھ به ٻارڻ نه ٿي اچي، نه ئي اها دعا ياد آهي ۽ نه ئي ٻيلي ۾ اها ساڳي جاءِ، اي اسانجا رب هي پريشانيون تنهنجي آڏو ان اميد سان رکيون آهن ته تون ضرور ٻڌندين.” ۽ وري اهو ئي معجزو ٿيو. هاڻ اوهان به وڃو ۽ کيس اڄوڪو قصو ٻُڌايو.

مسجد الاقصى جو امام جيڪو احترام سان ربيءَ جي ڳالهه ٻُڌي رهيو هو ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هو، تنهن چيو:
هڪ شخصَ مدد لاءِ پنهنجي هڪ بَدُو دوست جو دروازو کڙڪايو ۽ کيس چيائين، “مونکي پنهنجو قرض ادا ڪرڻ لاءِ چار هزار دينارن جي سخت ضرورت آهي، ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگھين ٿو؟” سندس دوست پنهنجي گھرواريءَ کان پئسن جي پورائي لاءِ گھر جو سڄو سامان ڪڍرايو، پر پوءِ به پئسا پورا نه ٿي سگھيا. هُنَ پاڙي مان پِنَ سَٽ ڪري پئسا پورا ڪري اچي پنهنجي دوست کي ڏنا.
جڏهن سندس دوست پئسا وٺي روانو ٿيو ته هو اچي روئڻ ۾ پيو. سندس گھرواريءَ کانئس پڇيو ته، “تون غمگين ڇو ٿو ٿئين؟ ڇا توکي اهو ڊپ آهي ته اسين پاڙي وارن جو قرض لاهي ڪونه سگھنداسين؟”
“ نه، اها ڳالهه ناهي. آءٌ انڪري روئي رهيو آهيان ته هو منهنجو تمام گھاٽو دوست آهي، ۽ آءٌ اها خبر نه رکي سگھيس ته هو ڪهڙين پريشانين ۾ آهي. ۽ اها خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن هن مدد لاءِ منهنجو دروازو کڙڪايو.”
هاڻ اوهان به وڃو ۽ اڄ شام وارو قصو هر ڪنهن سان اوريو ته جيئن اسين به ڪنهن ڀاءُ جي سندس چوڻ کان اڳ مدد ڪري سگھون.
جڏهن امام پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته، عيسائي پادريءَ پنهنجي ڳالھ شروع ڪئي:
هڪ شخص ٻجَ ڇَٽڻ لاءِ نڪتو. ۽ جيڪو پوکيو هئائين سو پَچي راس ٿيو. پر ڪجهه ٻجَ رستي تي ڪري پيا هئا، پکين وري اُڏامندي اُڏامندي انهن ٻجن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. انهن مان ڪجهه ٻج هڪ اهڙي پٿريلي زمين تي اچي پيا جتي پوکيءَ جو ڪو امڪان نه هو، ۽ اُتي بس اُڇلون کائيندا رهيا. پر جڏهن سج اُڀريو، ته ان جي گرميءَ سبب ٻجَ ڪومائجي سُڪي ويا. ڪجهه ٻجَ وري ڪَنڊَن ۾ وڃي پيا، پوءِ جڏهن ڪنڊا وڌي وڏا ٿيا ته ٻجن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ اچي وئي ۽ ٻج ڪو ميوو ڏئي نه سگھيا. پر جيڪي وري زرخيز زمين تي ڪريا هئا سي وڌي وڏا ٿيا ۽ ميوو ڏيڻ لڳا ۽ وڌندي وڌندي هزارن جي تعداد ۾ ٿي ويا.
تنهنڪري، اوهان جيڏانهن به وڃو پنهنجا ٻجَ ڇَٽيو، ڇاڪاڻ جو ڪا خبر ناهي ته ڪهڙو ٻج وڌي ايندڙ پيڙهين جي هدايت جو باعث بڻجي.

رات يروشلم جي شهر کي وڪوڙي چڪي هئي، قبطيءَ هر ڪنهن کي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي سمورو حال احوال درج ڪرڻ لاءِ چيو، پر اهي جن کي لکڻ پڙهڻ نه ٿي آيوتن کي اهي ڳالهيون پنهنجي هنيانءَ سان هنڊائي ڇڏڻ جي تلقين ڪيائين. ميڙاڪي ۾ موجود ماڻهن جي وڃڻ کان اڳ هن چيو:
“اهو نه سمجھو ته آءٌ زمين تي امن قائم ڪرڻ آيو آهيان. نه! اڄوڪي رات کانپوءِ، اسين هٿن ۾ ڳُجھي تلوار کنيو سموري دنيا جو سفر ڪنداسين ته جيئن بي صبريءَ ۽ غلط فهمين جهڙن ديون سان وڙهي سگھون. اها تلوار جيترو ڏور ٿي سگھي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪيو، ۽ جڏهن اوهانجي همت اڳتي وڌڻ کان جواب ڏئي ڇڏي ته هن ڳجھي تلوار ( مُسَودي) کي مناسب هٿن ۾ سونپي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ڳوٺ يا شهر اوهانجو آڌرڀاءَ نه ڪري ته زور نه ڀرجو. ساڳئي رستي کان واپس موٽجو ۽ نراس نه ٿجو. ڇاڪاڻ جو ان غلطيءَ جي ڪري پيڙهين جون پيڙهين تائين مٿن ڦٽڪار وسندي رهندي. خوش قسمت آهن اُهي جن هي لفظ ٻُڌا، يا هي مُسودو پڙهيو، ڇاڪاڻ جو ان کانپوءِ مَٿَن کان تَري تائين هر ڳالهه تان پردو کڄي ويندو، ۽ ڪا اهڙي ڳالهه نه رهندي جيڪا کانئن ڳُجھي هجي.”
“شل سلامت رهو.”
***