باب 15
“ ڪجھ ماڻهو ٻين کان وڌيڪ ڀاڳَ وارا ڇو ٿين ٿا؟”
قبطيءَ وراڻيو:
ڪاميابي ان ۾ ناهي ته ڪنهن جي ڪم جي واکاڻ ٿئي. ڪاميابي ته ان ٻج جو ثمر آهي جيڪو اوهان وڏي چاھ سان پوکيو آهي. جڏهن ان جي لاباري جو وقت ايندو آهي، تنهن وقت پاڻ کي اهو چوندا آهيو ته، “آءٌ ڪامياب ٿي ويس.” اوهان پنهنجي محنت مزدوريءَ جي نتيجي ۾ ڪامياب ٿيو ڇاڪاڻ جو اوهان صرف جياپي لاء محنت مزدوري نه ڪئي پر ٻين جي لاءِ پنهنجي محبت جو ثبوت پڻ ڏنو. ڪيترين ئي اوڻاين جي باوجود اوهان پنهنجو ڪم پورو ڪيو. ۽ انهن اوڻاين جي ڪري جڏهن اوهانجو جذبو گھٽجڻ لڳو تڏهن اوهان ضابطي کان ڪم ورتو. ۽ جڏهن ٿڪاوٽ جي ڪري ضابطو ختم ٿيڻ لڳو ته اوهان اطمينان وارين گھڙين ۾ مستقبل بابت سوچيندا رهيا. جوکم کڻڻ دوران ايندڙ ناڪاميون به اوهان کي روڪي نه سگھيون. ۽ اوهان انهن ناڪامين تي ويهي روئڻ پِٽڻ کي ترجيح نه ڏني. اوهان ڪاميابيءَ جي لمحن کي ڏسي به ڪو وقفو نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو اوهان ڄاڻو پيا ته اوهان پنهنجي مقصد تائين اڃا نه رَسيا آهيو.
مشڪلاتن دوران اوهان ڪنهن کان مدد وٺڻ ۾ به ڪو عار محسوس نه ڪيو. ۽ جڏهن اوهان ڪنهن ٻئي کي مدد لاءِ واجھائيندي ڏسو ته اوهان بنا ڪنهن اَونَ ۽ نتيجي جي پرواھ جي سندس مدد ڪيو.
اهي جيڪي دروازو کڙڪائن ٿا، تِن لاءِ دروازو کُلي ٿو.
ڪير به جڏهن ڪنهن شئي جي طلب ڪري ٿو ته کيس ملي ٿي.
۽ نا اُميديءَ جي وقت جيڪو آٿَت ڏئي ٿو ته کيس به اهڙن موقعن تي آٿَت ملي ٿي.
پر جيڪڏهن اوهان بدلي ۾ ڪا اُميد رکي ويٺا آهيو ۽ اُها ڳالهه پوري نه ٿي ٿئي، ته دير سوير اوهانکي انجو ثَمَر ضرور ملندو جيڪا اوهان وڏيءَ دل سان ٻين تائين رَسائي آهي.
ڪاميابي انهن لاءِ ناهي جيڪي پنهنجو وقت پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ ۾ ضايع ڪندا رهن ٿا؛ ڪاميابي ان شخص جي گھر ۾ داخل ٿئي ٿي جيڪو هر ڏينهن اهو چوندو رهي ٿو ته، “آءٌ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو رهندس.”
اهي ماڻهو جيڪي ڪاميابيءَ جي ڳولا ۾ رهن ٿا، تن کي ڪاميابي نه ٿي ملي، ڇاڪاڻ جو ڪاميابي انت نه پر هڪ نتيجو آهي.
سوداءُ ڪڏهن به ڪارآمد ثابت نه ٿو ٿئي؛ پر اهو اسانکي صحيح رستي جي ڳولا دوران مُنجھائيندو رهي ٿو ۽ آخرڪار زندگيءَ جا مزا ئي کَسيو ڇڏي.
ڪنهن شخص وٽ ڀلي سَونَ جو جَبل هجن، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته هو امير آهي. حقيقت ۾ ته امير اهو آهي جيڪو پنهنجي وجود جو هر لمحو پيار جي قوت سان گذاري ٿو.
اوهانجي ذهن ۾ ڪونه ڪو مقصد ضرور هوندو، پر، جڏهن اوهان پنهنجي مقصد جي پويان ڊوڙو ٿا ته ڪنهن به ويلي پنهنجي چئوڦير نظارا ڏسڻ لاءِ اوهانکي ڪنهن قسم جو خرچ نه ٿو ڪرڻو پوي. پوءِ جيئن اوهان اڳتي وڌندا رهو ٿا ته وِکَ وِکَ تي اوهانکي اهڙا نظارا ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو جيڪي اوهان اڳ ڪڏهن به ڏسي نه سگھيا آهيو. ان وقت، پاڻ کان اهو پڇڻ ضروري آهي ته،”ڇا منهنجون شخصي تقاضائون سالم آهن؟ ڇا آءٌ ٻين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ۽ سندن اميدن تي پورو لهان پيو، يا ڇا آءٌ پنهنجي ڪم کان مطمئن آهيان ۽ ڇا منهنجو ڪم منهنجي روح ۽ جذبي کي ظاهر ڪري ٿو؟ ڇا مونکي هر قيمت تي ڪاميابي گھرجي يا آءٌ ڪامياب صرف ان ڪري ٿيڻ چاهيان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ جي هر لمحي ۾ محبت اوتي ڇڏي؟”
دراصل ڪاميابيءَ جو مطلب پنهنجي ٽجوڙين کي سون سان ڀرڻ نه پر پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ آهي.
ڪو شخص اهو به چئي سگھي ٿو ته، “آءٌ پنهنجي پئسي جو استعمال ڪندي پوکي ڪري، اناج اُپائي، لابارو ڪري پنهنجين گُندين کي اناج سان ڀري ڇڏيندس ته جيئن مون وٽ اناج جي ڪا گھٽتائي نه رهي.” پر جنهن ويلي اَڻ گُھريو مهمان(موت) اچي پهچي ٿو ته انسان جي ڪيل هر ڪوشش بيڪار ٿيو وڃي.
جنهن وٽ ٻُڌڻ وارا ڪن آهن انکي ٻُڌڻ ڏيو.
رستي کي مختصر ڪرڻ بجاءِ اهڙي نموني سفر ڪيو جو ان دوران اوهانجو هر عمل زمين کي زرخيز ڪري ڇڏي ۽ چوڏس ماحول ۾ خوبصورتي اوتي ڇڏي.
وقت کان اڳي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان ڪو ميوو وقت کان اڳ ئي ٽوڙي ڇڏيو ته انجي ڪچي هجڻ سبب اهو ڪنهن جي به فائدي جو نه رهندو. جيڪڏهن ڪنهن ڊپ وچان يا ڪنهن ٻُڏ تَر ۾ اچي ٻليدان ڏيڻ کان ڪيٻايو ته ميوو سڙي خراب ٿي ويندو. تنهنڪري پوکي ۽ لاباري جي وچ واري وقت جي اهميت کي سمجھڻ گھرجي. ۽ تبديليءَ جي معجزي جو انتظار ڪرڻ گھرجي. جيسيتائين ڪڻڪ کي پِيهي چُلهه تي پچائجي نه تيسيتائين انکي ماني نه ٿو چئي سگھجي. جيسيتائين لفظن کي ادا نه ڪيو وڃي تيسيتائين ان کي شاعري نه ٿو سڏي سگھجي.
جيسيتائين ڪير ڌاڳن کي اُڻي نه ٿو تيسيتائين انهن کي ڪپڙو نه ٿو چئي سگھجي.
جڏهن پنهنجو ٻليدان ماڻهن آڏو ظاهر ڪرڻ جو وقت اچي ٿو، ته ماڻهو اچرج منجھان هڪٻئي کي چوندا وتن ٿا ته: “هي آهي اهو ڪامياب انسان، هر ڪنهن کي سندس محنتن جو ثمر گھربل هو.”
ڪير به ان ثمر جي حاصلات جي لاءِ ادا ڪيل قيمت بابت پڇا نه ٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو پنهنجو ڪم چاھَ سان ڪندي ان ۾ اهڙي تاثير اچي وڃي ٿي جو ڪير به ان دوران ڪاٽيل ڪشالن کي ظاهري اکين سان پَسي نه ٿو سگھي. جيئن هڪ بازيگر هوا ۾ آسانيءَ سان ڪلابازيون کائي ٿو، جنهن ۾ بظاهر ته ڪا مُشَقَت نظر نه ٿي اچي، تيئن ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي به ائين لڳندو آهي جيئن اها به ڪا فِطري شئي هجي.
پر پوءِ جيڪڏهن ڪنهن پُڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته جواب اهو هوندو ته : مون هارَ مڃڻ کي ترجيح ڏني هئي، مون سوچيو ته اپائڻهار مونکي نه پيو ٻُڌي، مون پنهنجي ڏسا پڻ تبديل ڪئي هئي، ۽ ڪجهه موقعن تي رستو پڻ ڀُلجي ويٺُس. پر انهن سڀني شين جي باوجود به مون ٻيهر رستو ڳولي ورتو ۽ اڳتي وڌندو رهيس، ڇاڪاڻ جو آءٌ ان ڳالهه جو قائل ٿي چڪو هئس ته زندگي گذارڻ جو ڪو به ٻيو طريقو ناهي. ان دوران اهو پڻ منهنجي علم ۾ آيو ته ڪهڙين پُلين تان گُذرڻ گھرجي ۽ ڪهڙين پُلين کي ساڙڻ گھرجي.
آءٌ هڪ شاعر آهيان، هڪ هاري آهيان، هڪ هُنَرمَند آهيان، هڪ سِپاهي آهيان، هڪ پيءُ آهيان، هڪ واپاري آهيان، هڪ دُڪاندار آهيان، هڪ اُستاد آهيان، هڪ سياستدان آهيان، هڪ دانشور آهيان ۽ هر اُهو شخص آهيان جيڪو پنهنجي گھر ۽ ٻَچن جي ورلي ڪا سار سنڀار لهي ٿو.
آءٌ ان ڳالهه کان به چڱي ريت واقف آهيان ته مون کان وڌيڪ به ڪي احترام لائق ماڻهو آهن ۽ هو ان جا مُستحق پڻ آهن. ٻين صورتن ۾ اهو سڀ ڪجهه يا ته خود نمائي آهي يا وري حرصُ آهي ۽ وقت جي آزمائش تي ڪڏهن به پورو نه لهندو.
ڪاميابي ڇا آهي؟
ڪاميابي هر رات روحاني راحتَ سان سُمهڻ جو نالو آهي.
***