باب 5
“شهر وارا چون ٿا ته آءٌ وڙهڻ جي قابل ناهيان، ۽ آءٌ بيڪار آهيان.”
قبطيءَ کيس وراڻيو:
ڪجهه ماڻهو اهو چوندا وتندا آهن ته، “ڪنهن کي به مون سان محبت ناهي.” پر محبت ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ به هميشه اها اميد رکڻ گھرجي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اها ضرور حاصل ٿيندي.
ڪي وري پنهنجي روزنامچي ۾ اهو لکندا آهن ته، “ منهنجي قابليت کي ڪنهن نه سڃاتو، منهنجي هنر کي ڪنهن نه ساراهيو، منهنجي خوابن کي حقير سمجھيو ويو.” پر انهن کي پڻ نااميد نه ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو محنتن ۽ ڪوششن جو ڦل ضرور ملندو آهي.
ڪي وري ماڻهن جا دروازا کڙڪائيندا ۽ چوندا آهن ته، “مونکي نوڪري گھرجي.” کين اها خبرهوندي آهي ته سندن صبر جي ڪري هڪ نه هڪ ڏينهن کين ڪم ملي ويندو. پر ڪي وري اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڏينهن جي شروعات ئي نراسائيءَ سان ڪندا آهن.کين محبت، پنهنجي سڃاڻپ، يا ڪنهن به ڪم جي ڪا پرواهه ناهي هوندي. هو پاڻ کي اهو چوندا آهن ته، “ آءٌ بيڪار آهيان، آءٌ بس گذر سفر ڪرڻ لاءِ جيئرو آهيان، هت ڪنهن کي به منهنجي پرواهه ناهي.”
ٻاهر سج پنهنجي پوري جوڀن سان چمڪي رهيو هوندو آهي، ۽ هو پنهنجي ڪٽنب ۾ گِھريل رهندا آهن، هو خوشين جو لباتو ويڙهي ٻين تي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندا آهن ته وٽن اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جنهن جو هنن خواب ڏٺو هو. پر پوءِ به هو ان ئي ڳالهه تي آماده رهندا آهن ته ڪنهن کي به سندن جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو هو يا ته اڃا ٻار آهن ۽ سندن وڏن کي سندن پرواهه ڪرڻ کان علاوه ٻيا به ڪم ڪاريون آهن، يا وري هو ايترا پوڙها ٿي چڪا آهن جو سندن ڪٽنب جي نوجوان ڀاتين کي سندن ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي.
هڪ شاعر ڪجهه سٽون لکي پوءِ اهو سوچي ڦِٽي ٿو ڪري ڇڏي ته، “ ڪير به انهن ۾ دلچسپي وٺڻ وارو ناهي.”
هڪ مزدور کي سندس ڪم تي پڄڻ کانپوءِ اهو ئي ڪم ورجائڻو پوي ٿو جيڪو هن پوئين ڏينهن ڪيو هو. کيس اهو به يقين رهي ٿو ته جيڪڏهن کيس ڪم تان لاٿو به ويو ته سندس غير موجودگيءَ جو ڪنهن تي ڪو به اثر ٿيڻ وارو ناهي.
هڪ نوجوان عورت پنهنجو چولو سبڻ دوران چولي جي هر ٽاڪي تي گهري نظر رکڻ وقت تڪليف سهي ٿي، پوءِ جڏهن هوءَ اهو چولو پهري ڪنهن ڏڻ يا محفل ۾ پهچي ٿي ته کيس ماڻهن جي نظرن مان اهو پيغام ملي ٿو ته، “تون هت موجود ٻين عورتن جي مقابلي ۾ نه خوبصورت آهين نه ئي وري بدصورت. تُنهنجو چولو به دنيا ۾ هن وقت ٿيندڙ محفلن يا ڏڻن ۾ موجود لکين عورتن کي پهريل چولن جهڙو ئي آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن محل ۾ يا ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪٻئي جي وڳن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيون آهن. پر ڪير به سندس چولي بابت ڪا راءِ نه پيو ڏئي. اهو نه ته ايترو چڱو آهي نه ئي وري ايترو خراب؛ اهو بس هڪ عام چولو آهي.
نوجوانن جو اهو خيال آهي ته هيءَ دنيا مامرن ۽ مونجهارن جو ڪُن آهي، هو اهي حل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، پر ڪير به سندن خيالن ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي. کين اهو ٻڌڻو پوي ٿو ته، “ توهان کي دنيا جي باري ۾ ڪا خبر ناهي ته اها ڇا آهي، پنهنجي وڏڙن جي ڳالهين تي غور ڪيو، سندن ڳالهين مان توهانکي رهنمائي ملي سگھي ٿي.”
وڏڙن وري زندگيءَ جي اڙانگھن گسن تي هلندي جيڪو تجربو ۽ گيان پرايو، اهو جڏهن ڪنهن کي سيکارڻ جو وقت اچي ٿو ته ڪير به انهن ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي، ۽ کين اهو چيو وڃي ٿو ته، “زمانو مَٽجي چڪو آهي، توهانکي نئين زماني جي وهنوار کي سمجھڻ لاءِ نوجوانن جي ڳالهين کي ٻڌڻ گھرجي.”
اَڪارت هجڻ جو عمر سان ڪو تعلق ناهي، اهو احساس ڪنهن به عمر ۾ ڪنهن به گھڙيءَ بنا پُڇڻ جي اچي حاضر ٿي ماڻهن جي روحن کي ساڳي ساڳي ڳالهه ورجائيندي زنگيو ڇڏي ته، “توهان ۾ ڪنهن جي به دلچسپي ناهي، توهانجي ڪا حيثيت ناهي، دنيا کي توهانجي ضرورت ئي ناهي.”
ان مايوسيءَ واري حالت ۾ پنهنجي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جو لاڙو مذهب ڏانهن ٿيو پوي، ڇاڪاڻ جو عقيدي جي نالي تي ڪنهن به قسم جي جاکوڙ هميشه دنيا ۾ تبديلي آڻڻ واري ڪنهن انقلاب جو تاثر ڏيندي آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اهو چوندا آهن ته، “ اسين اپائڻهار جي راهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون.” تنهن کانپوءِ پهريان هو ديندار بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ دين جا مبلغ ۽ آخر ۾ شدت پسند.
پوءِ کين اها سمجهه نه ٿي رهي ته مذهب صرف زندگيءَ جي ڳُجھن کي سمجھڻ ۽ عبادت ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، نه ڪي ڪنهن کي ڏاڍائيءَ سان پاڻ ڏانهن لاڙڻ لاءِ. زندگي خدا جو هڪ وڏي ۾ وڏو معجزو آهي. اڄ رات آءٌ يروشلم شهر لاءِ لُڙڪ وهائيندس، ڇاڪاڻ جو ايندڙ هزارين سالن تائين اهو روحاني ايڪو مِيسارجڻ وارو آهي.
ڪنهن ٻاريءَ ۾ موجود ڪنهن گُلَ کان پڇندئو ته، “ هڪ گُلَ مان وري ٻيو گُلُ پيدا ڪرڻ کانسواءِ تنهنجو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڇا پوءِ به تون پاڻ کي ڪارگر سمجھين ٿو؟”
گُلُ وراڻيندو ته، “آءٌ خوبصورت آهيان، ۽ منهنجي خوبصورتي ئي منهنجي جياپي جو سبب آهي.”
هڪ نديءَ کان پڇندئو ته، “ تون بس هڪ ئي پاسي جي وهڪري سان وهندي رهين ٿي، ڇا پوءِ به تون پاڻ کي ڪارگر سمجھين ٿي؟”
ندي وراڻيندي ته،” آءٌ ڪارگر ٿيڻ جي بدران صرف هڪ ندي بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان.”
خدا پاڪ جي نظر ۾ هن دنيا ۾ ڪير به اَڪارت ناهي. نه ئي اهو پن اَڪارت آهي جيڪو وڻ مان ڇڻي هيٺ ڪري ٿو، نه ئي اهو وار اَڪارت آهي جيڪو توهانجي مٿي مان ڇڻي ٿو، نه ئي وري ڪو جيت جڻو اَڪارت هجڻ سبب مري ٿو. هر شئي جي وجود جو ڪو نه ڪو سبب آهي.
توهان پاڻ، جيڪي سوالَ پڇي رهيا آهيو، پاڻ کي اهو ئي چئي رهيا آهيو ته، “ آءٌ اَڪارت آهيان.” سگهوئي اهو جواب زهر بڻجي توهانکي زندهه لاش بڻائي ڇڏيندو، ان هوندي به توهان هلندئو ڦرندئو، کائيندئو پيئندئو، سمهندئو ۽ جڏهن به ممڪن ٿي سگھيو تفريح جو ڪو نه ڪو وکر ڳولي لهندئو.
ڪارگر بڻجڻ بدران اوهان جيڪي آهيو سو بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو. بس اهوئي ڪافي آهي، ۽ ان سان ئي وڏي ۾ وڏو فرق پئجي سگھي ٿو.
پنهنجي روح کان نه گھڻو اڳتي نڪري وڃو نه وري انجي پويان هلو. ڇاڪاڻ جو توهانجو روح ئي توهانجي هر وِکَ تي رهنمائي ڪري ٿو.
ڪڏهن ته وڏين جنگين وڙهڻ سان تواريخ مَٽجيو وڃي، پر ڪڏهن وري گھٽيءَ مان لنگھندڙ هڪ واٽهڙوءَ ڏانهن بنا ڪنهن سبب جي مُرڪي ڏسڻ سان به اهو عمل ٿيو پوي. جيئن اوهان ڪنهن اوپري جي جان بچائي، جيڪو پاڻ کي اقڪارت سمجھي آپگھات ڪرڻ وارو هجي، پر توهانجي هڪ مُرڪ کيس نئين اميد ۽ اعتماد ڏيو ڇڏي.
جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگيءَ جو ڳنڀيرتا سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي هر ان پل کي ٻيهر به جيئو جيڪو اوهان لاء وڏي پيڙا جو ڪارڻ بڻيو هو، ته به اوهانکي ان ڳالهه جي پروڙ نه پوندي ته ڪڏهن اوهان به ڪنهن سان ڪا چڱائي ڪئي هئي. هيءَ زندگي بالڪل به بي مقصد ناهي، هر اهو روح جيڪو زمين تي لاٿو ويو آهي انجو ڪو نه ڪو مقصد ضرور آهي.
اهي ماڻهو جيڪي مشڪلاتن ۾ ٻين جو سهارو بڻجن ٿا، اهي پاڻ ڪارائتا بڻجڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن، پر هو ڪارائتي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو صلاحون ڏيڻ جي بدران عملي طور تي ڪارائتو بڻجي پنهنجو مثال قائم ڪن ٿا.
توهان صرف هڪ ڪم ڪيو، پنهنجي حياتي ائين گھاريو جيئن اوهان خود گھارڻ چاهيو ٿا. ٻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران پنهنجي خوابن جي ساڀيان تي ڌيان ڌريو. ٿي سگھي ٿو ته اها ڳالهه توهان جي لاءِ اهميت نه رکندي هجي پر، خدا پاڪ، جيڪو هر شئي تي قادر آهي، هو ڄاڻي ٿو ته جيڪو مثال توهان قائم ڪندئو اهو ضرور نظام ۾ سڌارو آڻڻ ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو. جنهن کانپوءِ هو پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان توهانکي نوازي ڇڏيندو.
۽ جنهن وقت اڻوڻندڙ مهمان (موت) اچي پهچي ٿو ۽ توهانکي چئي ٿو ته، “ اهو سوال جائز آهي ته، ’ منهنجا رب، تو مونکي پنهنجي رحمت کان ڇو پري ڪري ڇڏيو؟‘ پر هاڻ تنهنجي زندگيءَ جي هن آخري گھڙيءَ ۾ آءٌ توکي اهو ٻڌايان ٿو ته مون ڇا ڏٺو؛ تنهنجي گھر جو ڪار وهنوار موچارو هو، تنهجون ٻنيون کيڙيل ۽ انهن ۾ پوکون پڪل هيون، مطلب ته مون تنهنجي هر ڪِرت ۾ سٺي سنوت ڏٺي. تون اهو ڄاڻي چڪو هئي ته ڪو به ننڍو عمل ڪنهن وڏي تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿو. ۽ هاڻ ان جي ڪري آءٌ توکي جنت ڏانهن نئڻ آيو آهيان.”
***