باب 8
تنهن چيو: “ مونکي خبر ناهي ته آءٌ ڪهڙي ڏسا ۾ وڃان.”
قبطيءَ کيس وراڻيو:
سج وانگي، زندگي به پنهنجي روشنيءَ جا ڪرڻا چوڏس پکيڙيندي آهي.
جنم کانپوءِ، اسين هڪ ئي مهل هر شئي حاصل ڪرڻ جا پور پچار ڪندا آهيون ۽ ان هٻڇ کي پنهنجي هٿ وس نه ڪري سگھندا آهيون.
پر، باھ ٻارڻ لاءِ اسانکي سج جي مڙني ڪرڻن کي هڪ جاءِ تي ڪَٺو ڪرڻو پوندو آهي. ۽ روحاني قوت جو اهو وڏي ۾ وڏو ڳُجهه جيڪو دنيا تي وائکو ٿيو، اهاباھ ئي آهي. اها باھ صرف ساڙڻ لاءِ ناهي پر اها اَن کي ڀوڄڻ ۾ تبديل پڻ ڪري ٿي.
۽ پوءِ اها گھڙي اچي ٿي جڏهن اسانکي پنهنجي اندر جي باھ تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي ته، جيئن اسانجي زندگيءَ کي ڪا معنى ملي سگھي. پوءِ اسين قدرت کان اهو سوال ڪيون ٿا ته، “آخر ڪهڙي معنى؟”
اسان مان ڪي اهو سوال ترت وساريو ڇڏين: اهو سوچيندي ته، اهو ته مونجھاري وارو سوال آهي، ۽ اهو سوال ننڊون حرام ڪريو ڇڏي، ڇاڪاڻ جو ان جو جواب ڪو ايترو آسان ناهي. اِهي ته اُهي آهن جيڪي پوءِ، پنهنجي سڄي ڄمار ائين ئي گهاريندا آهن جيئن اڳ گذاريندا ٿي آيا. ۽ پوءِ جڏهن اُهو اڻ گھريو مهمان(موت) اچي مٿن ڪڙڪندو آهي، تنهن وقت هو چوندا آهن ته: “منهنجي زندگي ته، تمام مختصر هئي ۽ مون نعمتن کان منهن موڙي ڇڏيو هو.”
ٻيا وري ان سوال کي سيني سان لايو ڇڏين، پر ڇاڪاڻ جو هو ان جو جواب ڪونه ڄاڻن، تنهنڪري هو اُنهن جي لکتن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيو ڇڏين جن اڳ ۾ ان سوال جي جواب جي ڳولا دوران ايندڙ اوکاين سان مهاڏو اٽڪايو هو. سِگھو ئي کين جواب مليو وڃي جيڪو سندن حساب ۾ صحيح جواب هوندو آهي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته ان وقت هو ان جواب جا باندي بڻجيو پون. ۽ هو زندگيءَ جي مقصد بابت پنهنجي اڏيل انهن خيالي مفروضن تي ٻين کي به يقين ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهن ٿا ۽ ثابتيون ڏيڻ لاءِ پنهنجا ئي خيالي محل اڏيندا وتن ٿا ۽ اهي جيڪي سندن انهن خيالي مفروضن جو انڪار ڪن ٿا، تن کي سهمت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجون ئي پنچائتون جوڙيندا وتن ٿا.
آخر ۾، هڪڙا وري اهڙا ماڻهو ٿين ٿا جيڪي ان سوال کي هڪ ڪوڙڪي سمجھن ٿا: ڇاڪاڻ جو ان جو ڪو جواب ئي ناهي. وقت ضايع ڪرڻ ۽ ان ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ هو اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪن ٿا. پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پنهنجي وڏڙن جي نصيحتن کي وساريندي هو صرف اُتساهيندڙ ڳالهين کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو “اُتساھ” هڪ مُقدس باھ آهي.
هوريان هوريان هو اهو لهي وٺن ٿا ته سندن ڪارگُذاريون هڪ ڳُجھي جذبي سان ڳانڍاپي ۾ آهن جيڪو انساني علم کان مٿانهون آهي. ۽ هو احترام خاطر ان ڳُجھي جذبي جي آڏو پنهنجو سِر نوايو ڇڏين ٿا ۽ سنئين راهه تان ڀٽڪڻ بچاءِ لاءِ دعائون پڻ ڪندا رهن ٿا، اُهو سڌو رستو جيڪو هنن سندن سينن ۾ ڀڙڪندڙ اُلي ڪارڻ چونڊيو هو. ضرورت جي وقت ۾ هو پنهنجي انترگيان/الهام جو استعمال ڪن ٿا، ۽ جنهن وقت کين سندن انترگيان به ڪم نه ٿو اچي ان وقت هو مصلحت وارو رستو اختيار ڪن ٿا. هو ڏسڻ ۾ بيوقوف لڳندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفيون ڪندا به آهن. پر حقيقت ۾هو بيوقوف ناهن هوندا. کين سچي محبت ۽ ارادي جي قوت حاصل ٿي چڪي هوندي آهي. ۽ اهي ٻئي شيون کين سندن مقصد ۽ صحيح ڏسا ڏيکارين ٿيون. سندن ارادي جي قوت مضبوط، سندن محبت پوتر ۽ قدم اَڏول ٿين ٿا. اوکاين ويل کين اهو ڪڏهن به نه ٿو وسري ته،” آءٌ ته بس هڪ ذريعو آهيان. ۽ مونکي هڪ ذريعو ئي رهڻ ڏنو وڃي جيڪو خدا جي مرضيءَ مطابق ڪم ڪري ٿو.” هنن پنهنجو رستو ته چونڊي ڇڏيو آهي، پر کين سندن منزل جي خبر شايد تڏهن پوي جڏهن اڻ گھريو مهمان (موت) سندن سامهون اچي وڃي. جيڪو ٻلهارپ مان اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ زندگيءَ جي ڳُجھن کي پنهنجو رهبر بڻائي ٿو ان جي لاء اهو ئي بهترين رستو آهي، اهو ئي رستو خوبصورت به آهي ۽ آسان به.
ڪو به مقصد وڏو به ٿي سگھي ٿو ۽ ننڍو به، ڏور به ٿي سگھي ٿو ۽ اوڏو به، پر هو ان جي ڳولا ۾ مانَ ۽ شانَ سان نڪريو پون. کين هر وِکَ تي ڪيل ڪوشش، مشقَ ۽ تڪليفن جي قيمت جو اندازو رهي ٿو.
سندن ڌيان صرف منزل تائين پهچڻ ڏانهن نه هوندو آهي، پر ان دوران پيش ايندڙ هر واقعي کان به هو واقف رهن ٿا. همت جي جواب ڏيڻ جي صورت ۾ کين ڪيئي ڀيرا رڪڻو به پوي ٿو. پر ان موقعي تي، محبت سندن آڏو اچي کين چوي ٿي ته،”اوهانجي خيال ۾ ته، اوهان هڪ مخصوص منزل ڏانهن وڌي رهيا آهيو، پر اوهانجي منزل جي موجودگيءَ جو حقيقي اندازو اوهانجي ان منزل ڏانهن وڌڻ جي چاھَ تي آهي. ٿورو آرام ڪريو، پر جيترو جلد ٿي سگھي اُٿو ۽ پنهنجو سفر جاري رکو. ڇاڪاڻ جو جيئن ئي اوهانجي منزل کي اهو اندازو ٿيو ته اوهان ان ڏانهن وڌي رهيا آهيو، ته اها منزل پڻ اوهان سان ملڻ لاءَ آتي ٿي پوندي هوندي.”
اُهي جيڪي ان سوال کان پنهنجو منهن ئي موڙي ٿا ڇڏن، ۽ اهي جيڪي ان جو جواب ڄاڻن ٿا، ۽ اهي جيڪي اهو سمجھن ٿا ته ان سوال کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ سان ئي حل ڪري سگھجي ٿو، انهن سڀني کي هڪ جهڙين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ کين خوش به هڪ جهڙيون شيون ڪري سگھن ٿيون. پر صرف اهو شخص ئي ڄاڻي ٿو ته هو صحيح رستي تي سفر ڪري رهيو آهي جيڪو اپائڻهار جي راضپي کي نهٺائيءَ ۽ همت سان قبول ڪري وٺي ٿو.
***