ناول

عڪرا مان مليل مسودو

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
Title Cover of book عڪرا مان مليل مسودو

باب 18

“ اسانکي مستقبل بابت ڪجھ ٻڌاءِ.”
هڪ نوجوان پڇيو.

قبطيءَ وراڻيو:
اسين سڀ اِهو ڄاڻون ٿا ته مستقبل ۾ ڪير اسانجو انتظار ڪري رهيو آهي؛ اهوئي اَڻ گُھريو مهمان(موت)، جيڪو ڪنهن به وقت بنا ڪنهن چتاءَ جي پهچي چوندو،”مون سان گڏيو اچ.” پوءِ نه چاهيندي به اسانکي ساڻس وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو ان وقت اسان وٽ ٻي ڪا واھَ نه هوندي. ان ويلي اسانجي وڏي کان وڏي خوشي يا وڏي کان وڏو غَمُ به ماضيءَ ڏانهن وڃي ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو ته، “ڇا مون پنهنجي حصي جو پيار ونڊيو؟”
اسانکي محبت ضرور ڪرڻ گھرجي. آءٌ صرف هڪ انسان جي ٻئي انسان لاءِ محبت بابت نه ڳالهائي رهيو آهيان. اها محبت جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي، معجزن، کَٽَڻ يا هارائڻ، مطلب ته هر اها شئي جيڪا روز اسان سان پيش اچي ٿي، جي حوالي ڪري ڇڏجي.
اسان تي چار ڳُجھيون قوتون هميشهه اثر انداز رهن ٿيون: محبت، موت، طاقت، ۽ وقت.
محبت ضرور ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو اپائڻهار به اسان سان محبت ڪري ٿو.
جيڪڏهن اسين زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ تيار آهيون ته اسانکي موت جي حقيقت جي ڄاڻ پڻ هجڻ گھرجي.
اڳتي وڌڻ لاءِ اسانکي جفاڪشي به ڪرڻ گھرجي، پر ان مان حاصل ٿيندڙ طاقت جي ڪوڙڪيءَ مان پڻ بچڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو اهڙي طاقت ڪنهن به ڪم جي ناهي.
آخر ۾، اسانکي اها حقيقت پڻ تسليم ڪرڻ گھرجي ته، اسانجو روح جيتوڻيڪ دائمي آهي، پر هن گھڙيءَ اِهو وقت جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي.
اُها خواهش، جيڪا اسانجو خواب آهي، ۽ روح ۾ لِڪل آهي، پر ٻاهر اچي نه سگھي؛ اُنَ خواهش کي اُتي رکيو هو. ۽ اها پوتر مُحبت آهي جيڪا اسانجي خوشي چاهي ٿي. انڪري جو هن اسانکي پنهنجي خوابن جي ساڀيا ۽ خواهشن جي تڪميل ڏيڻ چاهي .
جڏهن اوهان ڪنهن مشڪل وقت مان گذري رهيا هجو ته اهو ياد رکجو ته؛ ڀلي اوهانکي ڪنهن وڏي جنگ ۾ شڪست ڇو نه ملي هجي، پر اوهان اڃا به زندھ آهيو ۽ موجود آهيو. اها ئي ڪاميابي آهي، هاڻ اڳتي وڌي پنهنجو مقصد حاصل ڪري ڏيکاريو.
پنهنجي چوڏس هر شئي کي محبتن جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. اهو ظاهر ڪري ڏيکاريو ته اوهان مسڪينن جو ڪيترو خيال رکو ٿا، ڇاڪاڻ جو هو اوهانجي سخاوت جي وَڙَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهن. انهن اميرن جو پڻ خيال رکو جن جو ڪنهن به شئي تي ڀروسو ناهي، اناج سان ڀريل گُنديون ۽ مال ملڪيت سان سَٿيل ٽجوڙيون هجڻ جي باوجود به هو هيڪلائين کان آجا ناهن.
اهي جيڪي اوهانجي ويجھو آهن انهن کي پنهنجو قرب ڏيڻ جو موقعو ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏيو، ڇاڪاڻ جو اسين هميشهه کين خوش ڏسڻ چاهيندا آهيون.
محبت ڪيو، ڇاڪاڻ جو انجو فائدو پهريون اوهان کي ئي پهچڻو آهي. اوهانجي چوڌاري دنيا اوهانکي ان جو ثمر ڏيندي، پوءِ ڀلي اوهانکي اهو ڇو نه چوڻو پيو هجي ته،” دنيا منهنجي محبت کي سمجھي نه سگھي.”
محبت کي سمجھڻ جي نه پر ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تنهنڪري مستقبل ۾ جيڪي ڪجهه به آهي ان جو سمورو دارومدار اوهانجي محبت ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي. ۽ ان لاءِ اوهانجو پاڻ تي ڀرپور اعتماد هجڻ پڻ ضروري آهي. ٻين کي اهو چوڻ جي موقعو نه ڏيو ته، “هي رستو صحيح آهي يا هو پيچرو صحيح آهي.”
اپائڻهار جو اسان لاءِ وڏي ۾ وڏو تحفو اسانجي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
اسانکي ننڍپڻ کان ئي اهو ٻُڌايو ويو آهي ته جيڪي اسين چاهيون پيا سو ناممڪن هو. پوءِ جيئن وڏا ٿياسين ته اسان وٽ ساڙ، ڊپ ۽ پڇتاءَ بنا ٻيو ڪجهه نه هو. پاڻ کي انهن شين کان آجو ڪري ڇڏيو، سڀاڻي نه، اڄ رات نه بَلڪِ هاڻي جو.
جيئن مون چيو هو ته؛ اسان مان ڪيترائي ان ڳالهه جا قائل آهن ته پنهنجي خوابن جي ساڀيا پويان ڊوڙندي اسين انهن کي ڇِيهو رسايو وجھون جن سان اسين محبت ڪريو ٿا. پر اُهي جيڪي اسان جي بهتري ۽ اسانجي خوشي چاهيندا، هاڻ اسانکي ڪڏهن به اڳتي وڌڻ کان نه روڪيندا، اڳ ڀلي هنن اسانکي طعنن ، واعدن ۽ ڳوڙهن سان روڪڻ جي ڪوشس ڪئي هجي.
ايندڙ وقت جون مُهم جويون رومان سان ڀرپور هجڻ گھرجن، ڇاڪاڻ جو دنيا کي ان جي ضرورت آهي، تنهنڪري، پنهنجي گھوڙي تي ويٺي سفر دوران پاڻ کي آزاد تصور ڪيو ۽ پنهنجي مُنهن تي ٿڌڙي هير محسوس ڪيو.
اهو نه وسارجو ته اوهان کي تمام وڏو پنڌ اڪرڻو آهي. پر جيڪڏهن اوهان پوري طرح ان جي رومان ۾ گُم ٿي ويئو ته اوهان ڪِري پوندئو. جيڪڏهن اوهان پاڻ کي ۽ پنهنجي گھوڙي کي وقتي طور آرام نه ڏيندئو ته اوهان جو گھوڙو بُکَ ۽ اُڃَ وِگھي مري پوندو.
ٿڌڙي هيرَ مان ڀلي لُطف وٺو پر پنهنجي گھوڙي کي نه وساريو.
۽ جڏهن اوهانکي اهو لڳي ته هر ڪم بهتر ٿي رهيو آهي ۽ اوهان جو خواب اوهان جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي، ته هيءَ ئي اُها گھڙي آهي جنهن ۾ اوهان کي وڌيڪ مُحتاط ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو جڏهن اوهانجو خواب اوهانجي وَسَ ۾ اچڻ وارو هوندو آهي ته ان وقت اوهان تي ڪنهن نه ڪنهن پڇتاءَ جو زوردار حملو ٿيندو آهي.
اوهان اهو مشاهدو ڪندئو ته اوهان ان جاءِ تي پهچي چڪا آهيو جِتِ ورلي ڪو پهچي سگھيو هوندو، ۽ ان وقت اوهانکي اهو خيال ايندو ته جيڪو ڪجهه زندگيءَ اوهانکي ڏنو آهي اوهان ان جا مُستحق ئي ناهيو. اوهان کان اهي سڀ رُڪاوٽون، اُهي قربانيون ۽ مشڪلاتون وسري وينديون. ۽ ان پڇتاءَ ڪارڻ اوهان پنهنجيون سڀ محنتون برباد ڪري سگھو ٿا جن جي سبب اوهان ايڏو ڏُور پهچي سگھيا آهيو.
اها ئي سڀ کان وڏي رُڪاوٽ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪاميابيءَ کي ڌُتارڻ وارن جو وري اڃا ڪو ٻيو پاڪيزھ مقام آهي.
پر جيڪڏهن ڪو شخص اهو سمجھي ٿو ته هو ان شئي جو مستحق آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جهجهو لوڙيو آهي، ته کيس ضرور اهو احساس ٿيندو ته هو ان مقام تي اڪيلي سر نه پهتو آهي پر ان ۾ اپائنهار جي به مرضي شامل هئي.
صرف اهو ئي شخص پنهنجي اهميت سمجھي سگھي ٿو جنهن کي پنهنجي کنيلَ هر وِکَ جي اهميت جو اندازو هوندو.
***