باب 4
هڪ نوجوان عورت، جنهن جي شادي اجهو شهر جي هڪ سرنديءَ واري جي پٽ سان ٿيڻ واري هئي، پر هاڻي جنگ جي ڪري کيس وڃڻ جي اجازت هئي، تنهن پڇيو.
قبطيءَ وراڻيو:
هيکلائيءَ کانسواءِاوهان محبت کي نه ٿا سمجھي سگھو. ڇاڪاڻ جو محبت کي سانت جي طلب رهي ٿي، ته جيئن اها پنهنجا روپ مٽائي آسمانن مان اڏارون ڪندي توهان تائين پهچي سگھي.
هيکلائيءَ کان سواءِ نه ٻوٽن کي جياپو آهي نه ئي جانورن کي، نه مٽي اپائيندڙ ٿي رهي نه وري ڪو ٻار زندگيءَ بابت ڪجهه پرائي سگھي ٿو، نه ئي ڪو فنڪار پنهنجي ڪا شئي تخليق ڪري سگھي ٿو، مطلب ته هيکلائيءَ کانسواءِ ڪنهن به شئي جي اوسر ممڪن ناهي.
هيڪلائي محبت جي اڻ هوند جي سببان ناهي پر اها ان محبت جو پورائو ڪرڻ لاءِ آهي.
هيکلائي ڪنهنجو ساٿُ ڇُڏڻ سببان ناهي پر اِها اُها گھڙي آهي جنهن ۾ اسانجو روح اسان سان ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ اسانکي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
تنهنڪري، ڀاڳن وارا آهن اهي جيڪي هيکلائيءَ ۾ سَندي ساٿ کان ڊڄندا ناهن ۽ جيڪي هميشه پنهنجي وندر لاءِ يا پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اڻتڻ ۾نه ٿا رهن.
هيکلائيءَ پاڻ سڃاڻ ممڪن ئي ناهي. ۽ جن پاڻ نه سڃاتو اهي ان خال کان ڊنل رهن ٿا. پر اهڙي ڪنهن به خال جو ڪو وجود ئي ناهي. اسانجي روحن ۾ هڪ وسيع دنيا موجود آهي، جيڪا پنهنجي ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ رهي ٿي. اها دنيا اتي پنهنجي پوري سگهه سان قائم رهي ٿي، پر ڇاڪاڻ جو اها هڪ نئين ۽ سگھاري دنيا هجي ٿي، ان ڪري اسين انجي وجود کي ڄاڻڻ کان ئي ڊنل رهون ٿا.
پاڻ سڃاڻ وارو عمل اسانکي ان ڳالهه تي قائل ڪري ٿو ته اسين پنهنجي سوچن کان به گھڻو اڳتي وڃي سگھون ٿا. اها ئي ڳالهه اسانکي ڊيڄاريندي رهي ٿي ۽ اسين ڪو به جوکم جو ڪم ڪرڻ کان لنوايون ٿا. ۽ اهو چوندا رهون ٿا ته، “ آءٌ اهو نه ڪري سگھيس جيڪو مونکي ڪرڻ گھربو هو، ڇاڪاڻ جو ڪنهن مونکي ڪرڻ نه ڏنو.” اها ڳالهه اسانکي اطمينان ڏئي ٿي ۽ اسين انهيءَ ۾ ئي پنهنجي سلامتي محسوس ڪيو ٿا، پر حقيقت ۾ انهن جي اها ڳالهه پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي.
افسوس آهي انهن تي جيڪي پنهنجي سڄي زندگي اهو چوندي گذاري ڇڏن ٿا ته، “ مونکي ڪو موقعو نه مليو!” جنهن سبب هو هر ڏينهن پنهنجي ئي ٺاهيل حدن جي کوهه جي اونهائيءَ ۾ ٻڏل رهن ٿا، تان جو اها گھڙي اچي وڃي ٿي جڏهن وٽن ايتري به سگهه باقي نه ٿي رهي جو هو ان کوهه مان نڪري پنهنجي چئوڦير پکڙيل اوجر پسي سگھن.
سڀاڳا ته اهي آهن جيڪي اهو چون ٿا ته، “ آءٌ بردبار ناهيان.” ڇاڪاڻ جو انهن اها خبر آهي ته اها ڪنهن ٻئي جي خطا ناهي، ۽ اڳي پوءِ کين اُها وتُ ۽ ويساهه ملي وڃي ٿو جيڪو کين هيکلائيءَ ۽ انجي ڳُجھن کي سمجھڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو.
اهي جيڪي هيکلائيءَ کان ڊنل ناهن، انهن لاءِ هر شئي مختلف سواد رکي ٿي. هيکلائيءَ ۾ هو اها محبت ڳولي لهن ٿا جنهن جي وجود جي کين ڄاڻ ئي نه هئي. هيکلائيءَ ۾ هو ان محبت کي سمجھڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ سکن ٿا. هيکلائيءَ ۾ هو ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي پون ٿا ته رُسي ويل محبت سان پرچاءُ ڪرڻ گھرجي يا انکي ڇڏي ڪو نئون گس وٺجي.
هيکلائيءَ ۾ هو اهو به سکن ٿا ته ڪنهن ڳالهه کان “نهڪر” ڪرڻ ۾ هميشه وڏيءَ دل جي نفي ناهي هوندي ۽”هاڪار” ڪرڻ به ڪو هميشه جو وڏو وَڙُ ناهي.
جيڪي هن وقت هيکلا آهن، کين شيطان جي انهن ڳالهين کان به مايوس نه ٿيڻ گھرجي ته، “ توهان پنهنجو وقت وڃائي رهيا آهيو.” يا “توهانجي ڪنهن کي به پرواهه ناهي.”
ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا هيکلائيءَ ۾ ٻنهي صورتن ۾ هڪ روحاني قوت اسانکي ٻڌي رهي هوندي آهي. ان گھڙيءَ ۾ ان روحاني قوت جي روشني اسانکي پنهنجي اهميت ۽ ڌرتيءَ تي پنهنجي وجود جوڪارڻ سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جنهن وقت اسين ان متوازن صورتحال ۾ اچي وڃون ٿا ان وقت اسانکي پنهنجي گُھرج کان وڌيڪ حاصل ٿيو پوي.
جيڪي هيکلائيءَ کان لنوائيندا رهن ٿا، اهي ياد رکن ته زندگيءَ جي سڀ کان اهم گھڙين ۾ به اسين هميشه هيکلا رهون ٿا. هڪ ٻار جو مثال وٺو جيڪو ماءُ جي پيٽ مان نڪري ٿو؛ ان وقت ڀلي ڪيترا به ماڻهو سندس چوڌاري بيٺل هجن پر آخرڪار زندگي گذارڻ جو فيصلو ته ان ٻار کي اڪيلي سِر ئي ڪرڻو آهي.
هڪ فنڪار ۽ سندس فن جو مثال وٺو؛ پنهنجي فن يا ڪاريگريءَ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ کيس هيکلائيءَ ۾ فرشتن جي ٻولي ٻڌڻ جي ضرورت پوي ٿي.
پنهنجو مثال وٺو، جنهن وقت اسين اڻ گھريي مهمان، “موت” جي آمهون سامهون ٿيندا آهيون؛ ان اهم ۽ ڀوائتي گھڙيءَ ۾ به اسين هيکلا ئي هوندا آهيون.
جيئن محبت هڪ روحاني ڪيفيت آهي، تيئن ئي هيڪلائي هڪ انساني ڪيفيت آهي. جيڪي زندگيءَ جي معجزن کي سمجھي سگھن ٿا انهن لاءِ اهي ٻئي ڪيفيتون هڪٻئي سان ٻٽ رهن ٿيون.
***