باب 9
۽ اڃا تائين کيس وَرُ نه ملي سگھيو هو، تنهن چيو:” محبت هميشه مونکي نظر انداز ڪندي رهي آهي.”
قبطيءَ کيس وراڻيو:
محبت جا ٻول ٻڌڻ لاءِ، توهانکي محبت کي پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي. پر پوءِ جيئن اها ويجھو اچي ٿي تنهن وقت اسين ٿورو سراپجي ٿا وڃون ته متان ڪجهه چئي نه وجھي، ڇاڪاڻ جو محبت ته آزاد آهي ۽ اها اسانجي مرضيءَ مطابق ته نه ٿي هلي.
سمورا عاشقَ ان ڳالهه کان واقف آهن، پر ان حقيقت کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهن. سندن سوچ اها آهي ته هو محبت کي طاقت، حسن، دولت، لُڙڪن ۽ مُشڪُن سان ڌُتاري سگھن ٿا. جڏهن ته سچي محبت اها آهي جيڪا خود ڌُتاريندي آهي ۽ ٻين کي ڌُتارڻ جو موقعو ناهي ڏيندي.
محبت هر شئي کي تبديل ڪريو ڇڏي، زخم ڀريو ڇڏي. پر، ڪڏهن وري اهڙن ماڻهن کي پنهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسايو تباھ ڪريو ڇڏي جيڪي پنهنجو تَن مَن مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪريو ڇڏين. هڪ اهڙي قوت جيڪا پوري ڪائنات جو نظام هلائي رهي آهي، اُها هڪ ئي وقت ۾ خالق ۽ غارتگر ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟
اسين وٺڻ جي بدلي ڏيڻ واري وهنوار جا عادي ٿي چڪا آهيون، اُهي جن جو وَڙُ محبت جي بدلي محبت آهي سَي حقيقت ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهن.
محبت ڏي وٺ نه پر هڪ عقيدو آهي. انڪار محبت جي واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ تڪرار محبت کي اوهانجي طرف مائل رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. “ مونکي تو سان محبت آهي” جهڙا اَمُلهه لفظ دل ۾ سانڍي رکڻ لاءِ هيءَ حياتي تمام مختصر آهي. پر موٽ ۾ ساڳيا لفظَ ٻڌڻ جي اميد نه رکڻ گھُرجي. اسين محبت ڪيون ٿا ڇاڪاڻ جو محبت ڪرڻ اسانجي ضرورت آهي. جي ائين نه هجي ته پوءِ محبت پنهنجو قدر وڃائي ويهندي ۽ سج روشني ڏيڻ ڇڏي ڏيندو.
هڪ گُلاب جي گُل کي ماکيءَ جي مکن سان گڏ رهڻ ۾ ئي لُطف ملندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا ماکيءَ جي مک وٽس نه ٿي اچي ته ان ويلي سج کانئس سوال ڪري ٿو ته،” تون مَکن جي انتظار ۾ ٿڪجين نه ٿو؟” ۽ گُلاب جو گُل وراڻي ٿو ته، “ ها! ٿڪجان ٿو، پر، جيڪڏهن آءٌ پنهنجون پنکڙيون بند ڪيان ته آءٌ ڪُومائجي ختم ٿي ويندس.” ساڳئي ئي نموني، جڏهن محبت اسان وٽ نه هوندي آهي تڏهن اسين ان جي انتظار ۾ رهندا آهيون. ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته هيڪلائي هر شئي کي تباھ ڪري ڇڏيندي، پر ان ڀڃ ڊاھ کان بچڻ جو هڪڙو ئي رستو، محبت کي جاري رکڻ جو رستو آهي.
زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد محبت ڪرڻ آهي. ان کان علاوه ٻي ڪابه شئي ناهي. محبت ڪرڻ اسانجي ضرورت آهي، پوء ڀلي اها اسانکي هڪ اهڙي ڏيهه ۾ وٺي وڃي جتي ڍنڍون به لُڙڪن سان ڀريل هجن – اُها ڳُجھي جاءِ لُڙڪن جو ڏيهه آهي!
لُڙڪ پاڻمرادو ڳالهائيندا رهن ٿا. جڏهن اسين اهو محسوس ڪري وٺون ٿا ته اسان جام روئي ورتو آهي، ان حالت ۾ به لُڙڪ ايندا رهن ٿا. ۽ ان وقت جڏهن اسانکي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ٿو ته، اسانجي زندگيءَ کي ڏُکن جي ماٿرين مان ڊگھو پنڌ ڪرڻو آهي، ان وقت اوچتو لُڙڪَ وهڻ بند ٿيو پون. ۽ اسان پِيڙائن جي هوندي به پنهنجي دل کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ڇڏيون ٿا. ڇاڪاڻ جو اسانکي اهو احساس ٿي ويندو آهي ته جيڪو شخص اسانکي هيڪلو ڪري ويو اهو پاڻ سان گڏ سج جي روشني ته نه کڻي ويو. هو بس هليو ويو، ۽ هر موڪلاڻيءَ سان گڏ هڪ لِڪلَ اُميد جنم وٺي ٿي.
محبت نه ڪرڻ کان محبت ڪرڻ ۽ پوءِ اها وڃائڻ ئي بهتر آهي.
اسانجو هڪ صحيح انتخاب اُن اَجَھل قوتَ جي ڳُجَهه ۾ داخل ٿيڻ آهي. ڪنهن وقت اهو به چيو ويندو آهي ته، “ مون اڳ ۾ ئي ايڏا ڏُک ڏاکڙا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو ته اهي ختم ٿيڻ وارا ناهن،” ۽ تنهن کانپوءِ اسين محبت کي الوداع ڪري ٿا ڇڏيون، پر ان صورت ۾ اسين هڪ زنده لاش بڻجي ٿا پئون.
فطرتَ خدا پاڪَ جي محبت جو ڏيک آهي. اسانجو ڪهڙو به وهنوار هجي پر فطرت اسان سان محبت جاري رکي ٿي. تنهنڪري ، اچو ته فطرتَ جي سَبَقَ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون.
اسين محبت انڪري ڪيون ٿا جو اها اسانکي آزاديءَ سان اهو ڪجهه چوڻ جي همت ڏئي ٿي جيڪو اسين ڪڏهن پنهنجي منهن پاڻ کي نه چئي سگھيا آهيون.
محبت ۾اسين اهي فيصلا ڪيون ٿا جنهن کان لنوائيندا ٿي آياسين.
اسين “نَهَڪَارَ” ڪيون ٿا، اهو سوچڻ جي بغير ته اهو هڪ منحوس لفظ آهي.
اسين نتيجي جي ڄاڻڻ بنا “هائو” ڪرڻ لڳون ٿا.
اسين محبت بابت پِرايل هر سبق وسارڻ لڳون ٿا، ڇاڪاڻ جو هر ڀيري مختلف نتيجا پنهنجون ڀوڳنائون ۽ موجون ساڻ ڪيو اچن ٿا.
ڀلي کڻي محبوب اسان جي ڳائڻ ۽ سرٻاٽن تي ڌيان نه به ڌري پر پءِ به جڏهن محبوب پري هجي ٿو ته اسين تيز آواز ۾ ڳائيندا رهون ٿا ۽ جڏهن هو ويجھو هجي ٿو ته اسين سرٻاٽ ڪندا رهون ٿا.
ڪائنات لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪري اسين اها شڪايت به نه ڪندا آهيون ته، “ اها اونداهي آهي.” پر اسين پنهنجيون اکيون ان روشنيءَ کي پَسَڻَ لاء کُليون رکندا آهيون جيڪا اسانکي اهي ڪارناما ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي جن جو اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. اهو سڀ ڪجهه محبت جو حصو آهي. اسانجي دل محبت لاءِ آتي هوندي آهي، ۽ اسين پاڻ کي بي اونا ٿي ان جي حوالي ڪريو ڇڏيندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ ڪجهه وڃائڻ لاءِ باقي ناهي هوندو.
پوء اسين گھر موٽندا آهيون جتي ڪير ساڳن ئي اُڌمن ۽ ڀوڳنائن کي منهن ڏيندي اسانجو منتظر هوندو آهي.
ڇاڪاڻ جو محبت ان پاڻيءَ جيان آهي جيڪو پاڻ کي ڪَڪَرَن ۾ تبديل ڪري آسمانن ڏانهن نِيو وڃي ٿو، جتان هو هر ڏورانهين شئي کي ڏسي سگھي ٿو، اهو ياد رهي ته، هڪ ڏينهن، ان پاڻيءَ کي زمين ڏانهن واپس ورڻو هوندو آهي.
محبت به ان ڪَڪَرَ وانگي آهي جيڪو مِينهَن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي واپس زمين ڏانهن موٽي زمين تي سُڪار آڻڻو هوندو آهي.
محبت تيسيتائين صرف هڪ لفظ ئي رهي ٿي جيسيتائين اسين انکي سندس نيڪ نيت سان قبول نه ڪيون.
محبت تيسيتائين صرف هڪ لفظ ئي رهي ٿي جيسيتائين ڪو اچي ان کي ڪا معنى نه ڏئي.
ياد رکو ته ڪُنجين جي ڇُڳي ۾ هميشه آخري ڪُنجي ئي دروازو کوليندي آهي. تنهنڪري ڪڏهن به هارَ نه مڃڻ گھرجي.
***