ناول

عڪرا مان مليل مسودو

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
Title Cover of book عڪرا مان مليل مسودو

باب 12

هڪ ويڙهاڪ جيڪو ٻئي ڏينهن جنگ وڙهندي مرڻ جي تياريء ۾ هو، پر تنهن هوندي به هو قبطيءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاء آيل هو، چيائين:
“جنهن وقت اسانکي اتحاد سان رهڻ جي ضرورت هئي، تنهن وقت اسين ورهائجي وياسين. اهي شهرَ جيڪي حملا آوَرن جي گَسَ ۾ ٿي پيا، جن جنگ نه ٿي چاهي سي به جنگ جي وَر چڙهي ويا. هاڻ ان صورتحال کانپوءِ بچي ويندڙ پنهنجي ٻَچَن کي ڪهڙا قصا ٻڌائن؟”

قبطيءَ وراڻيو:
اسين اڪيلا هن دنيا ۾ آيا آهيون ۽ اڪيلا ئي هيءَ دنيا ڇڏي وينداسين. پر، جيسيتائين اسين ڌرتيءَ تي موجود آهيون تيسيتائين اسانکي پنهنجي عقيدن کي قبول ڪري انهن جو مانُ رکڻو پوندو.
اتحاد ۾ ئي زندگي آهي: ان ۾ ئي اسانجي جياپي جو آسرو آهي. قديم غارن واري وقت ۾ به ائين ئي ٿيندو هو، ۽ اڄ به ائين ئي ٿي رهيو آهي.
انهن جو احترام ڪيو جيڪي سکيا واري عمر دوران اوهان سان گڏ ننڍا ٿي وڏا ٿيا، ۽ انهن جو پڻ احترام ڪيو جن اوهانکي سکيا ڏني. ۽ اهو ڏينهن به ضرور ايندو جڏهن اوهان ٻين کي سکيا ڏيندئو ۽ پنهنجا قصا ٻڌائيندئو؛ اهڙي نموني سان ئي اتحاد جاري رهندو ۽ اسانجي ثقافت زندھ رهندي.
جيڪو به شخص ٻين سان پنهنجي خوشين ۽ نراساين وارا لمحا نه ٿو ونڊي اهو ڪڏهن به پنهنجي خامين ۽ خوبين بابت نه ٿو ڄاڻي سگھي.
پر ان دوران، هڪ خطري کان محتاط رهڻ گھرجي جيڪو اتحاد جو دشمن آهي: ماڻهن کي سندن ئي حد بندين، خوف ۽ تعصُبَ جي تقاضائن تحت اخلاق جي هڪ معياري رَوَيي ڏانهن آندو وڃي ٿو، جنهن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ جو مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن کي خوش رکڻ جي ضرورت پوي ٿي. اها اتحاد جي نه پر محبت جي گھٽتائيء جي علامت آهي.
توهان جو مان تڏهن رکيو ويندو ۽ توهان سان محبت تڏهن ڪئي ويندي جڏهن اوهان پنهنجو مان پاڻَ رکندئو ۽ پاڻ سان محبت ڪندئو. ڪنهن کي به خوش ڪرڻ جي ضرورت ناهي؛ جيڪڏهن ائين ڪندئو ته اوهانجي عزت ڪير به نه ڪندو.
اهڙا دوست ۽ ساٿي بڻايو جن کي پاڻ تي ۽ پنهنجي عمل تي ڀروسو هجي.
آءٌ اهو نه ٿو چوان ته:” اهڙا دوست بڻايو جن جي سوچ اوهانجي سوچ سان ملندي هجي.” منهنجو مطلب اهو آهي ته:” اهڙا دوست بڻايو جيڪي اوهانجي سوچ کان مختلف سوچ رکندا هجن ۽ جن کي اوهان ڪڏهن به پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھو.” ڇاڪاڻ جو دوستي به محبت جي ڪيئي روپن مان هڪ روپ آهي، محبت کي صرف ڳالهين آڌار تي ڌُوڻي نه ٿو سگھجي؛ محبت پنهنجو ساٿي غير مشروط طور قبول ڪري ٿي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي طريقي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
محبت پاڻُ حوالي ڪرڻ جو نه پر هڪٻئي تي اعتماد جو عمل آهي. ڪا قيمت ڏئي محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو محبت جي ڪا به قيمت ناهي.
اوهانجا دوست اهڙي قِسم جا ناهن جيڪي هر ڪنهن جي نظر ۾ هجن ۽ ڪنهن کي به متاثر ڪن ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندا وتن ته،” پوري يروشلم ۾ توهان جهڙو بهترين، سخي ۽ عزتدار ماڻهو ڪو ٻيو ناهي.”
توهان جا دوست ته ان فطرت جا آهن جيڪي پنهنجي روين جي اظهار لاءِ ڪنهن موقعي جي انتظار ۾ ناهن هوندا، پر هو سُتَت ئي ڪنهن به موقعي تي پنهنجو فيصلو مڙهي ڇڏڻ وارا آهن، ڀلي پوءِ انجو ڪهڙو به نتيجو نڪري. هو ته آزاد روحَ آهن جيڪي زندگيءَ جي رُخَ تي پنهنجو رُخ به موڙيو ڇڏين. هو نون نڪور پيچرن جي کوجنا ۾ رهن ٿا، پنهنجي بهادريءَ جو مسلسل مظاهرو ڪندا رهن ٿا، ان نموني هو پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن جو نالوروشن ڪن ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن وقت هو ڪنهن غلط ۽ خطرناڪ رستي تي نڪري پيا ته هو ڪڏهن به توهان کي اهو نه چوندا ته،” ائين ڪڏهن به نه ڪجانءِ.”
هو پاڻ به اهو نه چوندا ته:” هڪ ڀيري مون هڪ غلط رستي جو انتخاب ڪيو هو.”
اهو انڪري جو هو اوهانجي آزاديءَ جو قدر ڪن ٿا، جيئن اوهان سندن آزادءَ جو قدر ڪيو ٿا.
انهن کان هر قيمت تي پاسو ڪيو جيڪي مشڪل گھڙين ۾ اوهانکي آٿت ڏيندا آهن. آٿت ڏيڻ جي آڙ ۾ هو حقيقت ۾ پاڻ کي اهو چئي رهيا هوندا آهن ته،: “آءٌ مظبوط آهيان، آءٌ سياڻو آهيان، آءٌ ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻان هان.”
انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي اوهانجي خوشين ۾ اوهان سان گڏ آهن، ڇاڪاڻ جو هو اوهان لاءِ پنهنجي دلين ۾ بغض ۽ ڪينو نه ٿا رکن، پر صرف اوهانکي سَرهو ڏسي پاڻ به سَرَها ٿين ٿا.
انهن کان پاسو ڪيو جيڪي اهو سمجھن ٿا ته هو اوهان کان وڌيڪ مضبوط آهن، ڇاڪاڻ جو هو صرف پنهنجي ڪمزوريءَ کي لڪائي رهيا هوندا آهن.
انهن سان لاڳاپي ۾رهو جيڪي بي وسيءَ کان نه ٿا ڪيٻائين، ڇاڪاڻ جو کين پاڻ تي اعتماد هوندو آهي ۽ اها خبر هوندي آهي ته، زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي اسين سڀ ٿَيڙُ کائيندا آهيون؛ ۽ وٽن اها ڳالهه ڪمزوريءَ جو نه پر انسانيت جو سوڻ آهي.
انهن کان پاسو ڪيو جيڪي وڏيون هامون هڻندا رهندا آهن، هو ڪڏهن به ڪو اهڙو قدم نه کڻندا آهن جنهن جو کين يقين نه هجي ته ان سان کين مانُ ملندو.
انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي، جڏهن به اوهان ڪا غلطي ڪيو ته اوهانکي اهو نه چون ته،” آءٌ ان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان سرانجام ڏيان هان.” کانئن اها غلطي ڪڏهن به سرزد ناهي ٿي، سو هو ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ئي ناهن.
انهن کان پاسو ڪيو جيڪي دوستي صرف انڪري ڪندا آهن ته جيئن پنهنجو سماجي رُتبو برقرار رکي سگهن يا وري دوستيءَ جي ذريعي پاڻ لاءِ ڪجهه اهڙا دروازا کولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جن تائين ڪنهن ٻي صورت ۾ پهچڻ ناممڪن هجي ٿو.
انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي هڪ خاص دروازو- دل جو دروازو کولڻ ۾ دلچسپي رکندا هجن. ڇاڪاڻ جو هو ڪڏهن به اوهانجي مرضيءَ بنا اوهانجي روح تي حملو نه ڪندا، نه وري ان کليل دروازي مان اوهان تي ڪو تير هلائيندا.
دوستي هڪ نديءَ جيان آهي: جيڪا پٿرن جي چوڌاري وهي ٿي ۽ پاڻ کي جبلن ۽ وادين جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي، ۽ زمين تي ڪا وڏي کڏ ڏسي پاڻ کي ان ۾ جمع ڪري ٿي ۽ کڏ ڀرجي وڃڻ جي صورت ۾ اڳتي وهندي رهي ٿي. جيئن هڪ نديءَ جو مقصد صرف ۽ صرف سمنڊ تائين پهچڻ ٿئي ٿو، تيئن ئي دوستيءَ جو به صرف هڪ ئي مقصد “محبتون ونڊڻ” ٿئي ٿو.
انهن کان پاسو ڪيو جيڪي اهو چوندا آهن ته،” بس، ايترو ڪافي آهي، آءٌ وڌيڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگھان.” ڇاڪاڻ جو هو اهو سمجھڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته زندگيءَ ۽ موت جو ڪو انت ناهي؛ اهي بس دائمي بقا تائين پهچڻ جا مرحلا آهن.
انهن سان لاڳاپي ۾ رهو جيڪي اهو چوندا آهن ته، “ هر شئي جيئن آهي تيئن ئي ٺيڪ آهي، ۽ اسانکي اڳتي نڪرڻو آهي.” ڇاڪاڻ جو هو مقرر حدن کي اورانگھي اڳتي وڌڻ جي اهميت کي سمجھن ٿا.
انهن کان پاسو ڪيو جيڪي برادريءَ جي فيصلن ۾سُگھڙائپ ڏيکارڻ لاء گڏجاڻيون ڪندا وتندا آهن. کين سياست جي پڻ ڄاڻ هوندي آهي؛ هو ٻين کي متاثر ڪندا رهندا آهن ۽ اهو پڻ ظاهر ڪندا رهندا آهن ته هو ڪيڏا داناءَ آهن. پر هڪ ڳالهه جيڪا سندن سمجهه کان به ٻاهر هجي ٿي ته مٿي مان ڇڻندڙ وارن کي روڪڻ نا ممڪن آهي.
نظم و ضبط ضروري آهي، پر ان جي لاءِ انترگيان ۽ اچرج ۾ وجھندڙ شين لاءِ دريون ۽ درواز کولي رکڻا پوندا.
انهن جي ويجھو رهو جيڪي گيتَ ڳائيندا وتن ٿا، قصا ٻڌائيندا وتن ٿا ۽ زندگيءَ مان لُطف اندوز ٿيندا رهن ٿا، ۽ جن جون اکيون سَرهائيءَ منجھان چمڪنديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ جو سَرهائي پکڙجندي رهي ٿي ۽ هميشهه هر مسئلي جو حل ڏيندي رهي ٿي، جڏهن ته عقل غلطين جي صرف وضاحت ڪري سگھي ٿو.
انهن جي ويجھو رهو جيڪي بنا ڪنهن رُڪاوٽ، سوچ سمجهه ۽ ڦل جي محبت جي روشني ڦهلائيندا رهن ٿا، پوءِ ڀلي کين ڪو غلط ڇو نه سمجھندو هجي.
ڀلي اوهانجي طبيعت ڪيئن به هجي، پر هر صبح جو پاڻ کي پنهنجي روشني ڦهلائڻ لاءِ تيار رکڻ گھرجي. اهي جن وٽ اوهانجي اها روشني ڏسڻ واريون اکيون آهن سي اوهانجي روشني ڏسندا ۽ ان مان موهجندا رهندا.
***