ڪتاب جو نالو: شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)
مصنف: ڊاڪٽر ساجده پروين
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 29 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 411 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 130 هون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون: رومانويت

  • رومانويت- وصف
  • رومانويت جو پس منظر
  • رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ
  • ڪجهه اهم انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت
  • سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر
  • نتيجا
  • حوالا
  • باب ٻيو : شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ

  • شاهه لطيف جو دؤر ۽ ان جا لاڙا
  • وليم ورڊس ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا
  • نتيجا
  • حوالا
  • باب ٽيون : شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي فڪري ڀيٽ

  • شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور
  • وليم ورڊس ورٿ وٽ رومانويت ۽ رومانوي عڪس
  • شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان تقابلي جائزو
  • نتيجا
  • حوالا
  • ببليوگرافي
  • بئڪ ٽائيٽل تصوير

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 130 هون

    ڪتاب جو نالو: شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت
    موضوع: لطيفيات
    ليکڪ: ڊاڪٽر ساجده پروين
    ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2017ع
    ٽائيٽل: اسدالله ڀٽو
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: ساحل پرنٽرز حيدرآباد
    ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر دڙو – حيدرآباد
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد
    قيمت: 200 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پنهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي نالي
    جنهن منهنجي علمي، ادبي رهبري ڪري مون کي زندگي ۾
    هر چئلينج کي منهن ڏيڻ سيکاريو.

    ساجده پروين


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
    آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
    ھي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڊاڪٽر ساجدہ پروين جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    منهنجو هي تحقيقي ڪم بنيادي طرح سان ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آهي، جيڪا مون 2007ع دوران ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ هيٺ لکي هئي. ڪيترائي ڀيرا گهڻ گهرين دوستن صلاح ڏني ته توهان جو هي ڪم نهايت منفرد ۽ اهم آهي، انهيءَ کي ڪتابي صورت ۾ آڻيو ته جيئن ادب ۽ تحقيق سان واسطو رکندڙ ماڻهو توهان جي ڪم مان لاڀ پرائي سگهن. شروع ۾ ڪجهه معاشي حالتن ۽ پوءِ وري پروفيشنل مصروفيتن سبب پنهنجي تحقيقي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ ڪو نه آڻي سگهيس. هڪ سبب اهو به هو ته مون هن ڪم کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪرڻ پئي چاهيو، شايد ان ڪري به ڇپائڻ ۾ لاشعوري طور دير پئي ڪيم، (سو اپ ڊيٽ ته اڃان به ڪونه ڪري سگهي آهيان).
    هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ويٺي، ڪنهن تحقيقي جرنل جو مطالعو ڪيم ته خبر پئي ته هڪ شاگرد (جنهن کي آءٌ سڃاڻان به) منهنجي ٿيسز مان مقالو ڪٽ پيسٽ ڪري ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان پنهنجي نالي سان ڇپرايو آهي. سچ پچ ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته جڳاڙي ماڻهو ڪهڙي ريت ٻين جي نور نچويل محنت کي پنهنجي نالي سان ڪيش ڪرائين ٿا. پر آءُ وري به ماٺ ٿي ويهي رهيس ته ان موضوع تي اصل ۽ شروعاتي ڪم بهرحال منهنجوئي ٿيل آهي، جنهن جو ثبوت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سيمينار لائبريري توڙي سينٽرل لائبريري ۾ منهنجي نالي ۽ سال2007ع سان ڇپيل ٿيسز جون اصل ڪاپيون آهن، جيڪي اڄ به رڪارڊ طور اتي موجود آهن ۽ آءٌ چاهيان ته ان خلاف ڪاپي رائيٽس جو ڪيس به ڪري سگهان ٿي. اسان جي سماج ۽ ادب جو الميو اهوئي آهي ته هتي ناليوارن مشهوراديبن جي پي ايڇ ڊيز ۾ صفحن جا صفحا ٻين ڪتابن تان نقل ٿيل آهن ته پوءِ ٻين کي ڏوهه ڪيئن ڏجي!
    ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجي ڪليگ ٻڌايوته اسلام آباد ۾ بين الاقوامي سطح جي هڪ ڪانفرنس ۾ ساڳئي موضوع تي هن پڻ تحقيقي مقالو پڙهيو آهي، جنهن جي تياريءَ ۾ هن منهنجي ٿيسز مان ڀرپور استفادو ڪيو هو. شايد اهي ئي سبب هئا، جو مون سڀ مصروفيتون ڇڏي، پنهنجي تحقيقي ڪم کي ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو.
    جديد ادب ۾ تقابلي جائزو باقاعدي هڪ الڳ مضمون جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. ٻن ساڳين يا مختلف ٻولين جي ادبي ڪاوشن جي هڪجهڙائين ۽ فرق جي مطالعي کي تقابلي جائزو چيو وڃي ٿو. ادب ۾ تقابلي جائزو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ رجحان سبب قاري ٻن مختلف خطن جي علم وادب، تاريخ، جاگرافي، ڏند ڪٿائن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ مختلف ادبي رجحانن کان واقف ٿئي ٿو.
    مون کي هن موضوع تي ڪم ڪرڻ جو خيال پنهنجي محترم استاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رومانويت بابت ڏنل ليڪچر مان آيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ رومانويت بابت بحث ڪندي چيائون ته ”سنڌي اساسي شاعرن مان شاهه لطيف کي رومانويت جو سرواڻ شاعر چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته وٽس رومانويت جا سمورا تصور پنهنجي عروج تي ملن ٿا“. ڪاليج واري زماني ۾ مون وليم ورڊس ورٿ جي رومانوي شاعريءَ جو ذاتي دلچسپيءَ سبب ڪافي مطالعو ڪيو هو، تنهنڪري ٿيسز جي موضوع جي چونڊ وقت مون سوچيو ته ڇو نه سنڌي ۽ انگريزي ادب جي انهن ٻنهي سرواڻ شاعرن جي رومانوي شاعريءَ جي ڀيٽ ڪري ڏسجي.
    هونئن ته شاهه صاحب تي ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن تحقيقي ڪم ڪيو آهي پر بين الاقوامي سطح تي شاهه کي دنيا جي عظيم شاعر جي حيثيت ۾ محترم ڪارلائل صاحب متعارف ڪرايو. آءٌ سمجهان ٿي ته شاهه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي ته پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
    هن پيغام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ ڪيو وڃي. اڄ جي دنيا جي گلوبل وليج ۽ مقابلي بازي واري دور ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ادبي ورثي کي محفوظ ڪيون ۽ ٻين تائين پهچايون.
    هن ڪم بابت آءٌ ڪابه وڏي هام نٿي هڻان تنهن ڪري نڪته چيني جي بجاءِ تنقيد نگاري کي ڀليڪار چوندس. اميد ته هي ننڍڙي ڪوشش علم وادب سان چاهه رکندڙن کي پسند ايندي.


    ڊاڪٽر ساجده پروين
    6 سيپٽمبر 2017ع
    سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي.


    باب پهريون: رومانويت

    رومانويت- وصف

    لفظ ”رومانويت ڇا آهي؟ اهو ڪيئن ۽ ڪٿان ادب ۾ رائج ٿيو. مختلف اديب، فلسفي، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنريون ان لفظ کي ڪهڙي ريت بيان ڪن ٿيون. پهرين ان جو هڪ جائزو پيش ڪجي ٿو. ايف. ايل. لوڪس پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “The Decline and Fall of the Romantic Ideal” ۾ ئي رومانويت اصطلاح جون تقريباً يارهن هزار ٽي سؤ ڇهانوي وصفون ڏنيون آهن.
    درحقيقت ڏٺو وڃي ته اصل لفظ رومن (Roman) مان ٺهيل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”رومي“. روم جي اصل زبان جيئن ته اطالوي هئي، پر ٻين علائقن جي زبانن جهڙوڪ: اسپيني، فرانسيسي ۽ پرتگالي وغيره جي ميل ميلاپ سان ان زبان جا ڪيترائي لهجا (Dialects) ٺهي پيا، جن کي ”رومانس زبانون“ (Romance Languages) سڏيو ويو.
    تنهن کان پوءِ انهن ئي زبانن ۾ وري حقيقت کان پرانهان، تخيل جي اڏام (Imagination) تي ٻڌل ڪيترائي عشق ۽ بهادريءَ جا قصا لکيا ويا، جيڪي پڻ ادب ۾ رومينسز (Romances) جي نالي سان مشهور ٿيا. لفظ رومانس کي نئين معنيٰ انهن قصن جي ڪري ملي.
    ايف. ايل. لوڪس لکي ٿو ته:
    “Romance means first a certain language then a certain type of literature composed in that language: then the epithet “romantic” is applied to the unreality associated with that type of literature.” (1)
    ترجمو:
    ”رومانس جو مطلب آهي پهرئين ڪا هڪ ٻولي، تنهن کان پوءِ ڪنهن قسم جو ادب جيڪو ان ٻوليءَ ۾ جڙيو، تنهن کان پوءِ خيالي وصف/صفت جنهن جو تعلق غير حقيقي ادب سان هو.“
    اهڙي ريت ان لفظ کي مختلف معنائون ملنديون رهيون. پر ادب جي تاريخ ۾ هڪ مڪمل دور کي رومانوي دور (Romantic Age) جو نالو ڏيڻ جو خاص سبب اهو هو ته ادب جي ڪلاسيڪي دور کان پوءِ ان جي سخت اصولن تي آڌاريل نئون ڪلاسيڪي ادب غير جذباتي ۽ غير تخيلاتي بنجي چڪو هو جيڪو فطري ماحول ۾ تخليق ٿيڻ بدران ڊرائنگ روم ڪلچر تائين محدود ٿي ويو هو. رومانوي تحريڪ هيٺ ليکڪن کي ڊرائنگ روم جي اُنَ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري هڪ دفعو وري فطرت سان ناتو جوڙڻ جو موقعو مليو جتي هو پنهنجي دل جي هر ڳالهه اڳ جيان آزاديءَ سان چئي ٿي سگهيا. يعني رومانوي دور جي رومانوي ادب ۾ رومانويت (Romanticism) جو مقصد ٿيو ”آزادانه طور جذبن جي اظهار جو دؤر“ (Romantic Age) ۽ طئي ٿيل ادبي روايتن ۽ قدرن کان بغاوت.
    رومانويت بابت ٿيوڊور واٽس ڊنٽن جو چوڻ آهي ته:
    “The Romantic revival was equivalent to the Renascence of wonder.” (2)
    ترجمو:
    ”رومانويت جو اڀرڻ هڪ معجزي جي نئين سرعمل ۾ اچڻ برابر هو.“
    بنيادي طرح سان رومانوي دور جو ماحول، قديم ڪلاسيڪي شاعراڻين روايتن ۽ قدرن جي ڀيٽ ۾ انسان لاءِ حقيقتاً ڪنهن انڪشاف کان هرگز گهٽ نه هو. جنهن ۾ سچ پچ ته مختلف موضوعن جي انداز بيان، موضوعي طرح هڪ نئين فڪر، احساس ۽ خيال جي ڪائنات ترتيب ڏني جنهن جو بنياد ئي سونهن تي رکيل هو.
    “The Romantic spirit can be defined as an accentuated predominance of emotional life, provoked or directed by the exercise of imaginative vision and in its turn stimulating or directing such exercise.” (3)
    ترجمو:
    ”رومانوي مزاج جي وصف ڪجهه هن طرح سان بيان ڪري سگهجي ٿي ته، جذباتي زندگيءَ جو پرزور غلبو جيڪو خيالي تصور جي مشق ذريعي وڌيڪ اڀري ۽ ان جي موٽ ۾ اهڙي قسم جي مشق جي وڌيڪ ترغيب ڏئي.“
    رومانويت لاءِ تخيل، احساس ۽ جذبن کي ئي بنيادي عنصر قرار ڏنو ويو آهي. انسان جيترو وڌيڪ تخيلاتي هوندو شين سان سندس احساساتي ۽ جذباتي رشتو اوترو ئي مضبوط هوندو ۽ هو نيون نيون تخليقون ڪندو رهندو.
    آڪسفورڊ ڊڪشنري جي مطابق:
    1. “Romantic feelings, attitudes or behaviour.
    2. Tendency in literature, art and music, especially in the 19th century compared to classicism and realism.” (4)
    ترجمو:
    1. ”رومانوي خيال، ورتاءُ يا رويو.
    2. ادب، فن ۽ موسيقيءَ جو هڪ لاڙو جنهن کي اڻويهين صديءَ ۾ ڪلاسيڪيت ۽ حقيقت پسنديءَ سان ڀيٽيو ويو.“
    جڏهن ته برٽينيڪا انسائيڪلو پيڊيا رومانويت بابت ٻڌائي ٿو ته:
    “Attitude or intellectual orientation that characterized many works of literature, painting, music, architecture, criticism and historiography in western civilization over a period from the late 18th to the mid 19th century.” (5)
    ترجمو:
    ”ذهني رويو يا ورتاءُ جيڪو مغربي تهذيب ۾ ارڙهين صديءَ جي آخر کان اڻويهين صديءَ جي وچ تائين مصوري، موسيقي، تعميراتي فن، تنقيد ۽ تاريخ نويسيءَ جي ڪيترن ئي تخليقن جي خصوصيت هو.“
    مٿي بيان ڪيل ٻنهي وصفن مطابق رومانويت مغربي ادب ۾ هڪ تحريڪ ۽ مخصوص لاڙي طور ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ سامهون اچي ٿي جنهن هڪ ئي وقت زندگيءَ جي مختلف شعبن تي اثر وجهڻ سان گڏوگڏ سوچ کي پڻ نئين ڌارا عطا ڪئي.
    مشهور سنڌي اديب ممتاز مهر ان حوالي کان چوي ٿو:
    ”رومانويت فرد جي بغاوت هئي جيڪا ٺوس ڪلاسيڪي قدرن ۽ ضابطن جي خلاف رد عمل ۽ جديد طرز احساس جي ابتدا هئي.“ (6)
    جڏهن ته عابد رضي جو چوڻ آهي ته:
    ”رومانويت جو نظريو تخيل، تجسس ۽ انڪشاف جي اهليت جو نالو آهي.“ (7)
    ڏٺو وڃي ته تخيل جو تجسس ۽ انڪشاف سان نهايت ئي گهرو واسطو آهي ڇاڪاڻ ته تخيل ڪا عام شيءِ ناهي. اهو پنهنجي اندر تخليق جي هڪ وسيع ۽ رنگين ڪائنات رکي ٿو جيڪو شين جي جهڙي ريت عڪاسي ڪري ٿو سو ڪنهن به طرح سان نواڻ ۽ حيرانگيءَ جي عنصر کان وانجهيل نٿو هجي.
    اردو ادب جو بهترين مصنف ۽ تنقيد نگار انور سديد رومانويت بابت چوي ٿو ته:
    ”رومانويت انهيءَ داخلي قوت جو نالو آهي جيڪا نامعلوم کي معلوم ڪرڻ ۽ نئين شيءِ جي تخليق ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي.“ (8)
    جڏهن ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ وري چوي ٿو ته:
    ”رومانويت صرف داخليت يا فراريت ناهي بلڪ زندگيءَ جو مخصوص رويو آهي جنهن ۾ آزاد انفراديت، ذات جو تحفظ ۽ بغاوت جو عنصر به موجود آهي.“ (9)
    هتي ائين محسوس ٿئي ٿو ته رومانويت جو تعلق فقط فرد جي موضوعيت سان ناهي بلڪ اهو حياتياتي نظريو آهي جيڪو انساني زندگيءَ ۾ اهم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان لاءِ رومانس، سونهن ۽ مستقبل جا رنگين خواب انتهائي ضروري آهن. انهن جي ئي بنياد تي فرد جي شخصيت ۾ روايتن کي ٽوڙڻ ۽ سرڪشي ڪرڻ جو عنصر پيدا ٿئي ٿو. بلڪ هي اهڙو رويو آهي جيڪو فرد ۾ انفرادي آزاديءَ جي وجدان جو تاثر اڀاري ٿو.


    رومانويت جو پس منظر

    رومانويت جي مختلف وصفن کانپوءِ هاڻي اسان ڏسنداسين ته اهي ڪهڙا سبب هئا جن جي ڪري ”رومانوي تحريڪ“ وجود ۾ آئي ۽ ادب ۾ گهڻي عرصي تائين بحث هيٺ رهي. رومانوي تحريڪ جو فطري ۽ تاريخي پس منظر ڪهڙو هو جنهن ادب تي تمام گهڻو اثر وڌو جنهن جي ڪري باقاعدگيءَ سان رومانوي ادب تخليق ٿيڻ لڳو.
    جيڪڏهن اسان انگريزي ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته خبر پوندي ته انگريزي شاعريءَ ۾ باقاعده ڪلاسيڪيت جو هڪ دؤر رهيو آهي جنهن جا پنهنجا ڪجهه قاعدا قانون، ماڻ ماپا، قدر ۽ روايتون رهيون آهن. يورپ ۾ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي انهيءَ بنيادي دور کان پوءِ ان جي ئي پيرويءَ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ نيو ڪلاسيڪي دور شروع ٿيو جنهن ۾ قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ جي معيارن کي ئي شاعريءَ جي پرک لاءِ ماڻ بڻايو ويو. هن دور جي شاعريءَ تي يوناني ۽ لاطيني علم و ادب جو تمام گهڻو اثر هو. شاعر وزن بحر جي اصولن ۽ روايتن جا سخت پابند هوندا هئا، پنهنجي ڪلام ۾ ٻاهرين ٻولين جي ڏکين لفظن ۽ ترڪيبن جي استعمال کي فخر ۽ شاعريءَ جي هڪ اعليٰ خوبي تصور ڪندا هئا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هو پنهنجي دور جي عام رائج زبان کان پري ٿي ويا.
    “In Britain the Neoclassicism that drew its inspiration from primitive Greece or Rome, with all its emphasis on simplicity and plainness of from……” (10)
    هن دور جي شاعريءَ جو مقصد به صرف مٿئين طبقي جي معمولي ڳالهين ۽ تفريحي معاملن کي پرتڪلف انداز ۾ پيش ڪرڻ هو جنهن جي ڪري شاعري هڪ خاص طبقي جي ميراث بڻجي پئي. اهي اُهي سبب هئا جن جي ڪري هن دور جي شاعرن کي نوان ڪلاسيڪي (New Classic) چيو ويو.
    هن دور جي رائج مصنوعي طرز، ادب ۾ گهُٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري عام انسان جي انفرادي شخصيت، سندس آزادي، جذبن، احساسن ۽ تخيل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو.
    اهڙي ئي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان مجبور ٿي مشهور دانش ور جان سئفٽ ڪلاسيڪيت واري دور جي ادب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن طرح سان ڪيو،
    “Like a poisoned rat in its hole.” (11)
    ترجمو:
    ”پنهنجي ٻِر ۾ زهر کاڌل ڪُوئي جيان.“
    اهڙي قسم جي تقليدي شاعريءَ خلاف نيٺ بغاوت جنم ورتو انهيءَ بغاوت جو پهريون علمبردار فرانس جي انقلاب جو پيغمبر ۽ مشهور فلسفي روسو (Rouseau) هو. روسو ئي پهريون دفعو “Return to Nature” يعني فطرت ڏانهن موٽ جو نعرو هنيو.
    ڊاڪٽر جميل جالبي لکي ٿو:
    ”انقلابِ فرانس“ نہ صرف فرانس کی تاریخ میں بلکہ سارے یورپ کی تاریخ میں ایک موڑ کی حیثیت رکھتا ہے۔ اس انقلاب نے جمے جمائے معاشرے کی بساط الٹ دی اور ایک نئے معاشرے کو جنم دیا۔ کلاسیکیت کے اصول بھی اس کے ساتھ ہوا بن کر اڑ گئے۔۔۔ روسو نے تہذیب کے مقابلے میں ”نیچر“ کو ترجیح دی۔ اس کا نعرہ تھا ”نیچر کی طرف واپسی“ یہ سب تصورات کلاسیکیت کے خلاف تھے۔“ (12)
    هن انسانن کي سماج جي فطري نظام سان روشناس ڪرايو. سندس چوڻ هو ته انسان هن ڪائنات جو مرڪزي نقطو آهي. هو بادشاهه آهي پاڻ ئي اصولن، ضابطن ۽فارمولن کي ترتيب ڏئي ٿو ۽ پاڻ ئي وري انهن کان انحرافي به ڪري ٿو ۽ وري ساڳئي وقت هڪ نئين ترتيب ۽ نئين شعور سان اڳتي وڌندو رهي ٿو.
    روسو انسان جي انفرادي شخصيت ۽ آزاديءَ جو نعرو هنيو ۽ ان سان گڏوگڏ هوانسان جي فطري جذبن جو قائل پڻ هو.
    “ Rousseau saw the natural state of human beings as having been typified by innocence and freedom which the social state had degraded.” (13)
    روسو جي فڪر ۽ منفرد انقلابي خيالن معاشري تي تمام گهرو اثر وڌو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته فرد ۽ معاشري جي وچ ۾ قائم وحدت ٽٽي پئي. هي تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو هوجنهن ان وقت جي مروج ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو.
    روسو جو اهو فڪر ۽ فرانس جو انقلاب ئي يورپ جي رومانوي تحريڪ جو سبب بڻيا. جنهن جي ڪري باقاعدگيءَ سان رومانوي ادب تخليق ٿيڻ لڳو.
    روسو جي فڪر کي هٿي وٺرائڻ ۽ ادب ۾ عملي طرح ان کي هڪ انقلابي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪردار وري وليم ورڊس ورٿ ادا ڪيو، جنهن وقت فرانس جي سرزمين تي هي عظيم انقلاب برپا ٿيو ته هو (وليم ورڊس ورٿ) اتي ئي موجود هو.
    ان انقلاب سندس شخصيت ۾ فڪري ۽ جذباتي اٿل پٿل پيدا ڪري کيس سوچ جي هڪ نئين ڌارا عطا ڪئي. تنهن کان پوءِ جڏهن هو واپس پنهنجي وطن انگلينڊ آيو ته سندس ملاقات پنهنجي هڪ بهترين دوست سموئل ڪالرج (جيڪو سندس ئي خيالن جو حامي هو) سان ٿي. هنن ٻنهي دوستن ملي تجربي طور سريلا گيت جي نالي سان هڪ مجموعو 1798ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان مجموعي جو خاص مقصد شاعريءَ کي پراڻي تقليدي روايتن جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪري عام ماڻهن جي سادي سودي زندگيءَ، سندن جذبن، احساسن ۽ امنگن جي ترجمانيءَ سان گڏوگڏ انهن جي ئي سليس ٻوليءَ ڏانهن موٽائڻ هو. ورڊس ورٿ لکي ٿو:
    “The Principal object, then which I proposed to myself in these poems was to chose incidents and situations from common life, and to relate or describe them, throughout, as far as was possible in a selection of language really used by men.” (14)
    سريلن گيتن واري ڪتاب جو مهاڳ ورڊس ورٿ پاڻ ئي لکيو جيڪو اڳتي هلي رومانوي شاعريءَ جو منشور ثابت ٿيو. سندس لکيل مهاڳ انهيءَ اعلان سان شروع ٿئي ٿو ته:
    ”اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهن شاعري بادشاهن، اميرن ۽ نوابن لاءِ هوندي هئي. انهن جي مزاج ۽ ذوق مطابق شاعريءَ جا موضوع چونڊيا ويندا هئا. هاڻي شاعري عام گهٽين ۽ بازارن ۾ واپس اچي ويئي آهي.“ (15)
    ورڊ سورٿ جي ان اعلان انگريزي ادب ۾ هڪ وڏي هلچل مچائي ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي رومانوي تحريڪ نه فقط يورپ پر سڄي دنيا جي ادب، فن، موسيقي، مصوري، ڊرامه نويسي ۽ شاعريءَ تي ڇائنجي وئي. اهڙي طرح سان ورڊ سورٿ کي ئي انگريزي شاعريءَ جي رومانوي تحريڪ جي اڳواڻ جو لقب حاصل ٿيو ۽ سندس لکيل سريلن گيتن جو مهاڳ ان دور جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي پهرين جامع تنقيد ڪري مڃيو ويو.
    “The Romantic movement in England was directed against the traditions of the Neo- classical poetry of the school of Dryden, Pope and Dr. Johnson.” (16)
    ترجمو:
    ”يورپ جي رومانوي تحريڪ ڊرائيڊن، پوپ ۽ ڊاڪٽر جانسن جي نئين ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مڪتبهء فڪر جي روايتن خلاف هئي.“


    رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ

    رومانويت جو بنيادي فڪر انسان جي انفرادي اهميت، آزادي ۽ فطرتي مساوات تي ٻڌل آهي. فطرت جو سڌو سنئون مشاهدو، زبان جي سلاست، جوش ۽ ولولي، تيزيءَ ۽ تنديءَ، ڳوڙهي مشاهدي ۽ زوردار امنگن کي رومانوي دور جي شاعريءَ جون خاص صفتون ڪري مڃيو ويو آهي. سونهن ۽ سادگي کي وري رومانوي شاعرن جو بنيادي مول متو قرار ڏنو ويو آهي.
    گلن ۽ ميون سان ڀريل باغ، سرسبز ۽ شاداب ٻنيون ٻارا، وهندڙ پاڻيءَ جون نهرون ۽ جهرڻا، انيڪ قسمن جا پکي ۽ انهن جون لاتيون، هوا ۾ ترندڙ ڪڪر، آسمان ۾ چنڊ ۽ تارن جا منڊل، فطرت جي شاهڪار انسان جي سادگي، عشق ۽ محبت جون نراليون ڪيفيتون ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف رخن جو مطالعو رومانوي دور جي شاعرن جا خاص اهم ۽ پسنديده موضوع رهيا آهن. اهو رومانويت جو ئي فڪر هو جنهن مڪمل طرح سان انسان کي آزادي عطا ڪئي پوءِ اها آزادي کڻي روحاني هجي، فطري هجي، جذباتي هجي، سماجي هجي يا وري تخيلاتي، رومانويت انسان کي زبردستي مڙهيل قدرن، روايتن ۽ اصولن جي ٻنڌڻن کان مڪمل آزادي ڏياري.
    رومانوي شاعريءَ جا اِهي ئي اُهي مکيه جز ۽ منفرد وصفون هيون جن جي ڪري ڪئزاميان “Cazamian” جهڙي نالي واري ادبي نقاد پنهنجي ”انگريزي ادب جي تاريخ“ ۾ سريلن گيتن کي جمهوري اصولن جو جذباتي استعمال “Sentimental application of democratic principles” سڏيو آهي.
    اها رومانوي تحريڪ ئي هئي جنهن انسان کي فطري انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سماج ۾ موجود اصولن ۽ قانونن کان بغاوت انسان کي بي پناهه تخليقي قوت عطا ڪئي جنهن ڪري انسان جي داخليت تمام گهڻو زور ورتو ۽ هڪ دفعو وري انسان جي اندر جي بي چينيءَ کيس فطرت ۾ نئين سر پنهنجو مقصد ڳولڻ لاءِ اتساهيو. هو وري هڪ نئين جوش جذبي ۽ ولولي سان زندگيءَ جو جوهر طئي ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
    اها ڪيفيت انفرادي طور زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ وڏي تبديلي جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي پر اجتماعي طور اهڙي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ ڪنهن وڏي تحريڪ يا فڪر جي جنم جي اڳڪٿي هوندي آهي. رومانويت به اهڙي ئي قسم جي فڪري تحريڪ هئي جيڪا جاگيرداريءَ جي ٽٽڻ ۽ سرمائيداريءَ جي اڀرڻ وقت پيدا ٿي جڏهن پورو معاشرو سماجي اٿل پٿل ۽ بحران جو شڪار هو. اها هڪ حقيقت آهي ته هر بحران ۽ سماجي اٿل پٿل دوران انسان جي اندر جي ڪيفيت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي ۽ داخليت وڌيڪ اڀري آهي.
    اهو ئي سبب هو جو بعد ۾ هر ان تحريڪ کي رومانويت سان وابسته ڪيو ويو جنهن ۾ اصولن ۽ قانونن کان بغاوت ۽ نون قدرن کي پنهنجائڻ جي گنجائش موجود هئي. يورپ ۾ ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ انهيءَ طرز جون ڪيتريون ئي داخلي تحريڪون اڀريون جن ۾ جديد وجوديت، هپي ازم، دادا ازم، نيچرل ازم، سرريلزم ۽ اظهاريت وغيره کي رومانويت جون مختلف شڪليون قرار ڏنو ويو.


    ڪجهه اهم انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت

    رومانوي تحريڪ جي فڪر ۽ فلسفي يورپ جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو اهو ئي سبب هو جو هنن پنهنجي منفرد فن ۽ فڪر وسيلي انگريزي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. هن تحريڪ وليم ورڊ سورٿ، ڪولرج سموئيل، لارڊ بائرن، شيلي، جان ڪيٽس ۽ وليم بليڪ جهڙا عظيم شاعر پيدا ڪيا.
    وليم ورڊ سورٿ کي هن تحريڪ جو باني ۽ فطرت جو سڀ کان وڏو پرستار چيو وڃي ٿو. جنهن جي شخصيت، نظرين، فڪر ۽ فن کي اڳئين باب ۾ بحث هيٺ آڻينداسين پر هتي ٻين رومانوي شاعرن جي شخصيت ۽ سندن شاعريءَ جو هڪ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

    1. سموئيل ڪالرج (1772-1834):
    ادبي دنيا ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سموئيل ڪولرج جي جوڙي تمام گهڻي مشهور آهي. ڪولرج به ورڊ سورٿ وانگر عام ماڻهوءَ کي ترجيح ڏني جڏهن ته سندس نظريو پڻ غير معمولي فن ۽ فڪر کڻي آيو. اسان وٽس واضح طور تي مافوق الفطرت تصور، موسيقيت ۽ حيرت انگيز خوبصورت جذبن جي پالوٽ محسوس ڪري سگهون ٿا. ڪولرج جا ٽي نظم “Qubla Khan”، “Ancient Mariner” ۽ “Christabel” ادب ۾ آفاقي حيثيت رکندڙ آهن.
    ادبي دنيا ۾ سندس ٻه ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، پهريون شعري مجموعو “Poems on Various Occasions” ۽ ٻيو جڳ مشهور آتم ڪهاڻيءَ جو ڪتاب “Biographia Litiraria”.
    هتي سندس طويل نظم “Youth and Age” مان هڪ ٽڪرو شاعريءَ جي جائزي لاءِ حوالي طور پيش ڪجي ٿو:
    Flowers are lovely; love is flower like;
    Friendship is a Sheltering tree,
    O, the joys, that came down shower-like,
    Of friendship, love and liberty,
    Ere I was old! (17)
    ترجمو:
    ”گل پيارا آهن، پيار گل جهڙو آهي
    دوستي هڪ ڇانو ڏيندڙ وڻ آهي
    او، خوشيون، جيڪي وُٺِيُون وڏ ڦڙي جي وسڪاري جيان
    دوستي، پيار ۽ آزاديءَ جون
    منهنجي پوڙهي ٿيڻ کان اڳ“

    2. شيلي (1792-1822):
    رومانوي شاعريءَ ۾ شيلي جو مان مرتبو ورڊ سورٿ کان ڪنهن به ريت گهٽ ناهي. رومانوي ادب ۾ کيس تصور پسنديءَ جو شاعر چيو وڃي ٿو. شيلي مستقبل جو شاعر هو اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي هر تخليق ذريعي هڪ حسين مستقبل جي ڳولها ۾ سرگردان نظر اچي ٿو. هونئن ته شيلي ۾ ٻيا به گهڻا ادبي رويا ملن ٿا پر آفاقي اخوت جو تصور سندس شاعريءَ جو روح آهي.
    “Ode to West Wind”، “Adonais” ۽ “Prometheus unbound” سندس بهترين نظم سمجهيا وڃن ٿا. هتي سندس نظم “Love’s Philosophy” پيش ڪجي ٿو:
    See the mountains Kiss high heaven,
    And the waves clasp one another;
    No Sister flower would be forgiven,
    If it disdained its brother:
    And the moonbeams Kiss the Sea,
    What are all these kissings worth,
    If thou kiss not me? (18)
    ترجمو:
    جبلن کي آسمان چمندي
    ۽ لهرن کي پاڻ ۾ هڪ ٿيندو ڏس!
    ڪو به گل معافيءَ جوڳو ناهي
    جيڪڏهن هو ڀر ۾ بيٺل گل کان نفرت ٿو ڪري
    سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ کي
    ۽ چنڊ جي روشني سمنڊ کي چمي ٿي
    پر انهن سمورين چمين جو ڪهڙو ملهه
    جي تون مون کي نه چمين؟

    3. جان ڪيٽس (1795-1821):
    جان ڪيٽس کي رومانوي شاعري ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. سندس پهريون شعري مجموعو 1817ع ۾ ڇپيو جنهن کي ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي. سندس چوڻ مطابق شاعريءَ جو مواد زندگي ۽ ڪائنات جي کليل ڪتاب جي ورق گردانيءَ سان نه رڳو حسن ۽ خير مان پر قباحت ۽ فتني انگيزيي مان به حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    سندس شاعريءَ ۾ جهوليندڙ گيت، گلن جو حسن ۽ چنڊ جي روشنيءَ جا دل ڪش نظارا ملن ٿا. هو فطرت جا رنگ گڏ ڪري تخيل جي طاقت سان ڄڻ ته مصوري ڪندي نظر اچي ٿو. ڪيٽس جي شاعراڻن شاهڪارن ۾ “Ode on a Greecian Uru”، “Ode to Nightingale”، “To Autumn” ۽ ٻين به ڪيترن ئي نظمن کي آفاقي حيثيت حاصل آهي.
    هتي سندس طويل شاهڪار نظم “Ode to Nightingale” مان ڪجهه حصو پيش ڪجي ٿو.
    My heart aches, and a drowsy numbness pains
    My Sense, as though of hemlock I had drunk,
    Or emptied some dull opiate to the drains
    Ti’s not through envy of thy happy lot,
    But being too happy in thine happiness
    That thou, light- winged dryad of the trees,
    Ins some melodious plot
    Of beechen green, and shadows numberless,
    Singest of summer in full-throated ease.” (19)
    ترجمو:-
    منهنجي دل ۾ درد جي لهر اُٿي آ
    ۽ منهنجي حواسن تي
    نشي جهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي
    لڳي ٿو ڄڻ مون زهر پيتو آهي!
    يا مون نڙيءَ ۾
    کيرو ڪندڙ ڪا دوا داخل ڪئي آهي
    هيءَ منهنجي حالت
    تنهنجن مسرتن ڪري حسد وچان بنهه ناهي
    تنهنجي خوشيءَ ته مون کي وڌيڪ ٻلهار ڪيو آهي
    ڇاڪاڻ ته تون وڻن جي شفاف ۽ زمردي پاڇولن ۾
    جهنگ جي شهزادي بڻجي پوري مڌرتا سان
    بهار جا گيت ڳائي رهي آهين.

    4. لارڊ بائرن (1788-1824):
    بائرن رومانوي شاعرن جي ٻيءَ کيپ سان تعلق رکندڙ هو. سندس شهرت جو سبب “Child Herald” نالي ٻن جلدن تي مشتمل مجموعو بڻيو. سندس شاعريءَ ۾ موسيقيت، حسن پرستي، فطرت نگاري عشق ۽ حسن جو گهڻو اظهار ملي ٿو. بائرن به ورڊس ورٿ وانگر آزاد فڪر جو شاعر هو پر پوءِ به هن ورڊس ورٿ کي تنقيد جو نشانو بڻايو جنهن جو خاص مقصد سندس تصور پسنديءَ کان پري رهڻ هو.
    هن يورپ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ فرانس، اسپين، اٽلي، يونان ۽ ترڪيءَ جو سير و سفر ڪيو خاص طرح سان اٽليءَ سان ته کيس بي حد پيار هو.
    هتي سندس نظم “All for Love” جو ڪجهه حصو مثال طور پيش ڪجي ٿو.
    O, Talk not to me of a name great in story;
    The days of our youth are the days of our glory;
    And the myrtle and ivy of sweet two-and-twenty
    Are worth all your laurels, though ever so plenty.” (20)
    ترجمو:
    ڪنهن ڪهاڻيءَ مان ڪنهن عظيم نالي جي مون سان ڳالهه نه ڪر
    اسان جي جوانيءَ جا ڏينهن اسان لاءِ شان جا ڏينهن آهن
    ۽ ٻاويهن ورهين جي ڪچي عمر ۾ حسين مهڪندڙ گلڙا
    تنهنجي سمورين ساراهن کان وڌيڪ ملهائتا آهن.


    سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر

    جيڪڏهن سنڌ ۾ اسان رومانويت جي پس منظر بابت غور و فڪر ڪنداسين ته خبر پوندي ته سنڌ اندر رومانويت انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ کان سراسر مختلف رهي آهي.
    سنڌ ۾ رومانويت جو ڪو مخصوص دؤر يا تحريڪ ناهي رهي جهڙي طرح سان انگريزي ادب ۾ رومانويت جي باقاعده هڪ تحريڪ ۽ ان جو هڪ مخصوص دور رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر ابتدا کان وٺي مختلف وقتن ۽ مختلف حالتن ۾ رومانوي رويو سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ موجود رهيو آهي. ان جا ڪجهه اهڃاڻ اسان کي اڄ کان ساڍا پنج هزار سال پهريان سنڌ جي آباد شهر ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي مان ملندڙ آثارن مان ملن ٿا، جنهن ۾ هڪ نچندڙ ڇوڪريءَ جو مجسمو ۽ موسيقيءَ جا ساز شامل آهن. اهي شيون واضح طور سان انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته قديم دور ۾ ماڻهو فطرت سان سرشار ٿي ڳائيندو ۽ نچندو هو ۽ پنهنجي خوشي ۽ ڏک جي جذبن کي رومانوي انداز ۾ اظهاريندو هو. ماڻهن جا زندگيءَ متعلق اهم جذبا ۽ انهن ۾ تخليقي قوتن سان انسيت هڪ اهڙو طرز فڪر هو جنهن ۾ رومانس ڪنهن خلا ۾ نٿو ڀٽڪي ۽ نه ئي صرف تخيلي هو بلڪ اهو سندن ڌرتيءَ ۽ عورت سان واڳيل هو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي وٽن ماتا ديويءَ جو تصور ۽ ڌرتي ۽ عورت ڏانهن جذباتي رويو موجود ملي ٿو.
    پر جيئن ته سنڌي ادب جو باقاعده لکت ۾ ثبوت اسان کي سومرن جي دور (1050-1351) کان ملي ٿو تنهن ڪري ان کان پهريان جي ادب ۽ حالتن بابت ڪا به ڳالهه يقين سان چوڻ بجاءِ صرف قياس آرائيءَ کان ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو. سومرن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين جيترو به سنڌي ادب سرجيو آهي تنهن ۾ اسان رومانويت جي اولڙن کي آسانيءَ سان پسي سگهون ٿا.
    سومرن جي دور جا ست رومانوي داستان جن کي بعد ۾ شاعريءَ ۾ ڳائڻ جو رواج پيو جيئن، سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر وغيره جي قصن کي رومانوي حوالي سان ڳڻائي سگهجي ٿو.
    سسئيءَ جو ڪردار پنهنجي داخلي جذبن سان بي پناهه حد تائين لاڳاپيل آهي. هوءَ هر روايت ٽوڙي بيابانن ۽ جبلن ۾ اڪيلي سر نڪري پوي ٿي. مارئي پنهنجي وطن سان بي انداز محبت هئڻ ڪري عمر سومري جي هر سک ۽ سهولت کي ٿڏي پنهنجي جهوپڙن ۽ غريب ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿي. مارئيءَ جي پنهنجي وطن سان محبت جذباتي ۽ رومانوي آهي. مومل راڻي جي داستان ۾ مومل جو ڪاڪ محل رومانويت جو هوبهو مظهر آهي خاص طرح سان راڻي جو ڪاڪ محل سر ڪرڻ ۽ جادوئي نظارن جو داستان رومانوي آهي.
    تنهن کان پوءِ سمن جي دور (1351-1521) کان وٺي انگريزن جي دور (1843-1947) تائين جي سمورن شاعرن يعني قاضي قادن کان وٺي مير عبدالحسين سانگيءَ تائين جن شاعرن جو سلسلو ملي ٿو تن جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو عنصر به موجود ملي ٿو. انهن صوفين جو متفقه خيال آهي ته حقيقت مطلق ڄاڻڻ ۽ صداقت تي پهچڻ جو واحد ذريعو عقل نه بلڪ عشق آهي. عشق ئي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان مڪمل طرح سان پنهنجي داخليت ۾ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ئي پنهنجو پاڻ پروڙي وٺي ٿو.
    سمن جي دور جو پهريون اساسي شاعر قاضي قادن چوي ٿو:
    ليهان لک ڪيام، پسڻ کي پاڻان پرين،
    سوجهي سيڻ لڌام، من منجهين ئي سپرين. (21)
    صوفي مت ۾ ڪائنات۽ خدا کي سمجهڻ ۽ سچائي پروڙڻ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي جي عڪاسي قاضي قادن نهايت ئي رومانوي انداز ۾ ڪئي آهي. اڻ ڏٺي کي پسڻ ۽ سوجهي لهڻ لاءِ تخيل ۽ فڪر جي اڏام سان گڏوگڏ عشق جو هئڻ ضروري آهي جيڪو هڪ رومانوي رويو آهي.
    سمن جي دور جو اهم رومانوي شعر اسحاق آهنگر جو آهي. جنهن ۾ زندگيءَ سان ڀرپور جماليات ۽ خوبصورت رومانوي خيال سمايل آهي.
    ٿيان مان جهرڪ، ويهان سڄڻ جي ڇڄ تي،
    مان ڪرين ڊرڪ، ٻوليءَ ٻاجهاريءَ سين. (22)
    ساڳيءَ ريت ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر (1521-1718) جو مشهور شاعر شاهه ڪريم حقيقت مطلق بابت پنهنجن جذبن جي عڪاسي ڪجهه هن طرح سان ڪري ٿو.
    پاڻيهاري سر ٻهڙو، جرتي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾. (23)
    شاعر ڳوٺاڻي عورت جي پاڻي ڀرڻ، مٿي تي گهڙي مٿان گهڙو رکڻ کي، جر مٿان پکي ۽ سندس پاڇولي جي هئڻ جي منظر ڪشي ڪندي هڪ خاص علامتي ۽ رومانويت سان ڀرپور انداز ۾ پنهنجي اندر جي ڪيفيت جي فطرتي منظرن سان ڀيٽ ڪئي آهي.
    ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور (1718-1782) ۾ شاهه لطيف جو نالو ملي ٿو. رومانوي لاڙو شاهه جي شاعري جو اهم جزو آهي. بلڪ سندس سمورو ڪلام رومانويت جو ڀرپور مظهر آهي.
    سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
    بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان. (24)
    شاعروٽ سوين سجن ۽ سال جي چوراسي چانڊوڪين راتين جي روشنيءَ وارو تخيل ۽ ڀيٽ ۾ محبوب جي سونهن ان کان سرس هئڻ جو نهايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود آهي جنهن ۾ عشقيه حوالي کان نه صرف جذبن ۽ احساسن جي خوبصورت داخلي دنيا آهي بلڪ تخيل جي نهايت وسيع اڏام پڻ موجود آهي.
    غرض سمورن صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي جابجا عشق جي سربلندي، داخلي جذبن جي بي پناهه اٿل ۽ تخيل جي پرواز اتم درجي تي موجود ملي ٿي. اِهو ئي اهو فڪر آهي جيڪو ڪنهن به طرح سان رومانويت کان خالي نه آهي.
    اهڙي طرح سان جيڪڏهن وري موجوده دور ۾ جهاتي پائينداسين ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ رومانوي پهلو پنهنجي مڪمل اوج تي نظر ايندو ڇاڪاڻ ته نئين ٽهيءَ جي اڪثر اڀرندڙ شاعرن جي شاعريءَ جو بنيادي ۽ اهم محرڪ عشق ۽ پرينءَ جي پچار رهيو آهي. ان کان سواءِ هن دور جي ڪجهه شاعرن شعوري طور انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ کان متاثر ٿي شاعري ڪئي آهي.
    موجوده دور ۾ شيخ اياز کي سڀني شاعرن جو سرواڻ شاعر ڪري مڃيو وڃي ٿو. اياز عشق کي انسان جي اندر جي حياتياتي طاقت سمجهي ٿو جيڪا ماڻهوءَ کي فطرت سان جوڙي رکي ٿي. سندس چوڻ آهي ته روزِ ازل کان عشق جو جذبو انسان جي اندر ۾ موجود آهي.
    پرين تو سان پيار آهي روزِ ازل کان،
    منهنجي من جي ملڪ جو سائين تون سردار. (25)
    اها انسان جي فطرت آهي ته سندس محبوب ڪوجهو هجي يا وري سهڻو پر عاشق لاءِ ڪائنات جي هر شيءِ کان وڌيڪ حسين ۽ اهم هوندو آهي. اهو احساس ئي رومانس سان ڀرپور آهي. محبوب کي فطرت جي حسن سان تشبيهه ڏيڻ وارو پهلو به اياز وٽ ملي ٿو.
    اکيون ته تنهنجون اهڙيون اونهيون، جهڙي ڪينجهر تار،
    ڇاتيون تنهنجون ڇولين جهڙيون، لهرون ڪارا وار،
    سونهي ٿو سنسار، مومل تنهنجي مرڪ سان. (26)
    اياز وٽ رومانويت جو وسيع تصور موجود آهي جنهن ۾ هو نه فقط منظرن کي موضوع بڻائي ٿو پر داخلي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪندي انساني حسن، سونهن ۽ پيار به انهن منجهان ڳولي ڪڍي ٿو.
    تنهن کان پوءِ استاد بخاري به رومانويت جي ساڳئيءَ روايت کي زنده رکي من اندر اٿندڙ فطري جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو.
    سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ
    گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ
    تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پَت ڪر!
    ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ !. (27)
    استاد جي تخيلي اڏام نهايت ئي وسيع آهي جنهن ۾ سندس من فطرت جي بي پناهه وسعتن ۾ سرگردان نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت عام شين منجهان جمالياتي انداز ۾ رومانويت جي اهڙن پهلوئن کي اڀاريو اٿس جيڪي واضح طور بي پناهه جذبن جي پالوٽ محسوس ڪرائين ٿا، جيئن سونهن جو سنگيت ۽ گفتگو جو لوڪ گيت جهڙو هئڻ.
    تنوير عباسي به پيار جي جذبي کي پارس پَٿَرَ سان تشبيهه ڏئي امر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
    اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون،
    پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون. (28)
    مطلب ته اسحاق آهنگر، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کان ويندي اياز گل، ادل سومري، شمشير الحيدري، امداد حسيني، تاجل بيوس ۽ ٻين ڪيترن ئي نالي وارن شاعرن ۽ شاعرائن وٽ اسان کي رومانويت جي عڪاسي ملي ٿي.


    نتيجا

    مجموعي طور هن باب ۾ تحقيق دوران جيڪي ڳالهيون سامهون آيون، انهن جو تت ڪجهه هن طرح سان آهي:
    رومانويت بنيادي طرح سان رومن (Roman) لفظ مان ڦٽي نڪتو آهي. جيڪو مختلف وقتن ۾ مختلف معنائون حاصل ڪندي بلآخر ادب ۾ ”رومانويت“ (Romanticism) طور رائج ٿيو. مختلف اديبن ۽ فلسفين رومانويت کي مختلف طريقن سان بيان ڪيو آهي. جن جي تجزيي مان خبر پوي ٿي ته هر اديب ۽ فلسفي ڪٿي نه ڪٿي ٻئي کان اختلاف راءِ ضرور رکي ٿو، جنهن جي ڪري رومانويت جي ڪا هڪ معياري وصف مقرر ناهي ٿي سگهي پر سڀني وصفن ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙائي رکي ٿي اُها اِها آهي ته: ”رومانويت داخلي ڪيفيت جو نالو آهي.“ جنهن بعد ۾ باقاعده هڪ تحريڪ ۽ انقلاب جي شڪل ورتي. ان جو بنيادي مقصد قديم ڪلاسيڪي طرز تي ٿيل نيو ڪلاسيڪي شاعريءَ مان جان ڇڏائڻ هو. هن تحريڪ جو تاريخي پس منظر روسو جي فلسفي تي رکيل آهي جنهن فطرت ڏانهن موٽ (Return to Nature) جو نعرو ڏنو.
    ادبي طور هن تحريڪ کي هٿي وليم ورڊس ورٿ جي تصنيف ”سريلا گيت“ يعني (Lyrical Ballads) ۽ سندس نظرين ذريعي ملي. ان ۾ سندس بهترين دوست سموئيل ڪالرج جو پڻ حصو هو. رومانوي تحريڪ جو فڪر انسان جي انفرادي شخصيت تي رکيل آهي. جنهن ۾ بنيادي اهميت سندس شخصي آزادي، سندس جذبن، احساسن ۽ تخيل جي اڏام کي حاصل آهي. انهن ئي سببن جي ڪري رومانويت داخلي تحريڪ طور سامهون آئي جنهن ۾ بغاوت جو عنصر نمايان حيثيت رکي ٿو.
    رومانوي فڪر جي خاص ڳالهه اها به آهي ته ادب ۾ ٻين به ڪيترين ئي داخلي تحريڪن کي هن تحريڪ ذريعي بنياد فراهم ٿيو جنهن ڪري ادب ۾ ٻيا به ڪيترائي نوان لاڙا پيدا ٿيا. هن تحريڪ يورپ ۾ ڪيترين ئي بهترين رومانوي شخصيتن کي جنم ڏنو جن ۾ ورڊ سورٿ، ڪالرج، شيلي، ڪيٽس ، لارڊ بائرن ۽ وليم بليڪ وغيره جا نالا ڳڻائڻ جهڙا آهن. سندن رومانوي شاعري جي تجزيي مان خبر پوي ٿي ته فني توڙي فڪري حوالي کان هنن رومانوي شاعريءَ جي هر هڪ پهلو کي بهترين نموني نباهيو آهي پر ان جي باوجود ڪو هڪ پهلو سندن سڃاڻپ جو باعث بڻيو آهي.
    تنهن کان پوءِ اها ڳالهه پڻ سامهون آئي ته سنڌي ادب ۾ رومانويت هر دور ۾ موجود رهي آهي جنهن جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان قطعي ڪو واسطو ناهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته رومانوي پهلو شروعات کان وٺي سنڌي ماڻهن جي مزاج جو حصو رهيو آهي. البت 20 صديءَ جي شاعرن مان ڪن شعوري طور يورپ جي رومانوي تحريڪ کان متاثر ٿي پڻ لکيو، جن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي ۽ اياز گل وغيره جا نالا سرفهرست آهن.


    حوالا

    1. Lucas F.L., The Decline and Fall of the Romantic Ideal, Cambridge University Press, 1945, P. No. 18
    2. Ibid, P. No. 12
    3. Legouis Emile and Cazamian Louis, A History of English Literature, J. M. Dent and Sons LID Bedford Street, London, Book VIII, 1965, P. No. 997
    4. A. S. Horn, Oxford Advanced Learner’s dict: Fourth Edition, Oxford Uni: Press, 1996
    5. The New Encyclopaedia Britannica (Vol. 10) 15th Edition, The Uni: of Chicago (1974-1988)
    6. مهر ممتاز، رومانوي ادب، مهراڻ 2/1978، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    7. رضي عابد، سنڌيڪار نواز خان زنئور، ادب پبليڪيشن، سنڌي ادبي سنگت، فيبروري 1995، ص 38
    8. سديد انور، اردو ادب ڪي تحريڪين، انجمن ترقي اردو پاڪستان، اشاعت چهارم، 1999ع، ص 87
    9. غفور ميمڻ، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پسِ منظر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع، ص 283
    10. Aidan Day, Romanticism, Roultedge Taylor & francis, 1996, P#76.
    11. Legouis emile and cazamian Louis, A history of English literature, p#1013
    12. جمیل جالبی، ڈاکٹر، ارسطو سے ایلیٹ تک، نیشنل بک فاوٴنڈیشن، اسلام آباد، 2008ع،
    صفحہ 55-56
    13. Aidon day, Romanticism, Roultedge Taylor & Francis Group, 1996,
    14. P#69.
    15. William wordsworth, Samuel Taylor cloeridge, Lyrical
    16. Ballads with a few other poems, Bristol 1798, P#6.
    17. سنڌيڪار عباسي تنوير، سريگلن گيتن جو مهاڳ، مهراڻ 2/3، 1959ع.
    18. Legouis Emile and Cazamiam Louis, A History of
    19. English Literature, P#1015
    20. Fowler J. H., Palgrave’s Golden Treasury of Songs
    21. and Lyrics, Macmillan and Co. Limited, Martin’s
    22. Street London, 1949, P. No. 156
    23. Ibid, P. No. 23
    24. Ibid, P. No. 94
    25. Ibid, P. No. 7
    26. هيرو ٺڪر، قاضي قادن جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996، ص 87
    27. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992، ص. 47.
    28. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شاهه ڪريم جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1995، ص 188
    29. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1992ع، ص 125
    30. شيخ اياز، ٽماهي مهراڻ 2/1 1962، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
    31. بخاري استاد، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، ص 19
    32. عباسي تنوير، رڳون ٿيون رباب، سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد سنڌ، 1958، ص 33


    باب ٻيو : شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ

    شاهه لطيف جو دؤر ۽ ان جا لاڙا

    شاهه لطيف جو دؤر ٿلهي ليکي 1102هه/1690ع کان 1165هه/ 1751ع تائين ليکيو وڃي ٿو، جنهن تي تقريباً شاهه جا سڀئي سوانح نگار، محقق ۽ عالم متفق آهن.
    سنڌ جي تاريخ جو هي اهو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران مقامي ماڻهو ڪلهوڙا هئا ۽ سنڌ مغل حڪومت جي ڏن ڀرو هئي. بنيادي طرح سان شاهه صاحب هن ئي دور جو هڪ عظيم صوفي ۽ وحدت الوجودي فڪر جو قائل بزرگ هو، پر ان جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته هو تارڪ الدنيا هو بلڪ شاهه زندگيءَ جو شاعر هو، جنهن عام ماڻهن جي وچ ۾ رهي سماج جي معروضي توڙي موضوعي حالتن تي تنقيدي نگاهه وجهندي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي، معاشي توڙي ادبي جيڪي به حالتون رهيون انهن کان متاثر ٿيندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀني رخن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن باب هيٺ اسان شاهه جي دور جي صرف ادبي ماحول کي بحث هيٺ آڻيندي سندس ذهني لاڙن جو تجزيو ڪنداسين.
    شاعر جي حيثيت ۾ شاهه کي هڪ خوش قسمت انسان ليکي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي دور ۾ هڪ ٺهيل ٺڪيل ادبي توڙي ذهني ماحول مليو، جنهن سندس شخصي اوسر ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. شاهه جي دور ۾ سنڌ اندر چار مختلف ادبي ڌارائون وهي رهيون هيون، جن مان پهرين عربيءَ واري مذهبي ڌارا، ٻي فارسيءَ واري ڌارا، ٽين ننڍي کنڊ جي ادبي ڌارا ۽ چوٿين مقامي ڌارا جيڪا شاهه لطيف کان اڳ وارن سنڌي شاعرن تي مشتمل هئي. انهن چئني ادبي ڌارائن جي امتزاج سان شاهه لاءِ هڪ اهڙو ته مناسب ۽ موزون ماحول جڙيو، جنهن بابت تنوير عباسي جو چوڻ آهي ته:
    شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اوائلي دور ۾ انهن سڀني ادبي لاڙن جو اثر قبول ڪيو ۽ پوءِ سندس شاعري اڳتي هلي، بلوغت کي پهچي انهن سڀني روايتن کي پٺتي ڇڏي پنهنجو نرالو ۽ انوکو رستو گهڙي، انهن چئني روايتن جي ميلاپ سان ڪلاسيڪي ادب ۾ پنهنجو انفرادي مقام پيدا ڪيو.“ (1)
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاهه بابت اها راءِ پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻي وزنائتي آهي ڇاڪاڻ ته شعري ادب جي تاريخ جي اونهي اڀياس مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته هر شاعر پنهنجي دور جي پهرئين ادبي ڌارا مطابق ان وقت جي سنڌ ۾ عربيءَ جو تمام گهڻو زور هو. مدرسن ۾ قرآن شريف سان گڏ عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا. ان اثر هيٺ شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ نه فقط قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون حوالي طور ڏنيون آهن، پر ان سان گڏ ڪيئي عربيءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪتب آنديون اٿائين.
    ٻي ادبي ڌارا مطابق عربيءَ سان گڏ هر طرف فارسيءَ جو زور هو. سنڌ جو هر عالم فارسي ڄاڻيندو هو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي فارسي شاعرن جي ڪلام کي پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو هو. خود شاهه لطيف مولانا روميءَ جي مثنويءَ کي پنهنجي سفر جو ساٿي ڪري کڻندو هو. سندس گنج واري نسخي ۾ ڪيترائي فارسي شعر آهن، جن جي باري ۾ روايت آهي ته اهي شاهه لطيف آڏو سماع جي محفلن ۾ ڳايا ويندا هئا.
    ٽين ادبي ڌارا اُن وقت جي ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي مبني هئي، جيڪا پڻ اوسر جي چوٽ تي پهچي چڪي هئي. سنسڪرت کان پوءِ اپڀرنش ۽ هنديءَ جو ادب، ويدن، اپنشدن، مها-ڀارت ۽ رامائڻ کان ٿيندو، ڪرشن ڀڳتيءَ، رام ڀڳتيءَ ۽ ناٿ پنٿي کان اڳ هلي نرگن واهه تائين اچي پهتو هو. ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، هيم چندر، ڪبير ڀڳت ۽ دادو ديال جهڙا مشهور شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا.
    شاعرن هندي ادب جي انهن سڀني تحريڪن ۽ شاعريءَ جي اثر کي پڻ قبول ڪيو. گنج جي نسخي ۾ اسان کي ڪيترائي هندي دوها ۽ ڀڄن ملن ٿا، جيڪي هندي گوين ذريعي سماع جي محفلن ۾ ڳايا ويندا هئا.
    چوٿين ادبي ڌارا مقامي ماحول تي مبني هئي، جنهن جي مطابق سنڌي شاعري پنهنجي اوسر ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي هئي. ڳاهه، گنان، ڏوهيڙا، بيت توڙي وائيءَ جون صنفون ۽ ان سان گڏوگڏ بيتن ۽ واين کي داستانن توڙي سرن ۾ ورهائڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو طريقو گهڻو اڳ عام رائج ٿي چڪو هو. سنڌ جا لوڪ داستان جهڙوڪ سسئي، مارئي، نوري، سهڻي توڙي ٻيا ڪردار جهڙوڪ جوڳي ۽ کاهوڙي پڻ سنڌي شاعريءَ جا موضوع بڻجي چڪا هئا.
    شاهه لطيف جي پس منظر ۾ ڀاڳو ڀان، قاضي قادَن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميان صاحب ڏنو فاروقي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ ميين شاهه عنايت جهڙن عظيم شاعرن جون شاعراڻيون روايتون هيون، جن جو اثر پڻ شاهه قبول ڪيو ۽ تضمين طور سندن ڪيترن ئي بيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين.
    اهو هو شاهه جي دؤر جو سمورو ادبي ماحول جنهن ۾ سنڌ جو هيءُ عظيم ڪلاسيڪي شاعر ساهه کڻي رهيو هو، جنهن جو هتي هڪ مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
    تنهن کان پوءِ جڏهن شاهه جي شخصي رجحانن ۽ لاڙن جي موضوع کي بحث هيٺ آڻينداسين ته سڀ کان پهريائين سندس سيرت جو اڀياس ڪنداسين.
    شاهه جو تعلق جيتوڻيڪ سنڌ جي مراعات يافته طبقي مٽياري سيدن جي خاندان سان هو، پر ان جي باوجود پاڻ طبيعت ۾ نهايت ئي سادو، حساس، لاطمع، رحمدل ۽ ٻاجهارو، نئڙت ۽ نماڻائيءَ جي مورت ۽ پرهيزگار قسم جو شخص هو يعني پاڻ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. هٺ، وڏائي ۽ ڏيک سان ته پوندي ئي ڪين هئس ۽ پاڻ ڪڏهن به پنهنجي اعليٰ حيثيت جو ناجائز استعمال نه ڪيائين.
    سهڻي سيرت کان پوءِ سندن شخصيت جو ٻيو اهم لاڙو مطالعي تي مبني آهي. مختلف علمن بابت شاهه جو وسيع، اونهو ۽ ڳوڙهو اڀياس سندس علم و ادب سان چاهه جي لاڙي جي واضح نشاندهي ڪري ٿو. شاهه نه صرف عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جو هڪ ماهر عالم هو، پر ان سان گڏوگڏ قرآن حديث، فقه ۽ فلسفي، تصوف ۽ ويدانت، صرف ۽ نحو جهڙن ڳوڙهن علمن جو به وسيع مطالعو ۽ اڀياس ڪيو هئائين، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ اهو دليل ڪافي آهي ته پاڻ هر وقت قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو ڪلام گڏ رکندو هو، جن سان کيس هڪ خاص قسم جي انسيت ۽ عقيدت پڻ هئي.
    شاهه صاحب جي زندگيءَ جو ٽيون اهم لاڙو مشاهدي ۽ غور و فڪر تي مشتمل آهي، جنهن سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري کيس هڪ عظيم انقلابي ۽ آفاقي شاعر جي حيثيت طور متعارف ڪرايو. سندس شخصيت جي هن لاڙي ان وقت وڌيڪ شدت ۽ نئون رخ اختيار ڪيو جڏهن پاڻ بلوغت واري سَنَ کي رسيو ۽ مجازي عشق سندس دل اندر آهيرو ڪيو. اتان کان ئي شاهه جي شاعراڻي سفر جي شروعات ٿي. هن راءِ سان ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ متفق ٿيندي چوي ٿو ته:
    ”جواني جي اوائل ۾، عشق جي ڏيکاري هڪ فطرتي ڳالهه هئي، هڪ طبيعت جي تقاضا هئي، انهيءَ شيرين شمال جي سواد سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراري ۽ بيتابي پيدا ڪئي شڪ نه آهي ته سندس شاعراڻو شعور اول انهيءَ واقعي تي ظاهر ٿيو هجي.“ (2)
    انهيءَ ڪيفيت ۾ ڪنهن نويڪلائيءَ واري جڳهه تي ويهي پهرن جا پهر ڪنهن عميق سوچ ۾ محور رهڻ سندس شخصيت جو جوهر بڻجي پيو. محبوب جي فراق، انتظاري ۽ بيقراري واري ڪيفيت ۾ انتها تي رسڻ کان پوءِ پاڻ ڀِٽ کي ڇڏي تقريباً ٽن سالن تائين پوري سنڌ جو پيرين پيادل سيرو سفر ڪيائين. شاهه سير و سفر واري زندگيءَ جو ڪجهه حصو فطرت ۽ قدرت جي ڳوڙهي اڀياس تي صرف ڪيو، جنهن بابت علامه. آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو:
    “There is nothing too small or too mean in nature that doesn’t sympathetically attract his notice.” (3)
    ترجمو:
    ”ڪابه شيءِ هن (شاهه) لاءِ گهٽ درجي جي ناهي، فطرت جي تمام ننڍڙين شين به هن جو ڌيان ڇڪايو آهي ۽ هن همدرديءَ سان انهن ڏي ڏٺو آهي.“
    شاهه جي آفاقي شاعريءَ جي خوبي ئي اها آهي ته ان ۾ ڪوبه موضوع ممنوع نه آهي. سندس موضوع هن وسيع ڪائنات جي ننڍي توڙي وڏي، اهم توڙي غير اهم هر هڪ شيءِ رهي آهي. تنهن کان پوءِ شاهه سير و سفر واريءَ زندگيءَ جو ڪجهه حصو ساڌن، سامين، عالمن، فاضلن سان صحبتون ۽ روح رهاڻيون ڪندي ته ڪجهه حصو وري انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جهڙوڪ عام ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي، ڌنڌي ڌاڙي، ڪلچر، سوچ فڪر، نفسيات ۽ عام رائج قدرن کي جانچيندي گذاريائين. ان حوالي کان پروفيسر عبدالعلي قلباڻي شاهه جي عوامي شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
    ”شاهه قدرتي نظارا، عام ماڻهن جي زندگيءَ جا ذريعا، طريقا ۽ عادتون ذري پرذي جاچيون آهن.“ (4)
    ان ڪري ئي شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي مارن، جهانگين، لوهرن، ڪنڀرن، واڍن، مهاڻن، سوداگرن جو ذڪر، سندن ڪم ڪار جو طور طريقو ۽ روزاني زندگيءَ جا عڪس جابجا نظر ايندا. جن کي پڙهڻ سان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي عام ماڻهن جا احساس ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن ٿا محسوس ڪن.
    غرض رومانس ڏانهن لاڙو، فطرت ۽ قدرت جو مشاهدو، عام ماڻهوءَ ۽ سندس زندگيءَ جي مسئلن ۾ دلچسپي اِهي سڀئي اهي نڪتا آهن، جيڪي شاهه کي رومانوي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي وزنائتا آهن. ڇو ته اهي ئي نڪتا رومانوي تحريڪ جو فڪري بنياد پڻ آهن، پر هتي اها ڳالهه واضع ڪرڻ ضروري آهي ته شاهه جي شخصيت نهايت ئي آرٽسٽڪ نگاهه رکندڙ هئي، جنهن پنهنجي فطرت توڙي مزاج مطابق رومانويت ڏانهن لاڙو کاڌو. اها ڳالهه محض هڪ اتفاق آهي ته شاهه جي رومانويت ۽ عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ جو پاڻ ۾ ڪو به رابطو نه هئڻ جي باوجود انهن جون ڪافي شيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون ڇاڪاڻ ته اها پڻ حقيقت آهي ته مختلف خطن جو عظيم ادب هڪ ٻئي کان پري ۽ اڻ ڄاڻ هئڻ جي باوجود هڪ جهڙا خيال ۽ رجحان رکي سگهي ٿو ڇو ته ادب بنيادي طور انساني خيالن ۽ جذبن جي پيداوار هوندو آهي ۽ اهي خيال ۽ جذبا هر هنڌ هر انسان ۾ هڪجهڙائي رکي سگهن ٿا.


    وليم ورڊس ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا

    وليم ورڊس ورٿ جو دور 1770ع کان 1850ع تائين ليکيو وڃي ٿو. انگلئنڊ (England) جو هي بهترين شاعر ۽ انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ جو باني ليڪ ڊسٽرڪ (Lake District) جي حسين علائقي ڪمبرلينڊ (Cumber Land) ۾ پيدا ٿيو، جنهن تي سندس سڀئي سوانح نگار متفق آهن. ليڪ ڊسٽرڪ پنهنجي خوبصورتي جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. ان حوالي کان سيد شاڪر علي جعفري لکي ٿو ته:
    ”ليڪ ڊسٽرڪ ڍنڍن، اونچن جبلن، سرسبز و شاداب گلن ۽ نهايت ئي حسين وادين سبب پوري انگلئنڊ ۾ تمام گهڻي شهرت رکي ٿو.“ (5)
    ورڊس ورٿ پنهنجي زندگيءَ جا ابتدائي ڏينهن هن علائقي جي حسين وادين ۽ دلڪش نظارن ۾ گذاريا. ننڍپڻ کان ئي کيس فطرت ۽ فطرت جي حسين، دلڪش نظارن سان بي پناهه پيار، لڳاءُ ۽ هڪ خاص قسم جي انسيت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي علائقي جون خوبصورت فطرتي يادگيريون سندس دل و دماغ تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويون ۽ لاشعوري طور فطرت پرستيءَ جو لاڙو سندس شخصيت جو هڪ اهم جز بڻجي اڀريو.
    “Wordsworth’s deep love for the “Beauteous Forms” of the Natural world was established early.” (6)
    ترجمو: ”فطري دنيا جي خوبصورت شين لاءِ ورڊس ورٿ جو گهرو چاهه گهڻو اڳ پيدا ٿي چڪو هو.“
    ورڊس ورٿ فطرت جي هر صورت، هر حالت ۽ هر ڪيفيت کي نهايت ئي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ ان کي قبول ڪيو. هڪ حسين محبوبه جي روپ ۾ به هن فطرت کي ڀانيو ته وري غضب ناڪ ۽ تباهه ڪندڙ طاقت جي طور تي به پر سندس خوبي اها آهي جو فطرت جي غضب ناڪ پهلو مان به زندگيءَ جي بشارت حاصل ڪري وٺي ٿو، جنهن مان اها ڳالهه واضع طور تي اسان جي سامهون اچي ٿي ته سندس لاڙو فطرت توڙي زندگيءَ کي ڪنهن مخصوص نقطهء نظر کان نه بلڪ مختلف پهلوئن ۽ رخن کان جاچڻ رهيو.
    سندس فطري شاعريءَ بابت ڊي ڪوائنسي لکي ٿو ته:
    “Wordsworth had his passion for nature fixed in his blood; it was a necessity of his being; like that of the mulberry leaf to the silk-worm.” (7)
    ترجمو: ”فطرت جو جذبو ورڊس ورٿ جي رت ۾ موجود هو. اهو ائين ئي سندس ضرورت هو جيئن پَٽ ڪيئين لاءِ شهتوت جو پَنُ.“
    فطرت سان گڏوگڏ کيس ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي علائقي جي هارين نارين ۽ مفلس ماڻهن جي زندگيءَ سان به گهري دلچسپي رهي ۽ آهستي آهستي انهن جو گهرو مشاهدو ڪرڻ جو عادي پڻ ٿي ويو يعني غور و فڪر ۽ مشاهدي جو عنصر به سندس شخصيت ۾ ننڍپڻ کان وٺي موجود هو جنهن اڳتي هلي کيس هڪ عظيم شاعر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان لاڙي سبب ئي سندس سوچ جو مرڪز مصيبتن ۽ پريشانين ۾ مبتلا عام انسان رهيو.
    ورڊس ورٿ شاعريءَ جي ابتدا هاڪس هيڊ اسڪول ۾ شاگردي واري زماني کان پنهنجي هيڊ ماستر وليم ٽيلر جي همٿائڻ تي ڪئي.
    “At Hawkshead William thrived-receiving encouragement from his head master William Taylor to read and write poetry.” (8)
    ترجمو: ”هاڪس هيڊ ۾ وليم شاعري پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ پنهنجي هيڊ ماستر وليم ٽيلر کان حوصله افزائي حاصل ڪئي.“
    پر سندس شروعاتي شاعريءَ ۾ ٿورو گهڻو روايتي رنگ ۽ مصنوعي طرز موجود ملي ٿو، حقيقتاً صحيح معنيٰ ۾ سندس شاعراڻو شعور ان وقت اڀري سامهون آيو جڏهن پاڻ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ زيرِ تعليم هو ۽ سير و سفر خاطر فرانس ۽ سوئزرلئنڊ جي دوري دوران فرانس ۾ ٿيندڙ بغاوت ۾ حصو ورتائين جتي انساني آزادي جي هڪ عظيم انقلابي جنگ برپا لڳي پئي هئي، جنهن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو.
    “His poetic career begins with the first trip to France and Switzerland. During this period he also formed his early political opinions especially (his hatred of tyranny).” (9)
    ترجمو:
    ”هن جي شاعراڻي دور جي شروعات فرانس ۽ سوئيزرلينڊ جي پهرئين دوري سان ٿي. انهيءَ دوران هن پنهنجي سياسي راءِ خاص طرح سان (جابرانه حڪومت کان نفرت) پڻ قائم ڪري ورتي.“
    فرانس جي انقلاب جو ذڪر پهرئين باب ۾ اچي چڪو آهي. فرانس کان موٽڻ تي ورڊس ورٿ جي خيالن توڙي نظرين ۾ هڪ واضع تبديلي آئي ۽ هو فطرت توڙي عام انسان ۽ سندس آزاديءَ جو نعرو هڻندي باقاعدگيءَ سان شاعريءَ جي ميدان ۾ لهي پيو. جنهن جو واضح اظهار اسان کي سندس 1798ع واري تصنيف سريلا گيت (Lyrical Ballades) ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ ورڊس ورٿ وٽ حقيقت جي ڳولها، فطرت جو حسن ۽ عام ماڻهوءَ جي سماجي وقار کي وڌائڻ جو احساس قطري مان سمنڊ بڻجي پيو ۽ اهي موضوع ئي سندس شاعريءَ جو بنياد بڻيا.
    “The years between 1797 and 1800 mark the period of Wordsworth and Coleridge’s close collaboration, and also the beginning of Wrodsworth’s mature poetic career.” (10)
    ترجمو: ”1797ع ۽ 1800ع جي وچ وارا سال ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي گڏيل ڪم ۽ ان سان گڏوگڏ ورڊس ورٿ جي بالغ شاعراڻا دور جي شروعات جي نشاندهي ڪن ٿا.“
    ان نقطهء نظر کان جيڪڏهن اسان ورڊس ورٿ کي باغي شاعر سڏيون ته وڌيڪ موزون ۽ مناسب ٿيندو ڇاڪاڻ ته نه رڳو فرانس جي حوالي سان پر ادب جي گذريل روايتن خلاف به بغاوت ڪري هن شاعريءَ کي نئين اسلوب ۽ نظرين سان مالا مال ڪيو. شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهڙا عظيم ڪارناما پنهنجي دور جا منفرد، ڏاها سڄاڻ ۽ بالغ ذهنيت رکندڙ شخص ئي آڻي سگهن ٿا.
    ورڊس ورٿ جي لاڙن کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ سندس نظرين جو جائزو وٺڻ به تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هو نه صرف انگريزي ا دب ۾ رومانوي شاعري جو خالق آهي پر سريلا گيت جو مهاڳ لکڻ ڪري رومانوي تنقيد ۾ به سندس ڪردار وسارڻ جهڙو هرگز نه آهي. شاعريءَ بابت سندس عقيدو هو ته:
    “Poetry is the spontaneous overflow of powerful feelings, It takes its origin from emotions recollected in tranquility.” (11)
    ترجمو:
    ”شاعري سگهارن جذبن جي پاڻمرادو اٿل آهي، ان جي شروعات خاموشيءَ ۾ ذهن ۾ آيل احساسن سان ٿئي ٿي.“
    ورڊس ورٿ وٽ سڀني کان وڌيڪ اهميت احساسن، جذبن ۽ تخيل جي هئي جن کي هن شاعريءَ لاءِ بنيادي ۽ اهم محرڪ قرار ڏنو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن ڪو به شاعر انساني جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته کيس شاعر سڏرائڻ جو ڪو به حق ناهي. ان سان گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته شاعريءَ جو موضوع عام انسان هجڻ گهرجي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي وري شاعراڻي ٻولي جو درجو حاصل هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو ان ڳالهه جو قائل هو ته جنهن لاءِ به لکجي، ان سان سندس ئي زبان ۽ لهجي ۾ مخاطب ٿيڻ گهرجي. ان ڪري ئي سندس ڪردار عام انسان آهن. اسڪول جو استاد، ننڍڙي معصوم ڇوڪري، پوڙهو ريڍار ۽ ان جو پٽ ۽ انهن جهڙا ٻيا به ڪيترائي عام ماڻهو سندس شاعريءَ جا ڪردار آهن. جڏهن ته سندس موضوع به سماجي مسئلن، سياسي معاملن ۽ روزاني زندگيءَ جي عام واقعن ۽ حادثن مان چونڊيل آهن.
    “Wordsworth as a poet and critic introduced a new conception of poetic style, insisting that the plain language of common speech is a fit medium for the poet. Again he insisted that ordinary events in humble lives are fit subject matter, when viewed by the poetic imagination.” (12)
    ترجمو:
    ”ورڊس ورٿ هڪ شاعر ۽ تنقيد نگار جي حيثيت ۾ شاعراڻي انداز جو هڪ نئون تصور متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنائين ته ڳالهه ٻولهه لاءِ سادي زبان شاعر لاءِ مناسب ذريعو آهي. وري ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏنائين ته ڳوٺاڻي زندگين جا معمولي واقعا جڏهن شاعراڻي تخيل ذريعي جانچيا وڃن ته مناسب موضوع آهن.“
    ورڊس ورٿ جي فطري شاعريءَ کي سندس لاڙن جي حوالي کان ٽن مختلف دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. سڀ کان پهريون دور ننڍپڻ ۽ نوجواني وارو هو، جيڪو ٻاراڻي ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۽ حرڪتن تي مبني هو. تنهن کان پوءِ ٻيو دور جواني وارو هو، جنهن ۾ هو فطرت جي اڃا وڌيڪ ويجهو آيو ۽ سندس فطري تصور به ان مناسبت سان وڌيڪ بالغ ٿيو جڏهن ته آخري دور فڪري طور بلوغت وارو هو، جنهن ۾ هن فطرت ۽ انسان ۾ هڪجهڙائيءَ ڏٺي ۽ آخرڪار ان نتيجي تي پهتو ته اهي ٻئي جزا ڪائنات جي سلسلي جو هڪ لازمي حصو آهن.
    رومانوي هئڻ ڪري رومانس وارو پهلو به ورڊس ورٿ جي شخصيت تي هميشه تمام گهڻو حاوي رهيو. جيئن ته رومانوي لاڙو رکندڙ هميشه پرزور جذبن، احساسن ۽ خيالن جي اثر هيٺ رهن ٿا ان ڪري موضوعي طور سندن هڪ الڳ تخيلاتي دنيا ٿئي ٿي. پر جيئن ته معروضيت جون حقيقتون يڪسر مختلف ٿين ٿيون ان ڪري اهي ماڻهو مايوس ٿي هڪ بي ترتيب زندگيءَ جا قائل ٿي پون ٿا.
    ورڊس ورٿ سان به ائين ئي ٿيو. داخلي طور تخيل، جذبن ۽ احساسن جي وهڪري هيٺ هو سماج ۾ عام رائج قدرن ۽ اصولن کان باغي ٿي پيو ۽ نتيجي طور زندگيءَ جي حقيقتن سان سمجهوتو نه ڪري سگهيو، جنهن جي ڪري سندس واسطو هميشه ڏکن ۽ پيڙائن سان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس پوري زندگي بي ترتيبيءَ جو شڪار رهي، جنهن ۾ هن ڪيترائي ناڪام عشق ڪيا.
    ادبي دنيا ۾ سندس ڪيترائي عشقيه داستان ۽ ناجائز اولاد جا قصا تمام گهڻا مشهور آهن.
    مجموعي طور ورڊس ورٿ جي شخصيت جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هو مختلف وقتن ۾ مختلف لاڙن جي اثر هيٺ رهيو، جيڪي سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن جو تعين ڪن ٿا. انهن مان فطرت پرستي، غور و فڪر، سوچ ويچار، بغاوت ۽ مشاهدي جا عنصر اهم آهن، جن کيس رومانوي شاعر بنجڻ جي عمل ۾ اهم ترين ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪيو.


    نتيجا

    مجموعي طور هن باب جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته دنيا جي ٻن عظيم شاعرن شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جا شخصي لاڙا گهڻي حد تائين هڪجهڙائي رکن ٿا.
    سندن شخصيت جو سڀ کان اهم لاڙو مختلف شين جو مشاهدو آهي، تنهن کان پوءِ وري ٻنهي شاعرن پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو يعني جواني وارو دور سير و تفريح ڪندي گذاريو. سير و سفر ڪندي کين زندگيءَ جي مختلف پهلوئن بابت جيڪي تجربا حاصل ٿيا انهن تي ئي سندن شاعريءَ جو بنياد رکيل آهي.
    ٻنهي شاعرن وٽ ادبي روايتن ۽ قدرن کان بغاوت وارو عنصر به هڪجهڙائي رکي ٿو، پر فرق صرف اهو آهي ته شاهه لطيف کي مروج شعري روايت کان بغاوت باوجود هڪ ٺهيل ٺڪيل ادبي پس منظر مليو، جنهن تي هن پنهنجي شاعريءَ جي عمارت جي اڏاوت ڪئي جڏهن ته ورڊس ورٿ کي ادبي حوالي کان ڪابه پيڙهه نصيب نه ٿي سگهي.
    ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ جو موضوع فطرت، عام انسان ۽ سندن مسئلا ئي رهيا. شاعريءَ جي اسلوب لاءِ به ٻنهي عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ کي ئي ترجيح ڏني. غرض ٻنهي شاعرن جي شخصي لاڙن ۾ ڪافي ڳالهيون مشترڪ آهن.


    حوالا

    1. عباسي تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع ص 23.
    2. گربخشاڻي هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، سنڌ، 1992ع، ص 28
    3. Qazi Allama, I.I., Casual Peeps at Sophia, sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1977, IInd Edition, P.No. 84
    4. پروفيسر قلباڻي عبدالعلي، نقش لطيف، محڪمهء اطلاعات حيدرآباد، 1970ع، ص 30
    5. جعفري شاڪر علي، انگريزي شاعري ڪي ايڪ جهلڪ، نيو وي پبلشر، I/17، ڊرگ ڪالوني ڪراچي، 1994ع، ص 125
    6. http://roads.virginia.edu/Maol/lisle/dial/wordsworth.html.
    7. Goodman. W. R., The Prelude, Economic Front Publications, Lahore, P. No. 57
    8. http://www.visitcumbria.com/wilword.html
    9. http://xroads.virginia.edu
    10. Ibid
    11. http://www.Blupete.com/Literature/Biographies/Literary/wordsworth.htm
    12. Wordsworth William, Coleridge, Samuel Taylor,
    13. Lyrical Ballads with a few other poems, Bristol, 1798


    باب ٽيون : شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي فڪري ڀيٽ

    شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور

    انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته شاهه هڪ گهڻ رخو شاعر آهي، جنهن جو فن، فڪر، فلسفو توڙي موضوع نهايت ئي وسيع ۽ پهلودار آهن. انهن ئي بي شمار پهلوئن مان سندس شاعريءَ جو رومانوي پهلو پڻ هڪ آهي. شاهه جي شاعريءَ جي وسيع مطالعي کان پوءِ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪرڻ ته سنڌي ادب ۾ رومانوي تحريڪ جو باني شاهه لطيف ئي آهي بلڪل به غلط نه ٿيندو. ان جا ٻه بنيادي سبب آهن پهريون ته عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ سان شاهه جو قطعي طور ڪو واسطو نه آهي. هن پنهنجي فطرت توڙي مزاج مطابق ان لاڙي کي پنهنجايو ۽ ٻي ڳالهه اها ته گهڻو پوءِ آيل تحريڪ کان اڻواقف هوندي به رومانوي شاعريءَ جا جيڪي به فني توڙي فڪري قدر ۽ لوازمات آهن سي سڀ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود ملن ٿا. ورڊس ورٿ وٽ فطرت نگاري، ڪولرج وٽ جذباتيت، شيلي وٽ سگهارو تخيل، ڪيٽس وٽ رومانس يعني رومانوي فڪر جو ڪو هڪ پهلو وڌيڪ مضبوط ۽ حاوي نظر اچي ٿو پر شاهه وٽ ائين قطعي ناهي. شاهه وٽ جيڪا رومانويت آهي اها پنهنجي فڪري ۽ فطري جوهر ۾ ايتري ته سگهاري ۽ جامع آهي جو انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ جا سمورا شاعر به ساڻس برميچي نٿا سگهن. شاهه وٽ اسان کي فطرت نگاري، جذبن ۽ احساسن جي بي پناهه اٿل، سگهارو تخيل، رومانس، عوامي ٻولي ۽ لهجو ۽ عوامي ڪردارن جي عڪاسي مطلب ته سڀئي پهلو هڪ ئي وقت ۽ انتهائي اعليٰ درجي تي موجود ملن ٿا.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
    ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه موضوع ممنوع ناهي. سندس فن جنهن به موضوع کي ڇهي ٿو ان کي عظيم بنائي ڇڏي ٿو.“ (1)
    شاهه جي عظمت جو اعتراف ان نڪتي کان شروع ٿئي ٿو ته هن انهن سڀني پهلوئن کي جمالياتي انداز ۾ سهيڙيو آهي. شاهه حسن ۽ جمال جو وڏو شارح ۽ تشريح ڪندڙ آهي. سندس ڪلام ۾ جماليات جا رنگين ۽ سونهن ڀريا چٽ جابجا نظر اچن ٿا. هو صرف مادي شين ۽ صورتن کي نٿو چٽي، پر زندگيءَ جي هر هڪ پهلوءَ جي مقصد ۽ مفهوم تائين رسڻ لاءِ جمالياتي انداز اختيار ڪري ٿو.
    شاهه جي فن ۽ ڪلام تي علامه آءِ. آءِ. قاضي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:
    The main province of Latif, in which he dwells, is beauty. His essence is so well established that it governs his personality completely. (2)
    ترجمو:
    ”لطيف جي تخليقات جو وڏي ۾ وڏو ميدان حسن ۽ جمال آهي. اهو سندس شخصيت تي پوري طرح ڇانئيل آهي ۽ ان جو مڪمل احاطو ڪري ٿو.“
    اهي ئي سبب آهن جو شاهه جو ڪلام رومانويت جو اعليٰ شاهڪار ۽ رومانوي فڪر جي نڪتهء نظر کان هڪ عظيم ادبي ورثو محسوس ٿئي ٿو ۽ شاهه سنڌي ادب جي رومانوي تحريڪ جو مهندار بڻجي اسان جي سامهون اچي ٿو.
    هتي اسان شاهه جي ان رومانوي فڪر جو جائزو سندس شاعريءَ جي روشني ۾ وٺنداسين. جيئن ته شاهه جي شاعري فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي. ان ڪري سنڌ جو هر فطري نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود ملندو. ٿر، بر، رائو، رڃ، ڏنگا چارا، ڍنڍو، ڪنول جا گل، اٺن جون قطارون، ڪنڍيون مينهون، پکين جا ولر، ڪونجون، ڪانءَ، هنج، درياهه ۽ ان جي مستي، سمنڊ ۽ ان جي ڇولين جو شور، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، نکٽ، لهندڙ سج، ڦٽندڙ باک، مينهن جا وسڪارا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ وليون ۽ ان کان سواءِ ٻيا به بي شمار عڪس سندس شاعريءَ جي سونهن آهن جن کي شاهه ڪمال فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي.
    ان حوالي کان پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته:
    ”شاهه مصور فطرت يعني فطرت جي تصوير ڇڪيندڙ آهي، فطرت جا دلڪش ۽ دلفريب نظارا ۽ اندر جا جذبا اهڙي ته باريڪ بينيءَ سان ڪمال هنر سان ڇڪيا اٿس جو قدرت جا نظارا زندهه ٿي پڙهندڙن جي اڳيان جلوه گر ٿي ڦري رهيا آهن.“ (3)
    اها هڪ حقيقيت آهي ته شاهه وٽ جيڪا فطرت نگاري موجود آهي سا دنيا جي ڪنهن به رومانوي شاعر وٽ نٿي ملي سگهي. سندس ڪلام جا اڪيچار بيت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن.
    هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ٽڙن،
    واهو ندا ورن، ڪينجهر هندورو ٿئي.
    (ڪاموڏ1-3)
    هڪ عام فطري منظر کي شاهه پنهنجي جمالياتي ۽ رومانوي احساسن جي گهرائيءَ ذريعي بيان ڪري قاريءَ کي رومانوي سحر ۾ جهٽي ورتو آهي. جتي ڪينجهر جي خوبصورت ۽ پرڪشش پاڻيءَ جي نظاري جو ذڪر آهي ته اتي وري ان جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ ڪنول جا گل لڳائي رهيا آهن جيڪي پاسن کان ٽڙيا بيٺا آهن. مند جي موٽڻ جي خواهشن سان وري ساڳئي ڍنڍ جي ماحول جي تشبيهه به نهايت ئي اثرائتي آهي. ۽ وري جڏهن بهار جي مند موٽي اچي ٿي ته شاهه چوي ٿو:
    هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ٽڙن،
    ور ئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ڪئي
    (ڪاموڏ 2-4)
    مند جي موٽڻ سان وري ساڳئي ماحول جي تشبيهه فطرت جي انمول تخليق کٿوري سان بيحد وڻندڙ ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ آهي. فطرت نگاري ڪندي شاهه نه صرف انهن منظرن جي عڪاسي ڪئي آهي، جيڪي لطافت ۽ نزاڪت جو اهڃاڻ آهن پر فطرت جي انهن مظهرن کي به ڇهي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو اٿس جن ۾ وجاهت ۽ هيبت جو رنگ غالب آهي.
    دهشت دَمُ درياهه ۾، جت ڪڙڪا ڪُنَ ڪرين،
    ٻڇل ٻانڍي ٻار ۾، اُت لهريون لوڏا ڏِين،
    سناور ساميا، اُت سيڻا يا نه سنڊين،
    جت ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ سير لنگهائيين.
    (سهڻي 2-5)
    درياهه جا ڊيڄاريندڙ نظارا، ڪُنَ جي آواز جا ڪڙڪا، جت لهرن ۾ بنڊ پيا هيٺ مٿي ٿين ڪيڏو نه ڊپ ۽ هيبت وارو فطري منظر آهي، جنهن ۾ ڪابه سونهن، نزاڪت يا لطافت نه آهي. شاهه اهڙن مظهرن کي به سهڻي انداز ۾ پنهنجي ڪلام جو حصو بڻايو آهي.
    برسات به فطرت جو هڪ عظيم تحفو آهي، جيڪو انسانذات سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي به هر هڪ شيءِ لاءِ هڪ وڏي نعمت ۽ رحمت آهي. شاهه برسات کانپوءِ جي ماحول جي به فطري منظر نگاري ڪئي آهي.
    بر اُٺا ٿر وُٺا، وُٺِيُون تَرايُون،
    پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، ٿيون سنگهاريون سايون،
    ساري ڏهن سامهيون ٻولايون ۽ رايون،
    ٻايون ۽ دايون، پکي سونهن پانهنجي.
    (سارنگ 3-6)
    هن بيت مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته شاهه جو مقصد صرف فطرت نگاري ۽ جمالياتي قدرن تائين محدود ٿيڻ نه آهي بلڪ هو فطرت نگاري ذريعي عوامي زندگيءَ جي عڪاسي، برسات کان پوءِ ملڪ ۾ آيل خوشحالي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ثقافتي قدرن ۽ روايتن جي به ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
    شاهه وٽ فطرت نگاري جي اوٽ ۾ اسان کي عوامي زندگيءَ جي معاشي حالتن جي پرت به ملي ٿي.
    ڏڙهه ريا ريج ٿئا، ڪي اوهيرن اوت
    ميها چڀڙ ڦنگهيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪ
    ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، جت مينهيون چرن موڪ
    سرهيون سنگهاريون ٿيون، جي توسيون پائين طوق
    لاهي مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
    (سارنگ 2-20)
    جيئن ته سنڌ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو برسات جو پاڻي يا وري دريائن جو پاڻي آهي تنهن صورت ۾ انهن ذريعي ئي سندن زندگيءَ ۾ خوشحالي اچي ٿي ۽ سندن وڏو مسئلو يعني معاش جو ذريعو قدرتي طور برسات کان پوءِ پاڻ ئي پيدا ٿيل جنسن سبب حل ٿئي ٿو.
    شاهه فطرت نگاري ذريعي انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي پيش ڪري ٿو اها ئي سندس انفراديت آهي. شاهه وٽ ڪوبه موضوع بغير ڪنهن وسيع مقصد جي استعمال ٿيل نه آهي. سندس مشاهدي جي گهرائي جو ڪمال ان ۾ آهي ته هن نهايت ئي عام ۽ معمولي شين ذريعي نهايت ئي ڳوڙها نڪتا ۽ مقصد بيان ڪيا آهن. سندس آفاقيت جو راز ان ۾ به پوشيده آهي جو هن انساني زندگيءَ جي اعليٰ اخلاقي قدرن جو سبق به فطرت نگاري منجهان ئي نروار ڪيو آهي.
    وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
    (ڏهر 5-7)
    اهو شاهه جو ڪمال ئي آهي جو هن پکين جي هڪ عام عادت يا فطرت يعني (ولر ۾ اڏامڻ) منجهان انسان کي ميٺ، محبت، امن دوستي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.
    شاهه وٽ فطرت پسنديءَ پويان حياتيءَ جي جدوجهد جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هو پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪندي سست ماڻهن کي شعوري طور جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي به نظر اچي ٿو.
    پرهه ڦٽي رات ڳئي، جهيڻا ٿئا نکٽ،
    هاري وييئي وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
    (ڏهر 6-12)
    شاهه ٻين تمام رومانوي شاعرن ۽ شاعرائن کان ان ڪري به منفرد حيثيت جو حامل آهي جو هن انسان جي وجود جي ازلي حقيقت يعني فاني هجڻ کي به فطرت جي عڪس مان چونڊي بيان ڪيو آهي.
    جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
    (ڏهر 2-17)
    زندگيءَ جي تلخ حقيقت کي به شاهه جمالياتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو فوراً فنا ٿي وڃي ٿو تيئن ئي انسان به ڪو لمحو هن ڪائنات ۾ گهاري ٿو. شاهه جي تخيلي اڏام نهايت ئي وسيع آهي، جنهن کان محظوظ ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. فطرت نگاري جا اهڙا ڪيترائي بهترين ۽ گهڻ رخا مثال اسان کي شاهه جي ڪلام ۾ موجود ملن ٿا.
    رومانس جو پهلو به رومانويت جو هڪ اهم عنصر آهي، جيڪو پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته پيار کي فڪر جو بنيادي ايڪو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان سواءِ رومانويت جي حيثيت بلڪل ثانوي ۽ بي روح ٿي پوي ٿي.
    شاهه جي شاعريءَ ۾ به رومانس جو پهلو موجود آهي. شاهه حسن ۽ جمال، پيار ۽ محبت جهڙن پاڪ ۽ پوتر جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪيترن ئي سرن ۾ ڪئي آهي.
    ان حوالي کان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو چوڻ آهي ته:
    ”سر کنڀات، سر برووي سنڌي ۽ سر پورب ۾ اها ئي لات لنئي اٿس، انهن بيتن مان جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ناز ۽ نياز، دلڪشيءَ ۽ دلربائيءَ، مايوسيءَ ۽ مبتلائيءَ، انتظاري ۽ بيقراريءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ (4)
    هونئن ته شاهه جو سمورو ڪلام ئي حسن ۽ جمال جي عڪاسي آهي، پر سر مومل راڻي کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي سر به حسن ۽ جمال جو سر آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين هن سر بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿي ته:
    ”سر مومل راڻو جمالياتي حسن ۽ عشق جو برملا اظهار آهي.“ (5)
    انهن سڀني سرن کي ان ئي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڀٽائي مجازي ڪيفيتن جي بيان ۾ به فطرت کان اهم ڪم وٺندي نظر اچي ٿو. هو رومانوي ڪيفيتن جي بيان لاءِ ڪڏهن فطرت جي آفاقي علامتن کي استعمال ڪري ٿو ته ڪڏهن وري زمين تي ئي ڦهليل انيڪ قدرتي علامتن کي پنهنجائي ٿو.
    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
    سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
    تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
    جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
    (کنڀات 1-18)
    ڪيڏو نه حسين رومانوي تصور آهي، جو محبوب جي سونهن ۽ سوڀيان جي اڳيان سج، چنڊ، تارا، ڪتيون سڀ حيران ۽ پريشان آهن.
    شاهه ڪيترن ئي عالمي رومانوي ۽ شاعرن کان انهيءَ ڪري به بهتر آهي جو فطرت جي عڪاسي ڪرڻ وقت هو پهرين ترجيح انساني حسن کي قرار ڏئي ٿو. اهو انساني حسن سندس تخيل جون اعليٰ صورتون ٺاهي ٿو ۽ ساڳئي وقت ڪردار جي عظمتن سان پڻ وابسته نظر اچي ٿو.
    سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
    بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.
    (کنڀات 1-12)
    ڀٽائيءَ وٽ جماليتا جا اعليٰ قدر موجود آهن، جيڪي ڪائنات جي فطرت کان به مٿڀري حيثيت جا حامل آهن.
    چوڏهينءَ چنڊ! تون اڀرين، سهسين ڪرئين سينگار
    لڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرئين هزار
    جهڙو تون سڀ ڄمارَ، تهڙو دم دوست جو.
    (کنڀات 1-11)
    دنيا جي وڏن وڏن شاعرن پنهنجي محبوب کي چنڊ، تارن سان تشبيهه ڏني آهي پر شاهه ته انهن سڀني آفاقي علامتن کي پنهنجي محبوب اڳيان، سندس حسن جي جلوي سامهان ڪجهه به نٿو سمجهي.
    تنهن کان پوءِ شاهه محبوب جي سونهن ۽ سينگار کي فطري علامتن سان تشبيهه ڏيندي کيس گلاب، چندن، چنبيلي، کٿوري ۽ سون سان به ڀيٽيندي، سندس ناز انداز ۽ حسن کي بيان ڪيو آهي.
    جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
    چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
    پسئو سونهن سيد چئي، نيهن اچن نيش،
    لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
    (مومل راڻو 3-1)
    يا وري هي بيت ڏسو:
    سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن
    اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن
    اوتيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن.....
    (مومل راڻو 3-3)
    شاهه وٽ رومانس جي هر ڪيفيت ۽ هر پهلو موجود آهي. شاهه به ٻين شاعرن وانگر ڪانگ کي پنهنجو قاصد بڻائي محبوب ڏانهن نياپو موڪلي ٿو، پر سندس انداز بيان ٻين شاعرن کان يڪسر مختلف آهي.
    ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،
    آئون جو ڏيئين سنيهو، وچ م وساريج،
    الله لڳ لطيف چي، ڳجهو ڳالهائيج،
    چئان تيئن چئيج، ته کنياتا! خوش هئين.
    (سر پورب 1-1)
    پرينءَ ڏانهن نياپو نيئندڙ پکيءَ سان به سندس عاجزانو رويو کيس ڪيترو نه رومانوي بڻائي ٿو، پر شاهه جو قاصد ڪانگ ئي ناهي. هن ته چنڊ کي به پنهنجو قاصد ڪري پيش ڪيو آهي. کيس چوي ٿو ته:
    چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
    مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
    جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
    (کنڀات 2-5)
    شاهه جو وسيع مشاهدو ۽ تخيل جي سگهاري اڏام، جذبن ۽ احساسن جي بي پناهه اٿل سندس ڌيان ڪهڙين ڪهڙين شين ڏانهن ڇڪائي کين پنهنجي ڪلام جو موضوع بڻايو آهي. شاهه جو چنڊ کي قاصد بنائڻ وارو انداز به ڏاڍو ملهائتو آهي جو اهڙو بيان اسان کي ڪنهن به شاعر وٽ نٿو ملي.
    هونءَ ته مجاز جي راهه ۾ عاشق ۽ معشوق وچ ۾ سماج ۽ ريتون رسمون سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجنديون آهن، جيڪي وک وک تي عاشق ۽ معشوق لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجنديون آهن پر شاهه وٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ۽ سڀ کان وڏو دشمن چنڊ ۽ سندس روشني آهي. ان ڪري شاهه چنڊ کي پاراتو ڏنو آهي.
    چنڊ لڳنئي منڊ، سنجهيئي سيخ ٿيين
    ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.
    (کنڀات 1-15)
    شاهه جو پِٽَ پاراتو ڏيڻ جو انداز به رومانيت سان ڀرپور آهي، پر وري شاهه پرين جي پري هئڻ سبب ساڳئي ئي چنڊ کي ايلاز ڪندي پنهنجي مجبوري بيان ڪري ٿو:
    اڀر چنڊ پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
    سڄڻ ستا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
    پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور،
    جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
    (کنڀات 2-7)
    ٻين تمام رومانوي شاعرن وٽ انتظار جي ڪيفيتن ۾ تارا ڳڻڻ جو ذڪر ته اسان کي عام جام ملي سگهي ٿو پر تارن ۾ محبوب جي ڳولا ڪرڻ جو خيال صرف شاهه وٽ آهي.
    تارا تيلاهين، توڏي گهڻو نهاريان،
    سڄڻ جيلاهين، تون تيلاهين اڀرين.
    (کنڀات 1-5)
    شاهه جي روماني شاعريءَ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
    ”شاهه جو رومان سنڌ جو رومان آهي، سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو رومان هن جي روماني شاعريءَ ۾ نه نرگس، شمشاد ۽ نسترن جو ذڪر آهي، نه بادبهار، نه بلبل جون لاتيون، نه گلِ لالا نه ايراني ماحول.“ (6)
    واقعي لطيف جو رومان عام ماڻهوءَ جي دل وٽان ۽ ماحول پنهنجي سرزمين جي انمول احساس سان لاڳاپيل آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي دل ۾ يڪدم گهر ڪري وڃي ٿو.
    ڀٽائيءَ جو فني معراج اهو به آهي ته سندس رومانيت ڇڙواڳيءَ کان پاڪ ۽ سماجي اخلاقيات جي ساک ڀري ٿي. سندس تخيل پابند نظر اچي ٿو.
    سدا سامهان سپرين، پٺيرا سونهن،
    سنئون ورائي سپرين، جي منهن مان ڏونهن ڪن،
    رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي.
    (سر آسا 2-30)
    جيتوڻيڪ شاهه مٿئين بيت ۾ پنهنجي محبوب جي جسماني سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، پر سندس ڪيفيتون ۽ احساس هڪ حد جو تعين ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪٿي به ڪابه معيوب ڳالهه نٿي ملي. ٻئي طرف دنيا جي ادب ۾ جڏهن رومانيت ۽ جماليات جو ذڪر اچي ٿو ته دنيا جا وڏا وڏا شاعر فن جون حدون اورانگهي جڏهن احساسن جي شدت مان گذرن ٿا ته ڪابه پابندي قبول نٿا ڪن. جنهن ڪري سندن شاعري جنسيت ڏانهن لڙهي وڃي ٿي پر شاهه جا سمورا احساس عقل جي قبضي ۾ آهن. ساڳئي طرح سان وري شاهه جو هي بيت ڏسو:
    ڍول م کڻي ٻانهڙي، پرهه م کڻي پاند،
    آءُ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان
    (سر ڏهر 4-11)
    هن شعر ۾ نه صرف تخيلي منظر ڪشي آهي، پر انهيءَ منظر کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي خواهش به رومانيت سان ڀرپور آهي ۽ وري ساڳئي وقت بيت مان سماجي اخلاقيات جو نڪتو به ڀرپور نموني جهلڪندي محسوس ٿئي ٿو.
    رومانس ۾ شاهه وٽ عاشق ۽ محبوب لاءِ زندگيءَ جو ڀرپور پهلو به موجود آهي. جنهن ۾ مايا جون اڇلون، خوشحاليءَ جو اعليٰ تصور، فطرت جي سونهن ۽ جذبن ۽ احساسن جي رنگين دنيا آهي.
    اڱڻ تازي ٻاهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن،
    سرهي سيڄ پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
    اسان ۽ پرين شال، هون برابر ڏينهڙا.
    (سارنگ 2-21)
    مٿئين بيت ۾ خوبصورت روماني منظرڪشي سان گڏوگڏ زندگيءَ جو حسين، اعليٰ ۽ جياپي سان ڀرپور تصور موجود آهي. شاهه کان سواءِ زندگيءَ جو اهڙو مڪمل عڪس ڪنهن به وڏي شاعر وٽ مشڪل ئي ملندو، جيڪو هڪ ئي وقت عاشق جي اندر جي جذبن جي عڪاسي، پنهنجي ماحول سان واڳيل رومانس ۽ ساڳئي وقت پنهنجن ئي ثقافتي قدرن جي به عڪاسي ڪري. مجاز جي حوالي کان شاهه سنڌ جي ستن اهم رومانوي داستانن جهڙوڪ، سسئي پنهون، عمر مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻو، ليلان چنيسر، نوري ڄام تماچي ۽ سورٺ راءِ ڏياچ کي به ڳايو ۽ پنهنجي ڪلام جو حصو بڻايو آهي. شاهه انهن قصن کي بيان ناهي ڪيو، پر محبت جي پيچري ۾ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ خاص ڪري سورمين جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي. پيار ۽ محبت جا اهي انمول جذبا ۽ احساس جنهن ۾ انسان لاءِ محبت ئي زندگيءَ جو ڪل سرمايو بڻجي پوندي آهي. محبوب جو حسن، ناز انداز، انتظاري ۽ بيقراري واري ڪيفيت جو درد عاشق جي اندر ۾ پل پل وڍ پيو وجهندو آهي، سندس وصال لاءِ هر مصيبت ۽ هر آفت کي مرڪي قبول ڪرڻ کي عاشق پنهنجو مَرڪُ سمجهندو آهي. شاهه به انهن سورمين جي اُنهن بي پناهه جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي وارتا بيان ڪئي آهي ۽ عورت جي عظمت ۽ اهميت کي ڳايو آهي. سسئي جو پنهونءَ لاءِ ڪشالن جو ذڪر هجي، سهڻيءَ جي ميهار لاءِ سڪ هجي، ليلان جي ليلائڻ جو قصو هجي، مومل جي راڻي سان محبت جو مامرو هجي، مارئيءَ جي مارن ۽ ملڪ ملير لاءِ سڪ جو داستان هجي، نوريءَ جي نهٺائي ۽ نماڻائي هجي، سورٺ جي سهاڳ سان سچائي هجي يا وري وڻجاريءَ جي اندر جا پور ۽ آزين نيزارين ۽ انتظارين جي ڪيفيت هجي. شاهه هر هڪ جذبي ۽ احساس کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ چٽيو آهي. سسئي جو ڪردار پنهنجي داخلي جذبن سان بي پناهه حد تائين لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هر روايت کي ٽوڙي رڻ پٽن ۽ جبلن ۾ اڪيلي سر نڪري پوي ٿي:
    ڏونگر ڏکوئين کي، تپي ڪندين ڪوهُه،
    تون جي پهڻ پٻ جا، لڱ منهنجا لوهه،
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، اَمُرَ مون سين ائين ڪئو.
    (سر ڪوهياري، 2-7)
    سهڻي محبت ۾ دل هٿان مجبور ٿي اونداهيءَ رات جو درياهه گهڙي تي پار ڪري، درياهه جي خطرناڪ خطرن کي منهن ڏيئي ميهار سان ملڻ وڃي ٿي. شاهه سندس دلي جذبن جي عڪاسي ڀرپرو روماني انداز ۾ ڪري ٿو.
    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سر ڪيائي نه ٿئي.
    (سر سهڻي6-11)
    راڻي جي انتظار ۾ مومل جي بي چيني، تڙپ ۽ بيقراري کيس پل پل جيئاري ۽ ماري ٿي ۽ زندگي محبوب بنا وهه جو ڍُڪُ ڀانئي ٿي.
    شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
    موٽ مران ٿي، مينڌرا، راڻا! ڪارڻ رب،
    تهجي تاتِ طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪِ جا.
    (سر مومل راڻو 4-1)
    مارئي حب الوطني جي جذبي تحت وقت جي بادشاهه جي هر سک ۽ سهولت کي ٺڪرائي ڇڏي ٿي ۽ صرف پنهنجي ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿي.
    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
    بت منهنجو بند ۾، قيد م ڪريجاهُه،
    پر ڏيهياڻي پرين ري، ڌار مَ ڪريجاهه،
    ٿڌي وسائيجاهه ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاهَه،
    پويون ٿييم پساهه، ته نجهاه مڙهه ملير ڏي.
    (سر مارئي 6-20)
    ساڳئيءَ طرح سان وڻجارن جي ونين جي درد ۽ پيڙا، آهه و زاري وڇوڙي ۽ ڦوڙائي جون ڪيفيتون، سندن دلي جذبا شاهه گهرائيءَ سان محسوس ڪري قلمبند ڪيا آهن.
    سر نسرئا پاند، اتر لڳا آءُ پرين!
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
    (سر سامونڊي 3-11)
    يا وري هي بيت ڏسو:
    سر لوهيڙا ڳڀئا، ڪسر نسرئا،
    تو ڪيئن وسرئا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
    (سر سامونڊي 3-12)
    غرض اسان کي شاهه وٽ مجاز جو هر پهلو، هر موضوع، هر عڪس، هر جذبو، هر احساس ۽ هر انداز موجود ملي ٿو. دنيا جي هر وڏي اهم ۽ رومانوي شاعر اهڙن مختلف رخن کي جانچيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي، پر جهڙي طريقي سان شاهه انهن سڀني رخن کي نڀايو آهي تنهن جو مثال اسان کي دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي.
    شاهه لطيف جنهن جاگيرداري سماج ۾ جنم ورتو، تنهن جي حڪمرانن جي سرڪاري زبان فارسي هئي. مڪتبن، ورسايل طبقن توڙي شاعرن وٽ فارسيءَ جو رواج عام هو ۽ ”پارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري چوڻي تمام گهڻي مشهور هئي. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته:
    ”سنڌ سرڪار جي دفتري زبان ورهين کان فارسي هئي، ويچاريءَ سنڌيءَ لاءِ چيو ويندو هو ته ”سنڌي وائي قلم نه آئي“ ان رنگ ۾ سنڌي زبان کي علمي زبان بڻجڻ کان روڪيو ۽ رنڊيو ٿي ويو.“ (7)
    اهو ئي سبب هو جو فارسي شاعرن جي رسائي درٻارن تائين ٿي هلي ۽ سنڌ سميت سڄو هندستان فارسي شاعريءَ جي اسلوب توڙي موضوعن کي پنهنجو ڪري رهيو هو.
    انهيءَ صورتحال بابت ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو:
    ”ان وقت مشڪل هو ته مقامي ٻوليءَ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جاءِ پيدا ڪن، ڇو ته فارسي قالب ۽ فارسي طرز ايترا ته پختا ٿي ويا هئا جو انهن کي ڪڍي نه پئي سگهيو ويو.“ (8)
    پر شاهه انهن سمورين حالتن جي باوجود نه صرف انهن روايتن کان بغاوت ڪئي، پر پنهنجو ڪلام مقامي ٻولي ۽ لهجي ۾ پنهنجي روايتي قالبن (يعني بيت ۽ وائي) ۾ قلمبند ڪيو. هن عوامي ڪردارن ۽ عام ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي پنهنجي ٻوليءَ جون پاڙون هميشه لاءِ پختيون ڪري ڇڏيون. شاهه جي عظمت جو هي به هڪ اهم ثبوت آهي ته عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ سان ڪو به واسطو نه هئڻ جي باوجود ان تحريڪ جي هڪ اهم نڪتي جنهن مطابق ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جو مقصد شاعريءَ کي عام ماڻهن ڏانهن موٽائڻ هو جو پورائو ڪري شاهه جي آفاقي شاعر جي حيثيت کي دل سان قبول ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو. اهو شاهه جو وڏو اهم ڪارنامو آهي جنهن سندس شخصيت کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه لطيف جيتوڻيڪ فارسي ۽ عربي جو وڏو ڄاڻو هو، پر ان جي باوجود هن پنهنجو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ چيو ۽ پنهنجي بيتن ۾ به عربي ۽ فارسي جون اهي ئي ڦريل صورتون استعمال ڪيون جن کي عام ماڻهو پنهنجي لهجي ۽ مزاج مطابق اچاريندا هئا. شاهه جي ان عمل جو مقصد صرف اهو هو ته هن جيڪي ڪجهه چيو تنهن جو مخاطب عام عوام هو ان ڪري شاهه پنهنجو پيغام سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو ته جيئن عام ماڻهوءَ کي ڪابه ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي.
    دنگي منجهه درياهه، ڪين ٻڏي ڪين اپڙي،
    معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
    ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
    (سريراڳ 3-11)
    مٿئين بيت ۾ شاهه ”فرنگي“ جي بجاءِ لفظ ”ڦلنگي“ ڪتب آندو آهي، جيڪو ان وقت عام ماڻهن ۾ رائج هو.
    تنهن کان پوءِ هي بيت ڏسو:
    م ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
    ڪونهي ڪمينيءَ جو، بگر تو بلو،
    تنهنجو نانءُ نلو، وٺي ويٺي آهيان.
    (سر ڏهر 2-24)
    مٿئين بيت ۾ اصل لفظ ”بغير“ بدران ان جي سنڌيءَ ۾ عام رائج بگڙيل صورت ”بگر“ استعمال ٿيل آهي ڇاڪاڻ ته ”غ“ جو اچار سنڌي ماڻهن جي مزاج وٽان ناهي.
    آئون بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي پييس بند،
    مهين لڳو ميهڻو، ڪِ مونهين ڪڙو ڪنڌ،
    مران جي هن هنڌ، ته نجاه مئٿ ملير ڏي.
    (مارئي 6-9)
    مٿئين بيت ۾ به ”ميت“ بدران سنڌي سماج ۽ ڪلچر ۾ عام رائج ”مئٿ“ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. شاهه سهڻي ۽ سيبتي انداز ۾ رومانوي تحريڪ جي هر فڪري توڙي فني قدر کي نڀايو آهي. رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت به ملن ٿا، جن ۾ اصل عربي، فارسي توڙي بگڙيل سنڌي ٻئي اچار موجود آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطيف اصلي اچارن کان اڻ واقف ڪين هو. هن ڄاڻي واڻي شعر جي رواني، سلاست ۽ موسقيت قائم رکڻ لاءِ توڙي عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۽ لهجي کي استعمال ڪرڻ جي خيال کان اهي بگڙيل صورتون اختيار ڪيون.
    جيئن هي ٻه بيت ڏسو:
    سڙهه سنوان لاڄو نوان، اولا سندن عاج،
    ساٿي سفر هلئا، ڀري جنگ جهاج،
    حاصل ڪري حاج، واحد وڻجارن جي.
    (سريراڳ 1-12)
    لڙ لهريون لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
    الله، ات م اوليين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکو ٿئي نه جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
    لڳي ڪا م لپيٽ، هن غريبي غراب کي.
    (سريراڳ 1-11)
    مٿين بيتن ۾ جهاز (اصلي صورت) ۽ جهاج (بگڙيل صورت) ٻئي موجود آهن. اهڙي ريت جانچڻ تي رسالي ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي بيت ملندا، جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاهه عام ماڻهوءَ جو اچار ۽ لهجو استعمال ڪيو آهي. عوامي ٻولي ۽ لهجي سان گڏوگڏ شاهه پنهنجي شاعريءَ جو موضوع به پنهنجي ئي ملڪ جي عام ماڻهن کي بڻايو. لطيف کان اڳ وارا دنيا جا عظيم شاعر ٻوليءَ توڙي محاورن ۽ ماحول توڙي ڪردارن جي خيال کان عام ماڻهوءَ کان گهڻو پري هئا. تنهن کان پوءِ مغربي شاعريءَ ۾ به عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ شعر ۾ عام ماڻهن ۽ سندن جذبن جي اپٽار جي شروعات شاهه کان اڌ صدي پوءِ ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي رومانوي تحريڪ سان ٿي پر لطيف اهو عظيم شاعر آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي پنهنجي سرزمين ڏي موٽايو، پر ان ۾ عام ماڻهوءَ جو بيان به سڀ کان پهريان ڪيو.
    جيڪڏهن شاهه جي سورمن ۽ سورمين تي نظر ڪبي ته خبر پوندي ته اهي به پورهيت طبقي مان ئي چونڊيل هئا، جن کي دنيا جي عظيم شاعرن شاعريءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي.
    سسئي ڌوٻياڻي آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ ڳولها جي علامت بڻجي وڃي ٿي. سهڻي ڪنڀار جي ڌيءَ آهي، جنهن جو مٽيءَ، چڪ ۽ آويءَ سان واسطو آهي. مارئي ٿر جي مارن جي ڇوڪري آهي، جن جي خوراڪ سائون، ڏٿ ۽ ڏونرا آهن. نوري مهاڻن جي نينگر آهي، جنهن کي شاهه سمين شهزادين کان به مٿڀرو ڪري ڏيکاريو آهي. گهاتوءَ جو مورڙو ميربحر آهي، جيڪو جڏڙو ۽ ضعيف آهي. ان کان سواءِ کاهوڙي، رامڪلي جا جوڳي، ڪاپائتيءَ جون چرخو ڪتيندڙ، اهي سڀ نماڻن طبقن جا ڪردار آهن، جن کي شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ علامت طور استعمال ڪيو آهي. اهي سڀئي ڪردار نحيف ۽ ڪمزور هوندي به همت، عزم ۽ استقلال وارا ڏسجن ٿا، جيڪي وڏا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا. سندس ڪردار رڳو ڪردار ناهن، ڪهاڻيون رڳو سر ناهن، بلڪ اهي پنهنجي ڪردار واري حيثيت کان اڳتي وڌي علامتي طور تصور ٿي وڃن ٿا، جيڪي اسان جي قدرن جي ترجماني ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان سسئيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سسئي علامت آهي عزم، همت، استقلال ۽ جدوجهد جي، جيڪڏهن مارئيءَ جو نالو وٺون ٿا ته مارئي پيڪر آهي حب الوطنيءَ جو، جيڪڏهن ذڪر اچي ٿو نوريءَ جو ته علامت آهي نياز ۽ نوڙت جي، جيڪڏهن ڳالهه ڪيون ٿا مورڙي جي ته اهڃاڻ آهي حوصلي، بهادري ۽ ثابت قدميءَ جو. اجتماعي طور جيڪڏهن ڳالهه ڪنداسين ته کاهوڙي ۽ رامڪليءَ جا جوڳي مقصد تحت سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت طور اڀرن ٿا. جيڪڏهن ذڪر ڪنداسين ڪاپائتين جو ته سندن ڪردار وقت جي اهميت جي علامت طور سامهون اچي ٿو. اهي آهن شاهه جي شاعريءَ جا اهي عام ڪردار جن کان هو نهايت ئي اهم ۽ اعليٰ ڪم وٺندي نظر اچي ٿو.
    تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن لک،
    پسي ميءَ ڪا ڪَکَ، متان ماڱر مٽيين.
    (ڪاموڏ 2-4)
    نوري جي نياز ۽ نوڙت جو ذڪر ڪندي شاهه دنيا جي هر عورت لاءِ اها علامت مقرر ڪري ڇڏي آهي. هي بيت رڳو ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جو ناهي، پر هر نماڻي چاهيندڙ جو آهي. محبت جي هر پانڌيئڙي ۽ پنهنجي محبوب سان وفا رکندڙ عورت لاءِ آهي.
    رامڪلي جا هي بيت ڏسو:
    جن سنياسين سانڍئو، گندي ۽ گراهه،
    انهن کان الله، اڃا آڳاهون ٿئو.
    (رامڪلي – 9-10)
    گولاجي گراهه جا، جوٺاسي جوڳي،
    ڦٽل او ڦوڳي، جني شڪم سانڍئا.
    (رامڪلي 4-16)
    مٿين ٻنهي بيتن ۾ به علامت نگاري آهي. مطلب ته صرف رامڪلي جي جوڳين نه بلڪ جنهن به جوڳي گندي ۽ گراهه کي سانڍيو يعني جيڪي اصل مقصد بدران مادي فائدن جي پٺيان لڳا، انهن کان مقصود پري ٿيندو ويندو. شاهه پنهنجا سورما توڙي سورميون هيٺاهين طبقي مان چونڊڻ ۽ انهن کي علامت طور استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪلام ۾ غريب، پيڙهيل طبقي جي تقريباً هر فرد، هر ڪردار ۽ سندس ڪرت کي ڳايو ۽ ساراهيو آهي. ان ڪري جو شاهه پاڻ هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگي بسر ڪئي. شاهه انهن ئي پورهيت ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي زندگي، رهڻي ڪهڻي، ڏک درد ۽ ڪرت جو مشاهدو ماڻيائين ۽ سندن ئي ماحول ۾ سمائجي ساڻن هڪ ٿي ويو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي مارن، جهانگين، لوهرن، ڪنڀرن، واڍن، مهاڻن، سوداگرن، هارين، نارين، ڌوٻين، ڪورين، ڪاسائين، پنهوارن ۽ اوٺين جو ذڪر عام جام ملندو. کيس پنهنجي وطن جي نماڻي ۽ غريب طبقي سان بي پناهه محبت، عقيدت ۽ انسيت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي شاعري ۽ فن انهن ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي لاءِ ئي صرف ڪيو.
    ان حوالي کان علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو ته:
    He deals with the life of a fisherman, a spinner, a peasant and prince with equal ease and familiarity. He speaks so perfectly in their idiom and phrase that one feels if he entirely belonged to their class.
    ترجمو:
    هو (شاهه لطيف) مهاڻي، چرخي ڪتيندڙ، هاري ۽ شهزادي جي زندگيءَ کي ساڳئي سهولت سان بيان ڪري ٿو. هو اهڙي جامع نموني ۾ انهن جي محاوري ۽ اصطلاح کي استعمال ڪري ٿو جو ائين ٿو لڳي ڄڻ هو مڪمل طرح سان سندن ئي طبقي سان واسطو رکي ٿو.“
    سر سهڻي ۾ شاهه گهڙي جي حوالي کان ڪنڀار جي دلي تي ٿيل چٽساليءَ ۽ مختلف رنگن جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
    ڪڍيا جي ڪلال سي، پسي خال خوش ٿئي،
    پاڻيءَ چٽ پسائيا، ڌاءُ نه جهلي ڌمال،
    سپڪ ڀانيا سهڻي، جو ڀن جي جمال،
    آڪي جا احوال، معلوم ٿئا مهراڻ ۾.
    (سهڻي 7-11)
    ڪنڀار ايتريءَ ته هوشياري ۽ هنرمنديءَ سان خوبصورت رنگن ۾ چٽسالي ڪئي جو سهڻي به ڀلجي پئي ۽ گهڙي جي ڪچي هئڻ جي خبر کيس تڏهن پئي جڏهن مهراڻ ۾ گهڙي ۽ ڀيلو ڀرڻ لڳو. شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ ڌوٻين جو به ذڪر ڪيو آهي.
    گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهونءَ پارو چو هٿ ۾ ،
    اتي آريءَ ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ،
    اي ڪامل! ڪم نه سندوءِ، جيئن پهس پڇاڙيين پوتيين.
    (سر ديسي 4-16)
    سسئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهونءَ جهڙي ڄام کي ڪشالا ڪڍڻا پيا تن جو ذڪر ڪندي شاهه کيس ڌوٻي گهاٽ تي ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪندي ڏيکارئو آهي. شاهه مهاڻن جو به ذڪر ڪيو آهي.
    ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم،
    ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
    جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعام ٿئا.
    (سر ڪاموڏ 1-16)
    جڏهن سمي سردار نوري مهاڻيءَ سان شادي ڪئي ته ڪينجهر ڍنڍ مهاڻن کي تحفي ۾ ڏنائين ۽ سڀ ڍلون ۽ محصول معاف ڪري ڇڏيا هئائين. مٿئين بيت ۾ شاهه انهيءَ اڳوڻي انداز ۾ پنهنجي آس پاس جي عام ڪردارن کي منفرد طرح سان رومانوي انداز ۾ نباهيو آهي. سندس مشاهدو گهڻ پاسائون ۽ نئين معنيٰ بخشيندڙ آهي. اهي عام رواجي ڪردار انهن کي نڀائڻ جو طريقو ٻين رومانوي شاعرن وٽ ته ملي سگهي ٿو، پر جنهن نموني شاهه انهن تي ويچاريو ۽ کين پڙهندڙن اڳيان آندو آهي يقيناً اهو انداز اسان کي ڪنهن ٻئي شاعر وٽ شايد ئي ملي سگهي. اها ئي شاهه جي انفراديت آهي جنهن جي ڪري اسان کيس هر رومانوي شاعر کان مٿڀري حيثيت جو حامل قرار ڏيون ٿا. شاهه ئي اهو واحد شاعر آهي، جنهن رومانوي شاعري جي فني توڙي فڪري قدرن کي ڀرپور نموني نڀايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌي ادب جي رومانوي تحريڪ جو مهندار چئي سگهجي ٿو.


    وليم ورڊس ورٿ وٽ رومانويت ۽ رومانوي عڪس

    عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ جو باني وليم ورڊس ورٿ فطرت جو سڀ کان وڏو پوڄاري آهي. سندس شاعري جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هن رومانوي تحريڪ جي سمورن فني توڙي فڪري قدرن جهڙوڪ فطرت نگاري، انساني زندگيءَ جا عام موضوع ۽ مسئلا، عام ڪردار، عوامي ٻولي تي ڀرپور نموني لکيو آهي، پر ان جي باوجود سندس شاعريءَ ۾ فطرت نگاريءَ جو عنصر باقي سڀني پهلوئن تي وڌيڪ ڇانيل نظر اچي ٿو. جنهن جو عڪس هر هڪ تخليق مان آسانيءَ سان جهلڪندي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ورڊس ورٿ فطرت جي هر نظاري کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموهيو آهي. ٻين رومانوي شاعرن جهڙوڪ: شيلي، ڪيٽس، ٽيني سن وغيره به فطري شاعري ڪئي آهي، پر انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ورڊس ورٿ جو انداز بيان ۽ انداز فڪر نهايت ئي منفرد، نرالو ۽ وڌيڪ اثرائتو آهي، جنهن جو اظهار کليل دل سان سندس هر هڪ تنقيد نگار پڻ ڪيو آهي.
    دي پريليوڊ (The Prelude) ۾ ڏنل فطري شاعريءَ بابت سندس تنقيدي راءِ هنن لفظن ۾ ڏنل آهي:
    “From God to tiniest insect that crawls on the surface of the earth, there is hardly an object or natural phenomenon which he has not touched to beauty or glory.” (10)
    ترجمو:
    ”خدا کان وٺي زمين جي سطح تي سرندڙ هڪ ننڍڙي جيت تائين شايد ئي ڪا اهڙي شيءِ يا فطري نظارو هجي، جنهن کي هن خوبصورتي يا شان لاءِ بيان نه ڪيو هجي.“
    ورڊس ورٿ جي فطري شاعريءَ جي خوبي اها آهي ته ان ۾ جاندار توڙي بي جان شين، خوبصورت، نرم و نازڪ، نفيس توڙي بدصورت ۽ بي ڍنگين شين غرض سڀني رخن جو بيان نهايت اثرائتو آهي. هو هڪ عام شيءِ کي به جڏهن بيان ڪري ٿو ته سندس فڪر ان ئي معمولي شيءِ کي اهم بڻايو ڇڏي.
    سندس نظم “I wandered lonely as a cloud” ان جو هڪ بهترين مثال آهي، جنهن ۾ ورڊس ورٿ نرگس جي گلن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي جو ذڪر ڪري ٿو.
    I wandered lonely as a cloud
    That floats on high o’er vales and hills,
    When all at once I saw a crowd,
    A host, of golden daffodils.
    Beside the lake, beneath the trees,
    Fluttering and dancing in the breeze.
    Continuous as the stars that shine
    And twinkle on the Milky Way,
    They stretched in never-ending line
    Along the margin of a bay:
    Ten thousand saw I at a glance,
    Tossing their heads in sprightly dance.
    ترجمو:
    ”اوچين ٽڪرين ۽ وادين مٿان
    ڪنهن ڪڪر جيان رلندي
    اوچتو ڏٺم هڪ ميڙ
    سونهري گلڙن جو،
    هير لڳڻ سان نچندي لڏندي
    ڍنڍ ڀرسان وڻن جي پاڇي ۾
    جيئن آسمان ۾ ڪهڪشان تي
    تارا چمڪندا ۽ ٽمڪندا آهن
    اڻکٽ قطار ۾ ڍنڍ ڪناري
    تيئن مون ڏٺا هزارين گلڙا
    مستيءَ ۾ جهومندي نچندي
    بظاهر ته نرگس هڪ عام گل آهي، جنهن کي ڪير ڏسڻ به پسند نه ڪري پر جهڙي ريت ورڊس ورٿ نظم ۾ انهن جي منظرنگاري ڪئي آهي سا اسان کي پنهنجو رايو تبديل ڪرڻ تي ضرور مجبور ڪري ٿي. هوا ۾ لڏندڙ لمندڙ سونهري نرگس جي گلن جو ميڙ، پاسي کان وهندڙ ڍنڍ وري مٿانئن وڻن جو ڇانورو ۽ ڏور نگاهن تائين ڦهليل ساڳيو ئي منظر ماڻهوءَ کي مڪمل طرح سان پنهنجي سحر ۾ جڪڙي وٺي ٿو.
    ورڊس ورٿ جو فڪر انساني عقل کي دنگ، ذهن کي هڪ نئون خيال ۽ نظر کي هڪ انوکو احساس بخشي ٿو ۽ ساڳئي وقت روحاني خوشي پڻ عطا ڪري ٿو.
    “The Thorn” نظم ۾ وري هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ، جنهن منجهه خوبصورتي جا ڪي به اهڃاڻ نه آهن، جو ذڪر ڪري ٿو:

    There is a thorn- it looks so old,
    In truth, you’d find it hard to say,
    How it could ever have been young,
    It looks so old and grey.
    Not higher than a two-year’s child,
    It stands erect this aged thorn;
    No leaves it has, no thorny points;
    It is a mass of knotted joints,
    A wretched thing forlorn.
    (Lyrical Ballads P. No- 51)
    ترجمو:
    هتي هڪ ڪنڊي آهي، اها گهڻي پراڻي لڳي ٿي
    سچ، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته
    ڪيئن اها ڪڏهن جوان به رهي سگهي هوندي
    اها گهڻي پراڻي ۽ غمگين لڳي ٿي
    ٻن سالن جي ٻار کان گهڻي ڊگهي نه آهي
    سڌي بيٺل آهي، هي پراڻي ڪنڊي
    ان کي ڪي به پن نه آهن، نه وري ڪنڊا،
    اها ڳنڍيل حصن جو مجموعو آهي
    هڪ بدنصيب لاچار شيءِ
    ورڊس ورٿ جو مشاهدو ساراهڻ جوڳو آهي جو هڪ ڪنڊيءَ به سندس ڌيان ڇڪايو آهي ۽ ان جي شڪل و شباهت کي به جامع انداز ۾ بيان ڪيو اٿس. ورڊس ورٿ جي فطري منظرنگاريءَ جي خاصيت اها به آهي ته هو جنهن به شيءِ کي بيان ڪري ٿو ان جي جيئري جاڳندڙ تصوير مڪمل تاثر سان پڙهندڙ اڳيان پيش ڪرڻ ۾ کيس ڪا به ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
    “Wordsworth’s description of natural sights and scenes are accurate like accuracy itself.”
    ترجمو:
    ”ورڊس ورٿ جي فطري ڏيکن ۽ منظرن جو بيان ايترو ته صحيح/مڪمل آهي، جيتري فطرت پنهنجو پاڻ.“
    انهيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هو پهريان هر هڪ شيءِ جي روح کي سمجهي پوءِ ان کي قلمبند ڪري ٿو. ورڊس ورٿ فطرت نگاريءَ ذريعي صرف نظارن کي نٿو چٽي بلڪ انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ انيڪ مقصدن لاءِ کيس استعمال ڪري ٿو. هو قدرت جي هن عظيم الشان ڪارنامي کي انسان لاءِ هڪ عظيم درسگاهه تصور ڪري ٿو. پنهنجي نظم “The Tables Turned” ۾ چوي ٿو:
    Up! Up! My friend, and quit your books,
    Or surely you’ll grow double:
    Up! Up! My friend, and clear your looks,
    Why all this toil and trouble?
    اٿ! اٿ! منهنجا دوست، ۽ ڇڏ پنهنجا ڪتاب،
    يقيناً تنهنجي ڄاڻ ٻيڻي ٿيندي
    اٿ! اٿ! منهنجا دوست ۽ واضح ڪر پنهنجي ڳالهه
    هي سڀ پريشاني ۽ بحث ڇو؟
    ساڳئي نظم ۾ وري اڳتي چوي ٿو:
    Books! ’tis a dull and endless strife;
    Come, hear the woodland linnet,
    How sweet his music! On my life,
    There’s more of wisdom in it.

    And hark! How the blithe the throstle sings;
    He, too is no mean preacher,
    Come forth into the light of things,
    Let nature be your teacher.

    She has a world of ready wealth,
    Our minds and hearts to bless,
    Spontaneous wisdom breathed by health,
    Truth breathed by cheerfulness.

    One impulse from a vernal wood
    May teach you more of man,
    Of moral evil and of good,
    Than all the sages can.
    (Lyrical Ballads P. no. 78, 79)
    ترجمو:
    ڪتاب! اهو آهي سست ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ بحث
    اچ، ٻڌ جهنگلي ڍولير کي
    ڪيتري مٺي آهي هن جي موسيقي! منهنجي زندگيءَ لاءِ
    ان ۾ وڌيڪ ڏاهپ آهي

    ۽ ٻڌ ٻوليندڙ پکي ڪيترو نه موج مان ڳائي ٿو
    هي پڻ معمولي تبليغ ڪندڙ نه آهي
    شين جي حقيقت ڏانهن اچ
    فطرت کي پنهنجو استاد ٿيڻ ڏي.

    فطرت جي هڪ مالا مال دنيا آهي
    اسان جي دماغ ۽ دلين کي بخشڻ لاءِ
    صحت سان ڀرپور اڀاريل ڏاهپ
    ۽ خوشيءِ ذريعي اڀاريل سچ

    ٻيلي مان بهار جي امنگ
    توهان کي انسان بابت
    اخلاقي برائي ۽ چڱائي بابت
    ڪنهن ڏاهي کان وڌ
    گهڻو ڪجهه سيکاري سگهي ٿي.
    سندس خيال آهي ته الله تعاليٰ ڪائنات جي هر هڪ شيءِ جي تخليق پٺيان ڪو نه ڪو سبب رکيو آهي. قدرت جي هن ڪارخاني ۾ ڪا به شيءِ بيڪار ۽ غير اهم نه آهي. ڇاڪاڻ ته هر هڪ شيءِ جو هڪ مخصوص ڪردار آهي، جنهن کي ادا ڪرڻ ۾ اها رڌل آهي. ان ڪري ڪتابن مان ڏاهپ، اخلاقيات، ۽ فلسفو حاصل ڪرڻ جي بجاءِ فطرت کي پنهنجو استاد ٿيڻ ڏيو، جيڪا هر لمحي انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿي ۽خاص طرح سان مختلف پکين کي، سندن مٺڙين لاتين ۽ حرڪتن تي ويچاريو، جن منجهان ڏاهپ ۽ فلسفي جا اهڙا نڪتا نروار ٿين ٿا، جيڪي نه ته ڪنهن ڏاهي ۽ سڄاڻ عالم وٽان سکي سگهجن ٿا ۽ نه ئي وري ڪتابن تي مٿا ڪٽ ڪرڻ سان.
    ورڊس ورٿ جي فطري شاعريءَ جي خاصيت اها به آهي ته هو نهايت ئي منفرد ۽ نرالي قوت جو مالڪ هئڻ سبب فطرت جي مختلف تخليقن جي آواز ذريعي داخلي احساسن جو هڪ ڀرپور تاثر نهايت ئي سحر انگيزي ۽ ڪماليت سان لفظن جي روپ ۾ پيش ڪري ٿو.
    “Wordsworth is the poet of the ear: he is most felicitous when conveying some phase of silence, or tone of sound.” (12)
    ترجمو:
    ورڊس ورٿ ٻڌڻ جو شاعر آهي. هو خاموشيءَ جي حالت يا آواز جي خاصيت وڌيڪ موزون طريقي سان پهچائي ٿو.
    “O nightingale! Thou surely art” نظم ۾ ڪوئل جي مٺڙي آواز بابت چوي ٿو:
    O nightingale! Thou sure art
    A creature of a “fiery heart”:
    These notes of thien-they pierce and pierce;
    Tumultuous harmony and fierce!
    Thou Sign’t as if the God of wine
    (wordsworth and cleridge p#. 86)
    ترجمو:
    او ڪوئل! تون يقينن آهين
    ”آتشي دل“ جي هڪ مخلوق
    اهي تنهنجا پرجوش ۽ بي چين گيت
    اندر ۾ گهڙي وڃن ٿا!
    تون ائين ٿي ڳائين ڄڻ ته
    شراب جو ڪو ديوتا
    يوناني ڏند ڪٿائن مطابق شراب جو ديوتا (God of wine ) اولمپيئن گاڊ (Dionysos) کي چيو پيو وڃي ٿو، جهن جو ڪم ماڻهن کي مدهوش ڪرڻ آهي. ورڊس ورٿ جي مطابق ڪوئل جا دل کي ڇهندڙ مٺڙا سر به انسان کي ائين ئي مدهوش ڪري وجهن ٿا جنهن ڪري هو ڏک، تڪليف، غم ۽ پريشاني کان آجو ٿي صرف خوشي ۽ سرور حاصل ڪري ٿو، جنهن ڪري کيس روحاني سڪون حاصل ٿئي ٿو. مطلب ته ورڊس ورٿ وٽ انسان جي هر دک درد، مسئلي ۽ پريشانيءَ جو مڪمل حل فقط فطرتي مظهرن ۾ سمايل آهي.
    يورپ ۾ سترهين صديءَ جي پڇاڙي دوران صنعتي دور پنهنجي اوج تي هو. هي اهڙو دور هو جنهن ۾ انسان جي اندر جو ماڻهپو مري چڪو هو. سندس حيثيت مشين جي هڪ پرزي جهڙي هئي. ڏينهن رات ان جدوجهد ۾ رڌل ته ڪيئن ٻئي کي لتاڙي اڳتي وڌجي. پيار، محبت ۽ پنهنجائپ جهڙا جذبا ۽ احساس ماڻهوءَ منجهان موڪلائي چڪا هئا. اهڙي ماحول کي محسوس ڪندي فطرتي مظهرن ذريعي ئي ورڊس ورٿ انسان کي پيار، ميٺ، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو.
    I heard a stock- dove sing or say
    His homely tale, this very day;
    His voice was buried among trees,
    Yet to be come at by the breeze;
    He did not cease; but cooed and cooed;
    And some what pensively he wooed;
    He sang of love, with quite blending,
    Slow to begin and never ending;
    Of serious faith, and inward glee
    That was the song- the song for me!
    (Wordsworth and Coleridge P. no: 86)
    ترجمو:
    مان هڪ ڪبوتر کي ڳائيندي ٻڌو
    هن جي سادي ڪهاڻي، ساڳئي ڏينهن،
    هن جو آواز وڻن جي وچ ۾ دٻيل هو،
    پوءِ به هوا جي ذريعي اچي رهيو هو،
    ۽ ڪجهه غمگين ٿي ڄڻ ڪا گهُر ڪئي
    هن پيار جو سانتيڪو گيت ڳايو،
    آهسته شروع ٿيندڙ ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ،
    ڳنڀير عقيدي ۽ اندروني خوشيءَ جو
    اهو گيت هو، منهنجي لاءِ!
    ورڊس ورٿ وٽ پکي پيار ۽ محبت ۽ سندن مٺڙيون من موهيندڙ لاتيون امن جو پيغام آهن. سندس چوڻ آهي ته فطرت کين ان مقصد تحت ئي تخليق ڪيو آهي ته هر پل فقط پيار جا گيت آلاپيندا رهن. انسان کي به گهرجي ته انهن پکين کان پيار ۽ محبت جو سبق پرائي ڇو ته فطرت جي هن عظيم ڪارخاني ۾ انساني زندگي به محبت جي مڌر سرن ۽ پيار جي جذبي بنا بي رنگ ۽ بي معنيٰ آهي. غرض ورڊس ورٿ وٽ فطرت نگاريءَ جا مختلف ۽ منفرد پهلو موجود آهن.
    رومانوي قصا ۽ داستان هر خطي جي ادب جو هڪ عظيم سرمايو تصور ڪيا ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته ادب ۾ گهڻي ڀاڱي نظم جي صنف جي پيڙهه انهن قصن تي ئي رکيل هوندي آهي. انگريزي ادب ۾ به اهڙا ڪيترائي قصا مشهور آهن. جيئن روميو جيوليٽ (Romeo-Juliet)، ائنٽوني ڪلوپيٽرا (Antony-Cleopatra)، اوٿيلو ڊيسڊيمونا (Othello-Desdemona) ۽ اورلينڊو روزالنڊ (Orlando-Rosalind) وغيره جن کي مختلف شاعرن، مختلف وقتن ۾، مختلف طريقن سان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو ۽ ساراهيو آهي. جيتوڻيڪ رومانس به رومانويت جو ئي هڪ جزو آهي پر ان جي باوجود ورڊس ورٿ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن به رومانوي قصي کي جڳهه ناهي ڏني ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ جو بنيادي مقصد عام ماڻهوءَ جي مسئلن، سندن جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪرڻ آهي. ورڊس ورٿ وٽ اهڙا ڪيترائي نظم ملن ٿا، جن ۾ هن سادي سودي ڳوٺاڻي زندگي جي مختلف ڪردارن جي المين منجهان بي پناهه داخلي جذبن ۽ احساسن واري ڪيفيتن کي اڀاريو آهي.
    “He found the elementary feelings, the essential passions of the heart at their purest and simplest form in humble and rustic people.” (13)
    ترجمو:
    ”هن کي بنيادي جذبا، دل جا اڌما پنهنجي خالص ۽ سادي شڪل ۾ سادن سودن غريب ڳوٺاڻن ماڻهن وٽ مليا.“
    سندس اهڙو ئي طويل نظم “The Thorn” آهي، جنهن جي ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار مارٿاري “Martha Ray” نالي هڪ عام عورت آهي. هوءَ اسٽيفن هِلِ “Stephen Hill” سان بي پناهه محبت ڪري ٿي. ٻئي شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪن ٿا، پر ان ساڳئي ئي ڏينهن Stephen ڪنهن ٻي عورت سان شادي ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن اها خبر مارٿا کي ملي ٿي ته هوءَ صدمي وچان چري ٿي پوي ٿي. ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس اميدواري ٿي وڃي ٿي. نظم ۾ مارٿا بابت علائقي جي رهواسين جون مختلف روايتون بيان ڪيل آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته ٻار جي پيٽ ۾ ٿيڻ سان هوءَ وري بلڪل ٺيڪ ٿي وئي.
    ٻي روايت مطابق ڪير به اهو نٿو ڄاڻي ته ٻار ٿيو به يا نه ۽ جي وري ٿيو ته زنده هو يا مئل.
    جڏهن ته ٽين روايت مطابق ڪن جو چوڻ آهي ته اميد سان ٿيڻ کانپوءِ هو پاسي واري جبل جي چوٽيءَ تي جهوپڙي ٺاهي رهڻ لڳي ۽ ٻار ٿيڻ کانپوءِ جبل تي ڪجهه فاصلي تي موجود هڪ وڻ ۾ هن ٻار کي ٻڌي ڦاهي ڏيئي ڇڏي. (ورڊس ورٿ ان روايت سان متفق نظر نه ٿو اچي سندس چوڻ آهي ته ڪجهه به هجي پر هڪ ماءُ ائين هرگز نٿي ڪري سگهي). ڪي وري چون ٿا ته ان وڻ کان ئي ڪجهه فاصلي تي پاڻيءَ جي هڪ تلاءُ ۾ هن ٻار کي ٻوڙي ماري ڇڏيو. بهرحال حقيقت ڇا هئي ڪير به ان کان واقف نه هو، پر سڀ ان ڳالهه سان متفق هئا ته جبل تي ڪنڊيءَ جي سڪل وڻ هيٺان هڪ ٻار جي قبر هئي، جنهن جي پاسي ۾ مٽيءَ جي هڪ ننڍڙي ڍير تي خوبصورت ڳاڙهن، ساون ۽ اڇن گلن واري ول ۽ ڪجهه مفاصلي تي پاڻي جو هڪ تلاءُ موجود هو. جتي هوءَ هر روز ڏک ۽ غم جي شدت سان زار و قطار روئندي پٽيندي ملي ٿي.
    Now would you see this aged thorn,
    This pond and beauteous hill of moss,
    You must take care and chose your time
    The mountain when to cross,
    For oft there sits, between the heap
    That’s like an infant’s grave in size,
    And that same pond of which I spoke,
    A woman in a scarlet cloak,
    And to herself she cries,
    Oh misery! Oh misery!
    Oh woe is me! Oh misery!”
    ترجمو:
    ڇا توهان ڏسندا هن جهوني ڪنڊيءَ کي
    هي تلاءُ ۽ خوبصورت آلي ٽڪري
    توهان کي ضرور خيال ڪري وقت مقرر ڪرڻ گهرجي
    جبل کان گذرڻ لاءِ
    اڪثر اتي ويٺل هوندي آهي، ڍير جي وچ ۾
    جيڪو لڳندو آهي ننڍڙي ٻار جي قبر جيترو،
    ۽ ساڳيو تلاءُ جنهن بابت مون ڳالهايو،
    هڪ عورت ڳاڙهي رتل ويس ۾،
    پنهنجو پاڻ روئي ۽ رڙي ٿي،
    اوهه غم! اوهه غم!
    اوهه مون کي رنج آهي! اوهه غم!
    مان پاڻ درد آهيان!
    بنيادي طور اهو الميو ئي هن ڪردار جي زندگي ۾ رومانيت پيدا ڪري ٿو، جنهن ۾ هوءَ سماج جي تمام رائج قدرن کان بغاوت ڪندي پنهنجي لاءِ هڪ الڳ رستو اختيار ڪري ٿي. اها ئي سندس زندگيءَ جي اها چونڊ آهي ، جنهن ۾ هن جو رومانوي رشتو ۽ موضوعي طور داخلي جذبن ۽ احساسن جي پوري ڪائنات پنهنجي ٻار جي قبر سان جڙي وڃي ٿي ۽ کيس زندگيءَ لاءِ هڪ مقصد فراهم ڪري ٿي.
    پنهنجي زندگي جي ان مقصد طئي ڪرڻ کانپوءِ هو مطمئن ۽ مستقل مزاج پڻ نظر اچي ٿي ۽ جيڪا چونڊ هن ڪئي آهي، ان تي قائم پڻ، ڇاڪاڻ ته پوءِ حالتون سازگار آهن يا نه کيس ان جي ڪا پرواهه نه ٿي رهي.
    At all times of the day and night
    This wretched woman thither goes,
    And she is known to every star,
    And every wind that blows;
    And there beside the thorn she sits
    When the blue day-light’s in the skies,
    And when the whirlwind’s on the hill;
    Or frosty air is keen and still,
    And to herself she cries,
    “oh misery! Oh misery!
    Oh woe is me! Oh misery!”
    (Lyrical Ballads- P. No: 51 and 53)
    ترجمو:
    ڏينهن رات جي هر پل هر مهل
    هيءَ غمگين عورت اوڏانهن وڃي ٿي
    ۽ هر ستارو توڙي لڳندڙ هوا
    هن کي سڃاڻي ٿي
    جڏهن نيري آسمان ۾ ڏينهن چمڪي ٿو
    ۽ ٽڪريءَ تي واچوڙو لهي ٿو
    يا جڏهن ٿڏي هوا خاموش هجي ٿي
    تڏهن هوءَ اندر ئي اندر سڏڪي ٿي
    اي درد، اي درد!
    مان پاڻ سراپا سور ٿي وئي آهيان
    هوءَ رڙي ٿي.
    ڏينهن هجي يا رات، برسات هجي يا طوفان پر پنهنجي منزل تائين پهچڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ پيڙا سبب ئي سندس زندگيءَ سان رومانس جو رشتو جڙيل رهي ٿو، جيڪو جذباتي ۽ احساساتي طور کيس جيئڻ جو اتساهه ڏيندو رهي ٿو.
    اهڙو ئي ٻيو ڪردار سندس نظم “The last of the flock” جو ريڍار ۽ سندس زندگيءَ جو الميو آهي.
    هو پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ رڍ خريد ڪرڻ سان ڪري ٿو، جنهن مان آهستي آهستي وڌندي وٽس پورين پنجاهه رڍن جو هڪ وڏو ڌڻ ٿي وڃي ٿو. جنهن ڪري سندس زندگي خوشحال ٿي پوي ٿي پر سندس زندگيءَ جي الميي جي شروعات تڏهن ٿئي ٿي جڏهن هو شادي ڪري ٿو ۽ کيس ڏهه ٻار ٿين ٿا. جن جي پيٽ گذر لاءِ محنت مزدوري جا پئسا پورا نٿا پون ۽ هو مجبور ٿي هڪ هڪ رڍ وڪڻندو رهي ٿو ۽ آخرڪار اهو وقت به اچي وڃي ٿو جڏهن وٽس صرف هڪ ننڍڙو گهٽو بچي ٿو پر سندس معاشي حالتون ساڳيون رهن ٿيون.
    ان صورتحال ۾ هي ريڍار گهٽي کي پنهنجي هنج ۾ کڻي بازارن ۾ روئندي نظر اچي ٿو.
    In distant countries I have been,
    And yet I have not often seen
    A healthy man, a man full grown,
    Weep in the public roads alone.
    But such a one, on English ground,
    And in the broad high-way, I met,
    Along the broad high-way he came,
    His cheeks with tears were wet.
    Sturdy he seemed, though he was sad;
    And in his arms a lamb he had.

    He saw me, and he turned aside,
    As if he wished himself to hide;
    Then with his coat he made essay
    To wipe those briny tears away,
    I follow’d him, and said, “My friend
    What ails you? Wherefore weep you so?”
    …..shame on me, sir! This lusty lamb,
    He make my tears to flow
    To-day I fetched him from the rock!
    He is the last of all my flock.
    ترجمو:
    ڏورانهن ملڪن ۾ آءٌ وڃي چڪو آهيان،
    ۽ اڃا تائين اڪثر ڪري مان ناهي ڏٺو
    هڪ صحتمند ماڻهو، بالغ ماڻهو،
    اڪيلو گهٽين ۾ روئندي،
    پر اهڙو هڪ، انگريزي ميدان تي
    ۽ وسيع شاهراهه تي، مون کي مليو؛
    شاهراهه جي پاسي کان هو آيو،
    هن جا ڳل ڳوڙهن سان آلا هئا
    هو ٿلهو متارو نظر پئي آيو، جيتوڻيڪ اداس هو،
    ۽ هن جي ٻانهن ۾ هڪ گهيٽو هو.

    هن مون کي ڏٺو، ۽ هڪ پاسي مڙي ويو،
    ڄڻ ته هو پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ چاهيندو هجي،
    تنهن کانپوءِ هن پنهنجي ڪوٽ ذريعي آسانيءَ سان
    صاف ڪيا اهي نمڪين ڳوڙها.
    مان هن جي پٺيان ويس، ۽ چيم، منهنجا دوست
    توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ جو ايترو روئين پيو؟
    حيف آهي مون تي، سائين! هي متارو گهيٽو،
    هن جي ڪري منهنجا ڳوڙها وهن ٿا
    اڄ مان هن کي جبل تان کڻي آيس!
    هي منهنجي سڄي ڌڻ مان بچيل آخري آهي.
    پر هو گهيٽي کي وڪڻي نٿو ڇو ته هو پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي ايترو ئي چاهيندو ۽ سنڀاليندو هو جيترو پنهنجن ٻارن کي. درحقيقت رومانوي نظريي مطابق انسان پاڻ سان لاڳاپيل شين سان احساساتي سطح تي رومانوي رشتا جوڙيندو آهي. ڪنهن سان ٻه گهڙيون گڏ گذارڻ سان به پنهنجائپ جو هڪ رشتو ٺهي پوندو آهي ۽ هن ته هر هڪ رڍ کي پنهنجن هٿن سان پالي نپائي وڏو ڪيو هو. ان ڪري ساڻن مضبوط رومانس جو رشتو جڙيل هئس ۽ جيئن ويو ٿي انهن کي کپائيندو تيئن سندس دلي ڪيفيتن ۾ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو شروع ٿي ويو سندس اندر عجيب بيچيني، اڻ تڻ ۽ پيڙا جنم ورتو، جيڪا اندر ئي اندر کيس کوکلو ڪري رهي هئي. آخرڪار جڏهن وٽس ڌڻ مان صرف هڪ گهيٽو وڃي بچيو تڏهن فيصلو ڪري ٿو ته چاهي سندس ٻار، زال توڙي پاڻ غربت، بدحالي ۽ بک وگهي مري وڃن پر هو ڌڻ مان يادگار طور بچيل آخري گهيٽو هرگز نه کپائيندو.
    …. This lusty lamb of all my store
    Is all that is alive!
    And now I care not if we die,
    And perish all of poverty.
    (Lyrical Ballads P. no: 57 & 58)
    ترجمو:
    ....منهنجي سڄي ڌڻ جو هي متارو گهيٽو
    آهي آخري جيڪو جيئرو آهي!
    ۽ هاڻي مون کي پرواهه ناهي جيڪڏهن اسان،
    سڀ غربت جي ڪري مري وڃون ٿا.
    درحقيقت ان پوري صورتحال دوران ريڍار ۽ گهيٽي جي وچ ۾ هڪ مضبوط رومانوي رشتو قائم ٿي وڃي ٿو، جنهن جي بنياد تي هو هر هڪ قرباني ڏيڻ لاءِ ته تيار ٿي وڃي ٿو پر ڪنهن به قيمت تي گهيٽي کي وڃائڻ نٿو چاهي.
    ورڊس ورٿ جو نظم “We are seven” به رومانويت سان ڀرپور آهي جنهن ۾ داخلي جذبن ۽ احساسن جي هڪ پوري ڪائنات سمايل آهي. هن نظم جو مرڪزي ڪردار اٺن سالن جي هڪ ننڍڙي معصوم ڇوڪري آهي. اهي پاڻ ۾ ست ڀيڻ ڀائر هئا. جن مان سندس هڪ ڀيڻ Jane ۽ هڪ ڀاءُ John جي ڪنهن سبب ڪري وفات ٿي وڃي ٿي پر ان جي باوجود هي ننڍڙي ڇوڪري ان ڳالهه کي تسليم نٿي ڪري ته سندن موت واقع ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هو پنج ڀيڻ ڀائر وڃي بچيا آهن.
    She answered, seven are we,
    And two of us at Conway dwell,
    And two are gone to sea.

    Two of us in the church-yard lie,
    My sister and my brother,
    And in the church-yard cottage, I
    Dwell near them with my mother.
    ترجمو:
    هن جواب ڏنو، اسان آهيون ست ڄڻا،
    اسان مان ٻه ڪانوي ۾ رهن ٿا،
    ۽ ٻه سمنڊ ڏانهن ويل آهن.
    اسان مان ٻه قبرستان ۾ ستل آهن،
    منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ،
    ۽ مان قبرستان جي جهوپڙيءَ ۾،
    انهن ڀرسان پنهنجي امڙ سان گڏ رهندي آهيان.
    تنهن تي ورڊس ورٿ کيس جواب ڏيئي ٿو ته:
    You say that two at Conway dwell
    And two are gone to sea.
    Yet you are seven, I pray you tell
    Sweet maid, how this may be?
    You run about, my little maid,
    Your limbs they are alive;
    If two are in the church- yard laid,
    Then ye are only five.
    ترجمو:
    تو چيو ته، ٻه ڪانوي ۾ رهن ٿا
    ۽ ٻه سمنڊ ڏانهن ويل آهن
    اڃا به توهان ست آهيو، مان عرض ڪريان ٿو تون ٻڌائين
    مٺڙي ڇوڪري، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

    تون ڊوڙي سگهين ٿي، ننڍڙي ڇوڪري،
    تنهنجا عضوا جيئرا جاڳندڙ آهن،
    جيڪڏهن ٻه ڄڻا قبرستان ۾ ستل آهن،
    پوءِ ته توهان صرف پنج ڄڻا آهيو.
    هن نظم ۾ هڪ ننڍڙي معصوم ڇوڪريءَ جي احساساتي ۽ رومانس سان ڀرپور زندگيءَ جا عڪس چٽيا ويا آهن. سندس رومانوي رشتو پنهنجي فوت ٿي ويل ڀيڻ ڀاءُ سان نهايت گهرو آهي. ان ڪري جسماني طور سندن فنا ٿي وڃڻ تي به ان رشتي ۾ ڪو فرق نٿو پوي. هوءَ کين پنهنجين يادن ۾ هميشه زنده رکي ٿي ۽ پوءِ اهو ئي چاهه ۽ لڳاءُ کيس سندن قبرن سان ٿي پوي ٿو ۽ اهي قبرون ئي سندس زندگيءَ جو هڪ اهم حصو بڻجي پون ٿيون. جتي هوءَ گهڻي کان گهڻو وقت گذاري ٿي.
    Their graves are green, they may be seen
    The little maid replied,
    Twelve steps or more from my mother’s door.
    And they are side by side.

    My stockings I often knit,
    My kerchief there I hem,
    And there upon the ground I sit….
    I sit and sing to them.

    And often after sunset, sir,
    When it is light and fair,
    I take my little porringer,
    And eat my supper there.
    ترجمو:
    انهن جون قبرون تازيون آهن، اهي ڏسي سگهجن ٿيون،
    ننڍڙي ڇوڪريءَ جواب ڏنو،
    ٻارهن وکون يا ڪجهه وڌيڪ منهنجي ماءُ جي دروازي کان،
    اهي هڪ ٻئي جي پاسي کان آهن.

    مان اڪثر اتي پنهجا جوراب اڻندي آهيان،
    پنهنجي رومال تي ڀرت ڀريندي آهيان،
    ۽ ميدان تي ويهندي آهيان...
    مان ويهندي ۽ انهن لاءِ ڳائيندي آهيان.

    ۽ اڪثر سج لهڻ کانپوءِ سائين،
    جڏهن پوري پني روشني هوندي آهي،
    مان پنهنجو ننڍڙو ڪٽورو کڻي ويندي آهيان،
    ۽ اتي رات جي ماني کائيندي آهيان.
    ان پوري صورتحال کانپوءِ وري جڏهن ورڊس ورٿ کانئس پڇي ٿو ته هوءَ ساڳيو ئي جواب ڏيئي ٿي.
    How many are you, then said I
    I they are two in heaven?
    The little maiden did reply
    O master! We are seven.
    (Lyrical Ballads, P. No: 49 & 50)
    ترجمو:
    مون چيو، پوءِ توهان گهڻا ڄڻا ٿيئو؟
    جيڪڏهن اهي ٻئي جنت ۾ آهن؟
    ننڍڙي ڇوڪريءَ جواب ڏنو
    او سائين! اسان آهيون ست ڄڻا.
    هن نظم ۾ ان نڪتي ذريعي ورڊس ورٿ رومانويت کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جا سمورا موضوع ڪردار توڙي ٻولي انساني سماج جي عام ماڻهن، سندن مسئلن ۽ اسلوب سان تعلق رکن ٿا.
    هن جا ڪردار ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ سادا سودا عام انسان آهن، جن ۾ عورتون توڙي ٻار، بزرگ توڙي جوان شامل آهن. انهن ڪردارن جون عام خوبيون ئي سندس فڪر جو مرڪز آهن. ان حوالي سان ”سريلن گيتن“ جي مهاڳ جو سنڌيڪار تنوير عباسي لکي ٿو:
    ”هن جي نظمي قصن جا ڪردار به عام انسان آهن. ڪٿي اسڪول جو استاد آهي، ڪٿي ڪا نوجوان ۽ الهڙ ڇوڪري آهي. ڪٿي پوڙهو ريڍار ۽ ان جو پٽ آهي ته ڪٿي وري ڪو ڪراڙو فقير آهي. اهي سڀئي معمولي انسان آهن.“ (14)
    ورڊس ورٿ انهن ئي معمولي ڪردارن جي ماحول، مسئلن ۽ المين کي سندن ئي عام زبان ۾ اهڙي ريت شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي جيئن فطرت کين تخليق ڪيو آهي يعني هر قسم جي بناوٽ کان پاڪ ۽ صاف.
    ورڊس ورٿ “Lyrical Ballads” لاءِ لکيل ٻئي ڇاپي جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    “The principal object in these poems was to chose incidents and situations from common life, and to relate or describe then, through-out, as far as was possible, in a selection of language really used by men.” (15)
    ترجمو:
    ”هنن شعرن لکڻ جو مکيه مقصد هو ته روزمره جي زندگيءَ مان ڪي واقعا ۽ حالتون چونڊي، انهن کي پنهنجي وس آهر اهڙي چونڊ ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو وڃي، جيڪا سچ پچ عام ماڻهو ڳالهائين ٿا.“
    ورڊس ورٿ جا ڪيترائي اهڙا نظم آهن، جيڪي موضوع توڙي ڪردارن جي حوالي کان بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿا.
    سندس نظم “Goody Blake and Harry Gill” اهڙو ئي هڪ نظم آهي، جنهن جا مرڪزي ڪردار Goody Blake نالي هڪ پوڙهي عورت ۽ Harry Gill نالي هڪ جوان ڇوڪرو آهي. ورڊس ورٿ سندن معاشي الميي کي موضوع بڻايو آهي.
    Goody جي غربت جو حال اهو آهي ته پنهنجي قوت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود وٽس رات جو جهوپڙي ۾ روشني ڪرڻ لاءِ ميڻ بتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به نه اٿس.
    Auld Goody Blake was old and poor,
    I’ll fed she was, and thinly clad;
    And any man who pass’d her door,
    Might see how poor a hut she had.

    All day she spun in her poor dwelling,
    And then her three hour’s work at night!
    Alas! ‘twas hardly worth the telling,
    It would not pay for candle-light.
    ترجمو:
    گڊي بليڪ پوڙهي ۽ غريب هئي،
    گهٽ کاڌل ۽ سنهڙن ڪپڙن ۾ هئي
    ڪو به ماڻهو جيڪو هن جي در وٽان گذريو
    ڏسي ٿي سگهيو هن جي جهوپڙي ڪيتري غريباڻي هئي

    سڄو ڏينهن هن پنهنجي غريب رهائش ۾ ڪتيو،
    ۽ وري رات جو ٽن ڪلاڪن جو ڪم!
    افسوس! اها تلخ حقيقت ٻڌائيندي ٿيو،
    ان مان ميڻ بتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به نه ٿي سگهيا.
    ان کان سواءِ هن نظم ۾ ورڊس ورٿ ان علائقي جي جاگرافيائي حالتن بابت به ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
    Oh! What’s the matter? What’s the matter?
    What is’t that ails young Harry Gill?
    That evermore his teeth they chatter,
    Chatter, chatter, chatter still.
    Of waistcoats Harry has no lack,
    Good duffle grey, and flannel fine;
    He has a blanket on his back,
    And coats enough to smother nine.
    (Lyrical Ballads P. no: 34)

    ترجمو:
    اوهه! ڇا مسئلو آهي؟ ڇا مسئلو آهي؟
    ڇا آهي جيڪو نوجوان هيري گل کي تڪيلف پهچائي ٿو؟
    جو هميشه هن جا ڏند وڄن ٿا،
    وڄن ٿا، وڄن ٿا، اڃا به وڄن ٿا.
    هيري وٽ ڪوٽن جي گهٽتائي نه آهي،
    سٺو سرمئي واسڪوٽ، ۽ بهترين اوني ڪپڙو،
    هن جي پٺن تي هڪ ڪمبل آهي،
    جيڪو نون ڄڻن کي ڍڪڻ لاءِ ڪافي آهي.
    چاهي حالتون ڪهڙيون به هجن پر علائقو ايترو ته سرد آهي جو ماڻهوءَ لاءِ پاڻ بچائڻ هڪ وڏي آزمائش آهي، ٻيو وري ڪوئلي جو مهانگو هئڻ سندن لاءِ هڪ وڏي آفت، مصيبت ۽ پريشانيءَ جو باعث آهي. جنهن ڪري هي ڪردار هر لمحي فطرت جون مختلف سختيون سهندي ۽ زندگيءَ جي جنگ وڙهندي نظر اچن ٿا.
    تنهن کانپوءِ “The Solitary Reaper” ۾ به هڪ عام ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ذڪر ملي ٿو.
    Behold her, single in the field,
    Yon solitary highland lass!
    Reaping and singing by herself:
    Stop here, or gently pass!
    Alone she cuts and binds the grain
    And sings a melancholy strain!
    O listen! For the vale profound
    Is overflowing with the sound.
    (William Wordsworth P. No: 319)
    ترجمو:
    هن ڏانهن ڏس، هيکلي ٻنيءَ ۾،
    هوءَ لابارو ڪندڙ جابلو ڇوڪري!
    پنهنجو پاڻ ڳائي ۽ لابارو ڪري رهي آهي،
    هتي بيهي رهو، يا آرام سان گذري وڃو!
    هوءَ هيکلي ڪڻڪ لڻي ۽ ٻڌي ٿي
    ۽ ڏک ڀريو گيت ڳائي ٿي!
    او ٻڌو! پوري وادي
    آواز سان گونجي رهي آهي.
    ورڊس ورٿ ٻڌائي ٿو ته اتر ڏکڻ اسڪاٽ لئنڊ جي ڪوهستاني علائقي سان وابسته هيءَ هڪ عام ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي. هوءَ اڪيلي سر ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ ڪڻڪ جو فصل لڻي ۽ ٻڌي رهي آهي. جڏهن ته ايتري سخت محنت ۽ مشقت واري ڪم ۾ ڪو به سندس ٻانهن ٻيلي نه آهي.
    هوءَ فصل ڪٽڻ سان گڏوگڏ بوريت کان بچڻ لاءِ پنهنجي منهن ماضيءَ جي يادن سان وابسته ڪو ڏک ڀريو گيت پڻ آلاپي رهي آهي. جيڪو سندس سمورا ٿڪ لاهي ڇڏي ٿو.
    “Lucy Gray” به سندس هڪ الميه نظم آهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار هڪ ننڍڙي معصوم ٻارڙي “Lucy” آهي، جيڪا پنهنجي والدين سان گڏ برفاني علائقي ۾ رهي ٿي. طوفان جي اڳڪٿي ٿيڻ ڪري کيس والد شهر موڪلي ٿو ته وڃي پنهنجي ماءُ کي وٺي اچي پر طوفان مقرر وقت کان اڳ اچي وڃي ٿو. جنهن ڪري Lucy رستو ڀلجي ڀٽڪي پوي ٿي.
    The storm came on before its time;
    She wandered up and down;
    And many a hill did Lucy climb;
    But never reached the town.
    ترجمو:
    طوفان ٻڌايل وقت کان گهڻو اڳ آيو،
    هوءَ هيٺ مٿي ڀٽڪي،
    ۽ لوسي ڪيتريون ئي چوٽيون چڙهي،
    پر ڪڏهن به شهر نه پهتي.
    سندس والدين کليل ميدانن، پُلِين ۽ مختلف جڳهين تي سندس پيرو کڻندا رهن ٿا، پر کين ڪٿي به ٻارڙي جو ڪو ڏس پتو نه ٿو ملي.
    And then an open field they crossed
    The marks were still the same
    They tracked them on, nor ever lost;
    And to the bridge they came.
    The follow’d from the snowy bank
    Those footmarks, one by one,
    Into the middle of the plank;
    And further there was none.
    ترجمو:
    تنهن کانپوءِ هڪ کليل ميدان مان اُهي گذريا
    نشان اڃا به ساڳيا هئا،
    هنن پيرو کنيو، اڃا نه ڊٺا هئا،
    ۽ اهي پُل تائين آيا.

    انهن برف جي ڪنڌيءَ کان پيروي ڪئي
    پيرن جي نشانن جي، هِڪُ هِڪُ ڪري
    پُل جي تختي جي وچ تائين
    ۽ اڳتي اتي ڪجهه به نه هو
    ۽ آخرڪار اهي آسرو لاهي گهر موٽندي اهو چئي روئي پون ٿا ته
    “In heaven we all shall meet!”
    (William Wrodsworth P. No: 149)
    ترجمو:
    ”اسان سڀ جنت ۾ ملنداسين.“
    “Mad Mother” وري ورڊس ورٿ جو اهو نظم آهي، جنهن جو اهم ڪردار هڪ پاڳل ماءُ آهي. جڏهن ته موضوع سندس جذبا آهن. ورڊس ورٿ ماءُ جي زباني چوي ٿو:
    Suck, little babe, oh suck again!
    It cools my blood; it cools my brain,
    Thy lips I feel them, baby! They
    Draw from my heart the pain away
    Oh! Press me with thy little hand;
    Its loosens something at my chest….

    ترجمو:
    ننڍڙا ٻچڙا چوس، اوهه، ٻيهر چوس،
    منهنجي رت کي، دماغ کي راحت ملي ٿي.
    تنهنجي چپن کي مان محسوس ڪريان ٿي، ٻچڙا!
    اهي منهنجي دل مان سور ڇڪي ڪڍي وٺن ٿا
    اوهه! پنهنجن ننڍڙن هٿن سان مون کي دٻاءِ
    منهنجي ڇاتيءَ تان ڄڻ ڪو بار لهي پوي ٿو....
    ماءُ در حقيقت عورت جو اهو روپ آهي، جنهن جو تعلق چاهي دنيا جي ڪنهن به خطي، ڪنهن به سماج، ڪنهن به قوم ۽ ڪنهن به ٻوليءَ سان ڇو نه هجي، پر هر هنڌ ممتا جو جذبو ساڳيو هوندو آهي. پوءِ کڻي اها ماءُ دنيا جي حالتن ۽ گردشن سبب چري ئي ڇو نه ٿي ويئي هجي پر ماءُ وري به ماءُ ئي هوندي آهي. پيار، محبت ۽ شفقت جو هڪ عظيم پيڪر. هوءَ هر حال ۾ زماني جون ٿڌيون ڪوسيون سهي به پنهنجي ٻچڙي لاءِ هڪ مضبوط سهارو بڻجندي آهي ۽ کيس مڪمل تحفظ جو احساس ڏياريندي آهي.
    Then do not fear, my boy, for thee
    Bold as a lion I will be
    And I will always be thy guide,
    Through hollow snows and rivers wide.
    (Lyrical Ballads. P. No: 62)
    ترجمو:
    ڊڄ نه، منهنجا ٻچڙا، تنهنجي لاءِ
    مان هڪ شينهن جيان بهادر بڻجنديس
    ۽ هميشه تنهنجي رهنمائي ڪنديس،
    سخت برفاني طوفانن ۽ دريائن کان.
    سندس نظم “The childless father” جو ڪردار ٽموٿي (Timothy) نالي هڪ پوڙهو شخص آهي، جنهن جو (Ellen) نالي هڪ ئي پٽ هو. سندس پٽ ڪنهن سبب ڪري مري وڃي ٿو. ان الميي کي ورڊس ورٿ موضوع بڻائي هن مختصر نظم ۾ پيش ڪيو آهي.
    The bason of box-wood, just six months before
    Had stood on the table at Timothy’s door.
    A coffin through Timothy’s threshold had passed,
    One child did it bear and that child was his last.
    ترجمو:
    ڇهه مهينا اڳ ڪاٺ جي پيتي،
    ٽموٿي جي در وٽ ميز تي رکيل هئي،
    ٽموٿي جي دروازي وٽان هڪ تابوت گذريو
    ان ۾ هڪ ٻار هو، هن جو آخري ٻار.
    پٽ جي مرڻ کان پوءِ ورڊس ورٿ هڪ پيءُ جي جذبن ۽ سندس ڪيفيتن جي عڪاسي ڪري ٿو.
    Now fast up the dell came the noise and the fray,
    The horse and the horn, and the hark! Hark away!
    Old Timothy took up his staff, and he shut
    With a leisurely motion the door of his hut.
    Perhaps to himself at that moment he said,
    The key I must take, for my Ellen is dead;
    But of this is my ears not a word did he speak,
    And he went to the chase with a tear on his cheek.
    (William Wordsworth P. No: 207)
    ترجمو:
    سرسبز واديءَ مان آواز آيو پڙاڏو بڻجي
    گهوڙي ۽ ٻارنهن سڱي هرڻ جو
    پوڙهي ٽموٿي لٺ کنئي ۽ بند ڪيائين
    آرام سان حرڪت ڪندي جهوپڙيءَ جو دروازو

    ان مهل هن پنهنجو پاڻ کي چيو
    مون کي چاٻي وٺڻ گهرجي، مئل ايلن لاءِ
    ان لاءِ ته هن منهنجي ڪن ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو
    ۽ هو ڳل تي ڳوڙهي سان تعاقب ۾ ويو
    پٽ جي موت جو منظر ۽ بي اولاد ٿي وڃڻ جو احساس کيس اندر ئي اندر وڍ وجهندو رهي ٿو. هر نظارو کيس بي رنگ ۽ هر آواز پڙاڏو محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري هر هڪ شيءِ کان کيس سخت وحشت ٿيو پوي.
    ورڊس ورٿ جي شاعراڻي اسلوب کي جڏهن بحث هيٺ آڻينداسين ته خبر پوندي ته سندس ڪيل دعويٰ يعني ”عوام لاءِ عوامي زبان ۾ شاعري“ ۾ هو مڪمل طرح سان پورو ناهي لهي سگهيو. درحقيقت ڪو به شاعر هميشه عام گفتگو واري ٻولي استعمال ڪري ئي نٿو سگهي پر ان جي باوجود هن ڪيترائي اهڙا حصا چونڊي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندا آهن، جن کي شاعراڻي اهميت حاصل نه هئي. ورڊس ورٿ جي دعويٰ جو مقصد صرف اهو هو ته شاعراڻي ٻوليءَ ۾ سلاست هجي ۽ خاص طرح سان ڪلاسيڪي اسلوب بيان جيڪو نمائشي انداز ۽ کوکلي طرز ڪلام تي مبني هو ان کان ڏور هجي.
    “Lyrical Ballads” لاءِ لکيل ٻئي ڇاپي جي مهاڳ ۾ ورڊس ورٿ لکي ٿو:
    “I must have necessarily cut me off from a large portion of phrase and figures of speech which have long been regarded as the common inheritance of poets. I have to restrict myself also from the use of many expressions, in themselves proper and beautiful, but which have been foolishly repeated by bad poets, till such feelings of disgust are connected with them as it is scarcely possible by any art of association to over power.” (16)
    ترجمو:
    ”مون کي انهن محاورن، اصطلاحن ۽ شاعراڻين صنعتن کان بلڪل عليحده ٿيڻو پيو آهي، جيڪي اڄ به شاعريءَ جو موروثي حق سمجهيون وڃن ٿيون. ان کان سواءِ انهن اصطلاحن ۽ محاورن کان به پاسو ڪرڻو پيو اٿم، جيڪي جيتوڻيڪ خوبصورت ۽ موزون آهن، پر جن کي غلط نموني ورجائي، شاعرن انهن لاءِ اهڙي ته نفرت پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي ڪنهن به فني طريقي سان مٽائي نٿو سگهجي.“
    ورڊس ورٿ جي دعويٰ جي تجزيي لاءِ اسان نيو ڪلاسيڪي دور جي شاعرن جي شاعريءَ جو هڪ جائزو وٺون ٿا. جنهن ذريعي خبر پئجي سگهندي ته نيو ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع ۽ ڪردار رومانوي دور جي شاعريءَ کان ڪيئن مختلف آهن.
    انگريزي ادب جي نيوڪلاسيڪي تحريڪ جا ٽي اهم نمائندا جان ڊرائيڊن (1631-1700ع)، اليگزينڊر پوپ (1688-1744ع) ۽ ڊاڪٽر جانسن (1709-1784ع) آهن. اهي ٽيئي پنهنجي دور جون نهايت ئي مشهور شخصيتون آهن. جن کي سندن دور جي ادبي تخليقن سبب معياري شاعر ڪري مڃيو وڃي ٿو. اهي ٽئي قديم ڪلاسيڪي شاعرن جي عظمت جا قائل هئڻ سان گڏوگڏ نيوڪلاسيڪي قدرن جا پڪا حامي هئا. انهن قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ جي معيارن کي ئي پنهنجي شاعريءَ لاءِ بنياد بڻايو. جنهن ۾ رومانوي شاعرن مطابق هڪ بناوٽ ۽ مصنوعي طرز موجود هئو.
    ورڊس ورٿ مٿن تنقيد ڪندي چيو ته سندن شاعريءَ جا موضوع ۽ ڪردار هميشه مٿئين طبقي جا ماڻهو ۽ سندن معمولي مسئلا رهيا. هنن وٽ احساسن، جذبن ۽ دل جي بي ساخته آواز جي اظهار جي بجاءِ معقوليت کي اهميت مليل هئي.
    Wordsworth was quite in agreement with Johnson that the poet properly concerns himself with the general and uniform elements, passions and language of human nature… (17)
    اهو ئي سبب آهي جو هن دور جي شاعريءَ ۾ صرف ٻه عنصر ملن ٿا هڪ طنز ۽ ٻيو مزاح.
    ان حوالي کان جڳ مشهور نيوڪلاسيڪل شاعر ڊرائيڊن جو نظم “Absalom and Achitophel” هڪ بهترين مثال آهي. هي نظم سترهين صدي عيسوي جي سياسي حالتن تي مبني آهي، جنهن ۾ ڀرپور طنز ڪيو ويو آهي. نظم کي سمجهڻ لاءِ مختصر طور ان دور جي سياسي حالتن جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
    سترهين صدي عيسوي ۾ انگلينڊ جو بادشاهه چارلس ٻيو هو، جيڪو جائز پٽ جي اولاد کان محروم هو. ان ڪري پنهنجي ڀاءُ کي تخت جو وارث بڻائڻ جي تجويز پيش ڪيائين. سندس وزير اينٿوني کي اعتراض هو. هن چارلس ٻيو جي ناجائز پٽ (James) ۽ سندس رعيت کي ڀڙڪائي بغاوت لاءِ اڀاريو.
    ڊرائيڊن ان پوري واقعي جي پس منظر ۾ هي نظم تخليق ڪيو. وزير اينٿوني جنهن کي ايڪيٽوفل (Achitophel) طور پيش ڪيو ويو آهي، بابت لکي ٿو:
    Of these the false Achitophel was first
    A name to all succeeding ages crust.
    For close designs and crooked counsels fit,
    Sagacious, Bold and Turbulent of wit
    Restless, unfixt in principles and place,
    In power unpleas’d impatient of disgrace
    (Absalom and Achitophel, P. No: 17)
    ترجمو:
    انهن مان ڪُوڙو ايڪيٽوفل پهريون ماڻهو هو،
    هر ايندڙ دور جو هڪ ڌڪاريل نالو
    لڪل ارادن ۽ ڏنگي صلاحن لاءِ مناسب
    سياڻو، بهادر ۽ عقل جو فسادي
    بي چين، اصولن ۽ عهدي ۾ اڻ ٺهڪندڙ
    اقتدار ۾ ناخوش، خواريءَ جو اٻهرو.
    ڊرائيڊن وزير جي ڪردارنگاري ڪندي ٻڌائي ٿو ته اينٿوني (ايڪيٽوفل) شيطان صفت ڪردار آهي، جنهن جو مقصد صرف فتنو ۽ فساد پيدا ڪرڻ آهي.
    هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ٿو، پر جڏهن چارلس ٻيو انهيءَ بغاوت دوران اچانڪ بيمار ٿي پوي ٿو ته کيس عوام جي همدردي ٻيهر حاصل ٿي پوي ٿي. بادشاهه نظم جي اختتام تي اجتماع ۾ پنهنجي رعيت کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
    Kings are the public pillars of the state,
    Born to sustain and prop the nation’s weight.
    (Absalom and Achitophel, P. No: 43)
    ترجمو:
    بادشاهه رياست جا عوامي ٿنڀا هوندا آهن،
    جيڪي قومن جي وزن کي جهلڻ ۽ ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيندا آهن.
    جيڪڏهن ڊرائيڊن جي هن نظم جو تنقيدي جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته ورڊس ورٿ جي دعويٰ بلڪل صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته هن نظم جو موضوع توڙي ڪردار ٻئي مٿئين طبقي سان تعلق رکن ٿا، جنهن ۾ اقتدار جي جنگ جو منظر پيش ڪيو ويو آهي. رياست ۾ بادشاهه، سندس پٽ ۽ وزير سياست جي جنگ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني وڙهن ٿا، انهن ڳالهين کي موضوع بڻايو ويو آهي. اهي نڪتا ئي هن شاعريءَ ۾ نيوڪلاسيڪي رجحان کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن کي رومانوين خاص طور سان تنقيد جو نشانو بڻايو.
    تنهن کانپوءِ نيوڪلاسيڪي دور جو ٻيو ناليوارو شاعر پوپ آهي، جنهن جو نظم “Rape of the lock” مزاح جو شاهڪار نمونو آهي. هن نظم ۾ هڪ نواب هڪ خوبصورت شهزاديءَ جي عشق ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هوءَ کيس ليکي ئي نه ٿي. جنهن ڪري نواب حسد ۽ ساڙ وچان هڪ محفل ۾ سندس خوبصورت انداز ۾ ٺهيل وارن مان اڳيان لٽڪيل هڪ خمدار چڳ ڪٽي ڇڏي ٿو. انهيءَ ڳالهه تان ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پوي ٿو.
    Behold, four kings in majesty rever’d
    With hoary whiskers and a forky beard;
    And four fair Queens, whose hands sustain a flower
    (Selected Poems of Alexander Pope P. No: 35)
    ترجمو:
    ڏسو، چار بادشاهه راجائي مان مرتبي ۾
    سرمئي مڇن ۽ ڇڊي ڏاڙهيءَ سان
    ۽ چار سهڻيون راڻيون، هٿن ۾ گل جهليل
    ظاهري ڳالهه آهي ته هي ماحول درٻار جو آهي، جتي دعوت کان اڳ بادشاهه راڻيون موجود آهن ۽ منظر درٻار ۾ ٿيندڙ روايتي ناچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي راڻين جي هٿن ۾ بادشاهه جا آڇيل گل آهن.
    تنهن کانپوءِ پوپ لکي ٿو:
    This Nymph, to the destruction of mankind,
    Nourish’d two locks, which graceful hung behind
    In equal curls, and well conspir’d to deck
    With shining ringlets the smooth iv’ry neck.
    Mighty hearts are held in slender chains
    With hairy springes we the birds betray;
    Slight lines of hair surprise the finny prey.
    (Selected Poems of Alexander Pope P. No: 31)
    ترجمو:
    هن حسينه، انسان ذات جي تباهيءَ لاءِ
    پٺيان لڙڪيل ٻن چڳن جي واڌ ويجهه ڪئي
    هڪ جيترن وڪڙن ۾، سينگارڻ لاءِ سٺي طرح ٻڌائين
    لسي عاج جهڙي ڳچيءَ سان چمڪندڙ زلفون
    شايد دليون ڪمزور زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن
    اسان وارن جي ڪوڙڪيءَ سان پکين جيان دغا کائون ٿا
    وارن جون ڪي چڳون شڪار کي حيرت ۾ وجهن ٿيون.
    هن نظم جي موضوع جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته بنهه هڪ حقير موضوع، جنهن ۾ صرف ڪنهن دوشيزه جي ٺهيل خوبصورت نموني ۾ وارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي تي پورو نظم لکيو ويو آهي. مٿئين طبقي جي هڪ معمولي واقعي کي ائين پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ ڪا وڏي ڳالهه هجي. ساڳئي ريت ماحول به درٻار جو آهي ته ڪردار به مٿئين طبقي جا جنهن ۾ صرف بادشاهن ۽ راڻين جي ڳالهه ڪيل آهي. عام ماڻهن جو ته ذڪر ئي نه آهي نه وري هيٺئين طبقي جي ڪنهن مسئلي جي عڪاسي ٿيل آهي.
    بنيادي طرح سان رومانوي شاعرن نيوڪلاسيڪي رجحان جي انهن ئي روايتن کان انحرافي ڪئي آهي. اهي ئي ڳالهيون نيوڪلاسيڪل شاعريءَ کي رومانوي شاعريءَ کان الڳ ڪن ٿيون.


    شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان تقابلي جائزو

    دنيا جي ٻن وڏن ۽ اهم خطن جي عظيم شاعرن سنڌي ٻوليءَ جي شاهه لطيف ۽ انگريزي ٻوليءَ جي وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جي مختلف پهلوئن جو الڳ الڳ جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ٻنهي شاعرن وٽ فڪري حوالي کان ڪيتريون ئي هڪ جهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن. هتي انهن ئي هڪ جهڙائين جو تفصيل سان تقابلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
    1- رومانوي فڪر جو سڀ کان پهريون عنصر فطرت نگاري آهي. شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو ڪلام فطرت نگاريءَ جو اعليٰ شاهڪار آهي. سندن شاعريءَ ۾ فطرت جي عڪاسي سڀ کان وڌيڪ نظر اچي ٿي. سندن هر تخليق جي شروعات فطرت نگاريءَ سان ئي ٿئي ٿي پوءِ کڻي دنيا جو ڪو به موضوع هجي، مختلف ڪردارن جي آس پاس جو ماحول هجي يا وري ڪردارن جي احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي هجي.
    فطرت جا خوبصورت ۽ دلڪش منظر هر هڪ جي توجهه سڀ کان پهريائين ڇڪائينداآهن. شاهه به اهڙن ڪيترن ئي سونهن ڀرين نظارن جو بيان ڪيترن ئي سرن ۾ ڪيو آهي. هتي سر ڪاموڏ مان ڪينجهر جهڙي حسين ڍنڍ جي ڪناري ٽڙيل خوبصورت ڪنول جي گلن، مٺڙي دل ڇهندڙ هوا ۽ هر طرف ڦهليل ساوڪ واري منظر وارا بيت پيش ڪجن ٿا.
    هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن،
    ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ڪئي.
    ڪاموڏ (2-5)
    ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي، جنهن ۾ هيٺ پاڻي، مٿان مڃر جي وڻن جا جهڳٽا ۽ ڍنڍ جي ڪناري ڪنول جا گل ٽڙيل هجن. ان حسين ماحول ۾ جيڪڏهن سُرهي هوا لڳي ته ائين لڳندو ڄڻ ته سموري ڪينجهر ڍنڍ خوشبوءِ سان واسجي وئي هجي.
    هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
    اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
    لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
    ڪاموڏ (2-4)
    ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه آهي اتر واءُ لڳڻ سان ڪينجهر ڍنڍ جي لهرن جي لوڏي ۾ تماچيءَ جي ٻيڙي ڄڻ ته هندوري ۾ ٿي لڏي. وري هر طرف ڦهليل ساوڪ ماحول کي وڌيڪ سهڻو ۽ دلڪش بڻائي رهي آهي. ڀٽائي جيئريون جاڳنديون تصويرون اسان جي اڳيان بيهاري ٿو.
    ورڊس ورٿ وٽ به ڪجهه اهڙي ئي منظر جو بيان ملي ٿو، جنهن ۾ ڍنڍ جي خوبصورت ڪناري سان ٿڌڙي هوا ۾ ڪنول جي حسين گلن جو ميڙ پنهنجي مٺڙي خوشبوءِ سان ماحول کي معطر ڪري ڇڏي ٿو.
    I wandered lonely as a cloud,
    That floats on high o’er vales and hills
    When all at once I saw a crowd,
    A host, of golden daffodils;
    Beside the lake, beneath the trees,
    Fluttering and dancing in the breeze.

    Continuous as the stars that shine
    And twinkle on the milky way,
    They stretched in never-ending line
    Along the margin of a bay
    Ten thousand saw I at a glance
    Tossing their heads in sprightly dance.
    (Wordsworth and Coleridge P. No: 48)
    ترجمو:
    اوچين ٽڪرين ۽ وادين مٿان
    ڪنهن ڪڪر جيان رلندي
    اوچتو ڏٺم هڪ ميڙ
    سونهري گلڙن جو،
    هير لڳڻ سان نچندي لڏندي
    ڍنڍ ڀرسان وڻن جي پاڇي ۾
    جيئن آسمان ۾ ڪهڪشان تي
    تارا چمڪندا ۽ ٽمڪندا آهن
    اڻکٽ قطار ۾ ڍنڍ ڪناري
    تيئن مون ڏٺا هزارين گلڙا
    مستيءَ ۾ جهومندي نچندي.
    ڏور نگاهن تائين صرف ۽ صرف نرگس جي گلن جو ڦهليل هئڻ، پاسي کان ڍنڍ جو وهڻ، مٿان وڻن جو ڇانورو ۽ وري انهيءَ پوري ماحول ۾ ٿڌڙي مٺڙي هوا لڳڻ ڪري گلن جو مستيءَ ۾ ناچ ڪرڻ، ڪيڏو نه دلڪش ۽ مڪمل منظر چٽيل آهي. جنهن جي سونهن انسان کي پنهنجي سحر ۾ فوراً جڪڙي وٺي ٿي.
    هتي شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو موضوع ۽ فڪر ساڳيو ئي آهي، پر فرق صرف ايترو آهي ته شاهه داخلي جذبن جي عڪاسي سنڌ جي لوڪ رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جي ذريعي ڪئي آهي، جيڪو ڪينجهر ڍنڍ سان ئي وابسته آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ ڪنهن ڪهاڻيءَ بدران سنئين سڌي طريقي سان فطرت جي مظهرن مان ان کي بيان ڪيو آهي.
    فطرت جي ڪيترن ئي سونهن ڀرين نظارن جي تصوير ڪشي سان گڏوگڏ شاهه توڙي ورڊس ورٿ نهايت ئي سادن سودن ۽ عام منظرن کي به چٽيو آهي، جن ۾ خوبصورتيءَ جا ڪي به اهڃاڻ نظر نه ٿا اچن.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    دهشت دم درياهه ۾، جت ڪڙڪا ڪُن ڪرين،
    ٻڇل ٻانڊي ٻار ۾، ات لهريون لوڏا ڏين،
    سناور ساميا، ات سيڻايا نه سنڊين،
    جت ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ! سير لنگهائين.
    سهڻي (2-5)

    يا وري هي بيت ڏسو،
    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمرجر،
    ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر،
    ويچاري ڏي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.
    سسئي آبر (2-8)
    پهرئين بيت ۾ شاهه صاحب درياهه جي ڊيڄاريندڙ نظارن جي منظرڪشي ڪئي آهي. جيئن پاڻيءَ جي تيز وهڪري جو خوفناڪ آواز، ڪُن جا ڪڙڪا، لهرن جي زور تي بنڊن جو بي ترتيب انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ وغيره.
    جڏهن ته ٻئي بيت ۾ وري صرف هڪ ويران جهنگ جي عڪسبندي ٿيل آهي، جتي فقط سڃ آهي ۽ بيد ۽ لئي جا وڻ هر طرف ڦهليل آهن. تيز اس ۽ گرميءَ جي شدت سبب زمين به تپي باهه ٿي وئي آهي.
    ان جي ڀيٽ ۾ ورڊس ورٿ وري هڪ جبل جي چوٽيءَ تي موجود ويران ۽ نهايت ئي پراڻي ڪنڊيءَ جي وڻ جي منظرڪشي ڪئي آهي.
    There is a thorn, it looks so old,
    In truth; you’d find it hard to say,
    How it could ever have been young
    It looks so old and grey,
    Not higher than a two-year’s child.
    It stands erect this aged thorn;
    No leaves it has, no thorny points;
    It is a mass of knotted joints,
    A wretched thing forlorn.
    (Lyrical Ballads P. No: 51)
    ترجمو:
    هتي هڪ ڪنڊي آهي، اها گهڻي پراڻي لڳي ٿي
    سچ، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته
    اها ڪڏهن جوان به رهي سگهي هوندي
    اها گهڻي پراڻي ۽ غمگين لڳي ٿي
    ٻن سالن جي ٻار کان گهڻي ڊگهي نه آهي
    سڌي بيٺل آهي، هي پراڻي ڪنڊي
    ان کي نه پن آهن، نه وري ڪنڊا،
    اها ڳنڍيل حصن جو مجموعو آهي
    هڪ بدنصيب لاچار شيءِ.
    هڪ اهڙو ڪنڊيءَ جو وڻ جيڪو ويران ۽ اجڙيل آهي، جنهن ۾ نه ڪو گل آهي ۽ نه ئي وري پن، ان جي منظرڪشي به ورڊس ورٿ ڪيتري نه ڀرپور نموني ڪئي آهي. جو اها پراڻي ڪنڊي پنهنجي پوري بدصورتيءَ سان اکين اڳيان تري اچي ٿي. شاهه ۽ ورڊس ورٿ جا موضوع ڪٿي ڪٿي صرف فڪري حوالي کان هڪجهڙائي رکن ٿا، جنهن جي ڪري سندن اندازِ بيان هڪٻئي کان مختلف ٿي پوي ٿو.
    شاهه فطرت نگاري ذريعي انساني زندگيءَ جي مختلف ۽ اهم پهلوئن کي پڻ واضح ڪيو آهي. فطرت جي عام تخليق جي وهنوار مان انساني زندگيءَ لاءِ رهنمائي ۽ هدايت جا نڪتا نروار ڪيا آهن. جيئن پکين کان محبت ۽ ميٺ جو سبق پرائڻ، ڏينهن ۽ رات جي اچڻ وڃڻ سان وقت جي اهميت جو احساس ڏيارڻ ۽ پاڻيءَ جي ڦوٽي مان انسان جي بي بقا هئڻ جي حقيقت واضح ڪرڻ وغيره.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهنئا ميٺ گهڻو
    ڏهر (5-7)
    پرهه ڦٽي، رات گئي، جهيڻا ٿيا نکٽ،
    هاري! ويئي وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
    (ڏهر 6-12)
    جر تي فوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
    ڏهر (2-17)
    ساڳيءَ ريت ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ به اخلاق، محبت ۽ ميٺ جو درس فطرت جي تخليق پکين ذريعي ڏنل اهي. وٽس پکي ئي پيار جا پيامبر آهن.
    I heard a stock-dove sing or say
    His homely tale, this very day;
    His voice was buried among trees,
    Yet to be come at by the breeze
    He did not cease; but cooed and cooed
    And some what pensively he wooed
    He sang of love, with quite blending,
    Slow to begin and never ending
    Of serious faith, and inward glee
    That was the song-the song for me!
    (Wordsworth and Coleridge, P. No: 86)
    ترجمو:
    مان هڪ ڪبوتر کي ڳائيندي ٻڌو
    هن جي سادي ڪهاڻي، ساڳئي ڏينهن،
    هن جو آواز وڻن جي وچ ۾ دٻيل هو،
    پوءِ به هوا جي ذريعي اچي رهيو هو،
    هن آواز بند نه ڪيو پر ٻوليندو رهيو،
    ۽ ڪجهه غمگين ٿي ڄڻ ڪا گهر ڪئي
    هن پيار جو سانتيڪو گيت ڳايو،
    آهسته شروع ٿيندڙ ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ
    ڳنڀير عقيدي ۽ اندروني خوشيءَ جو
    اهو گيت هو، منهنجي لاءِ!
    وڻن جي جهڳٽن مان هوا ذريعي ڪبوتر جو ڳايل پيار جو گيت ماڻهن لاءِ پيغام آهي. جيڪو روحاني خوشي ۽ سرور ته بخشي ئي ٿو، پر گڏوگڏ سڀني ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي.
    شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي رومانوي حوالي کان فڪري ڀيٽ ڪندي اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته شاهه نهايت ئي مختصر يعني ٻن سٽن جي بيت ۾ جامع طريقي سان فطرت نگاريءَ جي مختلف پهلوئن مان انسان ذات لاءِ سوچ، فڪر ۽ نصيحت جا ڪيترائي نڪتا نروار ڪيا آهن. جڏهن ته ورڊس ورٿ جو فڪر شاهه جيترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي.
    شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي هڪ جهڙائي اها به آهي ته هو ڪتابن جي علم بجاءِ فطرت جي مطالعي تي وڌيڪ زور ڏين ٿا. شاهه هڪ عالم فاضل شخص هو ۽ ڪيترن ئي ظاهري علمن جو ڄاڻو به هو، پر پنهنجي زندگيءَ جي مشاهدي مان ان نتيجي تي پهتو هو ته صحيح ۽ سچو علم ۽ ڄاڻ ڪائنات جي مشاهدي ماڻڻ سان حاصل ٿئي ٿي نڪي ڪتابن منجهان.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائن وترا.
    يمن ڪلياڻ (5-27)
    ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃايين مس،
    ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا،
    يمن ڪلياڻ (5-32)
    اهڙي ئي فڪر جو پرچار ورڊس ورٿ وٽ به ملي ٿو، جنهن ۾ هو ڪتابن جي علم بجاءِ فطرت کي انسان لاءِ بهترين استاد طور ترجيح ڏيئي ٿو.
    Up! Up! My friend, and quit your books,
    Or surely you’ll grow double,
    Up! Up! My friend, and clear looks,
    Why all this toil and trouble?

    Books ‘tis a dull and endless strife
    Come, hear the woodland linnet,
    How sweet his music! On my life,
    There’s more of wisdom in it.

    And hark! How blithe the throstle sings!
    He, to is no mean preacher?
    Come forth into the light of things,
    Let nature be your teacher.
    (Lyrical Ballads, P. No: 78)
    ترجمو:
    اٿ! اٿ! منهنجا دوست ۽ ڇڏ پنهنجا ڪتاب،
    يقيناً تنهنجي ڄاڻ ٻيڻي ٿيندي
    اٿ! اٿ! منهنجا دوست ۽ واضح ڪر پنهنجي ڳالهه
    هي سڀ پريشاني ۽ بحث ڇو؟
    ڪتاب! اهو آهي سست ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ بحث
    اچ، ٻڌ جهنگلي ڍولير کي
    ڪيتري مٺي آهي هن جي موسيقي! منهنجي زندگيءَ لاءِ
    ان ۾ وڌيڪ ڏاهپ آهي

    ۽ ٻڌ ٻوليندڙ پکي ڪيترو نه موج مان ڳائي ٿو
    هي پڻ معمولي تبليغ ڪندڙ نه آهي
    شين جي حقيقت ڏانهن اچ
    فطرت کي پنهنجو استاد ٿيڻ ڏي

    فطرت جي هڪ مالا مال دنيا آهي
    اسان جي دماغ ۽ دلين کي بخشڻ لاءِ
    صحت سان ڀرپور اڀاريل ڏاهپ
    ۽ خوشيءِ ذريعي اڀاريل سچ
    ورڊس ورٿ جي نظر ۾ ڪتاب جو بحث اجايو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ماڻهو صرف مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪي ڳالهيون فطرت جي مظهرن ذريعي واضح طور سمجهي سگهجن ٿيون تن کي ڪتاب هرگز بيان نٿا ڪري سگهن. ان ڪري هو فطرت جي مطالعي ۽ مشاهدي جي دعوت ڏيئي ٿو.
    2- شاهه ۽ ورڊس ورٿ هيٺئين طبقي جي عام ڪردارن، سندن مسئلن ۽ احساسن ۽ جذبن جي بيان ۾ به هڪ ٻئي کي گهڻا ويجها آهن. شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو سڄو ڪلام پيڙهيل طبقي جي عام ڪردارن ۽ سندن زندگيءَ جي المين جي عڪاسي ڪري ٿو. ورسايل طبقي جي ڪن ڪردارن کي صرف شاهه ئي بيان ڪيو آهي پر انهيءَ جو مقصد به سندن شان و شوڪت واري زندگيءَ کي بيان ڪرڻ هرگز نه آهي. شاهه اهڙن ڪردارن جي زندگي جي ڪنهن هڪ مخصوص پهلوءَ جي عڪاسي ڪري ٻين لاءِ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو مثال قائم ڪيو آهي. جيئن ڄام تماچيءَ جو ڪردار رعيت لاءِ هڪ بهترين بادشاهه طور پيش ڪيو اٿس، ليلا جي ڪردار کي لالچ سبب ننديو اٿس ۽ راءِ ڏياچ کي سخاوت جي اعليٰ مثال طو رپيش ڪيو اٿس.
    شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هيٺئين طبقي جي سڀ کان اهم مسئلي غربت جي عڪاسي ڪيترن ئي سرن ۾ ڪئي آهي. جيئن سر مارئي، سر سامونڊي، سر ڪاموڏ ۽ سر سارنگ وغيره. شاهه انهن ڪردارن جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جاگرافيائي حالتن کي به تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
    ڀٽائي مارئيءَ ۽ سندس ماروئڙن جي غريباڻي حالت بيان ڪندي چوي ٿو:
    ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن
    گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن
    ويڙهيا گهمن وليين، جهانگي منجهه جهنگن،
    مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيڄ ۾.
    مارئي (3-15)
    جڏهن ته سر ڪاموڏ ۾ چوي ٿو،
    گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    انين جي اوطاق، راڄا ريجهي آئيو.
    ڪاموڏ (1-13)
    يعني هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي نهايت ئي سادي شان و شوڪت ۽ آسائشن کان سئو ڪوهه پري آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت ۽ ٺاهه ٺوهه نظر نه ٿي اچي. فطرت ئي سندن اوڇڻ آهي.
    ورڊس ورٿ وٽ به اهڙا ڪيترائي ڪردار ملن ٿا، جن ۾ Goody Blake ۽ Harry Gill به شامل آهن. شاهه وانگر ورڊس ورٿ به انهن ڪردارن جي سماجي، معاشي توڙي جاگرافيائي حالتن جو اڀياس پيش ڪيو آهي. ورڊس ورٿ Goody Blake جي سماجي ۽ معاشي حالت جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:
    Auld Goody Blake was old and poor,
    I’ll fed she was, and thinly clad,
    And any man who passed her door
    Might see how poor a hut she had,
    (Lyricall Ballads P. No: 34)
    ترجمو:
    گڊي بليڪ پوڙهي ۽ غريب هئي،
    گهٽ کاڌل ۽ سنهڙن ڪپڙن ۾ هئي،
    ڪو به ماڻهو جيڪو هن جي در وٽان گذريو
    ڏسي ٿي سگهيو هن جي جهوپڙي ڪيتري غريباڻي هئي.
    غربت جي ور چڙهيل اهڙو ئي هڪ ٻيو ڪردار “Beggars” نظم جي هڪ غريب فقيرياڻيءَ جو آهي، جنهن بابت چوي ٿو:
    Before me begging did she stand,
    Pouring out sorrows like a sea;
    Grief after grief, on English land
    Such woes I knew could never be,
    (William Wordsworth, P. No: 243)
    ترجمو:
    منهنجي اڳيان هوءَ پني رهي هئي،
    سمنڊ جيان ڏکن کي اوتي رهي هئي،
    انگريزي زمين تي، ڏُکن پٺيان ڏک
    اهڙيون تڪليفون مان ڪڏهن نٿو ڄاڻي سگهان.
    ٻنهي ڪردارن جي جائزي وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته سندن زندگي ڪيتري نه ڏکي آهي. جن وٽ کائڻ لاءِ نه مناسب خوراڪ آهي نه جسم ڍڪڻ لاءِ مناسب اوڇڻ نه ئي وري رهڻ لاءِ ڪا موزون جڳهه. انهن لاءِ زندگي واقعي ڪنهن عذاب کان هرگز گهٽ نٿي ٿي سگهي. اهي اُهي ڪردار آهن، جيڪي زندگيءَ جي هر پل جي عذاب کي ڀوڳين ٿا. ڀٽائي هيٺئين طبقي جي معاشي پهلو کي ڪجهه هن ريت سمجهائي ٿو:
    آڻين ڪي چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سڪائين،
    منجهان لنب لطيف چئي، چانئر ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.
    مارئي (7-4)
    ڏڙهه ريا ريج ٿئا، ڪي اوهيرن اوت،
    ميها، چڀڙ، ڦنگهيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،
    ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، جت مينهون چرن موڪ،
    سرهيون سنگهاريون ٿيون، جي توسيون پائين طوق،
    لاهي مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
    سارنگ (2-20)
    جيئن ته سنڌ ۾ برسات جي پاڻيءَ يا وري دريائن جي پاڻيءَ تي ماڻهن جو گذر سفر ٿئي ٿو. تنهن ڪري ماڻهن جي خوراڪ، ڏٿ، سائون، لنب، ميها، چڀڙ ۽ ڦنگهيون يعني برسات بعد پاڻمرادو پيدا ٿيندڙ جنسن تي آهي. جيڪڏهن برسات ٿئي ته واهه نه ته اهي ويچارا غريب ماڻهو ڏڪار سبب ٻه ٻه ويلا به بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. غرض سندن جذبا ۽ احساس به معاشي حالتن تي دارومدار رکن ٿا. جيڪڏهن حالتون مناسب ۽ سازگار هونديون اٿن ته خوش هوندا آهن.
    ورڊس ورٿ جا ڪردار به اهڙي ئي معاشي الميي جو شڪار آهن. هو ڏينهن رات سخت محنت مزدوري ڪن ٿا، پر ان جي باوجود زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. کين پنهنجو پاڻ بچائڻ ۽ جيئري رهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.
    ورڊس ورٿ Goody Blake نظم ۾ لکي ٿو:
    All day she spun in her poor dwelling
    And then her three hour’s work at night
    Alast! ’t was hardly worth the telling,
    It would not pay for candle-light.
    (Lyrical Ballads, P. No: 34)
    ترجمو:
    سڄو ڏينهن هن پنهنجي غريب رهائش ۾ ڪتيو،
    ۽ وري رات جو ٽن ڪلاڪن جو ڪم!
    افسوس! اها تلخ حقيقت ٻڌائيندي ٿيو،
    ان مان ميڻ بتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به نه ٿي سگهيا.
    شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ وٽ پنهنجن پنهنجن خطن جي جاگرافيائي حالتن جو بيان به فڪري لحاظ کان هڪجهڙائي رکي ٿو. ٻنهي خطن جون جاگرافيائي حالتون هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي تي اڻ سڌي طرح اثر انداز ٿين ٿيون.
    شاهه موسمي حالتن بابت چوي ٿو:
    مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
    کڙِيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن،
    اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏائين لکيا.
    مارئي (7- 8)
    سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان سج،
    منهن چڙهئو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
    هينئڙا کپ م کج، سگها ملندءِ سپرين.
    سارنگ (4-10)
    سنڌ جي خطي ۾ هر قسم جي مند رهي ٿي. ڪڏهن سج پنهنجي پوري آب و تاب سان چمڪندو نظر اچي ٿو، جنهن سبب گرمي تمام گهڻي ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري جهڙيالي مند ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي ۽ مينهن به جام وسن ٿا. مطلب ته جاگرافيائي حالتون ماڻهن جي معاشي زندگيءَ کي طئي ڪن ٿيون.
    ورڊس ورٿ وٽ به موسمي حالتن جو بيان ملي ٿو:

    This woman dwelt in Dorset shire
    Her hut was on a cold hill-side
    And in that country coals are dear
    For they come for by wind and tide.
    (Lyrical Ballads, P. No: 34)
    ترجمو:
    هي عورت ڊارسيٽ شرائن ۾ رهندي هئي
    هن جي جهوپڙي ٿڌي چوٽيءَ جي پاسي تي هئي
    ان ملڪ ۾ ڪوئلو مهانگو آهي
    ڇو ته اهو هوا ۽ حالتن تي انحصار رکي ٿو
    وري چوي ٿو:
    Oh! What’s the matter? What’s the matter?
    What is’t that ails young Harry Gill?
    That evermore his teeth they chatter,
    Chatter, chatter, chatter still.
    Of waistcots Harry has no lack,
    Good duffle grey, and flannel fine;
    He has a blanket on his back,
    And coats enough to smother nine.
    (Lyrical Ballads P. No: 34)
    ترجمو:
    اوهه! ڇا مسئلو آهي؟ ڇا مسئلو آهي؟
    ڇا آهي جيڪو نوجوان هيري گل کي تڪليف پهچائي ٿو؟
    جو هميشه هن جا ڏند وڄن ٿا،
    وڄن ٿا، وڄن ٿا، اڃا به وڄن ٿا.
    هيري وٽ ڪوٽن جي گھٽتائي نه آهي،
    سٺو سرمئي واسڪوٽ ۽ بهترين اوني ڪپڙو،
    هن جي پٺن تي هڪ ڪمبل آهي،
    جيڪو نون ڄڻن کي ڍڪڻ لاءِ ڪافي آهي.
    جاگرافيائي حالتن جي موزون نه هئڻ سبب خاص طور سان هيٺئين طبقي جو فرد پيڙا ۽ ڀوڳنا واري زندگي گذاري ٿو. يورپ جي هن خطي ۾ سخت سردي پوي ٿي ۽ ڪوئلو تمام گهڻو مهانگو ملي ٿو. جنهن ڪري معاشي طور غير مستحڪم ماڻهو جاگرافيائي حالتن سبب سخت متاثر ٿئي ٿو.
    3- شاهه لطيف ۽ ورڊس ورٿ موسيقي جي موضوع ۽ اهميت تي به لکيو آهي. هن موضوع جي فڪر ۾ به ٻنهي وٽ ڪجهه ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون.
    شاهه جيئن ته پاڻ به هڪ وڏو موسيقار هو ۽ موسيقيءَ جي اوزار تنبوري جو موجد پڻ. ان ڪري کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. شاهه جي نظر ۾ موسيقي جي تمام گهڻي اهميت آهي.
    شاهه فن ۽ فنڪار جي رشتي، موسيقي ۽ موسيقارجي اهميت کي رسالي جي ٻن سرن، سر پرڀاتي ۽ خاص ڪري سر سورٺ ۾ تفصيل سان بحث هيٺ آندو آهي.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    تان نه آهي تند جو، رون روزن ڪري راز،
    هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز....
    سورٺ (4-4)
    ڀٽائي جي نظر ۾ فن، فنڪار ۽ ساز انهن ٽنهي جو هڪ ٻئي کان ڌار تصور ڪري ئي نٿو سگهجي. سندس چوڻ آهي ته فنڪار آهي ته فن آهي، فن آهي ته ساز آهي ۽ ساز آهي ته آواز آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪا به هڪ شيءِ ڪڍي ڇڏجي ته ٻئي جو وجود ڪا به حيثيت نه ٿو رکي.
    ڀٽائي فن جي تخليقڪار (موسيقار) کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. وٽس تخليق نهايت ئي سگهارو ۽ اثر ڪندڙ عمل آهي، جنهن ذريعي هر قوت کي مات ڪري سگهجي ٿو.
    جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
    تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
    شهر سڄو ئي سُر سين، تندن تپايو،
    دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
    چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.
    سورٺ (2-1)
    اهو ئي سبب هو جو راءِ ڏياچ جهڙو طاقتور بادشاهه به موسيقيءَ جي لئي تي جهومي موسيقار جي سگهه اڳيان گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ آخرڪار پنهنجو سر به قربان ڪيائين.
    مٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،
    ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
    ته پڻ تند تنوار، مونهان مٿانهون مڱڻا.
    سورٺ (3-14)
    ورڊس ورٿ به موسيقيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏيئي ٿو. سندس نظم “Power of Music” ۾ به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو وڏي ميڙ جي شڪل ۾ ماڻهن کي موسيقي ٻڌائي ٿو. سندس موسيقي ۾ اهڙو ته ڪمال جو جادو آهي جو بکايل بک نٿو ساري، پريشان ۽ بيچين ماڻهن کي هڪدم آرام اچيو وڃي. آسپاس موجود مزدور پنهنجو ڪم ڇڏي سندس موسيقيءَ جي سرن ۾ محو ٿي وڃن ٿا. ورڊس ورٿ چوي ٿو جيڪڏهن ڪو چوريءَ جي نيت سان ميڙ ۾ شامل ٿي وڃي ته يقيناً موسيقي جي بيبها ۽ انمول سرن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ کانئس چوري وسري ويندي.
    His station is there, and he works on the crowd,
    He sways them with harmony merry and loud,
    He fills with his power all their hearts to the brain
    Was taught ever heard like his fiddle and him!

    What an eager assembly! What an empire is this!
    The weary have life and the hungry have bliss,
    The mourner is cheered, and the aurous have rest;
    And the guilt- burthened soil is no longer opprest.

    The porter sits down on the weight which he bore,
    The lass with her barrow wheels hither her store,
    If a thief could be here he might pilfer at ease.
    (William Wordsworth, P. No: 324)
    ترجمو:
    هن جي جڳهه هُتي آهي، هو ميڙ ۾ ڪم ڪري ٿو
    هو وڏي آواز ۽ خوشي واري موسيقي سان انهن کي جهومائي ٿو،
    هو پنهنجي طاقت سان انهن جي دلين کي خوشي سان ڀري ڇڏي ٿو
    شايد ئي اهڙو سرندو ڪڏهن ٻڌو ويو هجي!
    ڇا ته سرگرم ميڙ آهي! ڇا سلطنت آهي هي!
    ٿڪل ماڻهن لاءِ زندگي ۽ بکايلن لاءِ فرحت
    ماتم ڪندڙ لاءِ خوشي آهي ۽ بي چين لاءِ آرام،
    ۽ ڏوهاري روح وڌيڪ ڏکايل نٿو رهي.
    ڪنڀر کنيل ٿانون سيمت هيٺ ويهي رهي ٿو،
    حسينه پنهنجي گاڏي ۽ شين سميت اتي بيهي ٿي،
    جيڪڏهن هتي هڪ چور هجي ته آسانيءَ سان چوري وساري سگهي ٿو....
    شاهه توڙي ورڊس ورٿ هن موضوع کي بيان ڪيو آهي ، پر ٻنهي جي بيان ۾ جيڪو فرق آهي اُهو اِهو آهي ته ورڊس ورٿ صرف موسيقي جي اثر ۽ اهميت کي بيان ڪيو آهي. جڏهن ته شاهه فن ۽ فنڪار جو ڳانڍاپو ۽ موسيقار جي اهميت ۽ موسيقيءَ جي تاثير کي پڻ واضح ڪيو آهي.
    4- ڀٽائيءَ جا سامونڊين، ٻيڙياتن ۽ ملاحن جي زندگيءَ تي خاص طرح سان چار مڪمل سر چيل آهن. جن ۾ هن سمنڊ جي مسافري ۽ ان جا خطرا، ملاحن جي مڇي مارڻ ۽ وڻجارن جي واپار جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ساڳئي ريت ورڊس ورٿ وٽ به هڪ ملاح ۽ سامونڊي جو ذڪر ملي ٿو. پر ٻنهي ۾ فڪري فرق اهو آهي ته ورڊس ورٿ انهيءَ مهاڻي جي موت تي سندس ماءُ جي الميي جو ذڪر ڪيو آهي. ۽ شاهه وڻجارن جي ونين جي آهه و زاري انتظاري، بيقراري، سڪ ۽ سوز، پيار ۽ محبت جي لطيف جذبن جو احوال بيان ڪيو آهي.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    لڙ، لهريون، لس، ليٽ جتي انت نه آب جو،
    الله! ات م اوليين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکو ٿئي م جهاز کي، ڦرهي اچي م ڦيٽ،
    لڳي ڪام لپيٽ، من غاريبي غوراب کي.
    سريراڳ (1-11)
    وڻجارن جي واپار بابت چوي ٿو:
    سڙهه سنوان، لاڄو نوان، اولا سندن عاج،
    ساٿي سفر هليا، ڀري جنگ جهاج،
    حاصل ڪريين حاج، واحد! وڻجارن جي.
    سريراڳ (1-12)
    ان سان گڏوگڏ خاص طرح سان شاهه زال ذات جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي جيئن وڻجارن جو وهن جو احوال، سندن من جو مونجهارو، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ الله اڳيان التجائن جي نهايت ئي دل سوز انداز ۾ عڪاسي ڪئي آهي. خاص طرح سان سر سامونڊيءَ ۾.
    سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
    رئان، رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن!
    مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
    سامونڊي (1-8)
    يا وري چوي ٿو:
    مون کي جياريو، پرينءَ جي ڳالهه ڪري،
    ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن
    سامونڊي (1-33)
    ورڊس ورٿ جو نظم “The Sailor’s Mother” ۾ وري هڪ ماءُ جو ڪردار آهي، جنهن جي نوجوان پٽ جي ڪرت به سمنڊ جو سفر ۽ مڇي مارڻ آهي. اهڙي ئي هڪڙي سامونڊي سفر ۾ سندس موت ٿي وڃي ٿو.
    ورڊس ورٿ هن نظم ۾ مهاڻي ماءُ جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي. پٽ جي آخري نشاني صرف هڪ پاليل پکي وٽس رهجي وڃي ٿو، جيڪو هر سفر ۾ هو گڏ کڻندو هو. پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هوءَ ان پکيءَ جي سار سنڀال ۾ ئي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ڪري ٿي.
    ورڊس ورٿ چوي ٿو:
    And, thus continuing, she said,
    I had a son, who many a day
    Sailed on the seas; but he is dead
    In denmark he was cast away;
    And I have been as far as Hull, to see
    What clothes he might have left, or other property

    The bird and cage they both were his
    ‘t was my son’s bird; and neat and trim
    He kept it: many voyages
    This singing-bird hath gone with him;
    When last he sailed he left the bird behind;
    As it might be, perhaps, from bodings of his mind.

    He to a fellow – lodger’s care
    Had left it, to be watched and fed
    Till eh came back again; and there
    I found it when my son was dead;
    And now, God help me for my little wit
    I trail it with me, sir! He took so much delight in it.
    (William Wordsworth, P. No: 240)
    ترجمو:
    هوءَ مسلسل چوندي رهي
    مون کي هڪ پٽ هو، جيڪو گهڻا ڏينهن
    سمنڊ جي مسافري ڪندو رهيو، پر هو مري چڪو آهي
    هو ڊينمارڪ ڏانهن اماڻيو ويو هو
    ۽ جهاز جي ڍانچي تائين وڃي جاچيو ته متان
    سندس ڪي ڪپڙا ۽ سامان ڏسي سگهان

    هن جو پکي ۽ پڃرو ٻئي هئا
    اهو منهنجي پٽ جو پکي هو، صاف ۽ ٺاهوڪو
    هو ان کي ڪيترين ئي مسافرين ۾ کڻندو هو
    هي ڳائيندڙ پکي هن سان ويندو هو
    پر هن آخري سفر ۾ هو کيس ڇڏي ويو هو.
    اها شايد، هن جي دماغ جي اڳڪٿي هجي

    گڏ رهندڙ هڪ ساٿي جي سنڀال هيٺ
    هن کيس تيستائين ڇڏيو هو
    جيستائين ٻيهر واپس اچي، ۽ اتي
    اهو مون کي پٽ جي موت کانپوءِ مليو
    ۽ هاڻي، خدا مون کي توفيق ڏي جو آءٌ اهو ڪجهه ڪريان
    جنهن سان هن کي وڏي خوشي ملندي
    هتي پڻ شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي اندازِ بيان ۾ ٿورو فرق ملي ٿو. شاهه وڻجارن جي ونين جي آهه و زاري ۽ انتظاري و بيقراري جي ڪيفيتن کي موضوع بڻايو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ وري هڪ ماءُ جي محبت جي روپ ۾ انهن جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي.
    5- شاهه ۽ ورڊس ورٿ وٽ ڪجهه اهڙا عورتاڻا ڪردار به ملن ٿا، جيڪي بغاوت جا علمبردار به آهن. پر سندن شخصيت جو اهم رومانوي پهلو اهو آهي ته هو سماجي قدرن کان بغاوت ڪندي به هڪ الڳ ۽ منفرد چونڊ رستو اختيار ڪن ٿا. جنهن ۾ هر قدم تي صرف تڪليفون ۽ پيڙائون آهن. هو انهن تڪليفن ۽ پيڙائن کان گهٻرائين نه ٿيون ۽ اها چونڊ ئي سندن زندگيءَ ۾ الميو پيدا ڪري ٿي.
    شاهه وٽ اهڙن ڪردارن ۾ سسئيءَ ۽ سهڻيءَ جو ڪردار ڳڻائي سگهجي ٿو. سسئيءَ جا ڏير جڏهن پنهونءَ کي زوري کڻي وڃن ٿا. تڏهن سسئي به ڀنڀور ۾ ويهي رهڻ جي بجاءِ پنهونءَ جي پٺيان ڪيچ وڃڻ جو ارادو ڪري ٿي ۽ پاڻ کي سورن ۾ وجهي ٿي. هوءَ سورن کي ساٿي بڻائي ٿي. اتان ئي سندس زندگي جي الميي جي ابتدا ٿئي ٿي. کيس ڪيترن ئي قسمن جي مصيبتن ۽ پيڙائن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوي ٿو.

    پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري
    ٻانڀڻ ٻروچن جي، گهائي وڌي گهور
    هڪ سسئي ٻئا سور، وئا پٽيندا پاڻ ۾.
    حسيني (10-9)
    پر انهيءَ پوري صورتحال جي باوجود هو صبر توڙي مستقل مزاجيءَ سان جدوجهد جاري رکي ٿي. سندس عزم نهايت پختو آهي ۽ ڪٿي به انهن سورن کان ڇوٽڪارو نٿي چاهي.
    سور ۾ وڃيجا، سڄڻ جيئن سانگ ويو،
    پرينءَ پڄاڻا، آئون اوهين سين اوريان.
    سر حسيني (5-6)
    ٻئي طرف سهڻيءَ جي جڏهن شادي زبردستي ڏم سان ڪرائي وڃي ٿي تڏهن هوءَ به سماجي روايتن جي ڪا پاسداري نٿي رکي ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ گهڙي تي درياهه پار ڪري پنهنجي محبوب سان ملڻ وڃي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٿي.
    سياري سهه رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن،
    هلو ته پڇون سو هڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
    جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
    سهڻي (3-16)
    بنيادي طرح سان هي ٻئي ڪردار پنهنجي منزل جي حاصلات لاءِ ڪوششن، مسلسل جدوجهد ڪندي پيڙا ڀوڳين ٿا. اها ئي سندن زندگيءَ ۾ رومانس پيدا ڪري ٿي، جنهن سبب زندگيءَ سان سندن رومانوي رشتو جڙيل رهي ٿو.
    ورڊس ورٿ وٽ درد جي ساڳي ڪيفيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ وٽس به اهڙو ئي ڪردار نظم The Thorn ۾ مارٿاري “Martha Ray” نالي عورت جو آهي ، جنهن جي ڪهاڻيءَ کي اڳ ۾ ئي تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي. مارٿاري جي ڪردار کي سسئيءَ ۽ سهڻيءَ جي ڪردار سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    سندس زندگيءَ جو الميو محبوب جي بي وفائي ۽ پوءِ وري پنهنجي ٻار جي موت سان شروع ٿئي ٿو.
    ‘Tis now some two and a twenty years,
    Since she (her name is Martha Ray)…
    Her company to Stephen Hill!...
    And they had fix’d the wedding-day;
    The morning that must wed them both;
    But Stephen to another maid
    Had sworn another oath;
    And with this other maid to church
    Unthinking Stephen went…
    (Lyrical Ballads, P. No: 54)
    ترجمو:
    اڄ کان ٻاويهه سال اڳ
    هوءَ (سندس نالو مارٿا ري آهي)
    هن جي سنگت هئي اسٽيفن هل سان
    ۽ انهن شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ورتو
    جنهن صبح کين شادي ڪرڻي هئي
    پر اسٽيفن ڪنهن ٻي عورت سان
    گرجا ۾ وڃي عهد ڪيو
    ۽ پوءِ هن ٻي عورت سان بي مروت
    اسٽيفن هليو ويو....
    اتان کان ئي هوءَ سماجي روايتن کان بغاوت ڪري ٿي ۽ درد کي پنهنجو ساٿي ۽ سونهون بڻائي ٿي. جڏهن ته سندس زندگيءَ جي چونڊ پنهنجي ٻار جي قبر بڻجي وڃي ٿي. جيڪا هڪ ٽڪريءَ تي ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺيان آهي. هوءَ هر وقت ڪنهن به حالت ۾ جبل جي ان چوٽيءَ تي اڪثر ويندي نظر اچي ٿي.
    At all the times of the day and night
    This wretched woman thither goes,
    And she is known to every star,
    And every wind that blows;
    And there beside the thorn she sits
    When the blue-day lights in the skies,
    And when the whirl winds on the hill,
    Or frosty air is keen and still,
    And to herself she cries
    “Oh misery! Oh misery!”
    Oh woes is me! Oh misery!”
    (Lyrical Ballads, P. No: 53)
    ترجمو:
    ڏينهن رات جي هر پل هر مهل
    هيءَ غمگين عورت اوڏانهن وڃي ٿي
    ۽ هر ستارو توڙ ي لڳندڙ هوا!
    جڏهن نيري آسمان ۾ ڏينهن چمڪي ٿو
    ۽ ٽڪريءَ تي واچوڙو لهي ٿو
    يا جڏهن ٿڌي هوا خاموش هجي ٿي
    تڏهن هوءَ اندر ئي اندر سڏڪي ٿي
    ”اي درد، اي درد!
    مان پاڻ سراپا سور ٿي وئي آهيان“
    هوءَ رڙي ٿي
    هر روز پنهنجي ٻار جي قبر تائين پهچڻ لاءِ مسلسل تڪليف ۽ پيڙا سندس زندگيءَ ۾ رومانس جو عنصر پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري زندگيءَ سان سندس رومانوي رشتو جڙيل رهي ٿو. هتي مارٿا ري جو اهو سراپا سور بڻجڻ بلڪل ائين آهي جيئن ”سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“ وارو تصور!
    جيتوڻيڪ شاهه لطيف توڙي ورڊس ورٿ جي ڪردارن جي چونڊ ۽ طئي ٿيل منزل/مقصد هڪ ٻئي کان مختلف آهن، پر ان سان لاڳاپيل درد ۽ پيڙا جو جيڪو بيان ملي ٿو اهو ٻنهي وٽ ساڳيو ئي آهي.


    نتيجا

    هن ٿيسز ۾ جيڪي ڳالهيون تحقيق دوران سامهون آيون اهي هن ريت آهن:
    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جڏهن رومانوي فڪر جو جائزو ورتو ويو ته اها ڳالهه واضح ٿي ته شاهه لطيف جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان ڪو واسطو نه آهي. هن پنهنجي فطرت ۽ مزاج مطابق ان لاڙي کي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو. ٻي ڳالهه ته شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جو هر پهلو جهڙوڪ فطرت نگاري، رومانس، عوامي ٻولي سڀ پنهنجي فڪري ۽ فطري جوهر ۾ اوج تي ملن ٿا. شاهه جي رومانوي شاعريءَ جي خاصيت به اها آهي ته هو هڪ ئي فڪر منجهان مختلف نڪتا نروار ڪري ٿو. جيئن سندس فطري شاعري. وٽس فطري شاعريءَ جو مقصد صرف فطري نظارن کي بيان ڪرڻ ناهي، پر هو فطرت منجهان انسان کي محبت، ميٺ، امن، فاني هجڻ جي حقيقت ۽ وقت جي اهميت جو به احساس ڏياري ٿو. ساڳيءَ ريت جڏهن رومان جو پهلو کڻي ٿو ته محبوب جي سونهن، ناز انداز جي تشبيهه آفاقي توڙِ زميني علامتن سان ڪندي اهڙا منفرد خيال پيش ڪري ٿو، جيڪي ٻين رومانوي شاعرن وٽ هرگز نٿا ملن. جيئن چنڊ کي پاراتو ڏيڻ، ڪانگ کي پرين ڏي نياپي نيئڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪرڻ، محبوب جي سونهن اڳيان چوراسي چنڊن جي روشني جي به ڪا اهميت نه هئڻ، ڏونگر سان ڏک اورڻ وغيره. شاهه جو رومانوي فڪر هر طرح سان انفراديت جو حامل آهي. انهن نڪتن جي بنياد تي شاهه کي سنڌي ادب جي رومانوي فڪر جو مهندار چئي سگهجي ٿو. جڏهن اسان يورپ جي رومانوي تحريڪ جي باني وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جو جائزو ورتو ته خبر پئي ته ورڊس ورٿ جو رومانوي فڪر ايترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي جيترو شاهه جو. هو جڏهن فطرت جي منظر نگاري ڪري ٿو ته وٽس فطري منظر نگاري کان سواءِ ڪجهه ٻيا پهلو ته جا بجا ملن ٿا، پر رومانس جي فڪر جي عڪاسي لاءِ هو شاهه وانگر ڪنهن به لوڪ داستان جو سهارو نٿو وٺي بلڪ هو رومانس جو پهلو به عام ڪردارن جي روزمره جي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي منجهان اڀاري ٿو.
    جڏهن وري شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي ٻولي ۽ لهجي جو ذڪر اچي ٿو ته شاهه هيٺئين طبقي جي تقريباً هر ڪردار جيئن لوهر، ڪنڀر، واڍو، چرخو ڪتيندڙ، سامونڊين، ٻيڙياتن وغيره جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳئي ريت ورڊس ورٿ به پنهنجي معاشري جي عام ماڻهوءَ جيئن ريڍار، جابلو ڇوڪري، هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪا معصوم ٻارڙي، پوڙهي غريب عورت، فقيرن، اسڪول جي استاد وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.
    تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جي شاعر شاهه لطيف ۽ انگريزي ادب جي شاعر وليم ورڊس ورٿ جي رومانوي شاعريءَ جي تقابلي جائزي ۾ ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون.
    ڪيترن ئي جڳهين تي سندن موضوع هڪجهڙائي رکن ٿا. جڏهن ته ڪجهه جاين تي وري سندن فڪر هڪجهڙائي رکي ٿو.
    فطرت نگاري جي عڪاسي ڪندي وقت ٻنهي وٽ جيڪو نڪتو هڪجهڙائي رکي ٿو، اُهو اِهو آهي ته ٻنهي فطرت جي حسين توڙي بيڍنگين شين کي موضوع بڻايو آهي. فطري علامتن منجهان ئي ٻنهي انسانذات کي پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي. فطرت کي ئي هو انسان لاءِ استاد جو درجو ڏين ٿا. ٻنهي جو خيال آهي ته ڪتابن جي بجاءِ فطرت جو مشاهدو انسان کي وڌيڪ سيکاري ٿو.
    هيٺئين طبقي جي عام ڪردارن، سندن مسئلن، احساسن ۽ جذبن جي بيان ۾ به ٻئي هڪ ٻئي کي گهڻا ويجها آهن. شاهه توڙي ورڊس ورٿ هيٺئين طبقي جي معاشي، سماجي توڙي جاگرافيائي حالتن جي عڪاسي پنهنجي پنهنجي خطي جي لحاظ سان ڪئي آهي، پر ان جي باوجود ڪردار غربت سبب جن اذيتن کي ڀوڳين ٿا اهي مختلف هرگز نه آهن.
    ان کان سواءِ ٻين موضوعن ۾ موسيقي جي اهميت جو بيان به هڪجهڙائي رکي ٿو، پر جيڪو ٿورو بنيادي فرق آهي اُهو اِهو آهي ته شاهه باقاعده فن، فنڪار، موسيقي جي اهميت جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ فقط موسيقي جي اهميت جي ڳالهه ڪري ٿو.
    تنهن کانپوءِ ٻنهي وٽ سامونڊين ۽ مهاڻن جو ذڪر به ملي ٿو. پر شاهه سمنڊ سان گڏوگڏ سامونڊين جي ونين جي آهه و زاري کي به موضوع بڻايو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ انهيءَ موضوع جي بيان ۾ هڪ ماءُ جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي.
    غرض ٻنهي جي شاعريءَ ۾ رومانوي حوالي کان ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن.جيڪي رومانوي فڪر جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.


    حوالا

    1. عباسي تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2000ع، ص 121
    2. Qazi Allama I. I., Casual Peeps at Sophia, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1977, P. No: 97
    3. غلام حسين جلباڻي پروفيسر، شاهه جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ماخذ، ڪراچي، 1981ع، ص 8
    4. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ، 1992ع، ص 21
    5. فهميده حسين، ڊاڪٽر، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1993ع، ص 369
    6. عباسي، تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، ص 123
    7. وفائي دين محمد، شاهه جي رسالي جو مطالعو، ڪراچي، 1962ع، ص 4
    8. سارلي-ايڇ. ٽي.، ڀٽ جو شاهه، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع، ص 301
    9. Qazi Allama I. I., Casual Peeps at Sophia, P. No: 85
    10. Good Man, WR, The Prelude, Revised Edition, Economic Front Publications, Lahore, P. No: 61
    11. Ibid, P. No: 58
    12. Ibid, P. No: 62
    13. Ibid, P. No: 75
    14. سنڌيڪار عباسي تنوير ۽ ”اختر“ مراد علي، سريلن گيتن جو مهاڳ، مهراڻ 2/3، 1959ع، ص 274
    15. Wordsworth William, coleridge, Samuel taylor, lyrical ballads, Bristol, 1798. P# 6.
    16. Ibid, P. # 3


    ببليوگرافي

    شاهه جا رسالا:
    1. شيخ ٻانهو خان، شاهه جو رسالو، (جلد پهريون) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2001ع.
    2. شيخ ٻانهو خان، شاهه جو رسالو، (جلد ٻيو) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2001ع
    3. شيخ ٻانهو خان، شاهه جو رسالو، (جلد ٽئون) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2001ع
    4. شاهواڻي غلام محمد، شاهه جو رسالو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2004ع
    5. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1992ع

    سنڌي ڪتاب:
    6. عباسي تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع
    7. غفور ميمڻ، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع.
    8. فهميده حسين، ڊاڪٽر، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ، 1993ع.
    9. گربخشاڻي، مقدمه لطيفي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو (ڇاپو چوٿون)، 1993ع
    10. مرزا قليچ بيگ، شمس العلماء، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز (ڇاپو چوٿون)، 1972ع
    11. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چونڊ مضمون، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، 1997ع
    12. پروفيسر قلباڻي عبدالعلي، نقش لطيف، محڪمهءِ اطلاعات حيدرآباد، 1970.
    13. هيرو ٺڪر، قاضي قادن جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996، ص 87
    14. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992، ص. 47.
    15. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شاهه ڪريم جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1995، ص 188
    16. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1992ع، ص 125
    17. شيخ اياز، ٽماهي مهراڻ 2/1 1962، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
    18. بخاري استاد، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، ص 19
    19. عباسي تنوير، رڳون ٿيون رباب، سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد سنڌ، 1958، ص 33
    20. سنڌي رسالا:
    21. ڪلاچي (جرنل) مختلف ڇاپا
    22. مهراڻ (رسالو) مختلف ڇاپا

    اردو ڪتاب:
    23. جعفري شاڪر علي، انگريزي شاعري ڪي ايڪ جهلڪ، محڪمه اطلاعات، حيدرآباد، 1970.
    24. سلطان رانا خضر، انگريزي ادب ڪا تنقيدي جائزه، بڪ ٽاڪ لاهور، 2005ع.
    25. جالبي جميل، ڊاڪٽر، ارسطو سي ايليٽ تڪ، نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي، طبع هفتم، 2003ع
    26. سديد انور ڊاڪٽر، اردو ادب ڪي تحريڪين، انجمن ترقي اردو پاڪستان، اشاعت چهارم، 1999ع

    English Books
    27. Lucas F. L., The Decline and Fall of the Romantic Ideal, Cambridge University Press, 1954
    28. Legouis Emile and Cazamian Louis, A History of English Literature, J. M. Dent and Sons LTD. Bedford Street, London, Book VIII, 1964
    29. Qazi Allama, I. I., Casual Peeps at Sophia, Sindhi Adabi Board, Hyedrabad, 1977
    30. Good Man, W.R, The Prelude, Revised Edition, Economic Front Publication, Lahore.
    31. Gill Stephen, William wordsworth: A life, oxford university press 1984.
    32. Aidam Day, Romanticism, Routledge Taylor & Francis group, 1996.
    33. M. H. Abrams, The mirror & the Lamp, Norton & Company, New York, 1958
    34. William Wordsworth, Samuel Taylor Coleridge, Lyrical Ballads with a few other poems, Bristol, 1798

    Dictionary & Encyclopedia:-

    35. Advanced learners. Oxford Dictionary, 4th Edition, oxford university press, 1996.
    36. The News Encylopedia Britannica, vol,. II, 15th Edition, university of Chicago, 1988.


    بئڪ ٽائيٽل تصوير


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 821
    ڪتابن جو مشاهدو: 1870205
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 508005
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ