ڪتاب جو نالو: درد ڏکايل ديس جا
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 07 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 872 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 233 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ بيت، چئوسٽا ۽ ھائيڪا شامل آھن. زاھد لکي ٿو:
”انسانن جي خوشين جا قاتل ئي اسان جي ديس جا حقيقي دشمن آهن، اِهي سڀ پيڙائون هڪ حساس شاعر ڀوڳي ٿو ۽ پوءِ منهنجا سائين هڪ پاسي ديس جا درد ۽ ٻئي پاسي دلبر جي ديد اهڙين حالتن ۾ وچ تي جڏهن ڪنهن شاعر جي دل تڙپي ٿي ته ”درد ڏکايل ديس جا“ جهڙو شعري مجموعو تخليق ٿئي ٿو جيڪو هينئر اوهان جي هٿن ۾ آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • چئوسٽا

  • ڳوٺ جي ڪهاڻي
  • شهر جي ڪهاڻي
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • بيت

  • 1
  • 2
  • 3
  • هائيڪا

  • هائيڪا
  • شهيد ڀَڳت ڪنور رام کي ڀيٽا
  • لتا منگيشڪر کي ڀيٽا
  • دنيا جي عظيم ترين راڳي سائين مهدي حسن کي ڀيٽا
  • سِنڌُ جي سڀني سُهڻن سِرجڻهارَن کي ڀيٽا
  • سرمد سنڌي
  • عابده پروين
  • آڪاش انصاري
  • باري اَبڙو

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب: درد ڏکايل ديس جا (چئو سٽا، بيت ۽ هائيڪا)
    شاعر: زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 2018
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph:021-34690389, 32711010
    Cell # 0333-2311582, 03462103811
    E-mail:naonniapo@yahoo.com
    مُلهه:300 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب
    دنيا جي سمورن دردوند انسانن
    جي نانءِ ڪيان ٿو.

    زاهد شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”درد ڏکايل ديس جا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ بيت، چئوسٽا ۽ ھائيڪا شامل آھن. زاھد لکي ٿو:
    ”انسانن جي خوشين جا قاتل ئي اسان جي ديس جا حقيقي دشمن آهن، اِهي سڀ پيڙائون هڪ حساس شاعر ڀوڳي ٿو ۽ پوءِ منهنجا سائين هڪ پاسي ديس جا درد ۽ ٻئي پاسي دلبر جي ديد اهڙين حالتن ۾ وچ تي جڏهن ڪنهن شاعر جي دل تڙپي ٿي ته ”درد ڏکايل ديس جا“ جهڙو شعري مجموعو تخليق ٿئي ٿو جيڪو هينئر اوهان جي هٿن ۾ آهي.“
    ھي ڪتاب 2018ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ڌرتيءَ تي ڪو به انساني روح اهڙو نه هوندو جيڪو حُسن جي مقناطيسي ڪشش جو مُنڪِر هجي پر پيٽ بکايل ماڻهوءَ جي اندر جي ڪيفيت کي به ته ڪوئي سمجهي، جنهن جي سوچ ۾ ڪائنات جي سڄي سونهن جو مرڪز صرف هڪ ماني هوندي آهي، خوبصورتي زندگي آهي ۽ بدصورتي موت. مان نٿو مڃان ته دنيا ۾ بک کان وڌيڪ به ڪا بدصورتي ٿي سگهي ٿي، زندگيءَ ۾ ڀرپور خوشيءَ جو ٻيو نالو جنت آهي ۽ درد ئي ته دوزخ جو حقيقي آئينو آهي پر پوءِ به هزارين ڏکن ۽ عذابن واري زندگي ملڻ جي باوجود ڪوئي به ماڻهو اهڙو ناهي جيڪو مرڻ چاهيندو هجي توڙي جو انسان جي زندگي زهر ٿي وڃي ٿي پر پوءِ به موت کان مٺي هوندي آهي اِن ڪري ماڻهو جيئڻ چاهن ٿا پر ڏسڻ ۾ اُهي به ته اسان جهڙا ئي انسان آهن جيڪي پاڻ ماڻهن کي جيئڻ نٿا ڏين ۽ اندر ۾ وحشيءَ جو روپ رکندڙ اُهي ماڻهو تعداد م به اسان کان گهٽ آهن جيڪي انسانن جي گهڻائيءَ کي پنهنجن پيرن ۾ ڏسي خوش ٿين ٿا اِهي انسانن جي خوشين جا قاتل ئي اسان جي ديس جا حقيقي دشمن آهن، اِهي سڀ پيڙائون هڪ حساس شاعر ڀوڳي ٿو ۽ پوءِ منهنجا سائين هڪ پاسي ديس جا درد ۽ ٻئي پاسي دلبر جي ديد اهڙين حالتن ۾ وچ تي جڏهن ڪنهن شاعر جي دل تڙپي ٿي ته ”درد ڏکايل ديس جا“ جهڙو شعري مجموعو تخليق ٿئي ٿو جيڪو هينئر اوهان جي هٿن ۾ آهي پڙهڻ کان پوءِ جيڪا اوهان اصلاحي راءِ ڏيندئو اُها راءِ منهنجي لاءِ قابلِ احترام هوندي.

    اوهان جو پنهنجو

    زاهد شيخ
    ڪراچي سنڌ
    0336-3500030
    0304-2389924


    چئوسٽا

    ڳوٺ جي ڪهاڻي

    ڪيئي مايون عذاب ۾ آهن،
    ڪيئي مجبور مرد ڳوٺن جا-
    ماٺ ڪر يار شهر جا ماڻهو،
    تون نٿو ڄاڻين درد ڳوٺن جا

    هر وڏي ڳوٺ ۾ وڏيرو آ-
    هر ننڍي ڳوٺ ۾ لُٽيرو آ-
    ڪِٿِ قُبو پير جو ڪمائي ٿو،
    ڪِٿِ مُنافق مُلان جو ديرو آ-

    ڳوٺ جا اڻپڙهيل ڪيئي ماڻهو-
    زندهه لاشا بڻيل ڪيئي ماڻهو-
    سڀ ٺڳن جي ٺڳين سان ٺڳجن ٿا،
    دَڳُ ڀُلجي وَيَل ڪيئي ماڻهو-

    ڳوٺ جون رَسمون ۽ سَڀئي ريتون-
    ڳوٺ جون هارون ۽ سَڀئي جيتون-
    هر وَڏيري ۽ پيرَ جي مُٺِ ۾،
    بندِ رَهنديون اچن ٿيون لاڳيتون-

    تون ڇا ڄاڻين اي شهر جا ماڻهو،
    تنهنجو ڪوئي وڏيرو پيرُ نه آ-
    ڪيڏو آزاد آهين مون کان وڌ،
    تُنهنجي پيرن ۾ ڪو زنجير نه آ-

    ڳوٺ سُورَن ۾ سَمورا آهن-
    دَڳَ مَنزل جا اڌورا آهن-
    يارَ زاهدَ اَندرَ پَيا اُٻرن،
    دلين ۾ درد جا کورا آهن.
    *


    شهر جي ڪهاڻي

    ماٺ ڪر يار ڳوٺ جا ماڻهو،
    مون به ڪائي خوشي نه ماڻي آ-
    صبح کان روز شام تئين زاهد،
    مُنهنجي دردن جي نئين ڪهاڻي آ-

    شهر جا بي رحم وڏا ماڻهو-
    ڪن ڪروڙن جا ٿا دنڌا ماڻهو-
    ڌُت دولت جي نشي ۾ آهن،
    اکين هوندي سفا انڌا ماڻهو-

    شهر ۾ گُذر جا وسيلا سڀ- چند سيٺين جي هٿن ۾ آهن-
    دوست پورهيت خُدا جا آهن پر- زندگي ڀَرسي بُکن ۾ آهن-
    سڀئي سرڪاري ڪامورا زاهد- پئسي وارن جي ٿا ڪرن پوڄا،
    پاڻ جهڙا غريب ماڻهو سڀ- ڏُکن سورن ۽ ڏچن ۾ آهن-

    ڳوٺ ۾ ڌاڙيل ۽ شهرن ۾ دهشتگرد ٿئي-
    ٻئي وڏا بي رحم زاهد ٻئي وڏا بي درد ٿئي.
    ٻئي سهارو ٿا وٺن هٿيار جي ڏهڪاءَ جو،
    ٻئي بنا هٿيار جي بُذ دل اٿئي نامرد ٿئي-

    ظُلم ڳوٺن ۾ به آهي ظُلم شهرن ۾ به آ-
    ظلم شامل وقت جي هر پَلَ پَهرن ۾ به آ-
    هِڪڙي پاسي آهي ظالم ٻئي طرف مظلوم آ،
    يار زاهد ساري دُنيا قيدَ قَهرن ۾ به آ-


    1

    وَڏي ڪنهن موج مَستيءَ سان اَچو مهراڻ ۾ گڏجئون-
    شهر ۽ ڳوٺ جا مِسڪين ماڻهو پاڻ ۾ گڏجئون-
    وطن ۾ ڪا وڏي تبديلي چاهيون ٿا ته پوءِ زاهد،
    جا دُشمن جي مَٿان تڻجي پوي تنهن تاڻ ۾ گڏجئون-

    سِنڌُ کان هڪ جواب چاهيون ٿا-
    ڇا اسان ڪو ثواب چاهيون ٿا-
    جي چَوي سِنڌُ ها! ته پوءِ زاهد،
    هڪ وڏو انقلاب چاهيون ٿا-

    هر ظالم هر قاتل مرندو-
    هر وحشي هر جابر جُهڪندو-
    زاهد ڪُل ڪميڻا ڪُسندا،
    جنت جهڙو جَڳُ ٿي پَوَندو-

    اچو مَنَ ۾ کوليون مُحبَتَ جو کاتو-
    ڪنهن مومَلَ يا سُومَلَ سان چاهت جو کاتو-
    ڪنهن سُهڻيءَ يا سَسُئيءَ جي هٿڙن ۾ زاهد،
    رهڻ گُهرجي هر دل جي راحت جو کاتو-

    ٿَرُ زاهد هر شاعر جو اَندَرُ آهي-
    ٿَرُ جيڪو ڪن مورن جو مَندَرُ آهي-
    اُن ٿر جي خوشحاليءَ خاطر ڪُرسيءَ تي،
    ويهندو گڏههُ گهوڙو يا بانڌرُ آهي-

    وري ٿر لئه زاهد ڪي پيڪيجَ رَکبا-
    وري ڪاغذن ۾ ڪوڙا ڪم لِکبا-
    ٿرين کي اَٽي جون ڏئي چارِ ٻوريون،
    باقي پِيا وزيرن سَندا پيٽَ ڀَربا-

    زاهد جيئن ڪا ياد به گُم ٿي ويندي آ-
    تيئن ٿر جي فرياد به گُم ٿي ويندي آ-
    سِنڌُ جي سرڪاري ڪامورَن جي هَٿ ۾،
    ايندڙ هر امداد به گُم ٿي ويندي آ-

    انسان آهيون پنهنجو مَذهب آ ماڻهپو-
    سو آ اسان مان جنهنجو مَذهب آ ماڻهپو-
    ڌرتيءَ کان پُڇيم دين ڌرم مُرڪي چَيائين،
    زاهد صدين کان سِنڌُ جو مَذهب آ ماڻهپو-

    جيڪو انصاف گهُري ٿو اُهو ماريو ٿو وَڃي-
    وحشي ظالم کي ۽ قاتل کي جيئاريو ٿو وَڃي-
    وطن فروش غدارن جي مُقابل زاهد،
    جيڪو ٿو سِنڌُ لئه سوچي اُهو ساڙيو ٿو وڃي.

    وڏو اعلان کڻي وقت اَچڻ وارو آ-
    جو فصل پوکيو ويو هو سو پچڻ وارو آ-
    هلو گهر گهر ۾ هي پيغام پُڄايون زاهد،
    سِنڌُ ۾ جنگِ جو ميدان مَچڻ وارو آ-

    روز قاتل ٿا ڪُهن سِنڌُ جي سرواڻن کي-
    ڪيستائين لُڙڪ ڏِبا رُوحَ سَندَن راڻن کي-
    هاڻي قاتل کي ڪُهڻ لاءِ ڪروڙين گڏجو،
    جيل جهوري ڇڏيو برباد ڪيو ٿاڻن کي-

    مُنهنجو هر مَحبُوب آزاريو وَيو-
    بي خطا رَتُ ۾ آ وِهنجاريو وَيو-
    جنهن به اَمڙِ سِنڌُ جي آ ڳالهه ڪئي،
    وقت کان اڳُ سو ئي آ ماريو ويو-

    ديسَ جي دل ٺري ته ڪيئن ٺري-
    هر طرف باهه ظلم جي ٿي ٻري-
    اهڙي گندي نِظامَ کي زاهد،
    جو به چيري ٿو سو چڱو ٿو ڪري-

    ڪوڙا ڪندا وتن ٿا هر ڪَچَ تي ڪچهري
    سَچا نٿا ڪرن ڇو ڪنهن سَچَ تي ڪچهري-
    پنهنجن سان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن ڪي زاهد،
    اِن لاءِ رکي آهي اَڄُ مَچَ تي ڪچهري-

    مَجبورَن جا حَق به حاڪم کائي وِيا.
    مَنشورَن جا حَق به حاڪم کائي وِيا-
    ٻيو ته ٺهيو پر سِنڌُ جي بيوس لاچارن،
    مَعذورَن جا حَق به حاڪم کائي وِيا-

    عشق مُحبت پيار کي آزادي گُهرجي-
    زاهد هر دلدار کي آزادي گُهرجي-
    پيار تي هر اِنسان جو حَق آ پيار جي لئه،
    هر ٻُڍڙي هر ٻارَ کي آزادي گُهرجي-

    رنگُ چَوندا آهن رَتو ڇَڏجي-
    ميلو چوندا آهن مَتو ڇَڏجي-
    سِنڌُ سان عشق اَهِڙو آ زاهد،
    ڀل ڪٽيو ڪَنڌُ ته به نٿو ڇَڏجي-

    هن ڌرتيءَ تي خوش قسمت ماڻهو زاهد،
    يورپ چين جپان ۾ پيدا ٿيندو آ-
    جنهن کي رَبُ سزا ڏيندو آ سو ماڻهو،
    پياري پاڪستان ۾ پيدا ٿيندو آ-

    جاتي زاهد حبيبَ جاڳي پِيا-
    اُن مِٽيءَ جا نصيَبَ جاڳي پِيا-
    سو وَطُن بي مِثال بَڻجي وِيو،
    جنهن وَطُن جا غريب جاڳي پِيا-


    2

    عشق جي ابتدا اکيون ڪن ٿيون-
    حُسن کي ديوتا اکيون ڪن ٿيون-
    پيار جي لئه دُعا گهُري ٿي دل،
    دل کي زاهد دُعا اکيون ڪن ٿيون-

    بند اکڙين ۾ خُواب آ زاهدَ-
    خُوابَ سو لا جواب آ زاهد-
    حُسنَ جي انتها جِتي آهي،
    منهنجو سو اِنتخاب آ زاهد-

    سُونهَن ڏي ساههُ ٿو سُري هَر ڪو-
    حُسنَ جي هَنجَ ٿو گهُري هَر ڪو-
    پَرَ وِڇوڙي جي درد ۾ زاهد،
    هر طرف جيءُ ٿو جُهري هرڪو-

    پيارُ ڏاڍا سُرورَ ڏيندو آ-
    عشقُ پَلَ پَلَ جا پُورَ ڏيندو آ-
    ڪو نه زاهد کي ٿو ڪڏهن بَخشي،
    حُسنُ هَر سال سُورَ ڏيندو آ-

    وقت جو ڪو وزير ويٺو آ-
    عشق جو ڪو اسير ويٺو آ-
    آهي ڪو دل ۾ جاءِ ڏي زاهد،
    فيس بوڪ تي فقير ويٺو آ-

    سَچَ جو ڪو سوال ڪونهي ڪو-
    ڪوڙ جو ڪو به ڪال ڪونهي ڪو-
    ساري دُنيا آ ڳوٺُ ٿي وئي پر،
    ڳوٺ وارن جو حال ڪونهي ڪو-

    نئين عشق جون لازواليون نيون-
    گُهري وقت ٿو با ڪماليون نيون-
    اچو هاڻي زاهد ڏيون سِنڌُ کي،
    جمالا نوان ڪي جماليون نيون-

    جي رَهو ٿا ته باخبر ٿي رَهو- بي خبر ٿي رَهڻ اجايو آ-
    جي جِيو ٿا ته بااثر ٿي جِيو- بي اثر ٿي جيئڻ اجايو آ-
    جي وڌو ٿا ته واٽ ۾ زاهد- ڳاٽ اوچا ڪري وڌي هَلجو،
    دڳُ وٺو ٿا ته ماڳ تي پهچو- دَربَدَر ٿي وَڃڻ اجايو آ-

    عشق ۾ انتظار ڪرڻو آ-
    پيار ۾ اعتبار ڪرڻو آ-
    قُربُ مِلندو ته قُربَ ۾ زاهدَ،
    قُرب وارو قرار ڪرڻو آ-

    دوستيءَ جا به ڪُجهُه اُصولَ رکو-
    عاشقيءَ جا به ڪُجهه اُصولَ رکو-
    چينُ چاهيو ٿا جي ته پوءِ زاهد،
    زندگيءَ جا به ڪُجُهه اُصولَ رَکو-

    جيڪو ماڻهو فقير هوندو آ- سوئي ماڻهو اَمير هوندو آ-
    جو سڃاڻي ٿو پنهنجو پاڻُ پرين- پاڻَ سو پنهنجو پير هوندو آ
    هر ڪو ماڻهو چوي ٿو مان بهتر- پر حقيقت ٻُڌائي ٿي زاهدَ،
    جنهن به ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ناهي- سو سفا بي ضمير هوندو آ-

    رَهي غيرن جي پيرَن ۾- هِي ماڻهو ننڊ ڪيئن ٿا ڪن-
    نٿا جاڳن سَويرَن ۾- هي ماڻهو نِنڊَ ڪيئن ٿا ڪن-
    صُبح جي روشنين تي رَهزنن جو راڄُ آ زاهد،
    عذابن جي انڌيرن ۾- هي ماڻهو نِنڊَ ڪيئن ٿا ڪن-

    تنهنجي دل شاد ۽ آباد رهي- دِرد توکان سدائين دور رهن-
    تنهنجي گهر ۾ سُکن جو راڄُ رهي- تنهنجي در تي خوشيون ڌمال هڻن-زندگي ۾ نه ڏکُ ڏسين ڪوئي- هر گهڙي هيءَ دُعا ٿي زاهد جي،
    راحُتن ۾ سدائين روح رهئي- تنهنجي جيون ۾ روز رنگ رچن-

    چَوين ٿو روز! اچان ٿو- ڀَلا ڪڏهن ايندين-
    ڏُکان ٿو پوءِ به ڏِسان ٿو- ڀَلا ڪڏهن ايندين-
    جيئڻ جو ٻيو ڪوئي مقصد- نه رهيو آ زاهد،
    تون ايندين اِن لئه جيئان ٿو- ڀَلا ڪڏهن ايندين-

    تُنهنجي قُربن ڪئي زاهدَ جي دل ديواني آ
    تنهنجي هر عاجزي عظمت جي نئين نشاني آ-
    پيارَ سان مون کي ويهاريو ٿي پنهنجي مَحِفل ۾،
    مون تي هيءَ تنهنجي پرين خاص مهرباني آ-

    ڇاجا تن سان رشته زاهد- ڇاجي تن سان ياري آهي-
    جن غيرن غدارن سنڌُ ۾- باهِه ظلم جي ٻاري آهي-
    هاڻي اُنهن کي پنهنجي هٿن سان- چير ڏئي چيڀا ٽي ڇَڏبو-
    جن ذهنن ۾ سِنڌُ ورهائڻ واري ڪا بيماري آهي-

    ڏُکن پُٺيان سُکن جا سازَ ڇيڙيندا اچون پيا-
    پريت ساڻ پنهنجا راڄَ ميڙيندا اچون پَيا-
    مَتان ڪو سَمجهي سِنڌُ جا سَپوتَ سَڀُ مَري ويا،
    زاهدَ زمين جا ضَميرَ کيڙيندا اچون پيا-

    پنهنجي ديسَ جي وَڏَ وَزارتَ واريءَ ڪُرسيءَ تي،
    ويٺل ماڻهو گونگو ٻوڙو ڪاڻو هوندو آ-
    مُنصف جي ڪُرسيءَ تي ويهي جو انصاف ڪري
    اهڙو ماڻهو گل محمد حاجاڻو هوندو آ-

    وڏيرا اليڪشن جي تِياريءَ ۾ آهن-
    ٿي مَصروف ويا عُذرداريءَ ۾ آهن-
    وَري آهي زاهد غدارَن وَڪوڙيو،
    وَري پنهنجا سَڀُ ووٽ واريءَ ۾ آهن-

    بي ڏوهُه جو ماريو ويو مرڻو نه آهي مُور-
    رَهندو شهيد زندَهه ذِهنن جو ٿي شعُور-
    مَظلومَ ساڻ ظلم ڪِرڻ وارا ظالمو،
    آخرِ اوهان جو انَتُ به اچڻو آهي ضرُور-


    3

    سَڀني قهرن جي ڪهاڻي سَمجهي-
    پوءِ وطن جي مُون ويراني سَمجهي-
    بُکَ ۾ ٻارَ ٿا روئن زاهدَ،
    راتِ جي چنڊ کي ماني سَمجهي-

    سالَ سَڄي ۾ ٻَڌيءَ جو هڪ ڏينهُن مَلهايون ٿا-
    جهيرَ اندرَ ۾ آهن پوءِ به جُهمريون پايون ٿا-
    عشق چوي ٿو جنگِ جَبُر سان ڪرڻي آ زاهد،
    پوءِ اسان ڇو ڪَنڌُ جُهڪائي وقت وِڃايون ٿا؟-

    شهرن توڙي ڳوٺن ۾ جَنجال اسان جو ساڳيو رَهندو-
    ماڻهو ڇا پَرَ مُلڪ سَڄو ڪنگال اسان جو ساڳيو رَهندو-
    سِنڌُ سَڄيءَ ۾ سنگتِ پَنهنجي اوڌر تي پئي هَلندي زاهد،
    سال پَيا ايندا ويندا پر حال اسان جو ساڳيو رَهندو-

    پنهنجيءَ ڀونءِ ڀاڳئيو- ڪڏهن جاڳندئو-
    وڏيءَ ويڙهه واڳيئو- ڪڏهن جاڳندئو-
    ڳچيءَ ۾ اچي هَٿَ آهن پَيا،
    اڃان ڇو نه جاڳئو- ڪڏهن جاڳندئو-

    هَل هَلئون دل قرار آ جاتي-
    مست مئه جو خُمار آ جاتي-
    موتُ نَفرتَ جو آ اُتي زاهد،
    هر طرف پيار پيار آ جاتي

    تنهنجي محفل ملي وَئي آهي-
    مون کي منزل مِلَي وَئي آهي-
    جنهن جي هَر پَل تلاش هُئي زاهد،
    دل کي سا دل مِلي وَئي آهي-

    اسان جي پيار کان جي تون وڃي پَري ويهندين-
    سُڪون پاڻ کان سائين پَري ڪري ويهندين-
    جڏهن به ذهن ۾ ايندُئي هي نانءُ زاهد جو،
    اڪيلي گهر ۾ ٿڌا ساهڙا ڀري ويهندين-

    نَقُل وارن کي عَقُل هوندو نه آ-
    ٻجَ ريءَ زاهد فَصُل هوندِو نه آ-
    جيڪو پنهنجي قوم کي عِزتَ نه ڏي،
    سو اَصُل پيءُ جو نَسُل هوندو نه آ-

    سُونهَن ڀَلي ڪيڏي به هُجي پر- سوچَ کان سُهڻي ٿيندي ناهي
    سوچَ ئي آهي جيڪا جَڳ ۾- ماڻهوءَ جو ٿي مانُ وَڌائي-
    ڪير ڀَلو آ ڪير بُرو آ- سَمجهڻ چاهيو ٿا جي زاهد،
    هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي- مَنَ جي اندر جهاتي پائي-

    رَحمَ جو رِشتو رَکيو مون بي رَحم انسان سان-
    ظلم ٿي ويو آهي مون کان پاڻ پنهنجي پاڻ سان-
    جيئن چڱَائيءَ جو سِلو مون کي مُحَبتَ ۾ مليو،
    شال زاهد ايئن نه ٿي مُحَسن جي ڪنهن اَحِسانَ سان-

    ماءُ به عورتَ ڀيڻَ به عورت عورتَ محَلَ جي راڻي-
    دُنيا جي تاريخ ۾ آهي عورتَ درد ڪهاڻي-
    هن ڌرتيءَ جون گهر ڌياڻيون نيٺ ته ڪُڇنديون زاهد،
    آخر ڪيسين رهندي عورت رَسمُن جي قيدياڻي-

    ڪڏهن لنڊن ٿو وَڃي يا وَري اِنڊيا ٿو گُهمي-
    سياسي ليڊر ڀَري کيسا سَڄي دُنيا ٿو گُهمي-
    هتي غريب ڪارڪُن جي گسي وَئي آ جُتي،
    اسان جي قوم جو رهبر ته مَنيلا ٿو گُهمي-

    ڪيڏا رَنگَ رَنگيلا ماڻهو-
    ڳاڙها نيلا پيلا ماڻهو-
    ڏاڍا گَهٽِ مِلَن ٿا زاهدَ،
    دل جا صاف سُريلا ماڻهو-

    ڪو آواز اَهِڙو اُڀاري ڇَڏيون-
    سُتل سِنڌُ زاهد اُٿاري ڇَڏيون-
    هو بي ڏوهُه ماڻهُن کي ماري ڇَڏِن،
    اَچو اُن کان اڳُ تَنِ کي ماري ڇَڏيون.

    چَئني طرفن کان ٿا مُنهنجي ديسَ ۾ ڌاريا اَچن-
    ڪَڇَ ۾ قُرآن زاهدَ وَرَ ۾ چاڪو اَٿن،
    ٿا لُٽين اِسلامَ جي نالي تي سِنڌين کي سَڀئي،
    سِنڌُ کي هو پيءُ جي جاگيرَ سَمجهي ٿا رَهن-

    سَڄو ڏيهُه ڏاهَپَ جو آهي سَمندر-
    ڪنهن تي بَندِ ناهي ٿِيو علم جو در-
    چَريو آ مُنهنجو يار دِلبرُ چَوي ٿو،
    رُڳو آنءُ آهيان َعقُل جو اَڪابَر-

    سَچي ماڻهوءَ جي سَچائي سُونهَن سَڄو سَنسار ڪري ٿي-
    ڪوڙي ماڻهوءَ جي مَڪاري ڀونءِ سَڄي بيزار ڪري ٿي-
    دهشتگرد جو دين به ڪونهي ڊاڪوءَ جي ڪا قوم به ناهي،
    پنهنجي گندي سوچ ئي زاهد ماڻهوءَ کي مُردار ڪري ٿي-

    ڪوئي ڪنهنجو ماڻهو زاهد ڪوئي ڪنهنجو ماڻهو آهي-
    سو اُن جي پيرَن ۾ پِيو آ جيڪو جَنهنجو ماڻهو آهي-
    مُنهنجي من کي سوئي وَڻي ٿو پنهنجو پاڻُ سُڃاڻي جيڪو،
    پنهنجي من ۾ جهاتي پائي ٿي وِيو پَنهِنجو ماڻهو آهي-

    توکان مَنُ پَرَ ڀَرو نه ٿي سَگهندو-
    چاهُه جيءَ مان جَهڪو نه ٿي سَگهندو-
    پيار کي تون ته وِساري ويٺين،
    پاپُ مون کان اِهو نه ٿي سَگهندو-

    اسان جي اڱڻ تي رُڳو سُورَ آهن- ڪڏهن ڍيرَ مُرڪن جااينديئن کڻي تون-
    بچو زندگيءَ جو پهر آهي پويون-ڪڏهن پيرَ قُربَن جا اينديئن کڻي تون
    سڄي زندگيءَ جو وڇوڙو ڏِنو ٿئي-اِهوسورُزاهد کان وِسري نه سگهندو،
    تڏهن پيارتنهنجوقبرُمنهنجي ڏسندي-جڏهن هارَ گُلڙن جااينديئن کڻي تون-

    جي چڙهندو پيار جو آ رَنگُ عشق رَچندو آ-
    جي ڏسندو مَچَ کي آهي ته عشق مَچندو آ-
    وڏي آ باهِه وِڇوڙي جي درد جي زاهد،
    ٻري اَندرَ ۾ پوي ٿي ته عشق نَچندو آ-

    دل جي زخمن تڙپندي زاهدَ چَيو-
    عشق واري چوٽ آ ڏاڍي ڏُکي-
    آ جوانيءَ کان پَڇاڙيءَ ڏي سفر،
    زندگيءَ جي موٽ آ ڏاڍي ڏُکي-

    اکيون اکين سان ملن ٿيون ته دل ٺري ٿي پوي-
    چُميون چُمين کي چَکن ٿيون ته دل ٺري ٿي پوي-
    ٻَکن ۾ ٻَکجي نه زاهد ته زندگي ڪهڙي،
    ٻَکيون ٻَکن سان ٻَکن ٿيون ته دل ٺري ٿي پوي-

    اکيون اکين سان مِليون موجَ ٿي خُمارن کي-
    نظر جا پيگ مِلي ويا نصيب وارن کي-
    لَٿو آ چَنڊُ مُحبتَ جي مَئڪدي زاهد،
    نشو نصيب نه هو بَدنصيب تارن کي-

    جي دل سان دل ملائي ٿئي ته پوءِ ڌڙ دو چڱو ناهي-
    نه ٿيءُ بي درد تنهنجو ٿيڻ بي دردو چڱو ناهي-
    سڄي دُنيا کان پردو ڪر مگر زاهد اٿئي پنهنجو،
    پرين پنهنجن کان ٿو پردو ڪرين پردو چڱو ناهي-


    4

    مان گيت اَمن پيارَ جا- هر ديس لئه ڳايان ٿو-
    انسان آهيان زاهد- انسان کي چاهيان ٿو-
    تون راڄَ روئارين ٿو- اِها تنهنجي ذلا لت آ،
    مان پنهنجي عبادت ۾- روئندن کي کِلايان ٿو-

    پنهنجي من ۾ جهاتي پائي- پاڻ سان ڪو انصاف ته ڪر-
    سَچَ کي آن ڪرڻ کان اڳ ۾- ڪوڙ جو کاتو آف ته ڪر-
    زاهدَ سان تڪرار نه ڪر تون- پنهنجي سوچ سنواري هل،
    ٻين کي ميرو سمجهڻ وارا- پنهنجو چهرو صاف ته ڪر-

    زاهد امير کي سڀئي جناب ٿا چَوَن،
    مِسڪين جي مَدد ڪرڻ عذاب ٿا چَون،
    ساڳيو غريب ماڻهو مري ٿو پوي جَڏهن،
    پوءِ مُئل کي ڪُلهو ڏيڻ ثواب ٿا چَون.

    دوست آهي ته نه هرگز جُدا ٿيڻ گُهرجي-
    دوست هر دوست لئه دل جي دُعا ٿيڻ گُهرجي-
    دوست جنهن دل کي ڪو دل وارو ملي پئي زاهد،
    درد اُن دل جو نه پوءِ لادوا ٿيڻ گهرجي-

    جي سچيءَ دل سان مُحبت جي ڳالهه ڪرڻي آ-
    ته مُحبت ۾ صداقت جي ڳالهه ڪرڻي آ-
    پرينءَ جو پيارُ پرينءَ جهڙو پاڪ آ زاهد
    وضو ڪري پوءِ عبادت جي ڳالهه ڪرڻي آ-

    هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي مرضيءَ جو آ پاڻ ڌڻي-
    سو اُن جو ساٿي بڻجي ويو جنهن کي جنهن جي ڳالهه وڻي-
    ماڻهوءَ جي سگهه سمجهي زاهد پوءِ دل جو اظهار ڪندو ڪر،
    ڪو ماڻهو آ سمنڊ جو سينو ڪو ماڻهو آ مينهن ڪڻي-

    هر پل هر ڪنهن ويلي پنهنجي هر محفل ۾ فاضل آ-
    نيٺ ته سا ماڻي وينداسين جنهن منزل ۾ فاضل آ-
    تنهن تنهن دل ۾ جذبو جُرئت همت رهڻي آ زاهد،
    اَڄُ به ويٺو سچائيءَ سان جنهن جنهن دل ۾ فاضل آ-

    ڏکيو وقت آيو آ اُٿڻو ئي پَوندو-
    سَبق اِنقلابن مان سِکڻو ئي پَوندو-
    ڪراچيءَ ۾ آ سِنڌُ جو ساهُه زاهدَ،
    ڪراچيءَ مان ڌارين کي ڌِڪڻو ئيَ پوندو-

    تو پنهنجا ارادا مَٽيا ڇو نه آهن-
    اسان جا ڌماڪا ڏٺا تو نه آهن-
    تڪيندين ته ٻئي تنهنجا تارا به ڪڍندئي،
    ڪراچيءَ جا وارث مُئا ڪو نه آهن

    هو اسان کي ٿا چون ڀائي جان ڀائي هين-
    اسان جي نظر ۾ هو بي ايمان ڀائي هين-
    وڃي اُنهن کي چئو قبضو ڪن مديني تي،
    پوءِ عربن کي چون مسلمان ڀائي هين-

    صَديُن کان ظُلم جو هي تسلسُل نٿو کُٽي،
    مَظَلومَ اَڄُ به ٿين ٿا ظالمَ هَٿان شهيد-
    زاهدَ اسان جو ديس آ جديد ڪربلا،
    هر وِکَ تي مَٿي ۾ لڳي ٿو نئون يزيد-

    يزيدي نَسُل چَئي ٿو مُنهنجي آ ڪراچي-
    تاريخ گواهه آهي ڪنهنجي آ ڪراچي-
    ڪر وار اُٿي مار مَگرَ مَڇَ وڌي ويا،
    زاهد جا مِٺا مورڙا تنهنجي آ ڪراچي-

    هن سِنڌُ ۾ تن لاءِ جَڳهَه ڪا نه آ ڪائي-
    جَن ساري عُمر سِنڌُ جي ڌرتي آ جَلائي،
    زاهد هي سَمنڊُ تَن جي ٻُڏڻ لاءِ بَڻيو آ،
    جن پنهنجي اِرادن ۾ آهي سِنڌُ وِرهائي-

    اول پنهنجي سوچُن کي پَنهنجو ڪيو-
    سڏي پوءِ جوڌن کي پَنهنجو ڪيو-
    ڪراچيءَ مان ڌاريا ڌڪارڻ جي لئه،
    ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي پَنهنجو ڪيو-

    بي رحم هر ڪو حاڪم آرام ٿو ڪري-
    زاهد رڙيون ڏُکايل عوام ٿو ڪري-
    هي شهر ڪراچي آ يا آهي ڪربلا،
    يزيدي نسل روز قتلِ عام ٿو ڪري-

    چئي آني جي چاهت وارو پيار به ٿيندو پَترو آهي،
    سَچَ ويچاري کي هت هر دم کوٽ منجهان ئي خطرو آهي،
    اندر ڪارن آڏو زاهد عزت ڪانهي اشرافن جي،
    دل جو صاف ۽ سچو ماڻهو قربانيءَ جو ٻَڪرو آهي-

    اُڌاري گَهرَ کان ڪِرائي جو آ مَڪان ڀَلو-
    وڏيري خان کان آهي غريب جُوان ڀَلو-
    پَرائو نيٺِ پَرائو آ ڪِروڙن جو ڌنڌو،
    جي پنهنجو آهي ته پرچون جو دُڪان ڀَلو-

    سُڃن جي در تي بيٺا هِن سَوالي هوشَ ۾ ناهن-
    موالين کان ڪجو پاسو- مَوالي هوشَ ۾ ناهن-
    حوالين جون ٻُڌي ڳالهيون- حواسَن کي ڪجو قابو،
    حوالين کان بَچي رَهجو- حوالي هوشَ ۾ ناهِن-

    پنهنجن کي پرچاءِ نڀاڳا-
    ٺَڳن کي ٺُڪراءِ نِڀاڳا-
    زهريلن کان بَچُ ڀَلو ٿئي،
    نانگ نه سيني لاءِ نڀاڳا-

    وقت آياسين وِڃائي حالَ ڪهڙا ٿا پُڇو-
    مُڙس ويٺاسين مارا ئي حالَ ڪهڙا ٿا پُڇو-
    پاڻ غيرن جي گهرن ۾ ٿا ڪِرائي تي رهون،
    ديس وِيا ڌاريا ڦٻائي حالَ ڪهڙا ٿا پُڇو-


    5

    اکين جو خُواب آ تعبير نيٺ ماڻيندو-
    عَذابَ تي سُڪون تيرَ نيٺ تاڻيندو-
    گهَڻائي سالَ ڏکن گهاوَ ڏِنا هِن زاهد،
    اُميد آهي نئون سال خوشيون آڻيندو-

    سنڌُ لئه جو به وَڄي ساز مون کي وَڻندو آ-
    حق لئه جو وِڙهي جَنگ باز مون کي وَڻندو آ-
    سِنڌُ جي دُشمن مَٿان زاهدَ جا هَلي ٿي گولي،
    اُن گوليءَ سَنڌو آواز مون کي وَڻندو آ-

    اي دولت جا پوڄاري بي شرم بَدڪار بي رَحمو،
    مَتان سمجهو ته ڪو زاهد به دولت جو ديوانو آ-
    اوهان نوٽن تي پنهنجا ذهن ۽ ضمير وِڪڻو ٿا،
    اوهان جي دل به ڪنهن دلال جو دلال خانو آ-

    پرين پيار پنهنجي جي منزل ٿا چاهيون-
    اِنهيءَ ڏوههَ ۾ قيد ڪڙيون ٿا پايون-
    جيڪي زر وَٺي ذِهنُ وِڪڻي ڇَڏين ٿا،
    اسان يارَ زاهد اُنهن مان نه آهيون-

    مان ڪيان نفرت ٿو زاهدَ- ڳالهه نفرت جي به آ-
    سِرُ جي ڏيڻو پيو ته ڏيندُس- ڳالهه عزت جي به آ-
    سِنڌُ ساريءَ جي مَٿانَ غيرن جي غلبي کي ڏسي
    ڇو رُڳو حيرت ڪريو ٿا- ڳالهه غيرت جي به آ-


    اَڄُ اسان جا قاتل آهن- ڪالهوڪا مَهِمانَ سَمورا-
    ڌارين نيٺ ڀُلا يا زاهد- ڌرتيءَ جا اَحسانَ سَمورا-
    دُنيا جي پورهيت ماڻهن جو- درد اسان جو درد آهي پر،
    اِهو ضروري ناهي پَلجَن سِنڌُ ۾ ئي اِنسانَ سَمورا-

    سڏي ٿي سِنڌُ اَمڙ ڇو اَڃان نٿا جاڳو-
    رڙي، ٿو روحُ مِٽيءَ جو اَڃان نٿا جاڳو-
    نِڀاڳُ چئبو اِها نِنڊَ نه چَئبي زاهد،
    مَٿن کان موتُ آ بيٺو اَڃان نٿا جاڳو-

    وَستي وَستي ٿي روشني چاهي-
    هَر ڪا هَستي ٿي روشني چاهي-
    اي فَلڪَ راتِ کي لِڪائي ڇڏ،
    مُنهنجي ڌرتي ٿي روشني چاهي-

    اي دوست توکي جيڏي تُنهنجي خوشي آ پياري-
    مون کي به اوتري ئي مُنهنجي خوشي آ پياري-
    هر ڪو ئي درد پنهنجا ڀوڳي ٿو پاڻ زاهد،
    هر ڪنهن کي هن دُنيا ۾ پنهنجي خوشي آ پياري-

    زندگي هيئن گُذارڻ گهُرجي-
    زندگي هونئن گُذارڻ گهرجي-
    عُمر گُذري وئي خبر نه پئي،
    زندگي ڪيئن گُذارڻ گُهرجي-

    ازلئون تُنهنجو خادم آهيان- تون ئي منهنجو خان آن سائين-
    تون ئي مُنهنجو شان آن سائين- تون ئي مُنهنجو مانُ آن سائين-
    اندر ۾ جا سَگههَ ٿو سَمجهان- سا تنهنجي سَنگمَ سان آهي
    تون ئي مُنهنجو جيءَ جياپو- تون ئي مُنهنجي جان آن سائين-

    جيسين آدم جي اندَرِ ۾ جيون جاڳي ٿو-
    هر مَسِجد ۾ هَر مَندرَ ۾ جيون جاڳي ٿو-
    تيستائين هَر گهَرُ زاهدَ روشن رَهڻو آ،
    جيستائين هَر ڪنهن گهَرَ ۾ جيون جاڳي ٿو-

    سمورو سال سڀن جو بدن بُخار ۾ آ،
    سَڄو مهينو سدائين هَليو اُڌار ۾ آ،
    ڳڻن ٿا ڏينهن مُلازم سَڀئي چَرين وانگي،
    هٿن ۾ قرض جي پرچي نظر پَگهارَ ۾ آ.

    اسين موڪلايون پيا پر اوهان کي،
    هي گيتن جا تُحفه ڏِنيون ٿا وَڃئون-
    اَسان وَٽ وَڏي قيمتي شيءِ زاهدَ،
    هُئي هِڪڙي دل سا ڏِنيون ٿا وَڃئون


    هي ديس آ داداگيرن جو- مسڪين آ هن مجبور هِتي
    انسان عذابن ۾ آهن- ٿو راڄُ ڪري لنگورُ هِتي
    هن دلبر ديس جي لئه زاهد- ڪُجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ پرين
    هِن ديس جي دلبر ماڻهن جو ڪو ساٿ کپي ڀَرپورُ هِتي

    مون آ هر گهر مَچايو محفل کي-
    پنهنجو ڪرڻو آ پنهنجي منزل کي-
    سِنڌ جي ڌڙ جي دل ڪراچي آ،
    ڌڙ کان تون ڪيئن جُدا ڪندين دل کي-

    ڪن پئي، سَنَ جا سوادَ چَکيا-
    ڪن پئي روس جا خيال رکيا-
    سنڌ جي آجپي سندا زاهد،
    مون ٺٽي ۾ رُڳو ٺڪاوَ ٻُڌا-

    ساهُه تنهنجو رهيو سُکيو آهي-
    پيٽُ منهنجو رهيو بُکيو آهي-
    تون رهين ٿو ڊيفينس ۾ ڍوليا،
    منهنجو توسان ملڻ ڏکيو آهي-


    بيت

    1

    دُنيا جي تاريخ هي، صاف ٻُڌائي ٿي
    جڏهن ڪو به نه ديس هو، تڏهن سِنڌُ هئي،
    جنت آ جهولي، زاهدَ جيجل سِنڌُ جي-

    هيءَ جا حياتي مِٺي، هر ڪنهن کي پياري،
    مون کي پنهنجي ديس کان، وَڌِ نه ويچاري،
    زاهدَ مون لئه زندگي، وطن جي واري،
    سوڀَ اٿم ساري- مَران توڙي ماريان-

    لاهيو ڳٽ ڳچين مان- جهانگي ڀَڃو جيلَ،
    آئي اَڄُ وُطن تي- زاهدَ ڏُکي ويلَ
    هلو هلو هيل- ته پرين پاڻُ مَلهائيون-

    عِشق جي آڙاهه ۾- جلن ٿيون جانيون
    هٽن زاهدَ ڪين ٿيون- دِلڙيون ديوانيون
    ڏيندو قربانيون- پَنُ پَنُ پنهنجي ديس جو-

    زاهدَ اَڄُ اَذانَ ۾ ڏِنو سَڏُ سويرَ
    وَڪوڙي ويا ديس کي- غاصِبَ غُنڊا غيرَ
    وَڍِبا سي هَٿَ پيرَ- سُرندا جيڪي سِنڌُ ڏي-

    زاهد جهيڙو جَبُرَ سان- ڪُجهه ته مان به ڪيان
    رات چوي ٿي رَتُ ڏي- پيئان پِرههَ ٿيان
    گهوري گهَرُ ڏِيان- سِنڌُ گهُري ٿي سوجهرو-

    سِنڌُ گهُري ٿي سوجهرو- ڪا وِکَ سوريندين؟
    ڇا تون ڪاريءَ رات کي- رَتُ ۾ توريندين؟
    ڏونگرَ ڏوريندين- زاهدَ دِلبرَ ديسَ لئه؟-

    زاهد دلبر ديس لئه- ٻيلي ڪُجهه ته ڪيو
    رهزن لُٽين روز ٿا- راهُن مَنجهه رَهيو
    مَڃو ماءُ چيو- سِنڌُ سڏي ٿي ساٿ لئه

    سِنڌُ سَڏي ٿي ساٿَ لئه- پنهنجن پيارن کي
    ڀيڻُن ڀائُن مائِرُن- ٻُڍڙن ٻارَن کي
    زاهدَ پارَن کي- سِنڌُ پُڪاري ٿي پَئي

    سِنڌُ پُڪاري ٿي پَئي- هَلو زاهدَ هيلَ
    جهوري سَگهندا ڪينِ ڪي- جوڌن کي هي جيلَ
    ماروئڙن جا ميلَ- ماري ويندا موت کي-

    ماري ويندا موت کي- ماتِ نه مَڃي جِن
    سَچَ تِي گهورِڻ ساهَه کي- جيونُ ٿا سَمجهَن
    ها! اَهِڙن ماڻهُن- ماتِ ڏِني آ موت کي

    سِنڌي مُنهنجا ڀائڙا- تو ۾ مُنهنجو ساههُ
    پنهنجي ساڳي آ پرين- مِٺڙي جيجل ماءُ
    اچي ٿو ايذاءُ- سُورَ سَهي جي سِنڌُ ٿي-

    جنهن جنهن سنڌيءَ مَنجهه آ- غيرت جي ڪا ذري
    سو ڪيئن اَمڙ سِنڌُ لئه- رَکندو وِکَ ڍَري
    پوندا مَچَ ٻرَي- موجَ ڀَري مَهِراڻَ ۾-

    جيسين آهن ديس ۾- ڌاريَن جون لوڌون
    سڀ جنگي سوچون- زاهد رَهنديون ذِهنَ ۾-

    ڇولي ڇولي سِنڌوءَ جي- سڏي پئي ٿي آءُ
    موڪل ڏي مُرڪي مون کي- مِٺڙي مُنهنجي ماءُ
    مان ڪيئن سانڍيان ساههُ- صدقو گهُرجي سنڌ کي-

    هو جي ڪُٺا ڪالهه- مانجهي مُڙس مهان
    اعليٰ افضل آ گهڻو- زاهدَ تن جو شان
    هونءَ به هر اِنسان- مَريو وَڃي ماٺِ ۾-

    دلبر ڌرتيءَ جا ڪندا- دردن جو دَرمان
    زاهد هيڏي لوڪ ۾- ماڻهو چندُ مَهان
    جَبلَ جَنين جانِ سين- جُهڪندا ڪينَ جَوانَ
    اڃان ڪي انسَانَ- جيئرا آهن جَڳَ ۾-

    هيلَ به تو حَقدارَ کي- ناهي حَقُ ڏنو
    ڪُتن کان به ڪِنو- بِڀُ تنهنجو ڀوتارَ آ-

    رَهڻا ناهِن راڄَ ۾- آلا آلا نيڻَ
    ڀائُن سان هَر ڀيڻ- سوچي پَئي ٿي سِنڌُ لئه

    سايو بَڻجَن سُکَ جو- ساري دُنيا تي
    اهڙين مُرڪن کي- زاهد مَنُ ڳولهي پيو-

    نِنڊَ ڌِڪاري نينَهن ۾- مُنهنجن نيڻنَ آ
    عشق ته اوجاڳا- چاههُ ڪٿي ٿو چينُ ڏي،

    راهون رتوڇاڻ ٿيون- سُڃَ شهر سارو
    هر هر حيدر چوڪ تي- نئون سُر ڪيڏارو
    پوءِ به اڃان پارو- لٿو نه پنهنجي لوڪ تان

    راهون رَتو ڇاڻ ٿيون- ماڻهو رَهيا ماٺِ
    پوءِ ڪيئن پَوندا ڪاٺِ- قاتلَ پَنهنجي قومَ جا

    راهون رَتوڇاڻَ ٿيون- جاڏي تاڏي جِنگِ
    آءُ اَمُنَ تو سَنگ- جيون گهاريون جَرڪندي

    تون گُل مان خوشبو پرين- پل به پري ناهيون
    ڏنئي زاهد کي وڏيون- جيءَ اندر جايون
    دم ساڳيو آهيون- ڌڙ کان ٿيو ڌڙُ ڌارَ آ-

    توريءَ مُنهنجي زندگي- آهي ڪاري ٻاٽ
    زاهدَ ڏک ڏئي پَئي- وِکَ وِکَ تي هر واٽ
    پوءِ به ٻاري لاٽَ- نيٺِ ته مِلبو سِجَ سان

    ڪڪرن رات لڪايو- ٻکَ ۾ چَنڊُ هو جيئن
    پيار پرينءَ جو تيئن- سانڍيُم زاهد ساهه ۾

    زاهد من ۾ ڪاڪ محل- جنهن لئه ٺاهيو ٿم
    سوراڻو ته عبادتون- بڻجي آيو ٿم
    جيءُ جرڪايو ٿم- سوڍلَ جي ته سُرورَ سان

    زاهدَ ڏينهُن سَڄو هُئي- تن ۾ جَنهنِجي تاتِ
    سِجُ لَٿو سوڍلَ اَچي- مَهڪائي مَحلاتِ
    هاڻي ته هَر ڪا راتِ- روحُ بَه راڻو ٿو لڳي-

    هر ڪو ناهي مينڌرو- مومَلَ جو مَن چورُ
    سوئيِ سورِهيهُ ليکبو- جو ٿيندو سِرَ گهورُ
    زاهد ماڻهو مورُ- پَڌرو هوندو پِڙَ ۾

    راڻا تُنهنجي روپ کي- پوڄيو ٿي پوڄيان
    سِرُ تون آن سائين به تون- سَجدا ڇو نه ڪيان
    زاهدَ ڪيئن نه پيئان- مئه آ مُنهنجو مينڌرو

    بي ڏوهي رولي، وئين- راڻا مون کي راتِ
    تَنَ مان جا نِڪري نٿي- اَهڙِي ڏئي وَئين تاتِ
    توريءَ هاڻي حياتِ- مورُ نه جيئنديس مينڌرا

    راڻا توريءَ ڪاڪ جا- رنگ سَڀئي اُجڙيا
    سُتيءَ کي اَڄُ سُورَ ڏئي- ساڙي وئين سُکڙا
    ڏنا تُو ڏکڙا- ته مون تو تان سِرُ گهوريو-

    زاهد ڪهڙي زندگي- جنهن ۾ ناهي جيت
    هارائڻ جي ريت- جهوري آهي جيءَ لئه

    جيئن جيئن ڏينهن تتو ٿيو- تيئن تيئن گهاوَ تتا
    زاهد روح رتا- موريئون آڻ نٿا مَڃِن-

    زاهدَ سانڍينديون رَهيون- اکڙيون اوسيئڙا
    مَنَ جا موتيئڙا- اَندَرُ تنهنجي آسري،

    اکين ساڻ عجيب جي- ڪاتيون ڪينَ پُڄن
    تِکا تيرَ نِگاهَه جا- ڇو ها خوبُ ڇُٽَن
    ايندا ويندا ڪيترا- راهي روزُ ڪُسَن
    عاشق اُف نه ڪن- زاهدَ ڪڏهن زبان سان

    پنهنجي جهوليءَ ۾ رَکي- تُنهنجا ڳاڙها ڳَلَ
    پنهنجا سارا پَل- مون توکي ارپي ڇڏيا

    هر ڏاڍو ٿو ڏيهه کان- خوشيون روز کسي
    چَئُه بادل برسات کي- ٿر تي هيلَ وَسي
    ڏکن کي به ڏسي- ته مارو هاڻي مُرڪندا

    مارو سڀئي مُرڪندا- ساوا ڏسي گاهَه
    چوندَئي زاهدَ جا پرين- وڏ ڦُڙا وَهه واهَه
    سَرها ٿيندا ساههَ- ٿر جي ٿڌِڙي هيرَ سان

    ٿرَ جي ٿڌِڙي هيرَ سان- خوشبوءِ جا هُٻڪارَ
    ڏِسيِ نيڻ ٺري پَيا- ساوڪ جا سينگارَ
    زاهد ڪيچَ قرارَ- مليا سَڀ ڪنهِن ساهَه کي

    ڏيندي سَڀ ڪنِهن ساهَه کي- ڏاڍي سُندرتا
    زاهدَ گهڙي وَقت جي- اَچڻي آ هي سا
    تون سمجهين ٿو ڇا؟ پاپي پَنهنجي پاڻ کي-

    پاپي پنهنجي پاڻ کي- پاڻ ويهي سَمجهاءِ
    سَگهو پَنهنجي پاڻ کي- سَمجهين ٿو ڇا لاءِ
    مُورُ نه مِلندئي جاءِ- جنهن پَل جهانگي جاڳندا

    جنهن پل جهانگي جاڳندا- ڪونڌر پُٽَ ڪنڌارَ-
    آزاديءَ جي عشق ۾- سِنڌُ ڪندي سينگارَ
    زاهد من جا ٺارَ- ماڻيندا سڀ ساهڙا

    مُنهنجي گهَر مَهمان ٿي- آءُ پرين تون آءُ
    سمنڊ ڪناريَ تي اچي- مَڇي ماني کاءُ
    زاهد مُنهنجو ڀاءُ تون- ۽ مان تنهنجو ڀاءُ
    تُنهنجي مُنهنجي ماءُ- ساڳي سانئِڻ سِنڌُ آ-

    پَنهِنجي سانئڻ سِنڌُ آ- جَنتَ جي وادي
    جَنهِنجي آزادي- زاهد جو ايمانُ آ

    زاهدَ جو ايمانُ آ- ٿيندي سنِڌُ آزاد
    ڌرتيءَ جا دُشمنَ سَڀئي- ڪنداسين بَرباد
    عاشق پوءِ آباد- ٿيندا ساريءَ سِنڌُ ۾

    ٿيندا ساريءَ سنِڌُ ۾ موجون ۽ ميلا
    زاهدَ سي ويلا- آهن دل جي آس ۾

    فيشن ايبل ڇوڪري- ميريون ٿئي سوچون
    تهڙي ناهين تون- جَهِڙي مُنهنجي مارُئي-

    فيشن ايبل ڇوڪري- پُنهونءَ لئه نه پُڇاءِ
    سَسُئي تون نه سڏاءِ- ويهي اي سي ڪار ۾-

    فيشن ايبل ڇوڪري- ڀَل تون پاڻُ سَنوار
    مِلندو پر ميهار- سَچيءَ سُهڻيءَ کي هِتي-

    فيشن ايبل ڇوڪري- مومَلَ ڪيئن ٿيندي
    جا سِرُ گهوريندي- سا ماڻيندي مينڌرو

    فيشن ايبل ڇوڪري- پيار نه ڄاڻين تون
    تُنهنجون ٻئي اکڙيون- هِرکن ٿيون هَر ڪنهِن مَٿان-

    سَسُيون بَڻجي پئو سَڀئي- سُهڻيون ٿيو ساريون
    نيهَن پُٺيان ناريون- مومَلَ ريت رَکي هَلو-


    2

    پنهنجي عِزتَ پاڻ جي- ڄاڻي هَر اِنسان
    ڪري ڪڏهن ڪينَ ڪي- ميرو پَنهنجو مان
    زاهد پَنهِنجو زِيان- پنهِنجي هَٿَ ۾ آ پرين-

    جائز رکڻي آ پرين- پنهنجي هَر مَرضي
    ڪرڻي ناهي فرض ۾- ڪائي بي فرضي
    زاهد خود غرضي- ماڻهوءَ جي لئه موت آ-

    ماڻهوءَ جي لئه موت آ- وِک وِک وِڪامڻ
    ظالم کي سائين چوڻ- جابر آڏو جُهڪڻ
    اهڙو ڪم ڪرڻ- زاهد ظلم آ پاڻ سان

    زاهد ظلم آ پاڻ سان- اُبتي واٽ وٺڻ
    سِڌيءَ سَچيءَ راهَه کي- بيهي بَندِ ڪرڻ
    پَنهِنجَن کان پاسو ڪري- غيَرن سان گڏجڻ
    جڳَ ۾ پوءِ جيئڻ- سچن کي سُونهي نٿو-

    سَچن کي سُونهي نٿو- رُڳو پِيو روئڻ
    زاهدَ ڪڙي سَچَ کان- لَنوائِڻُ لِڪڻ
    جاهِل ٿي جيئڻ- ڪيڏو ڪُڌو ڪَمُ آ-

    ڪيڏو ڪُڌو ڪَمُ آ- ماڻهوءَ کي مارِڻُ
    قاتِلَ کي انصافَ جي- ڪُرسي ڏِيارڻُ
    ظالمِ کي سَردارُ چَئي- پَٽڪو پارائِڻُ
    زَهرُ آ کارائِڻُ- زاهدَ پنهنجي پاڻَ کي-

    زاهدَ پنهنجي پاڻ کي- ڏاهي سوچَ ڏِجي
    واهُرَ بَڻجي وَطنُ لئه- سَچي سَگهَه ٿِجي
    واٽَ اُها وَٺجي- جنِهن ۾ جَڳَ جو آجِپو-

    جنهن ۾ جَڳَ جو آجِپو- سوچون سي آڻيو
    زاهدَ ايڪو پاڻ ۾- واڻَ جِيان واڻيو
    وِڙهو جَنگِ وُجودَ جي- ڇاتين کي تاڻيو
    پوءِ ويهي ماڻيو- آزادي اِنسان جي-

    آزادي اِنسان جي- ڌرتيءَ جو سينگارُ
    آزاديءَ ۾ عشق آ- آزاديءَ ۾ پيارُ
    زاهد آزاديءَ بنا- هَر بَندو بيڪارُ
    هي سارو سَنسارُ- آزاديءَ ريءَ اوپرو-

    آزاديءَ ريءَ اوپرو- ماڻهو ماڻهوءَ لاءِ
    رَکڻي رهزن لاءِ ڪا- جَڳَ ۾ ناهي جاءِ
    ڇاجي واٽ ۽ واءِ- عِشقُ گهُري ٿو آجپو-

    عشق گهُري ٿو آجِپو، عاشقَ سِرَ ڏيندا
    زاهِدَ مالَ مَڏيون سَڀئي- گَهرَ ٻَرَ گهوريندا
    ڏک سان ڏوريندا- سوچيندا هر سُونهَن لئه-

    سوچيندا هر سُونهَن لئه- سڀئي سونهن شناسَ
    ٽِڙندا گُلَ گلابَ جا- ويڙها وَٺندا واسَ
    زاهدَ هيل حراسَ- رَهندا مُور نه راڄَ ۾-

    رَهندا مُورُ نه راڄَ ۾- قاتلَ ڪالهوڪا
    زاهدَ ساريءَ سِنڌُ ۾- هيلَ ڏِنِا هوڪا
    ٿُڏن ۾ ٿوڪا- ٿيڻا آهن ٿرٿِلي-

    ماڻهوءَ جي هڪ مُند آ- جَنهِن ۾ جيئي ٿو
    زاهدَ هَر ڪو وَقت سان- هيڻو ٿيئي ٿو
    گوڏا گيهي ٿو- نيٺِ مِٽيءَ جي ماڳ ڏي-

    نيٺِ مِٽيءَ جي ماڳَ ڏي- هَلڻو آ هَر ڪو
    مِٽي مِٽيءَ ساڻ ٿي- مِلڻو آ هَر ڪو
    ٿيڻو آ هر ڪو- جيءَ کان جانيئڙو جُدا-

    جيءَ کانِ جانيئڙو جُدا- جيڪر اِيئن نه ٿئي
    ماڻهو پَنهنجي زندگي- مَرضيءَ ساڻُ جيئي
    ساقي امَرَت جا ڀَري- اَهِڙا جام ڏِئي
    جيڪو جيءُ پيئي- زاهدَ ماڻي زندگيون

    زاهد ماڻي زِندگي- هَر ڪو جيءُ هِتي
    ڇو ٿا روليو روحَ کي ڪا ڏي ڪيئن ڪِٿي
    جيئڻو آهي جِتي- جيئڻ ڏيو هَر جيءَ کي-

    جيئڻ ڏِيو هَر جيءَ کي- زاهدَ هِن جَڳَ ۾
    جيئڻ جو هِتِ آ مَزو- دل جي هَر دَڳَ ۾
    عشق ڪيو اڳ ۾- اَندرَجي اِنسانَ سان-

    اَندَرَ جي اِنسانَ سان- اوريو دل جا حَالَ
    پاڻَ کي پاڻَ جوابَ ڏِيو- ڪيو پاڻَ سوالَ-
    جيءُ پوءِ وَٺندو جالَ- زاهدَ سُکَ سَنسارَ مان-

    زاهدَ سُکَ سنسارَ مان- اوکا مِلندا ٿَئي
    دوکي سان هَرِ واٽَ ۾- دوکا مِلندا ٿئي
    جوکا مِلندا ٿئي- جي نه سُڃاتُئي ساههَ کي-

    جي نه سُڃاتُئي ساهَه کي- ساهُه نه ڏيندُئي سُکَ
    هڪ پاسي آ زندگي- ٻي پاسي آ بُکَ
    ڏاڍا مِلندئي ڏُکَ- جي نه ڪندين ڪا جُستجُو-

    سَفَرَ پنهنجي ساٿ جا- جَنمَن کان جاري
    پورهيَتَ هاري پاڻَ سان- سَڄڻ ساٿاري
    زاهدَ سِنڌُ ساري- صَدِيُن کان ناهي سُتي-

    صَدِيُن کان ناهي سُتي- جاڳي ٿي هرجاءِ
    جيئي جيجل سِنڌُ ٿي- پَنهنجَن ٻَچڙن لاءِ
    زاهدَ ساري قومَ جي- سوچُن کي سَمَجهاءِ
    اَهِڙا نغمه ڳاءِ- جو سِنڌُ نَچي هَر ساههَ ۾-

    سِنڌُ نَچي هَر ساهَه ۾- اَهِڙا ڏينهن اَچن-
    ويڙهيچا ڪَنهِن ويڙهِه لئه وَڏو ڪن وچن
    اهڙا مَچَ مَچن- جن ۾ جبُر جَلائِجي-

    جَنِ ۾ جَبُر جَلائِجي- وَٺِجَن سي واٽون
    آءُ ته زاهِدَ سِنڌُ ۾- ٻاريون سي لاٽون
    ڏينهَن توڙي راتِيون- جَرَڪَن سارا جيئڙا-

    جَرڪَن سارا جيئڙا- جَنهِن ۾ سا چانڊاڻ
    چَنڊَ مون کي ڏي تون لِکي- مُنهنجي ڌرتيءَ ڪاڻِ
    زاهد هر ڪاراڻ- دُفُ ڪَجي هڪ ڌَڪَ سان

    دُفُ ڪجي هڪ ڌَڪَ سان- سنڌ مان سوچَ خرابُ
    سڀني سنڌين آ ڏٺو- ساڳيو سُهڻو خوابُ
    جلدي ڏيومِ جوابُ- ڪَمُ ڪندئو هي قومَ لئه؟-

    ڪَمُ ڪندئو هي قومَ لئه- آزاديءَ وارو
    جيئڻ جي لئه ڪو نه آ- ڪوئي ٻيو چارو
    زاهد سَگهارو- ساٿُ کپي ٿو سِنڌُ کي-

    ساٿُ کپي ٿو سِنڌُ کي- ڪيو هَٿَ مَٿي،
    سَندرو ٻَڌي سِنڌُ لئه- جيئڻو آ جن کي
    زاهد روئندن تي- روز ٿا راتاها لڳن-

    روز ٿا راتاها لڳن- گهايل گَڏُ ٿيو
    زاهدَ ساڳيءَ سوچَ جو- وَڏو سَڏُ ٿِيو
    هِڪڙو هَڏُ ٿيو- واٽ وَٺو پوءِ ويڙهِه جي-

    واٽ وٺو پوءِ ويڙِهه جي- سوچي سَمجهي ڪا
    زاهدَ پنهنجي پاڻ مان- ڪڍو ڇو ۽ ڇا
    هوندي ها ۾ ها- ته سُرندو وڃبو سوڀَ ڏي

    سُرندو وَڃبو سوڀَ ڏي- روڪيندو پوءِ ڪيرُ
    هَر دلِبرُ هِن دَيسَ جو- دودو آهي دليرُ
    زاهدَ هَر هَٿُ پيرُ- وڌندو وِڙهندو سِنڌُ لئه

    وَڌندو وڙهندو سِنِڌُ لئه- وارثُ ڌرتيءَ جو
    جنگ اَمُنَ جي لاءِ آ- جيڪو جوٽيندو
    زاهد سو ٿيندو- سوڀارو ساڻيهَه ۾

    سوڀارو ساڻيهَه ۾- جيڪو ٿيندو آ
    اُن کي ڏيندو آ- جايون هَر ڪو جيءَ ۾-

    حُسنُ جڏهِن آڏو اَچي- مَنُ موهيندو آ
    عِشقُ تڏهن ڪَنهِن جيءَ جو- جَذبو ٿيندو آ
    پيارُ ٻنهي جا پاڻَ ۾- جيءَ جوڙيندو آ
    پوءِ ماڻيندو آ- زاهدَ ساههُ سُڪون کي

    زاهدَ ساههُ سُڪون کي- جَڳ ۾ ڳولهي ٿو
    مُورُ نٿو جَڳَ ۾ مِلي- مَنَ ۾ ٻولي ٿو
    پوءِ ڇو رولي ٿو- ماڻهو پَنهِنجي پاڻ کي-

    ماڻهو پنهنجي پاڻَ کي- جيڪو سُڃاڻي،
    زاهدَ مُورُ نٿو پَوي- ڳڻِتِيُن ڳاراڻي،
    سوئي ٿو ڄاڻي- رازَ انوکا روحَ جا-

    رازَ اَنوکا روحَ جا- راحت ۾ مِلندئي
    زاهد سُکَ سُڪون جي- ساعَتَ ۾ مِلندَئي
    چاهَتَ ۾ مَلندئي- چاهَه سچا هَر ساهَه کان

    چاههَ سَچا هَر ساههَ کان- هَر ڪو چاهي ٿو
    ڳَٽُ اَنا جو ڳاٽَ مان- ڪوڪو لاهي ٿو
    نفرتَ جي ديوار کي- جيڪو ڊاهي ٿو
    سوئي ٺاهي ٿو- زاهدَ رَستا پيار جا

    زاهدَ هَر اِنسانَ جو- حالُ حقيقي هيءُ
    اُس نه سَهندو اَنگَ تي- ساڻُ نه کڻندو سيءُ
    چاهي ٿو هَر جيءُ- جَنَتَ جَهِڙي زندگي

    جَنَتَ جهَڙي زندگيَ مِلندي آ جاتي
    زاهدَ آهي ڏاڍَ جي ڏَاڍائي تاتي
    جُهڪندو جابِرُ ناهي ڪو- پاپي پاراتي
    کڻبي آ کاتي- جَنگِ جيئڻ جي لاءِ ڪا-

    جنگ جيئڻ جي لاءِ ڪا- هر ڪو لَڙندو آ
    سو ساڙيندو سُورَ کي- جيڪو سَڙندو آ
    زاهدَ هَر ظالِمُ جَڏهِن- سوليءَ چَڙهندو آ
    راجا رَڙندو آ- ڏِسي مَحشَرُ مَحَل ۾َ

    زاهد مَتِ مُنجها گهڻا ماڻهو ٿئي موڳا
    جهڙا ڪارا ٻاهِران- تيئن اَندرَ ڪوجها
    سُڃا آهن ساڙَجي- سوَچُن ۾ سوگها
    گاريون ۽ گوگها- ڏين ويٺا ڏيهَه کي-

    زاهدَ مون کي ڳوٺَ جون- ڳڻتيون ٿِيون ڳارِن
    پَنهِنجا پَنهنجَن کي جِتي- وِههُ ٿا پيئارِن
    رِشتا پنَهَنجيءَ رَتُ کي- بيٺا آزارِن
    مون کي ٿِيون مارِن- ڳالهيون پَنهنِجي ڳوٺَ جون-

    ڳالهيون پَنهنجي ڳوٺَ جون- ڪهڙي مُنهنِ ڪَجَن
    انائي اِنسانَ ٿا- جتي جَالَ رَهن
    زاهدَ سَڀئي پاڻَ کي- صَاحَبُ ٿا سَمجَهن
    ڪونهي ڪَل ڪُڌَن- صاحَبَ جي سُرهاڻِ جي-

    صاحَبَ جي سُرهاڻِ جي- جن کي سُڌِ پَئي
    سي ئي صاحَبَ ٿي وَيا- سُهَڻي سوچَ ڏئي
    جاهِلَ جاهِلَ ئي رَهيا- مُنڌنِ مَتِ وَئي
    سَمجهي سَچُ ڪيئي- زاهِدَ حاڪِمَ ٿي ويا-

    زاهِدَ حاڪِمَ ٿي وَيا- رَهيا ڏِسندا راڄَ
    وَڏيون واڌايون وَتئون- اَهِڙا ڪيئون ڪاڄَ
    ساڳي سوچَ پهاڄَ- پوءِ به پَنهِنجَن جي رَهي-

    توڙي پَنهنجي ڳوٺَ مان- مِليا ٿم آزارَ
    رَکِيَمِ پوءِ بَه روحَ ۾- پَنهِنجَن جي لئه پيارَ
    وِڙهن وَڍن روز ڀَلُ- ڏِيَنُ ڏُکَ هَزارَ
    رَهڻِو آ ته به يارَ- زاهدَ پَنهِنجي ڳوٺَ ۾-


    3

    زاهِدَ پَنهِنجي ڳوٺَ ۾- ڪرڻو آهي ڪَمُ
    ڏِيڻو آ نئين نسل کي- عِلم ڪِتابُ قلم
    جيسين آهي دَمُ- سَڄي سِنڌُ سَنواربي

    هَلو ته دُنيا سان هَلئون- هَٿَ ۾ هَٿُ ڏئي
    ڪيسين جيئندَئو راتِ جي- رَسُمن مَنجهه رَهي
    مَرندئو موڳيءَ ماٺِ ۾- صَدما سُورَ سَهي
    زاهدَ واٽَ لَهي- وِکَ وَڌايو وقت سان

    وِکَ وَڌايو وَقتَ سان پَنهنجي مَنزِل ڏي
    پَهُچَڻ جو پيغام ڏيو- قوم سموريءَ کي
    جيڪو وِيندڙ وَقتَ جي- سَگههَ نٿو سَمجهي
    سوئي ٿو سُڏڪي- زاهد ساري زندگي

    زاهدَ ساري زندگي- ڪبا سَچا ڪَمَ
    دَردَ نه رهندا ديسَ ۾- غارُ ڪبا سَڀُ غَمَ
    مُنهنجا سارا دَمَ- سَچا رَهندا سِنڌُ سان

    مَحبُوبَن مون سان ڪيئي- وڏا وَڙَ ڪيا
    ڏينهُن نه ڪوئي ڏورِ ٿِيا- راتيون گَڏُ رَهيا
    زاهدَ اَڻ مَيا- سُکَ ڏنائون ساههَ کي

    جايون ڏِنيون جيءَ ۾- مون کي مِحِبُوبَن
    زاهدَ پيالا پرِيت جا- پِيا ٿا پيئارِن
    قُربَ اُهي ٿا ڪَنِ- ڪاٿو جَنِ جو ڪو نه آ

    سانڍيو اَهِڙو ساههَ ۾- مون کي محِبُوبنَ
    ڪَمي پَنهِنجي قُربَ ۾- ڪا به نٿا هُو ڪنَ
    پِيا ٿا ساههَ کڻن- زاهِدَ جي هَرِ ساههَ سانَ

    مَحِبُوبَن مون سان مِٺا- سَفرَ ڪيا سي،
    شِروع ٿيا الف کان- وَڃي پَهُتا يي
    تَڏهِن زاهدَ کي- پَئي ڪَلَ پريتِ جي

    مَحِبُوبَن کان مون رَکيو- ڪو به نه پَنهِنجو رازُ
    پرين تڏهن پاڻ ٿيا- انَدَرَ جو آوازُ
    ساهَنِ ۾ سُرُ سازُ- زاهَدَ بِرههَ ڀَري ڇَڏيو

    مَحِبُوبَن جون مَحِفلُون- ماڻِن سي مُشتاقَ
    ڏڪائِن ٿا ڏاڍَ کي- بي ڌڙڪِيا بي باڪَ
    زاهِدَ تَنِ جي هاڪَ- هَلي ٿي هَر جاءِ تي

    مَحِبُوبَن جي سوچَ ۾- سارو اَٿئي سَچُ
    راحَتَ گهُرجَئي روحَ جي- ته رَنگَ سَچي ۾ رَچُ
    اَچُ ڀَلي پوءِ اَچُ- زاهدَ مَنَ مَحِبُوبَ ڏي-

    مَحِبُوبَن جي سُونهَن ۾- جيڪا آ سُرهاڻِ
    سا هرگز هوندي نه آ- زاهدَ سَڀني ڪاڻِ
    سُونهَن شناسيءَ ساڻُ- ساههَ وَٺن سُرهاڻِ ٿا

    درد ڏکايل ديس جا- ايڏا ٿم آزارَ
    لکڻ لاءِ کپي اڃان- هِڪڙي ٻي به ڄَمارَ
    پوءِ به زاهد يارَ- لِکي لکندُس ڪيترا-

    درد ڏکايل ديس ۾- وڌي وِيا ايڏا
    زاهد ڌرتيءَ کان وٺي- آڪاشن جيڏا
    قاتل هو ڪيڏا- ڏاڍ ڪرِن ٿا ڏيهه ۾-

    درد ڏکايل ديس مان- ڌڪڻ ٿا چاهيون
    غم جا گهايل پاڻ ۾- گڏجي پيا آهيون
    اچو هر عذاب کي- هاڻي هارايون
    زاهد جرڪايون- سارو جَڳُ سُڪون لئه

    درد ڏکايل ديس تون- سهين ٿو ڇا لاءِ
    سُهڻن سَچن سورمن- جوڌن کي جاڳاءِ
    زاهد سو ڪُجهه ڳاءِ- سَڏُ ٿئي جو سُک جو

    درد ڏکايل ديس جا- سُورَ سَليَم جنهن سان
    ڏاڍي سُهڻي ۽ سچي- موٽ مِلَيَم تنهن کان
    مور نه آ ڪنهن کان- زاهد مايوسي ملي

    درد ڏکايل ديس جا- جيڪو سمجهي ٿو
    سوئي پنهنجي ڏيهه لئه- ڏاهو سوچي ٿو
    جيڪو تڙپي ٿو هتي- سوئي لوچي ٿو
    زاهِدُ پَڄري ٿو- بيت ٺهن ٿا باهه مان

    درد ڏکايل ديس جا- ڪبا نيٺ ختم
    ڪرڻو آهي پاڻ کي- زاهد اهڙو ڪم
    جنهن کان پوءِ هر دم- مِلندا سُک- ساڻيهه ۾.

    جنهن پل ۾ انسان ڪو- پاڻ سُڃاڻي ٿو
    تنهن پَلَ مَنجهِه وُجودَ جو- مقصد ماڻي ٿو
    ڄاڻو ڄاڻي ٿو- زاهد ڇاهي زندگي-

    زاهد ڇاهي زندگي- جنهن پل سَمجهو مون
    تنهن پَل جاني جيئڙا- سمجهه ۾ آئين تون
    مُرڪي مِلياسون- روح اندر جي راز ۾

    روح اَندرَ جي راز ۾- مون سان مِلين ايئن
    مِلندو آ محبوب ٿي- ٻِجُ ٻَنيءَ سان جيئن
    تون به ته مون سان تيئن- ٻکجي ٻيهر ٿو ڦُٽين

    ٻکجي ٻيهر ٿو ڦٽين- واسين ٿو ويڙها
    ڪنهن جيءَ ۾ قربائتو- ڪنهن جيءَ ۾ جهيڙا
    زاهد توجهڙا- روز ڏٺا نئين روپ ۾

    جيءَ ۾ اٿم جُستجو- جاڳائي ٿي جا
    من ٿو جا منزل گهري- لوچي لهبي سا
    عشق ڇڏيندو ڪين آ- لوچَ اڌوري ڪا
    زاهد وٺڻي آ- راهه مِلائي روح سان

    جاني ڪبي جُستجُو- جيسين جيئڻو آ
    جهڙو چيو جيئڙي- تهڙو ٿيڻو آ
    پنهنجي من جي مورتي- بڻجي بيهڻو آ
    زاهد ڏيڻو آ- پاڻي پنهنجي پاڻ کي

    جيڏي ڪبي جستجو- تيڏي ملندي موٽ
    سوچَ سَگهاري جي ڪبي- ڪيرائيندي ڪوٽ
    زاهد پنهنجي ساٿ سان- گڏبا ڪيئي گهوٽ
    هر ظالم کي چوٽ- ڏينداسين هن ڏيهه ۾

    جنهن جنهن ڪئي جُستجو- تنهن تنهن پاتا تاجَ
    بدلائي سُهڻن ڪيا- سُهڻا کوڙ سَماج
    زاهد ذهنن جا ڪيا- اهڙا عشق علاج
    ردي سڀُ رواج- آدم اُڇلائي ڇَڏيا

    مان ڪوجهو مان ئي ڪِنو- مان بُڇڙو بيڪار
    سائين تون سُهڻو به تون- صاحب تون سَرڪار
    زاهدُ تون محبوب تون- مرضيءَ جو مُختيار
    سارو آ سنسار- دلبر تنهنجي دَمَ سان

    مان ڇاهيان مان ڇاٿيان- ڪهڙو ڪيان ڪَمُ
    مان ته آهيان بس “آ” رُڳو- دلبرَ تون آن “دم”
    پايو توسان ڀاڪڙيون- هر هر ڪيان هَمُ
    زاهد جو ته به چَمُ- چيريو چوٽ چڙھيو وڃين

    ڏاڍي جي هر ڏاڍ جي- دانهن ڏيو ڪنهن کي
    هيڻوِو پنهنجي پاڻ کان- رکيئين هر ڪنهن کي
    زاهدَ جنهن تنهن کي- رولي ٿو هو راههَ ۾

    هُن آڏو هَر جيءُ آ- مِٽيءَ جو هڪ ڍيرُ
    ويهي ٿو ته وُجود آ- وڃي روڪي ڪيرُ
    زاهدَ هُن جو پيرُ- تيز آهي طوفان کان

    جيڪو ڏسجي ئي نٿو- تنهن کي ڪيئن ڏسندين
    سو ته سِڪائيندُ ئي پَيو- تون جنهن لئه سِڪندين
    جو تنهنجي وَسَ ۾ نه آ- سو ڪَمُ ڪيئن ڪندين
    زاهد سَچُ سِکندين- ته ساجَنُ مِلندُئي ساههَ ۾

    ساجَنُ مِلندُئي ساههَ ۾- سمجهي ويندين سَچُ،
    دل وارن جو دوست ٿيءُ- بازارين کان بَچُ
    ڪوري ڪَڍُ قلب مان- زاهدَ ڪوڙ ۽ ڪَچُ
    رَنگَ روحانيءَ رَچُ- ته من ۾ پسندين مُحب کي

    مَنَ ۾ پَسندين مُحبُ کي- اهڙا ڏِسندين ڏينهن
    وَسندئي دل جي ديس ۾- مُحبت وارا مينهن
    زاهدَ نوان نينهن- راحت ڏيندئي روح کي

    راحت ڏيند ئي روح کي- ديدون دلبر جون
    واٽون وڻندئي ڪين پوءِ- مسجد مندر جون
    چارئي ڪُنڊون چَمڪندَئي- زاهد اندر جون
    دلبر جي در جون- راڻا مِلندئي روشنيون

    راڻا مِلندئي روشنيون- اهڙيون عشق وٽان
    آجو رهندين عُمر ڀر- ڪارين راتين کان
    سِجُ به وٺندو سوجهرا- تنهنجين سوچن کان
    زاهد پوءِ توسان- چَنڊُ نه چالاڪيون ڪندو

    چَنڊُ نه چالاڪيون ڪندو- ڏِسي تنهنجي ڏات
    ڏک نه ڏسندو ڏينهن ڪو- روئندي ڪا به نه رات
    زاهد ماري موٽجانءِ- ظالم سندي ذات
    وائي هر ڪنهن وات- پوندي پوءِ پريت جي

    جيئن جيئن پنهنجي پاڻ کي- وَڍيمِ ويهي پاڻ
    تيئن تيئن پنهنجي پاڻ جي- سَچي پَيم سُڃاڻ
    زاهد راڻل روح ۾- ڇو ايڏي ڇڪتاڻ
    ڇولي ڪڍَيمِ ڇاڻَ- ته اَندَرُ اُجرو ٿي پَيو

    اندَرُ اُجرو ٿي پَيو- پاڻ سُڃاتُم پوءِ
    پاتمِ پنهنجي پاڻ ۾- پريان سندي لوءِ
    زاهد من جي ماڳ ۾- هوت ازل کان هوءِ
    گهر مان نڪري گوءِ- ڪنهن جي ڪارڻ ٿو ڪرين

    ڪنهنجي ڪارڻ ٿو ڪرين- پنڌ پهاڙن ۾
    ڪَنُڌ کڻي ڏِسُ قلب ۾- ڪَڙههُ نه ڪاڙهن ۾
    زاهد ڇو رولين پيو- روحُ اُجاڙن ۾
    پُڇُ نه پاڙن ۾- من ۾ ڏِسُ مَحبوبَ کي

    من ۾ ڏِسُ مَحبوبَ کي- ويٺو آهي ڪيئن
    جرڪي ٿو هرجاءِ تي- جڳَ جو والي جيئن
    دل ۾ زاهدَ تيئن- دل جو دلبر ٿو رَهي،

    دل جو دلبر ٿو رَهي- طورُ کڻي تاتي
    اَندَرَ اُجرا ٿو ڏسي- جيءَ پرين جاتي
    زاهدَ تون ڪاٿي- سجدا ڪنهن کي ٿو ڪرين

    سَجدا ڪنهن کي ٿو ڪرين- وَرهين کان ويٺو
    جاتي تون جاچين پيو- تاتي ڪونهي ڪو
    مُنجهيلَ مَت کنيو وتين- مِيان مُلان ڇو
    زاهدَ صاف سَچو- ٿيءُ ته ميلندين محب سان

    ٻاهر سُهڻيون صورتون- اندر ڪَچرو ڪِنُ
    ماڻهو سو مُردار آ- جنهن کان چَڱو جِنُ
    زاهدَ سُهڻيءَ سوچ کان- ناتو مُورُ نَه ڇنُ
    مَنُ رَهندُ ئي مومِنُ- ته ماڻي ويندين مُحبتون

    ماڻي ويندين مُحبتون- سَچيون سَموريون
    مَن جي ميرَن کان ڪندين- دل سان جي دوريون
    زاهد عشق عبادتون- ڪُل ڪجانءِ پوريون
    چاهت جون چوريون- مِلندئي پوءِ محبوب کان

    مِلندئي پوءِ محبوب کان- ڏاهپ وارا ڏَسَ
    ڏَسَ ڏسيندئي ڏيهه ۾- گهوٽ ٿيڻ جا گَسَ
    زاهدَ چکندين چاههَ سان- چاهت وارا چَسَ
    راحت جا سَڀُ رَسَ- پاڻ پيئاريندُئي پرين

    پاڻ پيئاريندُ ئي پرين- ڀري، جاڙا جامَ
    جاڙا ڏيندَئي جيءَ کي- اَندرَ جا آرامَ
    دارو سمجهي درد جو- لِکجانءِ لَکَ ڪلامَ
    زاهد جايون جامَ- جُڙندَئي هر ڪنهن جيءَ ۾

    جُڙندئي هر ڪنهن جيءَ ۾- جيئڻ لئه جايون
    چوندَئي کوڙ اسين تُنهنجا- عاشق ٿيا آهيون
    زاهد ورهين کان تنهنجون- وايون ٿا ڳايون
    پنهنجو ٿا ڀايون- تنهنجي سُهڻيءَ سوچ کي

    تنهنجي سُهڻيءَ سوچ کي- سيني لائيندا
    سَگههَ وڌائي ساههَ جي- سينا ساهيندا
    ڏڪندا مُورُ نه ڏاڍَ کان- ڏاڍُ ڏڪائيندا
    زاهدَ ڊاهيندا- ڊوهن جي هَر ڊوههَ کي-

    ”اندر جي انسان سان- ڪيم روح رهاڻ“
    پل ۾ پنهنجي پاڻ جي- ڄَمَ کان ڏنئين ڄاڻَ
    زاهدَ پنهنجي پاڻ کي- ڇو ٿو رولين پاڻ
    سوچي ڪر سُڃاڻ- ته سڀ ڪُجهه اٿئي ساههَ ۾

    سَڀُ ڪُجهه اٿئي ساههَ ۾- سوچي سمجهي هَلُ
    ٻيو سَڀُ ڪُجهه ٻي، جو اَٿئي- پنهنجو ٿئي هي پَلُ
    چيري اُڇلِ چورَ کي- چڱائيءَ سان چَلُ
    زاهد پوءِ مقتَلُ- مِلئي ته به مُحبوب ٿئي-

    مِلئي ته به مَحبوبُ ٿئي- جيڪو چوئي جيءُ
    جڙجي اُن جي، جيءَ سان- ٿانيڪو تون ٿيءُ
    وقت نه ويهندُ ئي ويل ڪا- پَلُ پَهرُ ٿئي هيءُ
    جيئڻو اٿئي ته جيءُ- زاهد من جي موج سان

    زاهدَ مَنَ جي موجَ سان- جيڪو جيئي ٿو
    جيون مان اوتي اُهو- امرت پيئي ٿو
    باقي هر ڪو گهر سَندو- گاڏو گيهي ٿو
    بڻجي بيهي ٿو- موڳو هر ميدان ۾-

    موڳو هر ميدان ۾- ٿيندو آ جيڪو
    زاهدَ پنهنجي ساههَ جو- سَڄڻُ ناهي، سو
    پنهنجي راڻل روح کي- روئاري، بيٺو
    ڪانئِرُ آ ڪيڏو- ڪِنو ڪُجهه نٿو ڪري-

    ڪِنو ڪُجهه نٿو ڪري- پٽيو پنهنجي لاءِ
    سِڪائي، ٿو ساههَ کي- زاهدَ هو هَرجاءِ
    رُڳو واٽ ۽ واءِ- ورهين کان ويٺو چوي.

    ڪڻا جيڪي، ڪڻڪ جا- خلقين ٿا سَڀُ کيٽَ
    زاهدَ تن جي قُرب جي- ڪنهن سان ڪجي ڀيٽَ
    ڀَرين بُکايَل پيٽ- پاڻ وڃن ٿا پيسجي

    کجيون ساوڻ ۾ جڏهن- جهومَڪَ پائن ٿيون
    زاهدَ بيوس نينگريون- بُکَ پَچائن ٿيون
    تڏا ٺاهِن ٿيون. مايون مُنهنجي ڳوٺ جون

    پوک پَچائي ڪڻڪ جي- لابارا لاهي،
    هاري موٽيا اُس مان- ڳاههُ جڏهن ڳاهي،
    زاهدَ ٻوليو ٻارڙن- چُلههِ ٻَري ناهي،
    بابا سائين ڪالهه کان- پيٽُ بُکيو آهي
    ڌڙ ۾ دم ناهي- اٽي لپ آڻيو ڪٿان-

    آسَ مِٺائيءَ جي رَکو- مَتان مِرچن مان
    پاڻُ جَهلي، پاسو ڪجو- لُچن لوگهن کان
    زاهد پوءِ سَچَ سان- جڳ جي سوچ سنوارجو


    هائيڪا

    هائيڪا

    آهي سِنڌُ ڌڻي
    چَئو نه شاههَ لطيف کي
    رُڳو ڀٽ ڌڻي

    سَچلُ توڙي سَچُ
    پَليا ٻئي هڪ هَنجَ ۾
    مَچي مَچايَئون مَچُ

    شاهه عنايت شاههُ
    هاريءَ ناريءَ جي وڌو
    سوچُن ۾ جَنهِن ساَههُ

    گهاڻو مُرده آباد
    بِلاول مَخدوم آ
    اَڄُ به زندهه آباد

    رُني سِنڌُ راڻي
    چڙهيو سُوليءَ تي جڏهن
    هيمون ڪالاڻي

    هوشوءَ جي لَلڪارَ
    مَرسون مَرسون جَنگِ ۾
    سِنڌُ نه ڏيسون يارَ

    آيا اَفغاني
    تُنهنجي مُنهنجي ڀاڱي جي
    کائي وِيا ماني

    سُڪيا مُنهنجا چَپَ
    سُڪل سُڪل جو ڏِٺم
    سِنڌوءَ سَندا ڪَپَ

    نيٺ ڪَجي ڇا يارَ
    مِاراَئيندا پاڻ کي
    پَنهنِجَن جا پِرڪارَ

    ويندئو هارائي
    سَچا ماڻهو جي سڀئي
    ويهندئو مارائي

    مَڃبي هارَ نه مُور
    سَگهَه اسان جي سُوچَ ۾
    زاهدَ آ ڀَرپُور

    سِنڌُ جي ڌرتي آ
    ڪيئن کائيندئو قاتلو
    هي نه اَمرتي آ

    ٿيندي سِنڌُ آزاد
    زندهه غيرت مَند آ
    ڌرتيءَ جو اولاد

    اَڃان ڪين مُئا
    مُنهنجي ڄَمڻ کان به اڳ
    گهَرَ ۾ دَردَ هُئا

    هِڪڙو ناهي غَم
    روز وَٺن ٿا ديسَ ۾
    ڪيئي دَردَ جَنم

    دَردَ اسان وَٽِ عام
    عيد اُنهن جي روز آ
    جَن وَٽِ پئسه جام

    اوڌر تي واپار
    ٻيڙي ٻوڙي ٿو ڇَڏي
    ڪچو ڪاروبار

    مالهي بي عَقُلَ
    بي ڏوهه پوکي جيل ۾
    قيد ڪيا ٿئي گُلَ

    او جيلرَ جَلادَ
    قيد ڪيا ٿئي گُلَ پر
    خوشبو آ آزاد

    هَر ڪَنهن لئه ناهِن
    دَردَ غريبَن لاءِ ئي
    پيدا ٿِيا آهن

    دَردَ وَندن جا ٻارَ
    دَردَ کڻي گَڏُ پاڻَ سان
    ڄَمندا آهن يارَ

    ڪيستائين رَهندا
    دَردَ اسان جي ديسَ مان
    نيٺِ ختم ٿيندا

    چَوي ٿو عالِم
    ڀَلي بُري جي ڄاڻَ آ
    چَڳَ جو سَڀُ عِلم

    لاڙي اُترادي
    اَهِڙي ڪِني سوچَ آ
    سِنَڌُ جي بَربادي

    زَخمي آهي سماج
    زاهدَ هِنَ سَماجَ جو
    ڪرڻو آهي عِلاج

    ڇاهي پاڪستان؟
    يا ته جَمهورِستان چَئو
    يا اِسلامِستان

    ڳائي ٿو فنڪار
    زاهدَ هرَ ڪنهن ديس جو
    اَمنُ مُحبتَ پيار

    جوڀَنَ ڪئي اُڇَلَ
    گورَن ڳٽن تي ڦٽُا
    ڳاڙها ڳاڙها گُلَ

    ڪَلههَ هُئي سامائي
    اَڄُ هوءَ مُنهنجي لاءِ آ
    اَنبَ کڻي آئي

    تُنهنجي گَهرَ جو دَر
    مُنهنجي لئه ڪائنات جو
    حَسين تر مَنظر

    ٻَهڪن ٻاهَرَ ۾
    ماڻهُن ويهاري ڇَڏيا
    وَحشي اَندرَ ۾

    ڊاڪٽرَ مُرڪَن ٿا
    فيسِ بنا هَرجاءِ تي
    زخمي تڙپن ٿا

    سَرڪاري ڊاڪٽَرَ
    دَوائون وِڪرو ڪري
    ٺهرائِن ٿا گهرَ

    ساڳيو آهي جَواب
    گندو سِسٽَم ٿو ڪري
    کاتا سَڀُ خَراب

    سِسٽَمَ جو آ ڏوهُه
    سِسٽَمُ جي سُڌري پَوي
    ڪو به نه ڪندو ڏوهُه

    کوڙَ ڪَمائي وِيو
    جيڪو گنديءَ سوچَ کان
    پاڻُ بَچائي وِيو

    منٽَن جو مَهمان
    پل ۾ وِڪجي ٿو وڃي
    ماڻهوءَ جو ايمان

    ٻوڙيندو آهي
    جيڪو ماڻهو سَمجهَه ۾
    ايندو ئي ناهي

    چَيو ٿاڻيدارَ
    ڪنهن کي ٿئي ٻَڌرائڻو
    حُڪم ڪر ڀوتارَ

    ساٿُ ڏجانءِ سَردارَ
    ٿاڻي جو ٺيڪو وري
    ورتو آ مون يارَ

    سِسٽَم اونڌو آ
    ايس ايڇ او هَر حَدَ جو
    حاڪم هوندو آ

    لِفافي لئه تِيار
    سُڃا صَحَافي سَڀئي
    ايس ايڇ او جا يار

    سوچن ويٺا کوڙ
    صحَافيءَ جي گهَر ۾
    آيا ڪيئن ڪِروڙ

    يار صَحافَتَ جو
    اَڌُ پڙَهيل اِنسانَ کي
    قلم ڏِيو ٿا ڇو

    وَقتُ اُهو ايندو
    نيٺِ ته ٿيندو خاتمو
    زرد صَحافَتَ جو

    سَچُ صَحافَتَ آ
    جا به صَحافَتَ آ سَچي
    سا ته عِبادت آ-

    مِيڊيا جا مالِڪَ
    زرد صَحافَتَ جا سَڀئي
    حقيقي خالِقَ

    ويٺا رَتُ پيئن
    مالِڪَ مِيڊيا جا سَڀئي
    شَلَ انسانَ ٿين

    ڇاجي يارَ پَگهارَ
    اِداري جي ٿا وَهن
    صَحافي وانگارَ

    چئبو سَچُ ضرور
    مَجبوري آهي ڪندي
    ماڻهوءَ کي مَجبور\

    اُتم سو آهي
    جيڪو پنهنجون بيوَسيون
    پاڻ بيهي ڊاهي

    ماڻهو باشعور
    زاهدَ ڪنهن ظالم اڳيان
    مُور نه ٿيو مَجبور

    سوچَ آرَنگيلي
    ڇا سَکڻي اعلان سان
    ايندي تبديلي

    ڪم ڪبا ڪيئي
    جَنگِ رُڳو وڙهبي نه آ
    ٽي ويءَ تي ويهي

    سوچُن کي سَمجهاءِ
    پهَريون پاڻ سُڌار تون
    پوءِ دُنيا بدلاءِ-

    ٿورو هيٺ لهو
    ماڻهن سان ماڻهو ٿيو
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪيو

    ٽي ويءَ ۾ ناهيان
    پوءِ به زاهدَ سِنڌُ جي
    هَر دِل ۾ آهيان

    هي ٽي وي ڇاهي
    ٽي ويءَ کان اِنسانَ جو
    مانُ اُتم آهي

    جڳ ۾ جهيڙو آ
    هر پاسي هر ڪُنڊ ۾
    نانيءَ ويڙهو آ

    ڪَنِهن کي ڏِيون مَيارَ
    ڦرڻي ڪُرسيءَ تي ويهي
    مَٽجي وِيا سَڀ يارَ

    ڌاريو ٿي ٿو پئي
    پنهنجو ٿو پَهچي جَڏهن
    اَعليٰ عُهدي تي-

    بازاري شاعِرَ
    شاعر ناهن سي اَٿئي
    گاڏيءَ جا ٽائِرَ

    جيستائين رَهبو
    پنهنجي حصي جو پرين
    ڪَمُ ڪري وَڃبو

    ڪوڙَ کي ڏِيو تيلي
    آڻيو زاهدَ سِنڌُ ۾
    سَچي تبديلي

    دردن جا دَرمانَ
    ايڌيءَ جهڙا ٿا کپن
    ڌرتيءَ کي اَنسانَ

    منزل ٿو ماڻي
    رُوحَ ۾ ويٺلَ رَبَ کي
    جيڪو سُڃاڻي

    رُوحُ پَيو رولين
    زاهدَ سجدن مَنجهه تون
    ڪنهن کي ٿو ڳولين


    شهيد ڀَڳت ڪنور رام کي ڀيٽا

    پيارَ سَندو پيغام
    هُيو هر انسان لئه
    ڀَڳت ڪنور رام

    ڄاڻي ٿو هر فرد
    ڀَڳت ڪنور رام هو
    هيڻن جو هَمدَرد

    سو ماڻهو نه هُيو
    ڀَڳت ڪنور رام کي
    جنهن وَحشيءَ ماريو

    سُڏڪي ٿو هر ساز
    سَچي راڳيءَ جو ٻُڌي
    دردَ ڀَريو آواز

    قاتِل ٿِيو بَدنام
    ڀَڳت ڪنور رامَ کي
    ڪيو سِنڌُ سلام


    لتا منگيشڪر کي ڀيٽا

    دنيا جي عظيم تر آواز جي وارث
    لتا منگيشڪر کي ڀيٽا

    سُر ۾ سَگهَه آئي
    ڌرتيءَ تي جَنهِن پَلَ ۾
    لَتا هُئي ڄائي

    بي مَقصَد هو ساز
    جي نه هُجي ها جڳ ۾
    لتا جو آواز

    آهن جَڳ جا مِيتَ
    لَتا جي آوازَ ۾
    ڳايَل سارا گيتَ

    رام ريجهائي ٿي
    رامَ جي ئي آواز ۾
    لتا ڳائي ٿي

    جنت ماڻي ٿو
    لَتا جي آوازَ کي
    جيڪو ڄاڻي ٿو

    زاهدَ جو سَجدو
    لَتا جي آوازَ کي
    رَهڻو آ رَهندو


    دنيا جي عظيم ترين راڳي سائين مهدي حسن کي ڀيٽا

    گُهلنديءَ هيرَ چَيو
    مَهديءَ جو ٿِيو آ جنم
    سُرَ ۾ ساههُ پَيو

    پي سِنڌُ جو پاڻي
    ديوي سُرَ ۽ سازَ جي
    مَهديءَ آ ماڻي

    جَڳُ جهومائي وِيو
    مُنهنجيءَ مِٺڙيءَ سِنڌُ ۾
    هِڪڙو مَهدي هو-

    مَهدي ڳائي ٿو
    ڄڻ ڳائي ڀَڳوان ٿو
    لتا پاڻَ چَيو

    قُدرتَ جو اَحِسان
    لَتا ۽ مَهدي حَسن
    موسيقيءَ جو مانُ

    سَڀُ چون ٿا گيتَ
    لَتا ۽ مَهدي حَسن
    موسيقيءَ جا مِيتَ


    سِنڌُ جي سڀني سُهڻن سِرجڻهارَن کي ڀيٽا

    شيخ اياز

    شاعر شيخ اياز
    رَهڻو مَحشرَ تائين آ
    ڌرتيءَ جو آواز

    استاد بُخاري

    عشق آهي اُستاد
    جنهن جو هر ڪو گيت آ
    هر دل ۾ آباد-

    تاجل بيوس

    رَسُ مُحَبتَ جو
    زاهدَ ماکيءَ کان مِٺو
    تاجل بيوس هو

    شمشيرالحيدري

    صاف اڇو جيئن کير
    زاهدَ سَچو تيئن هو
    شاعر ھڪ شمشير


    طالب المولا

    جيئڙا جهومن ٿا
    طالب المولا جا جڏهن
    نغمه گونجن ٿا

    تنوير عباسي

    هِڪڙو هو تنوير
    جنهن قائم دائم رَکيو
    پنهنجو ذهن ضمير

    سرويچ سجاولي

    سچو هو سرويچ
    پاتو هو جنهن سِنڌُ سان
    پيارَ جو پَڪو پيچُ

    ابراهيم مُنشي

    او! مُنشي منٺارَ
    اَڄُ به تنهنجا گيتَ سَڀُ
    ڌرتيءَ جا دلدارَ

    محمد خان مجيدي

    مِٺڙا محمد خان
    نَظمَ لِکيا تو سنِڌُ لئه
    ڪيڏا عاليشان

    قمر شهباز

    سَچو سُر ۽ ساز
    قمر هيو قُربائتو
    شاعر هو شهباز

    امداد حُسيني

    روح جي راحت جا
    هَلُ ته حُسينيءَ کان ٻُڌئون
    نغمه چاهَتَ جا-

    نياز همايوني

    اوچو جيئن جبل
    آهي نِرالو نِياز جو
    هر ڪو گيت غزل

    عبدالغفار تبسم

    سُهڻن کان سُهڻا
    مِٺڙا غزل غفار جا
    آھن من موھڻا

    غلام حسين رنگريز

    سنڌ جي آ سُرهاڻَ
    ڪونهي مَٽُ رَنگريزَ جو
    پَنهِنجو مَٽُ آ پاڻَ-

    جُمن دربدر

    ماڻهو آ ماهِر
    جُمن آهي سِنڌُ جي
    دَردَن جو شاعِر

    سعيد ميمڻ

    ماڻهو آ منٺار
    هر ڪا سوچَ سَعيد جي
    لَڳندي آ هالار

    اياز جاني

    رُت سُهاني هو
    جاني هر ڪنهن جيءَ جو
    سچو جاني هو

    سميع بلوچ

    يادن جِي آ ويرَ
    سَميع سَنڌي شاعِري
    ٿڌڙي ٿڌڙي هيرَ

    غوث پيرزادو

    ماکيءَ کان به مِٺا
    ڏاڍي مِٺڙيءَ سوچَ سان
    غزل غوث لِکيا

    احمد خان مدهوش

    جهرجهنگ جاڳن ٿا
    اڄ به احمد خان جا
    جذبا جهُومَن ٿا

    ملڪ نديم

    هر جيءَ ۾ ٿس جاءِ
    لِکندو مَلڪ نَديم هو
    ڏهه لک ڏاٽن لاءِ

    اميد خيرپوري

    دلبر جهڙي ديدَ
    هر ڪا سوچ اُميدَ جي
    دل جي لاءِ اُميدَ

    الطاف عاصي

    عاصيءَ جا اَحسِاسَ
    ڀري ٿو هَر گيتَ ۾
    مُحَبَتَ جا مِٺاسَ

    انور پيرزادو

    سنڌوءَ جي آسارَ
    انورَ جي هر سِٽَ ۾
    آهي مُند بهارَ

    وسيم سومرو

    مَکڻ جا چاڻا
    غزل گيت وَسيمَ جا
    رُوحَن جا راڻا

    بخشل باغي

    بخشل باغيءَ جو
    هر مَجموعو ٿو لڳي
    جَذبو ڌرتيءَجو

    ستار سُندر

    جهڙو نانءُ ستار
    اَهِڙو سُندر ٿو لڳي
    مون کي مُنهنجو يار

    سائل آزاد

    رهندو زنده آباد
    سچو پنهنجي سوچَ سان
    آ سائل آزاد


    راشد مورائي

    راشد مورائي
    سَچي مُحَبتَ سِنڌُ سان
    تو به ته نِڀائي

    آسي زميني

    جابِرَ سان جهيڙو
    آسيءَ جو هَر گيت آ
    گوريلي جَهِڙو

    ادل سومرو

    يارن جو آ يار
    ادل سان آهي سَچو
    سِنڌُ سَڄيءَ جو پيار

    اياز گل

    هر پاسي آ هُلُ
    هِڪڙو شاعر سِنڌُ ۾
    آهي گلابَ جو گُلُ

    نصير مرزا

    سُهڻو آهي خوب
    نِجو پيارُ نصيرُ آ
    ماڻهو آ مَحِبُوب

    ڪوثر ٻُرڙو

    امرت جون اوتون
    آبِ ڪوثر ٿيون لڳن
    ڪوثر جون سوچون

    نثار بزمي

    موتي سڀ انمولَ
    بزميءَ جا اثرائتا
    مِٺڙا مِٺڙا ٻولَ

    امر جليل

    هڪ سَچو انسان
    پيارو امر جليل آ
    ليکڪ عاليشان

    علي بابا

    روحَن جو راجا
    اَهِڙو ليکڪ سِنڌُ ۾
    آهي علي بابا

    نسيم کرل

    صاف سَچيون اَهِڙيون
    ڪهاڻيون نَسيمَ جون
    کيرَ اَڇي جَهِڙيون

    الطاف شيخ

    اربيلو الطاف
    قصا پَنهِنجي سَفرَ جا
    سَچا ڏي ٿو صاف

    سائين ابراهيم جويو

    اُميدن جو ٻجُ
    سائين ابراهيم آ
    عِلمَ اَدَبَ جو سِجُ

    تاج جويو

    محبت جو ميٺاج
    آهي عاشق عِلمَ جو
    اَدَبَ جو آ تاج

    خاڪي جويو

    سنڌُ جو آ ساقي
    زاَهدَ ساريءَ سِنڌُ لئه
    خاص آهي خاڪي

    زيب سنڌي

    زاهدَ وَرهين کان
    زيبُ اسانجو زيب آ
    سَچَن جذبن سان

    بَردو سِنڌي

    داد ڏِبو وَهه وا
    گيتَ نِرالا جَنهِن لِکيا
    برَدو سِنڌي آ

    ڀَوَن سِنڌي

    روشن سِتارو
    ڀَوَن پَنهنجيءَ ڀونءِ جو
    شاعِرُ آ پِيَارو

    نواز خان زنئور

    هَر سِنڌيءَ جا مِيتَ
    ڌرتيءَ لاءِ نوازَ جا
    لِکيَل سارا گيتَ

    عابد مَظهَر

    ساهَن سيباڻو
    عابد مَظهَر اَدَبَ ۾
    راڻن جو راڻو

    رشيد احمد لاشاري

    ڌِڪبو دوريءَ کي
    رَهڻو ياد رَشيد آ
    سِنڌُ سَموريءَ کي

    سائينداد ساند

    خوشبوءِ جي مَهڪارَ
    سوچون سائيندادَ جون
    هَر پاسي هُٻڪارَ

    شوڪت نوناري

    پيارن جو پيارو
    شوڪت نوناري به آ
    شاعِرُ سَگهارو

    قَدير انصاري

    ڏات اٿس پياري
    گيتَ اَنوکا ٿو لکي
    قدير اَنصاري

    وَحيد اَنصاري

    هيل سَکر هَلبو
    ٻُڌبا غزلَ وَحيد کان
    ڏاڍو داد ڏِبو


    مُشتاق ڦـُل

    مِٺڙي ٻولي آ
    هر ڪا سِٽَ مُشتاق جي
    سِنڌوءَ ڇولي آ

    مُجيب مَشوري

    آهي خوش نصيب
    سِنڌُ سَڄيءَ کي ٿو وَڻي
    مُنهنجو دوست مُجيب

    ميزان مشوري

    جيڏي سُهڻي سوچَ
    مَن اندر ميزان جي
    تيڏي آهي لوچَ

    اڪبر ساگر

    اُجرو ٿس اَنَدَرُ
    عشق ۾ بَڻجي آ ويو
    چاهَتَ جو ساگَرُ

    زرار پيرزادو

    ماٺيڻو مَنٺار
    ڏاڍو پيارو ٿو لڳي
    مون کي يارَ زرار

    انور مهراڻوي

    ايس ايم ايس سان يار
    انور پيارو ٿو لهي
    سنڌ سڄيءَ جي سار

    ايوب شيخ

    سُهڻا سَگهارا
    گُفتا يارَ ايوب جا
    عِلمَ ادبَ وارا

    ادل سولنگي

    هڪڙو آهي اَدل
    سچو پنهنجيءَ سوچ ۾
    بيٺو آهي اَٽل

    نصير سومرو

    دلبر دوست نصيرُ
    پنهنجيءَ سُهڻيءَ سوچَ ۾
    آهي مِٺڙو کيرُ

    معشوق ڌاريجو

    اُن جي رنگ ۾ رچُ
    جنهن مِٺڙي معشوق وَٽِ
    آهي سُونهن ۽ سَچُ

    ساحر راهو

    ماکيءَ جي آ لارَ
    ساحر جو مِٺڙو غزل
    نارنگيءَ جي ڦارَ

    تصوير سَنديلو

    ڏاڍي پياري آ
    سِنڌُ جي لئه تصَويرَ جي
    سوچَ سَگهاري آ


    اَسد چانڊيو

    صاف صداقت آ
    اَسَدَ جي اِظهارَ ۾
    جيڪا طاقتَ آ

    اَمجد شاهه

    هڪ سيد بادشاهه
    موسيقِيءَ جو پارکو
    شاعر امجد شاهه

    جبار منظر

    جذبن جو مَنتر
    شاعر هڪ جبار آ
    سِنڌوءَ جو مَنظر

    احمد سولنگي

    احمد جا اظهارَ
    جهڙو سُهڻو پاڻ آ
    تهڙا ٿس اشعارَ


    اِمداد سولنگي

    سولنگي اِمداد
    جنهن کي هر ڪنهن آ ڏنو
    سَچيءَ دل سان داد

    مقصود گل

    هر دل ۾ موجود
    سُهڻو گل گلابَ جو
    مِٺڙو آ مَقصود

    ياسر قاضي

    سوچَ اٿس پياري
    علم اَدَب سان آ رَهي
    ياسِرَ جي ياري

    آغا ظفر

    سازن جون تارون
    سوچون ظفر جون سڀئي
    ماکيءَ جون لارون

    اِسحاق اَنصاري

    ليکڪ آ بي باڪ
    سِنڌي ٻوليءَ جو سَچو
    عاشق آ اِسحاق

    بيدل مَسرور

    چاهت سان ڀَرپُور
    واهَه جو گيت ايازَ جا
    ڳائي ٿو مَسرُور

    ناز سَنائي

    چاڙهيندو آڪَڙو
    زاهدَ جَڏهِن نازُ آ
    لِکندو سَچُ ڪڙو

    عرفان مهَدي

    صاف سَچو اِنسان
    هر دِلبرَ جو دوستُ هو
    هڪ مهدي عِرفان

    راز ناٿن شاهي

    جهومن ٿا سُرَ ساز
    راز جي گيتن سان جَڏهِن
    گونجَن ٿا آوازَ

    وفا ناٿن شاهي

    گهورَ وَڃان توتان
    واهه جو يارَ وَفا ڪيئي
    سِنڌي ٻوليءَ سان

    مظهر ابڙو

    راڻين جون راڻيون
    مَظهرَ جون مانائتيون
    ساريون ڪهاڻيون

    عطا محمد حامي

    محفل مَچندي هُئي
    ٻُڌي حاميءَ جا غزلَ
    هر دِل نچندي هُئي

    ڊاڪٽر سليمان سولنگي

    هڪ پيارو اِنسان
    ڏاڍو آ قُربائتو
    سائين سليمان

    اظهر گيلاني

    صورتَ سُلطاني
    سُهڻو شاعر سِنڌُ جو
    اَظهر گيلاني

    مُرشد گيلاني

    راحَتَ روحاني
    اَظهرَ سائينءَ جو عزم
    مُرشدِ گيلاني

    محمد علي پَٺاڻ

    محمد علي پٺاڻ
    جوڙي جيءُ جيئي پيو
    سِنڌُ سَموريءَ ساڻ

    رَزاق سَهتو

    راهُن مَنجههِ رَزاق
    لِکندو رَهندو روز آ
    دِل جو دَرِدُ فِراق

    مُختيار مَلڪ

    پيارَن کان پيارا
    گيتَ غزل مُختيار جا
    سُهڻا سوڀارا

    هِڪڙي گَهر مَان يارَ
    مون کي ۽ مختيار کي
    مِليا دَردَ هزارَ

    نظام زائر

    زائر جو ڪلام
    زاهدَ رندن لاءِ آ
    ساقيءَ هَٿان جام


    عبدالڪريم پلي

    ڪير وِساريندو
    ڪَيَل قُرُبَ ڪَريَم جا
    سڀڪو ساريندو

    وفا پلي

    سَچي صاف سَفا
    وَفا جي هَر دوستَ کي
    رَهندي يادِ وَفا

    قاضي منظر حيات

    هر دل جا دِلبَرَ
    مَنظرَ جا سارا غزل
    چاهتَ جا مَنظرَ

    اختر درگاهي

    سَمجهي ٿو سُرساز
    اَختر پاڻ به آ پرين
    پيارو ٿس آواز


    نور رضوي

    هر ڪا سوچَ سُرورُ
    گيتَ غزلَ سَڀُ نورَ جا
    چاهتَ سان ڀَرپُور

    مير صوبدار سعيد

    نِجو نِـينهَن نِصاب
    مِٺڙو مير سعيد آ
    شاعر لاجواب

    امر اقبال

    شاعر باڪمال
    اَمر گيت لکي پيو
    يارَ اَمر اقبال

    حليم باغي

    هو بي داغي آ
    زاهد هِڪڙو سِنڌُ ۾
    شاعر باغي آ

    سرور سيف

    پوئي پيارَ جا پَلَ
    لِکندو سَروَر سيف آ
    پيارا گيت غزلَ

    حَسن درس

    گُلَ گُلابي لالَ
    ڪيڏا سُهڻا ٿا لڳن
    حَسن جا خيالَ

    جامي چانڊيو

    سُهڻيون سَچايون
    جاميءَ ڏئي جوڙي ڇَڏيون
    هَر جيءَ ۾ جايون

    انعام شيخ

    مَچائي ٿو مَچُ
    اهڙو يارَ انعام ٿو
    لکي کرو سَچُ


    ناگپال

    راهون بڻجن ٿيون
    پياري ناگپال جون
    سُندر سَڀُ سوچون

    سنڌي انعام

    ادبَ ساڻ انعام
    نئون نياپو ٿو ڏئي
    پيارَ ڀريو پيغام

    نثار مَنصور

    مِٺڙو آ مَنصُور
    پَرک ۾ پَهُچائي ٿو
    مُحبَتَ جو مَنشُور

    منصور قادر جوڻيجو

    مِٺڙو آ مَنصُور
    عزت هر اِنسان کي
    ڏيندو آ ڀَرپُور

    مهر خادم

    دل جو حاڪم آ
    پيار جي اُڃَ وڏي اٿس
    حُسن جو خادم آ

    مومن ميمڻ

    قرُبَ ڪهاڻي آ
    مومِنَ پَنهنجي پيارَ جي
    مَنِزل ماڻيَ آ

    نثار ٻانڀڻ

    سنگت جو سينگار
    ننهن کان چوٽيءَ تائين آ
    نِجو پيار نثار

    قربان منگي

    هڪ سَچو انسان
    سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿو
    ڪَمُ ڪري قُربان

    جواد جعفري

    جڳ جهومائن ٿا
    جڏهن گيت جواد جا
    راڳي ڳائن ٿا

    ابراهيم سارنگ

    پيارُ آ پيارن جو
    سارنگ سَچو يار آ
    سڀني يارن جو

    اظهر ٻانڀڻ

    هر دل جا جذبا
    لکندو ڏاڍي پيارَ سان
    اَظهر ٻانڀڻ آ

    حَسن شيخ

    سيجَ سَجايل آ
    حَسن جي هر سوچَ ۾
    سُونهن سَمايل آ-

    حُسين جاگيراڻي

    پاڻُ مڃائيندو
    هر ڪو غزل حُسين جو
    جڳ جهومائيندو

    اصغر باغي

    رنگ ۾ رچيو آ
    اصغر سنگت جو رهيو
    سنگتي سَچو آ

    خالد ٻانڀڻ

    آهن باڪمالَ
    ڏاڍا سُهڻا ۽ سَچا
    خالد جا خيالَ

    سَجاد ميراڻي

    هر دم هر پل شاد
    شاعر پريان لوءِ جو
    سُهڻو آ سَجاد

    حبيب ساجد

    ٻَريا ٻاٽَ ڏيئا
    ساجد جا سَجدا سڀئي
    سَچا ثابِتُ ٿِيا

    سجاد سولنگي

    سوچون ٿس آزاد
    سَچُ کڻي ٿو سَچَ سان
    سَچُ لِکي سَجاد

    اعجاز منگي

    ذهن جنجهوڙي ٿو
    هر ڪالم اعجاز جو
    رَستا جوڙي ٿو

    ماڻڪ ملاح

    ماڻڪ جا خيالَ
    هيرن موتين سان ڀَريَلَ
    آهن مالا مالَ


    سُورَج سِجاوَلي

    اُڀ تان اُسريو آ
    سوچَ وَٺي سَرويچَ کان
    سُورَج اُڀريو آ

    اياز عالم اَبڙو

    بُکَ ۾ ڄَڻُ ماني
    اياز عالم جا لِکيَلَ
    جُملا سَڀُ جاني

    فتاح مَلَڪ

    خوب نياري آ
    يارَ فتاح جي شاعري
    ڏاڍي پيارِي آ

    بشير سيتائي

    هر ڪنهن کي آ ڄاڻَ
    بيشڪ يارَ بشير آ
    سيتا جي سُڃاڻ


    حَسن صوفاڻي

    حَسن جو آواز
    مِٺڙي مِٺڙي گُفتگو
    پيارو ٿس انداز

    محمد علي مُخلص

    موجون ٿو ماڻي
    مُخلص ماڻهو آ مِٺو
    پيارُ ڪري ڄاڻي

    آصف مِٺياڻوي

    مِٺڙي مِٺياڻي
    آصف جي آ شاعري
    هر دل جي راڻي

    رحمت پيرزادو

    دل جي چاهت آ
    رحمت جو هر ڪو غزل
    روح جي راحت آ

    حميد سبزوئي

    ساهُه آ سرتيءَ جو
    حميد سبزوئي سچو
    شاعر ڌرتيءَ جو

    زاهد راڄپر

    زاهد اڄپر
    هيرو آ هر حال ۾
    دوست آهي دلبر

    فاروق سومرو

    خوب نماڻائي
    ڏٺي مون فاروق ۾
    سنڌ سان سچائي

    فاروق شاهه

    ڏور نه ٿياسين مور
    مون سان فاروق شاهه جو
    ساٿ رهيو ڀرپور

    خليل عارف سومرو

    عارف جا غزلَ
    هر مِٺڙي محبوب جا
    ڳاڙها ڳاڙها ڳَلَ

    مهدي سائين

    دُعا جو دَرُ آ
    مهدي هر ڪنهن روح جو
    سچو رهبر آ

    سوڀو گيانچنداڻي

    ڪوڙُ نه ڪُڇيائين
    هر سچي انسان جو
    سوڀو آ سائين

    ولي رام ولڀ

    پيارو ولي رام
    سچو رَهيو سنڌ سان
    ڪيُسِ سِنڌُ سلام


    آثم ناٿن شاهي

    ڪهڙي ڪجي، بات
    آثم وٽ اهڙي هئي
    سچي سُهڻي ڏات

    گل حسن ڪلمتي

    ڪراچي ڇاهي؟
    هَلُ ته پُڇئون هڪ گُل کان
    گُل ٿو سمجهائي،

    بدر شاهه

    شاعر آ پيارو
    بيهد بدر شاهه آ
    ماڻهو دل وارو

    جبار مهر

    يارن جو آ يار
    دل واري هر دوست جو
    جاني آ هي جبار

    ممتاز بُخاري

    پيارو ٿس انداز
    سنڌ جي لئه ممتاز جو
    گونجي ٿو آواز

    الطاف دايو

    عڪاسي وهه واهه
    سکر ۾ الطاف آ
    وڊيو جو بادشاهه

    عبدالڪريم گدائي

    ڳايئين سِنڌُ جا ڳُڻَ
    سچائين جا ها سوين
    گدائيءَ ۾ گُڻ

    بخشڻ مِهراڻوي

    موهي، ٿو سنسار
    بخسڻ جنهن پل ٿو ڪري
    جذبن جوا ظهار


    ارباب چانڊيو

    عشق ٿيو ارباب
    صحافت جي ساٿ جو
    بڻجي وِيو آ باب

    مائي ڀاڳي

    واهه مائي ڀاڳي
    حيرت سان ڏسندا رهيا
    توکي سَڀُ راڳي

    مائي ڌائي

    ڪا ڌائي ڄائي
    ڀاڳيءَ کانپوءِ ٿر جا
    گيت کڻي آئي

    مختيار ملاح

    سَچا سانڍي چاههَ
    ادب جي تاريخ آ
    لکي يارَ مِلاحَ

    نياز ملاح

    مِٺڙي مُند مَلهار
    نياز ملاح جي شاعري
    سنڌڙيءَ جو سينگار

    استاد منظور علي خان

    ڀايون ٿا هي ڀاڳُ
    سَچي سُرَ سان سنڌ کي
    سَمجهايو تو راڳُ

    ُاستاد گُلزار علي خان

    سنڌڙيءَ جو سينگار
    راڳ جي دُنيا ۾ رَهيو
    گُلڙن جو گلزار


    حريف خان چانڊيو

    مھڪي ٿو من ۾
    ھڪڙو دوست حريف آ
    مُنھنجي جيون ۾

    شاعريءَ ۾ مُنهنجو اُستاد سائل ناشاد

    شال رهي آباد
    زاهدَ جو اُستاد آ
    هڪ سائل ناشاد


    سرمد سنڌي

    پرهه ڦُٽي پرڀات
    سرمد کي آواز جي
    ڏني قدرت ڏات

    نچندو وِچَ ۾ ساز
    زاهد جي آ شاعري
    سرمد جو آواز

    هر ڪو چئي ٿو هاڻ
    سرمد زاهد ساڻ هو
    زاهد سرمد ساڻ

    سچيءَ دل سان مون
    سرمد کي ٺاهي ڏنيون
    ڌُنون گيتن جون

    مان هو ۽ هو مان
    زاهد اهڙو ساٿ هو
    مُنهنجو سرمد سان


    عابده پروين

    ماري آ تو مان
    راھ ملي ٿئي عابده
    عشق اِلاهيءَ کان

    سِنڌُ رَکي ٿئي ساڻ
    من ۾ سانڍيو ٿي هَلين
    موجَ ڀريو مهراڻ

    سارو جڳُ جهوماءِ
    راڻي هر ڪنهن راڳ ۾
    اهڙي ٺُمري ڳاءِ

    آهن سِنڌُ جا ميِتَ
    پر توسان ٿا پيار ڪن
    زاهد جا سَڀُ گيِتَ


    آڪاش انصاري

    روح جو راڻو آ
    لفظ لفظ آڪاش جو
    موتيءَ داڻو آ

    دانائيءَ جي ديدَ
    اسان لئه آڪاش آ
    دل جي خاص اُميد

    ڪيڏو شاعر آ؟
    جيڏو هي آڪاش آ
    تيڏو شاعر آ

    گونجن ٿا گَهر گَهر
    ڌرتيءَ تي آڪاش جا
    رهندا گيت اَمر


    باري اَبڙو

    دلبر آ دلدارُ
    باري سُرَ ۽ ساز جو
    سَچو آهي يارُ

    هوندا ٻيا به هزارَ
    شاعر سڀئي سِنڌُ جي
    ڌرتيءَ جا سينگارَ

    ساٿ سَچو ٺاهيون
    شاعر گڏجئون پاڻ ۾
    قوم کي جاڳايون

    رستا ٺاهيندا
    سچا ليکڪ سِنڌُ جا
    سِنڌُ بچائيندا

    ماءُ ڏني لولي
    محشر تئين مرڻي نه آ
    سنڌين جي ٻولي

    ساڙ ڪندو ناهيان
    مان هر سِرجڻهارَ سان
    پيار ڪندو آهيان

    لالچ ڪونهي ڪا
    لکيا چاهت ۾ اٿم
    زاهدَ هائيڪا


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2460837
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629451
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ